سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

پنهنجي پاران

هاڻ جڏهن ملائشيا مان واپسيءَ کي هڪ سال پورو ٿيڻ تي آهي ۽ خير سان ملائشيا بابت هي سفرنامو شايع پيو ٿئي ته ملائشيا ڪجهه وڌيڪ ياد اچڻ لڳو آهي. ملائشيا ۾ سخت محنت ڪرڻ جي باوجود هر ڪم ۾ برڪت هئي، ڏينهن رات جا 24 ڪلاڪ جهڙوڪ ماڻهو جي پنهنجي وس ۾ هوندا هئا، ڪابه بجلي پاڻي، گئس ، هل هنگامي جهڙي ڊسٽربنس ڪانه هئي. اهو ئي سبب آهي جو ملائشيا جو وقت ڏاڍو جلدي گذري ويو، هاڻ جيئن وقت گذري ٿو ملائشيا جي سُکي زندگي اڃان به وڌيڪ ياد پئي اچي پر اهو به شڪر آهي ته ملائشيا مان ڪامياب ٿي پنهنجي ملڪ موٽي آيا آهيون. حقيقت ۾ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن ماڻهن ۾ هجڻ سان جيڪو احساس ۽ اعتماد ٿئي ٿو، ان جو ڪو به نعم البدل نه ٿو ٿي سگھي.
هي سفرنامو صرف هڪ ٽوئرسٽ جي حيثيت سان نه لکيل آهي بلڪه ملائشيا ۾ لڳاتار چار سال رهڻ دوران جڏهن به ڪولالمپور يا ڪنهن ٻئي پاسي گھمڻ ٿيو ته ان جو احوال لکي ڇڏيو، ائين وري ڪو ملائشيا ۾ رهڻ دوران ڪنهن ٽريننگ يا ايوينٽ ۾ حصو ورتو ته اهو احوال به ڊائري ۾ هٿيڪو ڪندو رهيس. ان کان علاوه مون هن ڪتاب ۾ ملائشيا بابت پنهنجي چار سال گذاريل تجربي جو نچوڙ به ڏنو آهي، ڇو ته ملائشيا جي ماڻهن جي مزاج، سندن رسمن رواجن کان ويندي ملائشيا جي تاريخ ۽ سياست بابت به مطالعو ڪيو ۽ کين ويجهڙائي کان ڏٺو. ان ڪري صرف هڪ سياح جي مشاهدي کان وڌيڪ هن ڪتاب ۾ ملائشيا بابت ڪجهه وڌيڪ گھرائي سان به لکيو آهي، ۽ ملائشيا جي قوم جي ٻڌي ۽ ترقي ۾ سندن سياستدانن جي دور انديشي کي ساراهيو آهي.
اميد آهي ته هي ڪتاب سنڌ جي سياحن سان گڏ تعليم لاءِ ويندڙ نوجوانن لاءِ به رهنمائي جو سبب به بڻجندو، جو هن ڪتاب جو اهم پاسو منهنجو ملائشيا ۾ شاگرد جي حيثيت سان رهڻ ۽ ملائشيا جي مختلف تعليمي ادارن ۾ ٻين سنڌي شاگردن سان ملڻ جلڻ لاءِ ويندو رهڻ سبب، ڪافي يونيورسٽين جو ذڪر هن ڪتاب ۾ شامل ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ڪير هن ڪتاب ۾ ملائشيا جي تعليمي ماحول ۽ اتي موجود موقعن بابت مواد ڳولهڻ چاهيندو ته ان کي به ڪافي مدد ملي سگھي ٿي. ملائشيا ۾ رهائش دوارن ڪافي دوستن جو ساٿ رهيو، ان ۾پروفيسر اسدالله شاهه، پروفيسر علي رضا سومرو، ادي راحيلا شاه ، يعقوب ڪونڌر، سائين عرفان شيخ، سائين عمران اڄڻ، ميڊم ارجمند بانو، ميڊم نجما چنا، ذوالفقار مهر، نور بروهي، منصور کهوڙو، ملوڪ رند، علي رضا رنگ ۽ حميز شيخ شامل آهن. ادي راحيلا شاه جڏهن عيد وغيره يا مختلف وقتاَ تي اسان وٽ ايندي هئي ته منهنجي ٻارن کي پرديس ۾ ديس جو احساس ٿيندو هو ۽ جي ڪافي وقت نه ايندي هئي ته پنهنجي ماءُ کي چوندا هئا ته پڦي راحيلا کي فون ڪري گھرايو. ائين سائين عرفان شيخ، ميڊم ارجمند بانو سومر ۽ ميڊم نجما جي فيملي سان هڪ علائقي ۾ رهڻ ڪري ڄڻ هڪٻئي جو ڏڍ ٿي رهياسين. باقي دوست ملائشيا جي يادن ۾ هڪ خوبصورت باغ جيان آهن، جن سان هاڻي ملائشيا جو يادون تازيون ٿينديون رهنديون.
آءٌ دل سان شڪر گذار آهيان، مانواري سائين الطاف شيخ صاحب جو جنهن هن ڪتاب تي مهاڳ لکي ڏنو، حقيقت اها آهي ته سائين الطاف شيخ به ڄڻ ملائشيا ۾ رهڻ دوران سندن ڪتابن جي صورت ۾ اسانجي فيملي جو نه صرف عام ميمبر پر هڪ وڏو ۽ رهنما ٿي رهيو. ملائشيا ۾ گھمڻ لاءِ جيڏانهن به نڪرندا هياسين ته آءٌ سندس ڪتابن مان ان جڳهه بابت معلومات حاصل ڪري وٺندو هيس، پوءِ چاهي ملاڪا هجي يا وري ڪولالمپور، پنانگ هجي يا ترنگانو. سندس پاران هن ڪتاب جو مهاڳ لکي ڏيڻ منهنجي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گھٽ نه آهي، جنهن لاءِ سندس جو هميشه شڪرگذار رهندس. آءٌ پنهنجي دوست ظفر منگي جو به ٿورائتو آهيان جنهن به منهنجي ڪتاب ۽ مون بابت ٻه اکر لکي ڏنا. آءٌ ڪنول پبليڪيشن جي سرواڻ سائين سعيد سومرو ۽ سندس ساٿي نوجوان شڪيل جنجهي جو به احسان مند آهيان، جن هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۽ ايڊيٽنگ کي بهتر به ڪيو ۽ ڪنول پبليڪيشن طرفان هن ڪتاب کي ڇپرايو آهي.
سائين دين محمد ڪلهوڙو جو ذڪر نه ڪرڻ بي ادبي ٿيندي، جنهن هن ڪتاب جي پروفنگ ڪئي، ۽ ايتريون ته غلطيون ڪڍيون جو مونکي لڳو ته ڪتاب لکڻ سولو هيو پر هي پروفنگ جون غلطيون درست ڪرڻ ڏکيو آهي، سو مون تڙ تڪڙ ۾ ڪجهه پاڻ غلطيون درست ڪيون ۽ ڪجهه مواد درستگي لاءِ سائين سعيد سومرو صاحب جي حوالي ڪيو. سائين دين محمد صاحب جو چوڻ هيو ته جڏهن توهان ڪتاب جون درستگيون ڪري مطمئن ٿي وڃون ته هڪ دفعو ٻيهر مواد ڏيئي وڃجو، پر مونکي سفرنامي آڻڻ جي تڪڙ ۽ سائين دين محمد صاحب جي سخت ايڊيٽنگ جي ڊپ جي ڪري کيس ٻيهر مواد ڪونه ڏنو، هاڻ جيئن ته هن ڪتاب جي ايڊيٽنگ ۾ سائين دين محمد جو نالو به آهي پر اڃان به جي غلطيون آهن ته ان ۾ قصور منهنجو هوندو نه ڪي سائين دين محمد صاحب جو. هي سفرنامو جلدي ڇپرائڻ لاءِ پياري دوست منير چانڊيو تمام گھڻو اتساهيو ۽ ان ڪم لاءِ ڪنول پبليڪيشن جا ڪيترائي پنڌ گڏجي ڪيا. سندس ساٿ جون وڏيون مهربانيون.


ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو
Cell: 03322676301