سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

ملائشيا ۽ سنڌ ۾ هڪجهڙائي

ملائشيا ۽ سنڌ ۾ هڪجهڙائي مختلف قومن جي آباد هجڻ جي آهي، مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارن جي آهي. ملئي قوم به ڌارين ملڪن ۾ وڃي حملا ڪونه ڪيا آهن. سنڌين جيان هنن وٽ به بادشاهن ۽ شهزادن جي صورت ۾ وڏيرا ۽ نواب زادن جا لشڪر آهن. هي قوم به سست رهي آهي يا کڻي چئجي ته ماني مڇي ملڻ جي ڪري وڌيڪ پاڻ ولوڙڻ جي ڪوشش نه ڪندي رهي آهي. شروع ۾ ڪولالمپور ۾ ڊاڪٽر مهاتير محمد طرفان کين مليل پلاٽ وڪرو ڪري چائنيز کي ڏنائون، پر انهن ڳالهين کي ڇڏي ڪري باقي فرق تمام گھڻو آهي جو هتان جو وڏيرو پڙهيل لکيل آهي، ان کي پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي صحت، تعليم، روڊ رستن ۽ امن امان جو الڪو رهي ٿو، هو پاڻ به اعليٰ تعليم پرائي ٿو ته پنهنجي راڄ کي به اهڙا موقعا پيدا ڪري ڏيئي ٿو ۽ انهن جي ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ اسڪالرشپون مهيا ڪري ٿو. پر ملائشيا جي وڏيري جي برعڪس اسان جي وڏيري کي ٻه ڪم اچن ٿا: ڳوٺن مان چور پيدا ڪرڻ، انهن کي ٻڌائڻ ۽ ڇڏائڻ يا وري اليڪشن ٽائيم تي ووٽ گھرڻ مهل رهيل عذر خواهي ڪرڻ، کيس نه پنهنجي علائقي جي امن امان جي پرواه آهي، نه وري پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي صحت ۽ تعليم جي، نه روڊ رستي جي ۽ نه ئي ٻارن جي مستقبل جي، جو راڄ ڪرڻ لاءِ کيس جاهل کپن، ويندي اسڪالرشپ ڏيڻ ته ٺهيو پر ساليانو ديدار بازي ۾ لکين روپين جا زيور انهن غريب ماڻهن کان نظرانو وٺي ٿو، يا وري ساليانو تيز ڪارن جو مقابلو ڪرائي ٿو يا وري پري جي مقابلي وارو شوٽنگ جو مقابلو، جنهن ۾ سندس سياسي تعلقات ته وڌن ٿا پر عوام کي ڪجهه به هٿ ڪونه اچي ٿو، پر ملائشيا جا بادشاهه پنهنجي ماڻهن کي پڙهيل لکيل ۽ ڪامياب انسان بڻائڻ چاهين ٿا، ملئي بادشاهه يا سندن شهزادا اليڪشن ۾ ته ڪونه بيهن پر پارليامينٽ جو سپريم ليڊر وري به ملئي بادشاه آهي، جنهن جي ڪم چونڊجي آيل نمائندن تي به نظر رکڻ آهي، هتي ملائشيا ۾ چيني، انڊين تامل ۽ ٻيا ماڻهو روزگار خاطر آيا ائين سنڌ ۾ روزگار خاطر پشتون آيا، بلوچ آيا پر پاڪستان خاطر وري انڊين مسلمان آيا، جن جي ڪري هتي جي اصلي رهاڪن هندي سنڌين جي گھڻائي کي حالتن جي سنگيني ڪري مجبورَ هندستان لڏي وڃڻو پيو. ملائشيا ۽ سنڌ ۾ وڏو فرق اهو آهي ته ملائشيا آزاد ملڪ آهي جنهن جي حڪومت هتان جي اصلي باشندن ملئي ماڻهن جي هٿ ۾ آهي ۽ ٻاهران آيل هن ملڪ جا شهري ٿي ويل انهن اصلي رهاڪن سان گڏ برابري جي بنياد تي رهن ته پيا پر انهن کي هتان جي اصلي رهاڪن جي حڪومت ۾ بالادستي تي ڪو به اعتراض نه آهي، جو اهي پنهنجي حق آهر يا آبادي آهر يا وري ذهانت آهر هر سهولت ۽ حصو حاصل ڪن ٿا ۽ پنهنجي عزت نفس سان گڏ خوش آهن، پر ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ نه آزاد ملڪ آهي ۽ نه ئي وري سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن کي حقيقي اقتدار آهي ۽ نه ئي حقيقي خودمختياري، جنهن ڪري سنڌ ۾ نه سنڌ گورنمينٽ جو پاليسيون هلن ٿيون ۽ نه ئي وري حقيقي جمهوري نمائندگي ملي ٿي، سبب آهي، ته وفاقي گورنمينٽ جي پنهنجي نطريا ضرورت آهي ته وري ۽ سنڌ جي وڏيري جي پنهنجي. اڄ تائين سنڌ ۾ حقيقي سنڌ دوست عوامي پارٽي اقتدار ۾ آئي ئي نه آهي جو سنڌ ۾ حقيقي عوامي انقلابي نمائندگي اچي ۽ سڀ رهندڙ قومن کي سندن حق برابري جي بنياد تي هڪ آئيڊيل سطح تي يا وري ملائشيا وانگي ڀوميپترا ۽ وغيره وغيره جي لاءِ انصاف ۽ حق تي ٻڌل پاليسي ملي سگھن. اسان وٽ اقتدار ڪرپٽ وڏيري وٽ هجڻ ڪري ملائشيا جهڙي حڪومت ته اڻ ٿيڻو خواب آهي پر جي پاڪستان جا اصل اقتدار ڌڻي چاهين ته ملائشيا کان به بهتر حڪراني اچي سگھي ٿي. ٻاهران آيل بلوچ ته سنڌي آهن يا وري بلوچ ئي آهن پر رلي ملي وڃڻ ڪري يا هزارين سالن کان اچڻ وڃڻ ۽ هڪ ئي علائقي ۾ رهڻ ڪري ڪڏهن ٻنهي وچ ۾ ڪو وڏو گيپ يا فرق نه آيو آهي، نه ئي الڳ قوم لڳن ٿا يا وري سنڌ کي پنهجو نه سمجهندا هجن، اهڙي ڳالهه بلڪل نه آهي پر پختون روزگار خاطر آيل به اڃان تائين پاڻ کي روزگار تائين محدود رکيو ويٺا آهن پر سندن آبادي جي واضح فرق نه هجڻ ڪري شايد سياسي طرح نارمل ورتاءُ ڪن پيا، پنجابي به هتي زمينن ۽ نوڪرين جي ڪري آيو، ۽ سنڌ ۾ رهندڙ پنجابي به سنڌ ۾ حڪومت جي ڀاڳ دوڙ ۾ ته نه پر اسٽريٽجڪلي ضرور پنهجو رول ادا ڪري ٿو باقي پاڪستان ٺهڻ جي ڪري هجرت ڪري آيل آبادي باوجود سندن پهرين وزيراعظم ۽ سنڌ جي گورنر جي ۽ هميشه اقتدار ۾ رهڻ جي باوجود سندن نمائندن پنهجن ماڻهن کي دنيا جي جديد سهولتن سان نوازيون نه ئي وري کين سنڌي ماڻهن جي ويجهو ٿيڻ ڏنو آهي، هو نه سنڌي ڀوميپترن جي اهميت سمجهن ٿا نه وري برابري مڃين ٿا ۽ نه ئي انهن کي قانوني طرح ضابطي ۾ رکي سگھجي ٿو جو اقتدار ته سنڌي ڀوميپترن جي به نمائندن وٽ ڪونهي. اقتدار جن وٽ آهي اهي کين سدائين غير يقيني ۾ رکندو اچن ۽ کين به ۽ سنڌي ڀومي پترن کي به جعلي ۽ ڪرپٽ نمائندگي ملندي اچي. اهو حال ايستائين هوندو جيستائين پنجاب ۾ انقلابي حڪمران نٿا پيدا ٿين. باقي سنڌ پنهنجي طور هيڏي وڏي ملڪ ۾ تبديلي تڏهن آڻي سگھي ٿي، جڏهن ڀوميپترا ۽ ٻيو قومون هڪٻئي جي حقيقي حيثيت سمجهن ۽ سنڌ کي سندن ڌرتي سمجهن ۽ صوبي کي حقيقي طرح خودمختياري ڏياري، گڏجي صوبي ۽ ملڪ لاءِ محنت ڪن. ملائشيا ۾ به هتان جو چيني ملئي ڪونه سڏجي ۽ نه ئي وري انڊين ملئي سڏجي پر سڀ ملائشين ضرور آهن، پر اسان وٽ ٻاهران آيل ماڻهو پاڻ کي مهاجر سڏرائين ٿا، جنهن ڪري بين الاقوامي ۽ قومي سطح تي هڪ طرفي همدردي ۽ پروپيگينڊا ڪن ٿا، ۽ پاڻ کي مظلوم سڏرائين ٿا، هن نالي ۾ سندن اسلامي هجرت وارو ڪانسيپٽ گھٽ پر مظلوميت ۽ چالاڪيءَ وارو لبادو وڌيڪ آهي، پر مجبوري به اٿن جو هو پاڻ کي انڊين ته سڏرائي نٿا سگھن جو مٿن غداري جو ٺپو لڳي ويندو، سنڌي به نٿا سڏرائين جو کين الڳ سان سڃاڻپ نه ملندي ۽ پنهنجي مٿڀرائپ جو احساس به کين نه ٿيندو. پر گھٽ ۾ گھٽ سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائڻ واري آبادي يا اردو آبادي ته سڏرائي سگھن ٿا، اهو سڏرائيندا به آهن پر مهاجر نالي تي، جڏهن به سياست ڪرڻي هوندي اٿن، ڪندا آهن، جنهن ڪري اڄ تائين اهو نعرو مظلوميت جو ڍونگ ۽ پنهنجي ماڻهن کي استعمال ڪرڻ لاءِ ٿيندو رهيو آهي، ان ۾ عام عوامي ماڻهو کي ائين استعمال ڪيو وڃي ٿو جيئن سنڌ جي ڀوميپترن کي ڀٽو جي نالي ۾ يا پير مرشد جي نالي ۾ ويندي برادري جي پڳدار جي پڳ جي بهاني جذباتي ڪري استعمال ڪيو وڃي ٿو، پر اسان جي برعڪس ملائشيا ۾ فقط قانون جي حڪمراني آهي، جنهن ۾ سمورين قومن کي حق ڏنا ويا آهن، جي ڪنهن کي ڀوميپترا هجڻ ڪري اوليت به آهي ته وري ٻي قومي جي ماڻهن کي سندس ذهانت ۽ محنت جي ڪري ان کان به وڌيڪ عزت حاصل آهي، جنهن لاءِ به قانون ۾ ڪا رڪاوٽ ڪانه آهي. پاڪستان کي قومن جي نعري واري رحم ڪرم تي ڇڏڻ بجاءِ حقيقي طرح سان عوامي ڀلائي ۽ برابري واري قانون تحت هلائڻ گھرجي جنهن لاءِ ڀلي ڀوميپترا وارو قانون به ڀل نه هجي پر ميرٽ ۽ انصاف ۽ حقيقي صوبائي خودمختياري ته هجي. اسان وٽ باگڙي، ڀيل وغيره آبادي وارا ماڻهو جيڪي سنڌ جا اصلي رهاڪو سمجهيا وڃن ٿا، انهن جي حالت اڄ به جهنگ جي دؤر جي ماڻهن کان به بدتر آهي، پر ملائشيا ۾ اورنگ اصلي نالي ماڻهو آهن جيڪي ملائشيا جي جهنگن ۾رهندڙ اصلي ماڻهو سمجهيا وڃن ٿا، هي ماڻهو ملئي ماڻهن کان به اڳ جا آهن، جيئن اسان وٽ اسان سڀ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو سنڌي آهيون، تئين هتي به سڀ ملئي ڳالهائيندڙ ملئي آهن پر هي اورنگ اصلي ملئي هوندي به اورنگ اصلي طور قانوني حيثيت رکن ٿا، هنن جي ٻولي به الڳ آهي، جيئن اسان وٽ باگڙين جي ٻولي به الڳ آهي، اسان وٽ باگڙي آبادي لاءِ حڪوت سطح ته ڪجهه به نه ڪيو ويو آهي، پر هنن کي قانوني حيثيت ڏيئي مختلف علائقن کي سندن نالي ڪيو ويو آهي، هن جي لاءِ اسڪول، ۽ اسپتالون ويندي لائبرريون به قائم ڪيو ويون، اورنگ اصلي جي ٻار جي پرائمري کان وٺي اعليٰ تعليم به فري ڪئي ويئي آهي، ويندي جي ٻاهر پڙهڻ چاهي ته اسڪالرشپ عام ملئي کان وڌيڪ ڏني وڃينس ٿي، هنن جي زمينن ۽ علائقن ۾ سندن مرضي سان ڊولپمينٽ ڪئي وڃي ٿي، اها ٻي ڳالهه آهي ته هي ماڻهو وڌيڪ ڊولپمينٽ بجاءِ پراڻي طريقيڪار سان رهڻ چاهين ٿا، ان ڪري تعليم حاصل ڪندڙ خودبخود شهري ٿيڻ جي باوجود پنهنجي ڳوٺن ۾ اصلي حالت ۾ رهن، اورنگ اصلي کي پوليس رپورٽ به نٿي ڪرائي سگھي سواءِ اتان جي لوڪل نمائندي جي درخواست تي.
اورنگ اصلي هجي يا وري ڀومي پترا يا چيني ۽ انڊين ملئي سڀ جا سڀ خوشحال آهن، باوجود قانوني سطح تي الڳ الڳ سڃاڻپ جي، دلي طرح سڀ ملائيشين آهن، کين حڪومت طرفان جيڪو جنهن ڳالهه ۾ بهتر آهي، ان لاءِ سندس مهارت مطابق موقعا پيدا ڪري ڏنا ويا آهن ۽ سڀ ان ڪم ۾ مصروف آهن، پر اسان وٽ حڪومت نالي ڪا شيءِ ڪانهي صرف جيڪو ڏاڍو سو گابو واري ڊوڙ آهي، يا جنهن کي موقعو مليو سو ڦٻيو واري ڪار آهي. نمائندن ۾ نه سچائي آهي نه وري وفاقي ادارن ۾ ڪا ملڪ سڌارڻ جي ڳڻتي، هر ڪو پيو ملڪ لٽي، ۽ ان لاءِ وري مختلف زبانن جي ماڻهن کي ڀڙڪائي انهن جي احساسن سان کيڏي کين جعلي نمائندگي پيدا ڪري ڏني وڃي ٿي. اهو سلسلو جيستائين بند نه ٿيندو، بهتر ۽ انقلابي حڪمراني ۽ ادارن جو پنهنجي ڪم سان ڪم نه هوندو، اسان ملائشيا جي ماڻهن جيان سڪون ۽ خوشحاليءَ واري زندگيءَ جا خواب ته ڏسي سگھون ٿا پر ائين ٿي اهو جلد ڏسڻ ۾ ممڪن نه ٿو اچي.