ڪئانتن ( پهانگ) Kuantan – Pahang جو سفر
ٻئي دفعي هتان صرف گذر ٿيو هو، جو ٽوئر ترنگانو جي رکيل هئي، سو شهر جو ٻاهران کان ديدار ڪندا هاءِ وي سان ئي نڪري ويا هئاسين. هن دفعي شاگرد يونين جي طرفان صرف هن ڪئانتن شهر جي خصوصي ٽوئر هئي، جنهن ۾ وري به اسلامڪ يونيورسٽي جي ڪئمپس جي وزٽ هئي ۽ ان سان گڏ ڪئانتن جو سمنڊ ڪنارو ۽ ڪئانتن درياءِ گھمڻ شامل هئا، باقي شهر مان بس جو گذر ٿيو جنهن ڪري شهر جي ترقي، ترتيب ۽ روڊ رستن جو اندازو ٿيو، جنهن جو احوال اڳيان لکان ٿو.
هي ٽوئر نه صرف پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن لاءِ فري هو، پر ان ۾ ناشتي، لنچ، پاڻي، ڪيڪ، فروٽ به ڏنا ويا، البته واپسي تي شاگردن کي. ڊنر صرف پنهنجي پيسن جو ڪرڻو پيو. اها هتي جي يونيورسٽين جي خوبي آهي ته شاگرد يونين، يونيورسٽي انتظاميا جي نگراني ۽ تعاون سان وقتاَ به وقت ٽوئر جا بندوبست ڪنديون رهنديون آهن، جنهن ۾ انڊر گريجوئيٽ لاءِ الڳ سان ته پوسٽ گريجوئيٽ لاءِ الڳ ۽ ان کان علاوه مختلف فيڪلٽي وائيز شاگرد سوسائٽيز طرفان الڳ مختلف موقعن تي مختلف پروگرام ۽ ٽوئر ڪيا وڃن ٿا.
ڪولالمپور ڪئمپس کان بس 8.30 بجي نڪتي ۽ ڪئانتن يونيورسٽي ڪئمپس ۾ 12 بجي پهتي، جتي يونيورسٽيءَ جي اندر قائم مسجد وٽ اسٽاپ ڪري سڀني کي لنچ لاءِ برياني جا پيڪ ٿيل باڪس ۽ پاڻي ڏنو ويو. ادي راحيلا شاه جيڪا هتي فزيڪل هيلٿ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهي آهي، اسان پنهنجي اچڻ جو اطلاع ان کي ڪري ڇڏيو هو، هن ٽوئر ۾ ٻه ٻيو سنڌي عورتون ميڊم نجما چنا ۽ ميڊم ارجمند بانو سومرو به هيون، جيڪي ادي راحيلا سان پڻ رابطي ۾ هيون، هي ٻئي سنڌ يونيورسٽي طرفان هتي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهن، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ ۽ هن ٽوئر ۾ 70 کان وڌيڪ شاگردن ۾ اسان 6 سنڌ پاڪستان جا شاگرد هياسين جن ۾ سائين عرفان احمد شيخ حيدرآباد پي ايڇ ڊي جنرل هسٽري،، محمد يعقوب ڪونڌر نوشهروفيروز پي ايڇ ڊي انفارميشن ٽيڪنالاجي، هي ٻئي تازو تازو پنهنجي ٿيسز ڊفينس ڪري چڪا آهن بس ڊگري جي انتطار ۾ ويٺا آهن، انهن کان علاوه حيدرآباد کان جنيد مغل پي ايڇ ڊي اسلامڪ فلاسافي، ۽ ڪراچي کان غلام دستگير راجپوت پي ايڇ ڊي قانون ۽ امادالدين موٽن صاحب کان علاوه آءٌ ۽ پنج ٻيا پاڪستاني شاگرد به هيا، جن ۾ هڪ شاگردياڻي پنجاب مان به هئي، ائين بوسنيا، بنگلاديش، انڊيا کان ويندي آفريقا جي مختلف ملڪن، چائنا ۽ ايران جا شاگرد، انڊونيشيا، ٿائلينڊ کان علاوه ملائشيا جا به شاگرد هيا. ميڊم راحيلا شاه جيئن ته تازو سنڌ مان ٿي آئي هئي، سو ڪجهه سامان منهنجي ساهرن اسان لاءِ ڏنو هيس، ۽ الڳ سان منهنجي ٻارن لاءِ ڪجهه شيون پنهنجي طرفان به وٺي آئي هئي. ان کان علاوه ڪئانتن ڪئمپس جي هجڻ ڪري ميزبان طور ميڊم نجما چنا ۽ ميڊم ارجمند بانو سومرو لاءِ پنهنجي طرفان سندن پهريون دفعو ڪئانتن ڪئمپس اچڻ ڪري ڪو گفٽ وٺي آئي هئي. ائين اسان سڀني پاڪستانين ميڊم راحيلا شاه جي اڳواڻيءَ ۾ هي ڪئمپس گھميو، تصويرون ڪڍرايون، پوءِ مسجد ۾ اچي ٻيپهري جي نماز پڙهي.، مسجد اندر وري ميڊم راحيلا سڀني لاءِ ڪولڊ ڊرنڪ آڻي ڏني.
هي ڪئمپس جي مسجد به ملائشيا جي سمورين پبلڪ توڙي پرائيوٽ سيڪٽر يونيورسٽين جي اندر موجود مسجد جيان تمام ڪشادي، ٻن طرفن کان کليل ۽ هوادار هئي، مسجد ۾ ٻه تمام وڏا ڇت وارا پکا به لڳل هئا، جيڪي شايد پاڪستان ۾ مون ڪٿي به نه ڏٺا آهن، هي پکا ڄڻ اڌ ڇت والاري ويٺا هجن ۽ سڄي مسجد کي هوا پڄائي به رهيا هئا. سمورو ڪئمپس به خوبصورت وڻن ۽ گلن سان ڀريل هو جيئن سڄي ملائشيا، ايڊمنسٽريشن بلڊنگ به تمام سٺي هئي، سڄي ڪئمپس ۾ ڦٽ پاٿ سان شيڊ لڳل هئا، جنهن جو سبب هڪ ته ملائشيا ۾ هر وقت مينهن پوي ٿو، ٻيو وري جي سج نڪري ته تمام گھڻي گرمي لڳي ٿي سو ٻنهي صورتن ۾ ڪَورِ شيڊ تمام ڪارائتا رهن ٿا. هن يونيورسٽي مان 2 بجي ڌاري نڪري. ڪئانتن شهر جي رستن تان ٿيندا 2.30 بجي ڌارا ڪئانتن شهر سان مليل سمنڊ ڪناري واري پوائنٽ تلوڪ چمپدوڪ پهتاسين، جتي اسان کي 4.30 بجي تائين رهڻو هيو، هي بيچ انتهائي گھري هئي، سو ڪنهن به هن ڪناري تي وهنجڻ ۽ ترڻ جي ڪوشش ڪونه ڪئي ۽ نه ئي وري ائين ڪرڻ جي اجازت هئي پر سڀني ڪنارن سان گھمي سمنڊ جي ٿڌي واري تي هلڻ جو ۽ لهرن جو مزو ضرور ورتو. سمنڊ ڪنارو انتهائي صاف سٿرو هو جو ڪناري سان ئي تمام وڏا ڊسٽ بن رکيل هيا، جن ۾ پلاسٽڪ بوتلن لاءِ الڳ ته فڊ ويسٽيج لاءِ الڳ ۽ پنن وغيره لاءِ الڳ سان خانا هئا، جن ۾ ئي هرڪو ڪچرو اڇلائي رهيو هو، جنهن ڪري ڪناري تي نه فقط ايندڙ پاڻي جون لهرون صاف پئي آيون ۽ صاف ئي موٽيون پئي ويون. ڪنارو جي واري نما بجري به ڪاغذن يا پلاسٽڪ جي ٿيلهين جهڙي ڪنهن به قسم جي ڪچري کان پاڪ هئي، گھمندي ڦوٽو ڪڍرائيندي 1.30 ڪلاڪ گذري ويو پوءِ ڪناري تي موجود ڪيترن ئي هوٽلن، ميڪڊولڊس، ڪي ايف سي سميت ٻين به ڪيترن ماڊرن قسم جي فاسٽ فوڊ جي دڪانن کان علاوه ڪپڙن ۽ ٻارن جي رانديڪن جو معائنو ڪيو. فريش ٿيڻ لاءِ اتي ئي قائم تنداس يعني ٽوائليٽ يا غسل خانن مان واري وارا پير ڌوئي اچي هڪ هوٽل تي چانهن پيتي سين. هتي هر ڪو پنهنجي منهن سان پئي گھميو، اسان چار دوست گڏ هئاسين جن ۾ مان، يعقوب ڪونڌر، سائين عرفان شيخ ۽ برادر سيد احمد علي جنهن جو تعلق لاهور سان آهي ۽ اسلامڪ يونيورسٽي جي شاگرد سوسائٽي جو صدر به آهي شامل هياسين. ائين چانهن پي پوءِ ڪناري سان ٿورو اڳيان هڪ ٻي پوائنٽ هئي جنهن ڪناري سان گڏ تمام وڏو جهنگ هو ۽ پهاڙي هئي جنهن مان ڪناري جي سائيڊ تي مٿان هلڻ جو رستو ٺهيل هيو جنهن جي ٻنهي طرفن کان لوهي تارون ٻڌل هيون، ان رستي سان ڪجهه اڳيان وياسين، هن جڳهه تي ڪيترا ئي وڏا پٿر اندر پاڻي ۾ هئا، جن سمنڊ جي پاڻي جو ڄڻ ڊپ ختم پئي ڪيو، هتي ڪيترا ئي ماڻهو پاڻي ۾ وهنجي به رهيا هئا ۽ ڪجهه وري پاڻي اندر موجود وڏن پٿرن مٿان چڙهي ڪچهري ڪري رهيا هئا ته تصويرون به ڪڍرائي رهيا هئا. هن ڪناري تي ٺهيل واڪنگ ٽريڪ تي تمام گھڻا ننڍڙي نسل جا ڀولڙا گھمي رهيا هئا، جيڪي تمام پيارا ۽ شرارتي پئي لڳا، هر ڪنهن ايندڙ ويندڙ کان جهڙوڪ ڪجهه نه ڪجهه گھري کاڌائون پئي منهنجي هٿ ۾ پاڻي جي بوتل هئي، جيڪا به اچانڪ هڪ باندر وڏي چالاڪي سان منهنجي فوٽو ڪڍرائڻ مهل منهنجي پويان اچي جھڙپ سان کسي ورتي. اسان جي يونيورسٽي جي هڪ ڇوڪري صوف کائيندي پئي آئي ان جي اڳيان هڪ ننڍڙو باندر اچي بيهي رهيو مجال آهي جو اڳتي وڃڻ لاءِ کيس رستو ڏي، نيٺ ڇوڪري باندر کي صوف ڏيئي پنهنجي جان ڇڏائي.
بهرحال ڪيترائي ماڻهو ته باندر کي پاڻ ڪجهه نه ڪجهه کارائڻ ۾ مصروف هئا، جن ۾ سڀ کان نمايان کارائڻ واري شيءِ سورج مکي جا ٻج هئا جيڪي باندر ٻنهي اڳين ڄنگهن سان کولي اندران سورج مکي جو ٻج ڪڍي کائيندا پئي ويا ۽ باقي ان جي کل اڇلائي رهيا هئا، بلڪل اهڙي طرح کائي رهيا هئا جيئن انسان سورج مکي جا ٻج کائيندا هجن، حالانڪه اسان جا ننڍا ٻار ته سڄا جا سڄا سورج مکي جا ٻج چٻاڙي کائي به ويندا آهن پر هي باندرن جا ننڍا ٻچا به وڏي مهارت سان وات سان کائي رهيا هيا جو کل ويا پئي اڇليندا. بهرحال اسان پٿرن جي قطار تي پهچڻ لاءِ پٿرن تي ئي پير ڏيئي ڪجهه اڳيان سمنڊ جي پاڻي ۾ بغير لهڻ جي وياسين پٿرن تي بيهي سمند جي ڇولين جي پاڻي سان ڦوٽو ڪڍرايا ته ڪناري ڀرسان پوئين پاسي وڻن سا جبل جي پسمنظر سان به ڦوٽو ڪڍرايا، ائين 5 بجي اچي واپسي جي ڪئي سين ۽ بس سمنڊ ڪناري کان پوءِ سوا پنج کان ساڍا پنج ڌاري ڪئانتن رور (ندي) پوائنٽ لاءِ نڪتي، جتي تقريباَ 5.45 پهتاسين هتي اسان کي صرف 30 منٽ گھمڻ لاءِ ڏنا ويا، هي درياءَ جي ڪناري شهر طرف ته زبردست واڪنگ ٽريڪ ٺهيل هيو ۽ ڪناري سان لوه جي گرل سان درياءِ جي ڪناري کي محفوط به ڪيو ويو هو، جو ننڍا ٻار به ڀڄي ڊڪي رهيا هئا ۽ سندن والدين به سولا پئي ڏسڻ ۾ آيا، هن درياءِ ڪناري ميڪڊونالڊ کان ويندي ڪي ايف سي ۽ ملئي ٽريڊيشنل هوٽل جام هئا، ان کان علاه مختلف جوس ۽ ڪافي ڪارنر الڳ سان هئا،، درياءَ جي ٻئي ڪناري تي صرف وڻ ئي وڻ نظر اچي رهيا هيا، جن ۾ هڪ هنڌ درياءَ جي ڪناري سان هن شهر جو نالو تمام وڏن اکرن ۾ اڪريل هئو، جنهن کي اسان بيڪ گرائونڊ ۾ آڻي تصويرون پئي ڪڍرايون، درياءَ وچ ۾ موٽر بوٽ به هلي رهيا هئا، جيڪي مختلف سياحن کي کڻي ڪري درياءَ ۾ هڪ ڪلوميٽر تائين جو سفر ڪرائي وري هن نالي اڳيان بيهاري سياحن کي ڦوٽو ڪڍرائڻ جو موقعو فراهم ڪري رهي هئي.
ائين پڪنڪ پوائنٽ جو يا ڪنهن شهر يا ڪنهن به جڳهه جو نالو لکڻ جو رواج اسان جي ملڪ ۾ خاص طور اسان جي صوبي ۾ بلڪ گھٽ آهي، جو نه مڪلي تي ڪٿي مڪلي جو بورڊ اهڙي طرح لڳل آهي جو جنهن اڳيان ويهي اتي ڦوٽو ڪڍرائجي، نه ڪٿي ٺٽي شهر جو يا حيدرآباد شهر جي لاءِ ڪو خوبصورت چونڪ هجي جتي وڏن اکرن ۾ مان هن شهر سان پيار ڪيان ٿو لکيل هجي جيئين هتي ملائشيا ۾ مختلف شهرن ۾ لکيل هوندو آهي. حقيقت ۾ عام پڪنڪ پوائنٽ کان وڌيڪ ڪنهن به شهر جي نالو لکيل هجڻ واري جڳهه وڌيڪ پرڪشش ٿئي ٿي.
هن ڪئانتن درياءَ جي مٿان ٺهيل پل جيڪا درياءِ جي ٻنهي ڪنارن کي پاڻ ۾ ڳنڍي رهي هئي، اها به ڪافي زبردست نظارو پيش ڪري رهي هئي، ائين ڪناري سان گھمندي اهو به اندازو ٿيو ته جيئن ڪنارو لاڳيتو روڊ سان نه هئو ۽ موڙ کائي درياءَ، روڊ کان هٽي پئي ويو جنهن کان پوءِ ڏٺو ته اڳيان ڪناري سان تمام سهڻا گھر ٺهيل هئا، ائين لڳو ڄڻ تمام گھڻي آبادي ڪناري جي ٻنهي طرفن هئي، هي درياءَ شهر کي ٻن حصن ۾ ورهائيندي وچ مان گذري رهيو هو. اسان جي بس جيئن ته پروگرام مطابق 6.30 بجي ڌارا هتان نڪتي ته روڊ سان ٿورو اڳيان هلندي ئي ڪناري جي ڀرسان ئي هن شهر جي اسٽيٽ لائبرري نظر آئي جنهن جي اڳيان تمام وڏو ميدان هو، ۽ ان سان گڏ ئي اسڪول ۽ ڪاليج جون بلڊنگس نظر آيون. هن ٻنهي ادارن جي وچ ۾ تمام وڏو باغيچو هيو، سو هڪ طرف لائبرري جو ميدان ته ٻئي طرف اسڪول جو ميدان ۽ پوءِ اسڪول، اسڪول به ڪو ننڍو ڪونه هو، ڪافي ساريون الڳ الڳ سان بلڊنگس هيون جيڪي ٻن کان ٽي منزلون هيون، انهن ڀرسان ئي هڪ خوبصورت مسجد به نظر آئي، هي سڀ ادارا هڪٻئي جي ڀرسان ئي درياءَ جي ڪناري جي لڳو لڳ هئا، ائين شهر جي هن روڊ تان هلندي شهر جي ٻاهر نڪرڻ وارو گيٽ آيو، جنهن کي ڪراس ڪري هڪ پل تان گول گاڏي ڦيرائي اسان جي بس اچي هاءِ وي تي چڙهي، ۽ ٺيڪ رات جو 10.15 منٽن تي اچي بس ڪولالمپور ۾ اسلامڪ يونيورسٽي پهتي. ائين ڪئانتن گھمڻ جو موقعو مليو، خوب مزو به آيو، سمنڊ ڪناري حسنين لاءِ ڪئانتن نالي سان گڏ دل ڇپيل شرٽ به وٺي آيو هيس ته وري ادي راحيلا، عابده لاءِ سامان به آندو هئو ۽ ٻارن لاءِ ڪافي شيون به ڏنيون هئائين سو بي فڪرو ٿي واپس گهر پهتس.
اهم ڳالهه ته ملائشيا جي هن وڏي ۾ وڏي رياست پهانگ رجي گادي واري شهر ڪئانتن کان وڌيڪ ٽوئرزم سندس پهاڙي علائقن گينٽنگ هاءِ لينڊس ۽ ڪيمرون هاءِ لينڊس ۾ آهي، جيتوڻيڪ گينٽنگ ڪولالمپور فيڊرل ڪيپيٽل کان فقط 56 ڪلوميٽر آهي، پر شامل پهانگ رياست ۾ آهي، ائين وري ڪيمرون هاءِ لينڊس ڪولالمپور کان ڪافي پري آهي تقريباَ 300 ڪلوميٽر، پر اهو به هن رياست پهانگ ۾ آهي. هن ٻنهي جڳهن تي باقي ملائشيا جي گرم موسم جي ڀيٽ ۾ ٿڌ پوي ٿي، جنهن ڪري باقي ملائشيا جا اڪثر ماڻهو هنن علائقن ڏانهن گھمڻ وڃن ٿا.