شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

سنڌ جي سينڌ سدائين سرهي، سنڌ سلامت صدين کان،

سنڌ جي سينڌ سدائين سرهي، سنڌ سلامت صدين کان،
سنڌ جي عظمت پُڇڻي ٿَــوَ جي، ڄاڻو تارن ڪتيُنِ کان.

آثار قديمي شاهد آهن، سنڌ جي سونيءَ ڌرتيءَ جا،
تهذيب ڪيو معلوم وڃِي، موئن ــ دڙي جي گهٽيُنِ کان.

خونُ پَسينو نورُ نِچويَل، هارِي نارِي پورهيت جو،
سهڻين چيزن ٽوپين پٽڪن، راز پروڙيو رَليُن کان.

سنڌ جي محبت سڀڪجهه تن لئه ، سنڌ جا عاشق جيڪي سچا،
ديس جي ڌڙڪن ڌار نه آهي، ديس واسين جي دليُنِ کان.

مهمان نوازيءَ تي مهمانن، تن کي ڪهڙا پايا هارَ،
پو به نه پنهنجي وَڙَ کان وانجها، سمجهُو سمجهو سخيُنِ کان.

سرويچ سڏيون “مهراڻ ڪنڌيون جنت الفردوس” آهن،
سچ پچ پوکون گلَ وڻ مهڪنِ، واس وٺو ڀلي وليُنِ کان.

“سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو” سچ چيو آ شيخ اياز،
سنڌ جو عشق پڇي ڏس خاطي ! سادن سهڻن سنڌينِ کان.