سفرناما

آمريڪا ڙي آمريڪا

هن ڪتاب ’آمريڪا ڙي آمريڪا‘ ۾ سائين الطاف شيخ، آمريڪا ۽ ان جي شھرن، ندين نالن، سمنڊن، آمريڪا جي تاريخ، آمريڪا ۾ ھلندڙ غلاميءَ، ماڻھن جي طبيعتن، سوچ و فڪر سميت هر پھلوءَ تي قلم کنيو آهي ۽ ڪتاب کي هڪ وڻندڙ سفرنامو هئڻ سان گڏ  تحقيق نامو يا تاريخ نامو بڻائڻ ۾ ڪا ڪَسَر ڪونھي ڇڏي. ڪتاب ۾ آمريڪا بابت لکيل ٻن تازن سفرنامن پير تاج محمد قريشيءَ جي” پرديس ٿيو ديس پنھنجو“ ۽ منصور ٿلھي جي ”آڏيءَ کان البني تائين“ تي لکيل مھاڳ پڻ شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 25
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آمريڪا ڙي آمريڪا

ڇا وڃايو، ڇا حاصل ڪيو؟

ڇا وڃايو، ڇا حاصل ڪيو؟

آمريڪا ۾ رهندڙ ڪجهه اسان جا پاڪستاني اهڙا به آهن، جيڪي ڪمائڻ بدران خرچڻ ۽ عيش ڪرڻ لاءِ آيا آهن. ان ۾ گهڻي ڀاڱي اسان جي ملڪ جا سرڪاري آفيسر آهن، جيڪي خوب رشوت ۽ ٺڳين جو پئسو ميڙي، هاڻ جھلجڻ کان بچڻ لاءِ هيڏانهن آمريڪا اچي نِڪتا آهن. هنن کي هِتي نوڪري يا پورهئي ڪرڻ جي به ضرورت ناهي. هُو پنهنجي ملڪ مان ٽرانسفر ڪيل ڪروڙها رپيا خرچ ڪري رهيا آهن. انهن ۾ ڪيترائي واپڊا، پي ڊبليو ڊي، ايريگيشن، روينيو، ايڪسائيز ٽئڪسيشن ۽ ڪسٽم جهڙن کاتن جا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هُو هِتي به شراب، ڪباب ۽ شباب جي محفلن ۾ مشغول رهن ٿا. هنن کي نه پنهنجين زالن جو فڪر آهي ۽ نه ٻارن جو ۽ اهڙن جا ئي ٻار آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ کرجيو وڃن، جن کي ڏسي اسان جي ملڪ جا ماڻهو سمجھن ٿا ته آمريڪا ۾ شايد سڀ ٻار ائين ٿيو وڃن. جيتوڻيڪ ائين ناهي. پنهنجي يا ڌارئين ملڪ ۾ والدين پنهنجي اولاد تي جيڪڏهن نظر رکن ۽ هنن کي ڪَچِيءَ مان ئي صحيح تربيت ڏين ۽ پاڻ انهن جي اڳيان سٺي اخلاق جو نمونو ٿي هلن ته ٻار وڏو (بالغ) ٿي به نيڪ ۽ بااخلاق رهي ٿو. جيئن شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جي گهڻي ڀاڱي پاڪستاني فئملين کي پنهنجي ٻارن کي صحيح رکڻ جو ڏاڍو فڪر آهي ۽ اسان جي ديس جا آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيترائي ٽِين ايجر (جوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون) بيحد اخلاق وارا، با ادب ۽ مذهبي آهن. پاڪستان جي مسجدن ۾ وڃبو ته نماز دوران گهڻي ڀاڱي پوڙها ئي نظر ايندا، پر حيرت جي اها ڳالهه آهي ته هِتي آمريڪا جي مسجدن ۾ نوجوان به اوترا ئي نظر ايندا.
اسان جي دوست جو ننڍو ڀاءُ، جيڪو پاڪستان ۾ ڪنهن سرڪاري ڦرمار واري کاتي ۾ آفيسر هو، اهو به آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پاڪستان ۾ اها نوڪري ملڻ تي ۽ رشوت جو پئسو حاصل ٿيڻ تي هُو هر سال پاڻ جهڙن کائو سرڪاري ڪامورن سان ٿائلنڊ، انڊونيشيا، سري لنڪا يا عياشي جي اڏن وارين روسي رياستن ڏي وڃڻ لڳو. هن کي ولايت ۾ ئي عياشي نظر آئي ٿي. هُونءَ به آسانيءَ سان هن جا ٻار شهر جي سٺي اسڪول ۾ ٺيڪ ٺيڪ پڙهي رهيا هئا. ڳوٺ جي زال هئي جنهن کي خبر نٿي پيئي ته هي مرد حضرات بئنڪاڪ جهڙن بدنام شهرن ڏي ڇو ٿا وڃن. هُوءَ غريب ان ۾ ئي خوش رهي ٿي ته واپسي تي سندس مڙس ٻه چار ڪچا پڪا وڳا هن ۽ ٻارن لاءِ آڻي ڏنا ٿي. واپڊا، ايريگيشن يا بلڊنگس ۽ روڊس جهڙن سرڪاري ادارن ۾ هونءَ به غريب عوام يا ملڪ جا ڪهڙا ترقياتي ڪم ٿين ٿا. واسطيدار وزير، انجنيئر ۽ ٺيڪيدار ئي پئسو ورهائي کايو ڇڏين ۽ پوءِ اهڙو easy پئسو هٿ ڪرڻ وارن مان ڪيترائي ٻي شاديءَ جو شوق پورو ڪن يا ڪا ڳائڻي يا چَلتِي ڦرتِي Keep رکن، جوئا ڪن، شراب جو شونقڙو ڪن يا سندن کريل ٻار ان کي اڏائين جو ان قسم جي ’محنت بنا آيل‘ پئسي لاءِ مشهور آهي ته: Easy Come Easy Go
هو توهان کي اڪثر حيدرآباد جي بامبي بيڪريءَ ۾ نظر ايندا جِتان جون پيسٽريون ۽ ڪيڪ خريد ڪري پاڻ کان وڏن صاحبن جي گهرن ۾ خوشامد طور پهچائين.
اسان واري دوست جي ڀاءُ کي جيئن ته هر سال ولايت گهمڻ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ۾ تڪليف ٿَي ٿِي، سو هن جي دماغ ۾ اها ئي ڳالهه آئي ته آمريڪا يا ڪئناڊا جهڙي ملڪ ۾ رهي پاسپورٽ حاصل ڪجي. جنهن جي ڪري هن کي ڌارين ملڪن ۾ ويندي به سهولت ٿي پوندي ۽ ساڳي وقت پنهنجي وطن ۾ به دوستن يارن تي هن جي لئه ويهي سگهندي. آخرڪار ڪجهه پنهنجي ڪوشش سان ڪجهه ايجنٽن ۽ وڪيلن معرفت، ڪافي وڏو خرچ ڪري هن کي نيٺ ته آمريڪا جو گرين ڪارڊ ملي ويو ۽ هو ٻارن سوڌو هن چهچٽي، رونقن ۽ رنگينن واري ملڪ ۾ پهچي ويو. اهي بهتر ڏينهن هئا ۽ آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هو پر پوءِ سگهو ئي نائن اليون کان پوءِ سختيون وڌي ويون. هن سمجھيو ته سال ٻن ۾ پاسپورٽ ملي ويندو ۽ پوءِ ٻٽي شهريت سان پنهنجي وطن موٽي ايندو. پر سال پٺيان ٻه ۽ ٽي ٿي ويا ۽ هن کي پاسپورٽ ملڻ ۾ ويئي دير ٿيندي. آمريڪا ۾ اسان جي ملڪ جي ڊگري مطابق ته ورلي ڪا نوڪري ملي ٿي پوءِ اها ڊگري کڻي ڊاڪٽريءَ جي هجي يا انجنيريءَ جي. پاڪستاني سوين انجنيئرن ۽ ڊاڪٽرن وانگر هي به آمريڪا ۾ چوڪيداري، ٽئڪسي ڊرائيوري يا بئراگيري جهڙا odd jobs ڪرڻ لڳو، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري جو پاڻ سان آندل پئسو آهستي آهستي ٿي کُٽڻ لڳو. کاڌي ته کوهه به کُٽيو وڃن. سندس ٻار جيڪي شروع جا مهينا سادگي سان هلڻ لڳا هاڻ هر اهو خرچ ڪرڻ لڳا جيڪو سندن پاڙي ۾ رهندڙ يا اسڪول جي مڪاني ٻارن ٿي ڪيو. سندس ٻار اسڪول ضرور ويندا رهيا پر والدين جي نه ڌيان ڏيڻ ڪري اهي ڇڙواڳي ڏي وڌي ويا. پنهنجي ملڪ ۾ پاڻ هو سٺن نمبرن سان پاس ٿيندا هئا. پر هِتي هو پڙهائي کان وڌيڪَ ٽي ويءَ پٺيان وقت ضايع ڪرڻ لڳا يا پاڙي جي رول دوستن سان رلڻ لڳا، نه فقط سندس پٽ پر ڌيءَ به. آخر چئن ساڍن چئن سالن بعد سڀني کي پاسپورٽ مليو ۽ هن واپس وطن ورڻ جو اعلان ڪيو ته نه فقط سندس زال پر ٻار به بگڙي پيا ته پاڪستان هلي ڇا ڪريون. هُو پاڻ پاڪستان وڃي ته ڀلي وڃي. هن جي زال هاڻ اها ڳوٺاڻي نه رهي هئي. آمريڪا ۾ رهندڙ ٻين هم زبان هم وطن عورتن کان هو عورتن جي حقن جي ڄاڻ وٺي چڪي هئي. هوءَ ۽ ٻار صاف صاف چوڻ لڳا ته هو آمريڪا ۾ رهڻ کي بهتر سمجھن ٿا. پر هن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هن کين گهڻو ئي convince ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ رکي رکي ان ڳالهه لاءِ آماده ڪيو ته مغرب جو ماحول اسان ماڻهن لاءِ صحيح ناهي خاص ڪري جوان نياڻيءَ لاءِ. هيترا سالَ رهڻ دوران هو اهو ڏسي چڪو هو ته آمريڪا ۾ ته هڪ مسلمان ڇوڪرو يا ڇوڪري اهلِ ڪتاب يعني عيسائي سان ته ڇا هندو سان به شادي ڪريو ڇڏي، جنهن کي هُو بدقسمتي سمجھڻ بدران فخر ۽ ڪامياب زندگي سمجھي ٿو. هڪ اهڙي شادي مون به اٽينڊ ڪئي، جتي سنڌ جي هڪ اهم مسلمان ۽ نيڪ شخصيت جي پوٽي جي شادي، هندو ڇوڪريءَ سان ٿي جنهن ۾ پهريون پنڊت شادي جون رسمون پوريون ڪيون. ان بعد هڪ لبناني مولوي کي وٺي آيا جنهن خبر ناهي نِڪاح جي دعا وغيره به پڙهي يا نه پر سنڌ جي روايتي مڱڻهار يا استي حجام وانگر ڪجهه ساٺَ سنوڻ ضرور ڪيا.
بهرحال اهي ڳالهيون سوچي سوچي اسانجي دوست جي ڀاءَ کي ننڍي عمر ۾ ئي ڪيتريون بيماريون ٿي پيون آهن. ٿڌ بُخار، يا گندي پاڻي پيئڻ سان واسطو رکندڙ بيماريون آمريڪا جهڙي صاف سٿري ملڪ ۾ کڻي نٿيون لڳن. پوڙهائپ ۽ اڪيلائپ جا خوف، مستقبل جا ڏيک ڏيندڙ مونجھارا ۽ جوانيءَ جي ڏاڪي تي تڪڙو تڪڙو قدم رکندڙ اولاد جي پريشانين ۾ هڪ صحتمند انسان کي به بلڊپريشر، ڪولسٽرول، ڊپريشن ۽ ڊائبٽيز جهڙيون ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙيو وڃن ۽ اهي بيماريون خاموش قاتل سڏجن ٿيون.
پنهنجي دوست سان ملاقات تي مون کيس سندس ڀاءُ کي آمريڪا جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جي مُبارڪ ڏني ته هن خلا ۾ گھوريندي ٿڌو ساههُ کنيو ۽ پوءِ چيو: ”ها آمريڪن پاسپورٽ ته ملي ويو پر ان جي ڪيڏي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پيئي!“....
سو منهنجا پڙهندڙو! آمريڪا ڪئناڊا جهڙا ملڪ سٺا ضرور چئي سگهجن ٿا پر ان جو مدار توهان تي آهي ته توهان پنهنجو اتي رهڻ سڦلو ثابت ٿا ڪريو يا ڪڦلو ۽ ياد رکو ائين نه ٿئي ته توهان جي بي ڌياني ۽ غلط قدم پٺيان توهان کي ڪا وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوي. ان کان ته پنهنجي وطن، پنهنجي ڳوٺ جي غربت ۽ سادگيءَ واري زندگي بهتر آهي.
اهڙي عبرتناڪ ۽ سبق آمواز ڪهاڻي هڪ سک (سردار جي) جي آهي، جيڪا آئون ڪيترن ئي پڙهندڙن خاص ڪري آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ اچي رهڻ جي خواهشمندن کي، Email ڪري چڪو آهيان. سردارجيءَ پنهنجي هن ڪهاڻيءَ جو عنوان ’One Bedroom Flat & One Extra.‘ (هڪ ڪمري جو فلئٽ ۽ هڪ وڌيڪَ ڪمرو) بلڪل مناسب رکيو آهي ۽ سندس ڪهاڻي آمريڪا ۾ وڃي اتي جي رنگينين يا مشغولين ۾ گم ٿي وڃڻ وارن لاءِ سوچ ۽ ويچار جي خوراڪ مهيا ڪري ٿي.
’سردارجِي‘ جي ڪهاڻي سندس زباني هن ريت آهي:
اڄ ڪلهه جي هر مائٽ جي خواب مطابق مون به سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪر هڪ اهڙي ڪمپني ۾ نوڪري حاصل ڪئي جنهن جو مرڪز آمريڪا ۾ آهي.
آمريڪا جيڪو بهادر ماڻهن جو ملڪ ۽ موقعا ميسر ڪرڻ واري ڌرتي، سڏيو وڃي ٿو. جڏهن آئون آمريڪا جي سرزمين تي پهتس ته منهنجي خوشيءَ جو انت نه هو، مون کي ائين لڳو ڄڻ منهنجي خوابن جي تعبير ٿي وئي هُجي. هي اهو ملڪ هو، جِتي آئون سالن کان رهڻ جو سوچي رهيو هوس. مون اهو پهه ڪيو ته آءٌ هن ملڪ ۾ پنج سال کن لڳي نوڪري ڪندس، جنهن دوران ڪافي پئسو بچائي وٺندس ۽ ان پئسي مان پنهنجي ملڪ انڊيا ۾ سڪون ۽ سک جي زندگي اچي گذاريندس.
منهنجو پيءُ سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو ۽ هاڻ رٽائرڊ ٿيڻ تي هو. هُو فقط هڪ چڱڙو هڪ ڪمري وارو فلئٽ ٺهرائي سگهيو. مون چاهيو ٿي ته آئون جڏهن رٽائرمينٽ تي پهچان ته گهٽ ۾ گهٽ بابي کان ته ڪجهه وڌيڪَ ڪري ڏيکاريان.
آمريڪا ۾ ڪجهه وقت رهڻ بعد آئون اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳس. آئون هر هفتي ’ڪالنگ ڪارڊس‘ ذريعي پنهنجا ماتا پِتا سان فون تي ڳالهائڻ لڳس. اهڙي طرح فونن تي ڳالهائيندي، مئڪڊونالڊ ۽ پيزا نموني جي ريسٽورنٽن ۾ برگر کائيندي ٻه سال گذري ويا. ان دوران آئون هر وقت فارين ايڪسچينج ريٽ تي به نظر رکندو رهيس ته ڊالر جو ڪهڙو اگهه پيو رهي ۽ جڏهن به پنهنجي ملڪ جي رپئي جو قدر ڪرندو ڏٺم ٿي ته خوشي ٿَي ٿِي ته مون جيڪي ڊالر ڪمايا آهن، انهن جا اڃان به وڌيڪَ رپيا ملندا.
۽ پوءِ مون شاديءَ جو سوچيو. پنهنجي ماءُ پي کي ٻڌايم ته مون کي فقط ڏهن ڏينهن جي موڪل آهي ۽ انهن ڏهن ڏينهن اندر توهان کي سڀ ڪجهه ڪرڻو پوندو.
مون هڪ سستي قسم جي ايئرلائين ۾ وطن وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ بڪ ڪرائي. بس سمجھو ته آئون ڏاڍو خوش هوس. خوشيءَ وچان پنهنجي وطن ۾ دوستن ۽ مائٽن لاءِ روزانو ڪجهه نه ڪجهه خريداري ڪندو رهيس. ڪنهن هڪ کي به وساريندس ته ڳوٺ ۾ گلا ٿي پوندي. ڳوٺ پهچڻ تي مونکي مون لاءِ چونڊيل ڇوڪرين جا فوٽو ڏسڻ ۽ انهن مان ڪا ڪنوار چونڊڻ ۾ هفتو لڳي ويو. ۽ جيئن ته هاڻ وڃي ڪي ٽي چار ڏينهن بچيا هئا سو هاڻ ڪنهن هڪ کي جلدي چونڊڻ لاءِ مجبور ٿي ويس. ڇوڪريءَ جي مائٽن به هاڻ اهو ئي چيو ته مونکي ٻن ٽن ڏينهن اندر شادي ڪرڻي پوندي جو مون کي وڌيڪَ موڪل نه ملي سگهندي. شاديءَ بعد منهنجي آمريڪا موٽڻ جو وقت اچي ويو. پٺيان جي خرچ پکي لاءِ ڪجهه پئسا پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڏئي، پاڙي وارن کي هنن جي خيال جو چئي، آئون پنهنجي زال سان گڏ آمريڪا ڏي موٽيس.
منهنجي زال کي هي ملڪ ڏاڍو وڻيو ۽ خوب وندري وئي پر فقط ٻن مهينن لاءِ. ان بعد هوءَ به اڪيلائي محسوس ڪرڻ لڳي. مائٽن ۽ هم جيڏين کي ياد ڪرڻ لڳي. نتيجي ۾ ٽيليفون جو بل ٻيڻو ٿيڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ته اسان ٻئي هفتي ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي دفعا ڳوٺ فون ڪرڻ لڳاسين. اسان جي بچت گهٽجڻ لڳي. ٻن سالن بعد اسان کي ٻار به ٿيڻ لڳا. قدرت اسان کي هڪ پٺيان ٻيو خوبصورت ٻار عطا ڪيو. هڪ ڇوڪرو ۽ هڪ ڇوڪري. جڏهن به مون ماءُ پيءُ سان ڳالهايو ٿي ته هنن مون کي انڊيا اچڻ لاءِ چيو ٿي جيئن هو پنهنجو پوٽو ۽ پوٽي ڏسي سگهن. آئون هر سال انڊيا وڃڻ جو پروگرام ٺاهيندو رهيس پر ڪجهه ڪم جي گهڻائيءَ ڪري ۽ ڪجهه خرچ جي ڪري مون هن سال وڃڻ جو پروگرام رد ڪري ٻئي سال وڃڻ جو سوچيو ٿي. ظاهر آهي منهنجو اڪيلو سِرُ نه هو. مون سان گڏ زال جي ٽڪيٽ جو خرچ ۽ ان سان گڏ ٻارن جي ٽڪيٽ جو هو. ٻارن جي کڻي اڌ ٽڪيٽ ٿي ٿي پر ان تي به وڏو خرچ آيو ٿي. سال پٺيان سال گذرندو ويو پر انڊيا وڃڻ ڄڻ هڪ ڏورانهون خواب بڻجي ويو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو مون کي اطلاع مليو ته منهنجا والدين سخت بيمار آهن. مون انڊيا وڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر مون کي پنهنجي جاب (نوڪري) کان موڪل نه ملي سگهي سو ظاهر آهي آئون انڊيا وڃي نه سگهيس ۽ پوءِ ڪجهه عرصي کان پوءِ مون کي پنهنجي والدين جي موت جو به اطلاع مليو. ڪيڏي ته افسوس جي ڳالهه آهي اهڙي گهڙيءَ تي به آئون پهچي نه سگهيس. سندن ڪريا ڪرم جون رسمون به پاڙايوارن ادا ڪيون ۽ هنن کان جنهن نموني ۽ جنهن حد تائين ٿي سگهيو ائين ڪيائون. آئون ڊپريشن جو مريض ٿي پيس. ڪيڏي ته افسوس جي ڳالهه آهي جو منهنجا ماءُ پيءُ پنهنجا پوٽا به نه ڏسي سگهيا.
۽ پوءِ ڪجهه سال گذرڻ بعد، جيتوڻيڪ منهنجي زال کي خوشي ٿي پر ٻارن جي ناپسنديدگي ۾ اسان انڊيا Settle ٿيڻ لاءِ موٽياسين. آئون رهائش لاءِ ڪو بهتر گهر ڳولڻ لڳس پر افسوس جو مون وٽ ڪا وڏي بچت نه هئي ۽ ان دوران پراپرٽي جا اگهه ايڏا ته وڌي ويا هئا جو آئون مرضي مُطابق گهر وٺي نه سگهيس ۽ وڌيڪَ پئسا ڪمائڻ لاءِ مون کي وري آمريڪا موٽڻو پيو. منهنجي زال مون سان گڏ آمريڪا هلڻ لاءِ انڪار ڪيو ۽ منهنجي ٻارن انڊيا ۾ رهڻ کان انڪار ڪيو. آخر زال کي انڊيا ڇڏي آئون پنهنجن ٻن ٻارن سان گڏ آمريڪا موٽيس. زال سان وعدو ڪيم ته بس آئون ڏکيا سکيا ٻه ٻيا سال آمريڪا ۾ رهي موٽي ٿو اچان.
وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو. منهنجي ڌيءَ جوان ٿي چڪي هئي ۽ هاڻ هن هڪ آمريڪن سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ منهنجو پٽ به آمريڪا رهڻ ۾ پنهنجي بهتري سمجهڻ لڳو. مون اهو فيصلو ڪيو ته آمريڪا ۾ گهڻو ئي رهيس هاڻ زندگيءَ جا آخري ڏينهن پنهنجي اباڻي وطن انڊيا ۾ هلي گهاريان. سو ٽپڙ ويڙهي، آمريڪا کي هميشه لاءِ گڊ باءِ چئي ڳوٺ جو رخ ڪيم. انڊيا پهچي پهرين گهر خريد ڪيم. مون وٽ جملي پونجي ايتري ٿي، جو ڪنهن سٺي علائقي ۾ ٻن ڪمرن وارو فلئٽ خريد ڪري ورتم. هاڻ آئون سٺ سالن کي پهچي چڪو آهيان. هيڏانهن هوڏانهن نڪرڻ بدران گهر ۾ ئي ويٺو رهان ٿو. بس فقط ڪڏهن ڪڏهن ڀر واري مندر ۾ پرارٿنا لاءِ نڪران ٿو. منهنجي زال به مون کي ڇڏي ٻي جهان ڏي رواني ٿي وئي آهي. اڪيلو ڪمري ۾ وقت گذاريان ٿو. ٻارن جو به شروع شروع ۾ هر مهيني فون ايندو هو هاڻ ته مهينا ٿيو وڃن جو کڻي فون ڪن. منهنجي شڪايت ڪرڻ تي هر وقت اهو ئي چون ٿا ته: ”ڇا ڪريون ڊيڊي! توهان کي ته خبر آهي ته آمريڪا جي زندگي ڪيڏي سخت ۽ مشغول آهي. وقت ئي نٿو ملي.....“
ڪڏهن ڪڏهن آئون بستر تي ليٽي، ڇت ڏي گهوري سوچيندو رهان ٿو ته آيا هي سڀ ڪجهه ضروري هو جيڪو مون ڪيو. ڇا مون جيڪي ڪجهه وڃايو هو، ان جيترو حاصل ڪري سگهيس؟ منهنجي پيءُ پنهنجي وطن ۾ رهي ڪري به گهر حاصل ڪري ورتو ۽ آئون به اهو ئي هڪ گهر حاصل ڪري سگهيس.
ان کان وڌيڪَ ٻيو ڪجهه به نه!
منهنجو ماءُ پيءُ مون کان هليو ويو. منهنجا ٻچا مون کان جدا ٿي ويا. فقط هڪڙي فالتو ڪمري خاطر!
دريءَ مان ٻاهر نِگاهه ٿو ڊوڙايان ته پارڪ جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪيترا ئي ٻار ڊانس ڪري رهيا آهن. هن نڀاڳي ڪيبل ٽي ويءَ اسان جي نئين ٽهيءَ جي ستيا ناس ڪري رکي آهي ۽ هي ٻار اڄ جا مختلف مغربي توڙي ملڪي چئنل ڏسي پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجا قدر وڃائي رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن منهنجا پاڙي جا ٻار مونکي فون ڪري مونکان پڇندا رهن ٿا ته منهنجي طبيعت ڪيئن آهي. شڪر آهي گهٽ ۾ گهٽ هو مونکي ياد ته ڪن ٿا. ۽ هاڻ جڏهن آئون مرندس ته گهٽ ۾ گهٽ اهي وري پاڙي جا ماڻهو منهنجي مرڻ جون ريتون رسمون پوريون ڪندا. ڀڳوان انهن جو ڀلو ڪري. پر سوال وري به اهو ئي ٿو پيدا ٿئي ته آيا was all this worth it? اها منهنجي سڄي زندگيءَ جي ڀڄ ڊڪ ڇا ايڏو ضروري هئي؟
مهرباني ڪري منهنجي هن سوال جي جواب جي توهان به ڳولا ڪجو.....!! وڏي مهرباني....