سفرناما

آمريڪا ڙي آمريڪا

هن ڪتاب ’آمريڪا ڙي آمريڪا‘ ۾ سائين الطاف شيخ، آمريڪا ۽ ان جي شھرن، ندين نالن، سمنڊن، آمريڪا جي تاريخ، آمريڪا ۾ ھلندڙ غلاميءَ، ماڻھن جي طبيعتن، سوچ و فڪر سميت هر پھلوءَ تي قلم کنيو آهي ۽ ڪتاب کي هڪ وڻندڙ سفرنامو هئڻ سان گڏ  تحقيق نامو يا تاريخ نامو بڻائڻ ۾ ڪا ڪَسَر ڪونھي ڇڏي. ڪتاب ۾ آمريڪا بابت لکيل ٻن تازن سفرنامن پير تاج محمد قريشيءَ جي” پرديس ٿيو ديس پنھنجو“ ۽ منصور ٿلھي جي ”آڏيءَ کان البني تائين“ تي لکيل مھاڳ پڻ شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آمريڪا ڙي آمريڪا

سمنڊ تي جهاز هلائڻ واري جي حالت

سمنڊ تي جهاز هلائڻ واري جي حالت

خراب موسم يا سمنڊ جي خرابيءَ ۾ ته جھاز هلائڻ وارو پريشان رهي ٿو پر عام طرح بھتر حالتن ۾ به ان سان ويڌن رهي ٿي. ان جو سبب اهو آهي ته سمنڊ تي جھاز هلائڻ واري ڊيوٽي، ڪناري جي نوڪرين وانگر ناهي، جن ۾ سڄو ڏينھن ڊيوٽي ڪرڻ بعد ننڊ لاءِ سڄي رات مليو وڃي ۽ هر ڪو دل وٽان ننڊ ڪري صبح جو تازو ٿي اٿي ٿو. سمنڊ تي اسان جي چار ڪلاڪ ڏينھن جو ۽ چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي بعد اٺ اٺ ڪلاڪ موڪل ٿئي ٿي، پر اٺ ڪلاڪ موڪل جي باوجود ننڊ پوري نٿي ٿئي. ڪنارو ڇڏڻ بعد ٻه يا ٽي ڏينھن ته ننڊ يڪدم اچيو وڃي، پر ان بعد ڪلاڪن جا ڪلاڪ جاڳڻ بعد مس مس ننڊ اچي ٿي ۽ اڃا گهاٽي ننڊ شروع ٿئي ٿي ته سُکاني يا انجڻ روم جو تيل وارو اچيو در کڙڪائي ته، ”صاحب ’ڪوارٽر‘ يعني ڊيوٽيءَ ۾ باقي ’چوٿو ڪلاڪ‘ (15 منٽ) بچيا آهن، اٿي کڙو ٿي.“
ياد رهي ته جھاز هلائڻ جي ڊيوٽي ڪناري جي ڊيوٽيءَ وانگر نه آهي، جنھن ۾ ڪو صاحب پندرهن ويھه منٽ ڇا ڪلاڪ دير سان پھچي ٿو ته به ڪو فرق نٿو پوي. جھاز هلائڻ واري ڊيوٽي هڪ قسم جي ’چوڪيداري نمونو‘ آهي يعني جيڪو چوڪيدار ڊيوٽي ڪري رهيو آهي، اهو تيستائين موڪل نٿو ڪري سگهي، جيسين ان کي ڇڏڻ لاءِ ان جي جاءِ تي ٻيو اچي. ۽ جيڪو ڊيوٽي ڪري رهيو آهي يعني جھاز هلائي رهيو آهي، اهو ان چئن ڪلاڪن جي ڊيوٽيءَ ۾ ذهني ۽ جسماني طرح اهڙو ٿڪجيو پوي، جو آخري اڌ ڪلاڪ ۾ هن جون اکيون داخل ٿيڻ واري در ۾ هونديون آهن ته مون بعد جھاز هلائڻ وارو اچي ته منھنجي جان ڇٽي. اهڙي حالت ۾ ڪو پنج منٽ به ڊيوٽيءَ تي دير سان پھچي ٿو ته هن جي اها ڳالهه خراب ۽ اعتراض جوڳي سمجهي وڃي ٿي. ان ڪري ’ڪوارٽر‘ جو اطلاع ملڻ تي ڊيوٽيءَ چڙهڻ وارو يڪدم اٿيو کڙو ٿئي، ڀلي کڻي ڪچي ننڊ ۾ هجي يا پڪي ننڊ ۾. ننڊ پوري نه ٿيڻ ڪري ڪڏهن ته دماغ پيو چڪرائيندو آهي، ته ڪٿي آهيون! خوابن ۾ ڪناري تي هجبو آهي ته اٿارڻ تي 25 هزار هارس پاور جي انجڻ جي طاقتور آوازن ۽ طوفاني هوائن جي سيسراٽ ٻڌڻ تي احساس ٿيندو آهي ته اڃا سامونڊي سفر کُٽو نه آهي. ننڊ جو مزو اڌ ۾ ڇڏي جھاز هلائڻ لاءِ اٿي کڙو ٿبو آهي ته ’چڙهه جا سُولِي پر، رام ڀلِي ڪريگا!‘ ننڊ پوري نه ٿيڻ ڪري ۽ جھاز دنيا جي خط استواءِ پٽي وٽان لنگهڻ دوران گرميءَ سبب اکيون، جھڙوڪر پوسرائينديون آهن. نرم ۽ ٿڌو بسترو ڇڏي منھن تي ڇنڊا هڻڻ لاءِ واش روم ۾ گهڙبو آهي. پنھنجي ٽُٿ پيسٽ جي ٽيوب کي ڏسي آئون اندازو لڳائيندو آهيان ته جھاز ڪيترو سفر ڪيو آهي ۽ اڃا ڪيترا ڏينھن هلائڻ بعد ڪنارو ايندو.
دراصل هڪ دفعي ايئن ٿيو جو ڪراچيءَ مان لنگر کڻڻ وقت مون کي ياد آيو ته مون وٽ ٽُٿ پيسٽ ته آهي ڪانه. سمنڊ تي ڇا ڪندس! سمنڊ تي جهاز هلائڻ جا هر هڪ آفيسر جا پنھنجا ڊيوٽي ٽائيم ٿين ٿا، ان ڪري هُو ان مطابق سمهن ۽ اٿن ٿا. ڪناري جي ڪنھن هاسٽل ۾ ته رهيل نه هوس، جتي سڀ اٿي هڪ ئي وقت برش ڪن ۽ توهان ڪنھن کان به ٽُٿ پيسٽ پنين سگهو ٿا. مون جھاز جي ڏاڪڻ هيٺ بيٺل پنھنجي ڪناري واري آفيس جي ڪلارڪ کي پئسا ڏنا، جيڪو ڪياماڙيءَ جي ڪنھن دڪان تان ٽُٿ پيسٽ وٺي مون کي ڏئي ويو. ٿوري دير کان پوءِ جھاز ڪراچي ڇڏيو ۽ کُلئي سمنڊ ۾ پھچڻ تي خبر پئي ته جھاز جي روٽ ’ڏور اوڀر‘ بدران هاڻ ’يو ايس اي - ڪئناڊا‘ ٿي وئي آهي ۽ هي جھاز هاڻ آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪري آمريڪا ويندو. دل ۾ چيم ته چڱو جو ٽُٿ پيسٽ ورتم، ڇو جو فار ايسٽ روٽ تي ته هر ٻئي ٽئي ڏينھن بندرگاهه اچيو وڃي، جيئن ته ممبئي، ڪولمبو، پينانگ، سنگاپور، منيلا، هانگ ڪانگ، ٽوڪيو وغيره، جن بندرگاهن مان ڪنھن هڪ تي تيل پاڻي لاءِ جھاز جي ترسڻ تي ان بندرگاهه مان ٽُٿ پيسٽ جھڙيون شيون وٺي سگهجن ٿيون. باقي اولھه ڏي ته ڪراچي ڇڏڻ بعد جھاز پيو هندي وڏو سمنڊ لتاڙي، جيسين آفريڪا جو ڪنارو نظر اچي ۽ ممباسا، دارالسلام يا ماپُوتَو جھڙي بندرگاھه ۾ ڏينھن اڌ لاءِ تيل خريد ڪرڻ لاءِ ترسي. تن ڏينھن ۾ يعني 1960ع واري ڏهاڪي تائين اڃان جھازن جون تيل ۽ پاڻي کڻڻ واريون ٽانڪيون وڏيون نٿيون هيون ۽ ڏهه ٻارنهن ڏينھن بعد رستي تان ڪنھن بندرگاهه مان تيل خريد ڪرڻو پيو ٿي. ڪراچيءَ مان نڪرڻ مھل آفريڪا جي ڪناري واري بندرگاهه ممباسا پھچڻ ۾ ست اٺ ڏينھن لڳي ويندا هئا، جو ممباسا ڪراچيءَ کان 4400 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي يا ممباسا بدران موزمبق ملڪ جي بندرگاهه ماپُوتو (Maputo) مان تيل وٺندا هئاسين، جيڪو ڪراچيءَ کان 6800 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، جتي پھچڻ ۾ ڏھه ٻارنهن ڏينھن لڳي ويا ٿي. ان بعد ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ لنگهي، آفريڪا جي اولھه ڪناري واري ڪنھن بندرگاهه مان خاص ڪري سينيگال ملڪ جي ڊڪار بندرگاهه مان جھاز جون تيل ۽ پاڻيءَ جون ٽانڪيون فل ڪرائي پوءِ يورپ جو رخ ڪندا هئاسين يا آمريڪا کنڊ ڏي روانا ٿيندا هئاسين.
ڏور اوڀر جي بندرگاهه ڏي ته هر شئي ملي وئي ٿي، پر آفريڪا پاسي جا بندرگاهه اڄ به ويران نظر اچن ٿا ۽ شاپنگ يا ٻين سھولتن کان خالي رهن ٿا. آمريڪا جي ان پھرين سفر ۾، ڪراچيءَ مان نڪرڻ بعد اسان اڌ ڏينھن کن ممباسا ترسي، جھاز جي انجڻ لاءِ تيل ورتوسين ۽ جھاز تي موجود ماڻهن لاءِ راشن پاڻي... ان بعد اڳتي جي سفر لاءِ نڪتاسين.
’ڪيپ آف گڊ هوپ‘ ٽپي آفريڪا جي اولھه ڪناري واري هڪ بندرگاهه تان آمريڪا لاءِ ڪچو مال کڻڻ لاءِ ٻه ڏينھن کن ترسي آمريڪا کنڊ جو رخ رکيوسين. سڌو اچي ڪيُوبا کان نڪتاسين، جتان پوءِ نيويارڪ بندرگاهه لاءِ اتر ڏي رخ ڪيوسين. آمريڪا جون اوڀر ڪناري واريون رياستون: فلوريڊا، جارجيا، سائوٿ ۽ نارٿ ڪئرولينا، ورجينيا، ميري لئنڊ ۽ نيو جرسي وغيره لتاڙي اچي نيويارڪ جي مئن هٽن علائقي ۾ لنگر ڪيرايوسين. مون ڏٺو ته هاڻ ٽُٿ برش ڪرڻ لاءِ ڪا ٽن چئن ڏينھن جي ٽُٿ پيسٽ مس بچي هئي. ڪراچيءَ کان نيويارڪ پھچڻ ۾ اسان کي ڪي 24 ڏينھن لڳي ويا هئا. انهن ۾ ٻه ڏينھن کن پينسلوانيا جي بندرگاهه فلڊلفيا ۾ پڻ ترسيا هئاسين، جتي آفريڪا مان کنيل سامان لاٿو هئوسين. آمريڪا جي ان پھرئين ٽرپ ۾ ئي مون کي آئيڊيا ٿي وئي ته ٽُٿ پيسٽ جو اهو ٽيوب 50 ڏينھن کن هلي ٿو. پنجاهه ڏينھن ان ڪري ٿو چوان ته ڪناري تي رهڻ وارن لاءِ ته ايترن ڏينھن ۾ اوترا ئي صبوح ٿيا ۽ جيترا ڏينهن هُو چوويھه پنجويھه دفعا ٽٿ برش ڪن ٿا، پر جھاز هلائڻ وارن لاءِ ڊبل صبوح ٿيا. اهو ان ڪري جو جھاز هلائڻ وارن کي چار ڪلاڪ ڊيوٽي ڪري باقي اٺ ڪلاڪن جي ساهيءَ ۾ وهنجي سھنجي، ماني کائي سمهڻو پوي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ۾ گهاٽي ننڊ ڪا ٽي چار ڪلاڪ مس اچي ٿي ته چئن ڪلاڪن جي ڊيوٽيءَ لاءِ وري اٿجي ٿو. هٿ منھن ڌوئي، ڏندن کي برش ڪري، چانھه جو ڪوپ پي ڊيوٽيءَ لاءِ ڊوڙجي ٿو. ڪڏهن ته اها چانھه ۽ سئنڊوچ ڊيوٽي دوران گهرائڻي پوي ٿي. سو ڏينهن ۾ ٻه دفعا برش ڪرڻو پيو.
دنيا جي هر جھاز تي جھاز هلائڻ وارا ڊيڪ آفيسر (Navigators) توڙي مئرين انجنير ٽن حصن ۾ ورهايل هوندا آهن. هُو چار ڪلاڪ جيڪا ڏينھن جي ڊيوٽي ڪندا آهن، اها ئي هنن کي رات جي ڪرڻي پوندي آهي، جيڪي صبح جو اٺين وڳي کان منجهند جو ٻارهين وڳي تائين ڊيوٽي ڪندا آهن، انهن کي شام جو به اٺين کان آڌيءَ رات ٻارهين تائين ڊيوٽي ڪرڻي پوندي آهي. اهڙي طرح ٻئي گروپ کي ٻارهين کان چار تائين ڏينھن جو ۽ رات جو ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي ۽ ٽئين ٽولي کي چار کان اَٺ تائين. هُونءَ ته ظاهري طرح چئن ڪلاڪن بعد اٺ اٺ ڪلاڪ مليو وڃن پر ٻن ٽن ڏينھن بعد سڀني جي ننڊ ڊسٽرب رهي ٿي ۽ اڪثر ٻه ٽي ڪلاڪ پاسا ورائيندي يا ڪتاب پڙهندي پڙهندي مس مس ننڊ اچي ٿي ۽ پوءِ جيئن ئي گهاٽي ننڊ اچي ٿي ته ڊيوٽيءَ جو سڏ ٿيو وڃي. دل چوندي آهي ته ڪناري جي نوڪري هجي ها يا جھاز بندرگاهه ۾ پھچي وڃي ته نارمل ماڻهن وانگر دل وٽان ننڊ ڪري تازا توانا ٿيون. جيئن مٿي لکيو اٿم ته ڪڏهن ڪڏهن ڪچيءَ ننڊ مان اٿندي دماغ پيو چڪرائيندو آهي ته مون کي ڇو اٿاريو ويو ۽ پوءِ سمنڊ جي لھرن کي جھاز جي جسم سان ٽڪرائيندو ۽ طوفاني هوائن جو درين جي سِيرن مان سيسڙاٽ جو آواز ٻڌي احساس ٿيندو آهي ته اڃان منزل ڏور آهي... هلي جھاز هلاءِ. اکيون پيون پوسارائينديون آهن. منھن تي ڇنڊا هڻي ڏندن کي برش ڪرڻ لاءِ ٽُٿ پيسٽ کي ڏسڻ سان چَڪرايل دماغ کي ڏڍ ملندو آهي ته اها هاڻ اچي ختم ٿيڻ تي ٿي آهي. منزل تي پھچڻ ۾ ڪو هفتو مس لڳي، پر جي ڀريل نظر ايندي آهي ته دل ٻُڏي ويندي آهي. ”ابوه! اڃا ته هاڻ سفر شروع ٿيو آهي... منزل آهي ڏور.“
ائٽلانٽڪ يا پئسفڪ ڪراس ڪرڻ وقت اڪثر رب سان شڪايت ڪندو آهيان ته منھنجا مولا هيڏا وڏا سمنڊ نه ٺاهين ها يا آفريڪا ۽ آمريڪا کنڊن جي وچ ۾ ٻيو به ڪو کنڊ ٺاهين ها، جتي اسان ساهي پٽيندا وڃون ها. يا سمنڊ ننڍا هجن ها ۽ زمين هڪ ٻئي جي ويجهو هجڻ ڪري اسان جو جھاز ٻن يا ٽن ڏينھن ۾ پھچي وڃي ها، پر پوءِ سوچيندو آهيان ته اهڙي صورت ۾ اسان مئرين انجنيئرس ۽ نيويگيٽرس جي ڪھڙي ضرورت هجي ها، جيڪي سمنڊ تي کريل انجڻ کي ٺيڪ ڪن ٿا ۽ سمنڊ تي رستا ٺاهين ٿا.
بھرحال ڪچي ننڊ مان اٿڻ توڙي اٿارڻ واري همراهه جو آواز ڪنهن کي پسند آهي، جيڪو در کي ڌڪ هڻندو رهي ٿو، جيسين صاحب بيڊ تان نه اٿي. آئون ته ٿرڊ انجنيئر هوس ته جھاز جو سيڪنڊ آفيسر جيڪو مون وانگر ’ٻارهين کان چار‘ واري ڊيوٽي ڪندو هو، اهو ان ننڊ ڦٽڻ مان ڏاڍو بيزار هو. هڪ ڏينھن مون کي چوي ٿو ته، ”يار مون کي حسرت آهي ته هڪ ڏينھن اهو سکاڻي (ڪوارٽر ماسٽر) در کڙڪائي ”اُٺو صاحب! ڪوارٽر هو گيا“ چوڻ بدران چوي ته ”اُٺو صاحب! آج ڪپتان مر گيا!“
”ان مان ڪھڙو فائدو؟ تنھنجي ڪپتان يا منھنجي چيف انجنيئر مري وڃڻ تي جھاز کي بيھاري ته نه ڇڏبو. ماڳھين انهن جي ڊيوٽي به پاڻ کي ڪرڻي پوندي!“ آئون کيس چوندو هوس.