آمريڪا جي خانه جنگي (Civil War)
آمريڪا ۾ رهندڙ اڪثر آمريڪي خانه جنگيءَ(American Civil War) جي ڳالهه ڪندا رهن ٿا. هيءَ لڙائي ڪڏهن لڳي، ڇو لڳي ۽ ڪنھن جي وچ ۾ لڳي، ان جي تفصيل کي ڇڏي هتي فقط خلاصو لکڻ ضروري سمجهان ٿو.
1776ع ۾ جڏهن ’رياستھاءِ متحده آمريڪا‘ يعني آمريڪا جي گڏيل رياستن جو ملڪ (USA) اتر آمريڪا کنڊ ۾ ٺھيو ته ان وقت ڪيترين ئي رياستن ۾ غلامي (Slavery) عام هئي يعني آفريڪا کنڊ جي مختلف ملڪن مان شيدين کي سوگهو ڪري، جھازن ۾ ٻڌي وهاري آمريڪا کنڊ جي مختلف بندرگاهن ڏي موڪليو ويو ٿي، جتي انهن جو نيلام ٿيو ٿَي ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ يورپين، پورچوگالين، انگريزن، فرانسسين، اسپانين اهي شيدي غلام پنھنجي جاگيرن تي پوک لاءِ، کاڻين مان قيمتي ڌاتو کوٽڻ لاءِ ۽ ٻين ڏکين ڪمن لاءِ خريد ڪيا ٿي. ان جو تفصيلي احوال آئون پنھنجي ڪتاب ’زنجبار جھنگٻار‘ ۾ ڪري چڪو آهيان ته ڪيئن آفريڪا جي شيدي غلامن جو ڪاروبار اتي جي شيدي سردارن، عربن ۽ يورپ جي قومن ڪيو ٿَي. يورپ جي سيٺين کي نئين دنيا (آمريڪا) ۾ ڀليون زمينون، ڌاتن سان ڀريل جبل ۽ کاڻيون ملي ويون، جن لاءِ هنن پھرين ته يورپ کان ئي پنھنجا غريب پورهيت گهرايا پر گهڻي ڪاروبار ڪري هنن کي هر روز وڌيڪ ماڻهن جي ضرروت پوڻ لڳي، جنھن جو حل، آفريڪا کنڊ مان سگهارن شيدين کي غلام بڻائي آڻڻ ۾ هو. اهو سلسلو آمريڪا جي ڪجهه رياستن ۾ USA ملڪ جي جنم وٺڻ تي به قائم هو، پر پوءِ 84 ورهين دوران USA جي اتراهن رياستن اهو فيصلو ڪيو ته غلامي هڪ خراب شيءِ آهي، جنھن تي بندش هجڻ کپي. ڏکڻ وارين رياستن ۾ رهندڙ جاگيردارن ۽ سيٺين جي سوچ ان جي ابتڙ هئي. هنن غلاميءَ کي قانونيءَ طرح قائم رکڻ ٿي چاهيو.
اتر وارين رياستن ۾ ته ڪارخانا ۽ فيڪٽريون جام کلي ويون هيون، پر ڏکڻ وارين رياستن جي ڪمائيءَ جو سڄو دارومدار پوک تي هو. ان ڪم لاءِ خاص ڪري ڪپھه، ڳَنَي ۽ اناج جي پوک لاءِ شيدي غلامن جي سخت ضرورت هئي. سو USA جون رياستون ٻن حصن ۾ ورهائجي ويون. هڪڙيون اهي جن غلامي قائم رکڻ چاهي ٿي ۽ ٻيون غلاميءَ جي سخت خلاف ٿي بيٺيون.
غلاميءَ بابت بحث مباحثا ۽ زباني جهيڙا وڌندا ويا. 1850ع واري ڏهاڪي ۾ ڪنساس رياست جي ماڻهن ۾ غلاميءَ جي ڳالهه تان ماڳھين مار موچڙو شروع ٿي ويو. هڪڙا چوَن ته غلامن جي خريد و فروخت جاري رکڻ کپي ته ٻيا چوَن ته اها بند ڪئي وڃي.
انهن ڏينھن ۾ يعني 1860ع ۾ آمريڪا جي صدارتي چونڊ ٿي، جنھن ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ جو ’ابراهام لنڪن‘ ملڪ جو سورهون صدر چونڊيو ويو. لنڪن غلاميءَ تي اڃان بندش نٿي هڻڻ چاهي. هن سمجهيو ٿي ته ايئن ڪرڻ سان آمريڪا جي ڏاکڻين رياستن کي نقصان رسندو. پر اها ڳالهه آهي ته لنڪن ۽ هن جي ريپبلڪن پارٽيءَ ’غلاميءَ‘ کي سٺي ڳالهه نٿي سمجهيو. مارچ 1861ع ۾ لنڪن هن ملڪ جي صدارت جي چارج ورتي. لنڪن يعني ريپبليڪن پارٽيءَ جي کٽڻ جو ٻڌي، ڏاکڻين رياستن جا ماڻهو سمجهي ويا ته لنڪن جي حڪومت پڪ غلاميءَ تي بندش هڻي اسان جي پوک ۽ ٻئي ڪاروبار کي ڇيھو رسائي. سو ان چڪر ۾ ڏاکڻين رياستن پنھنجو پاڻ کي هن گڏيل رياستن جي ملڪ USA کان پاڻ کي الڳ ۽ خودمختيار رکڻ جو اعلان ڪيو. لنڪن ۽ ان جي پارٽيءَ ڏاکڻين رياستن جي هن عمل کي بغاوت قرار ڏنو. ڏکڻ وارين هنن رياستن الڳ ملڪ جو اعلان ڪيو پر دنيا جي ڪنھن به ملڪ کين تسليم نه ڪيو. يورپ جا به سمورا ملڪ غلاميءَ جي خلاف هئا. ڏکڻ وارين رياستن ۾ جملي يارهن رياستون شامل هيون، جيئن ته :سائوٿ ڪئرولينيا، مسي سپي، فلوريڊا، الاباما، جارجيا، لوئيزيانا، ٽيڪساز، ورجينيا، ارڪنساس، نارٿ ڪئرولينا ۽ ٽينيسي. اهي رياستون پاڻ کي ’ڪانفيڊريسي‘ (Confederacy) سڏائڻ لڳيون ۽ اتر واريون 25 رياستون ’يونين‘ (Union) سڏائڻ لڳيون، جنھن نالي سان هنن جو مطلب اهو هو ته هنن پنھنجو ملڪUSA ئي سمجهيو ٿي.
بھرحال لنڪن جي صدر ٿيڻ تي هنن ٻن حصن ۾ لڙائي شروع ٿي وئي، جيڪا پورا چار سال 1865ع تائين هلي. آمريڪا جي تاريخ ۾ هيءَ هڪ خونخوار لڙائي چئي سگهجي ٿي، جيڪا سمجهو ته هڪ قسم جي گهرو اڻ بڻت تان شروع ٿي. هڪڙن چاهيو ٿي ته غلامي قائم رکي وڃي ته ٻيا ان جي سخت خلاف ٿي بيٺا. هن لڙائيءَ بعد يونين يعني اتر وارين رياستن جي سوڀ ٿي. سڄي آمريڪا ۾ غلاميءَ (Slavery) کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو. سو جيئن ته پاڻ آمريڪا (USA) کي ڇھن ريجن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه پئي ڪئي ته ’سائوٿ‘ ريجن اهو آهي، جنھن ۾ مٿيون رياستون آهن جن ۾ غلاميءَ کي قائم رکڻ لاءِ USA کان ڌار ٿي پنھنجو ملڪ Confederacy الڳ ٿي ٺاهيو، جنھن تان خانه جنگي شروع ٿي ۽ هارايائون.