اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو...
1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اسان پهريون دفعو پاڻيءَ جي جهاز ۾ نيويارڪ آيا هئاسين ته انهن ڏينهن ۾ سڄي نيويارڪ ۾ ڪي ٻه مسجدون مس هيون. هينئر ته ٻه سؤ کان مٿي آهن جن مان هڪ ’بيڊ فورڊ ايوينيو‘ تي ’مسجد التقويٰ‘ (Masjid Al’Taqwa) آهي. بروڪلن ڊائون ٽائون مان مسجد فاروق وٽان ائٽلانٽڪ ايوينيو وٺبو ته اچي ’بيڊ فورڊ ايونيو‘ کان نڪربو، جتان کاٻي طرف ويندڙ ’فلٽن اسٽريٽ‘ وٽ هيءَ مسجد آهي. هيءَ مسجد ان ڪري به اهم آهي جو هفتي جا ست ئي ڏينهن کليل رهي ٿي. جماعت سان پنج وقت نماز ٿئي ٿي. جمعي نماز تي پوري ڏيڍ بعد خطبو ٿئي ٿو. رمضان ۾ تراويح نماز ٿئي ٿي جنهن کي پڙهائڻ لاءِ مراڪش کان عالمِ دين شيخ حسن اچي ٿو ۽ هن مسجد جو امام به اهم ۽ مشهور شخصيت ’مولانا سراج وهاج‘ آهي، جيڪو پنج وقت نماز پڙهائڻ کان علاوه نڪاح پڙهائي ٿو. نوَن مسلمانن کي ڪلمو پڙهائي ٿو، جنازي نماز پڙهائي ٿو وغيره وغيره.
مقامي ۽ مختلف ملڪن جي مسلمانن سان ملڻو هجي ته آمريڪا جي ڪنهن مسجد ۾ ضرور وڃجي. عرب، ايراني، مصري، ملئي، بنگالي، پاڪستاني، ترڪ، آفريڪي، يورپي ۽ مڪاني آمريڪي شيدي سڀ ملندا. سراج وهاج به هتي جو يعني بروڪلن جو ئي آهي. پاڻ عيسائين جي گهر ۾ ’جيفري‘ (Jeffrey Kearse) جي نالي سان 1950ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ اسپتال جو ڊائيٽيشن ۽ ماءُ نرس هئي. ميري لئنڊ رياست جي شهر ’سلور اسپرنگ‘ جو مشهور ليکڪ ۽ ايڊيٽر ’گريگري ايس ڪيئرسي‘ هن سراج وهاج جو ڀاءُ آهي.
سراج وهاج يعني جيفري ننڍي هوندي باقاعدگيءَ سان گرجا گهر (Church) ويندو رهيو ۽ اڳتي هلي هو Baptist Church ۾ ’سنڊي اسڪول ٽيچر‘ به ٿيو. بعد ۾ اسڪالرشپ ملڻ تي هن نيويارڪ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. هن اتي باسڪيٽ بال به کيڏي ٿي، جتي هن جي ٽيم جي شيدي رانديگرن هن جي ’نئشن آف اسلام‘ تحريڪ سان دلچسپي پيدا ڪئي. هن تحريڪ ۾ گهڻا تڻا آفريڪي نسل جا آمريڪي هئا، جن جي دوستيءَ ۾ ’جيفري‘ اسلام قبول ڪري، ’سراج وهاج‘ ٿيو. اڳتي هلي اسڪالرشپ ملڻ تي سراج وهاج مڪي جي ’ام القريٰ يونيورسٽي‘ ۾ پڻ تعليم حاصل ڪئي. سراج وهاج نيويارڪ (بروڪلن) جي مسجد تقويٰ ۾ ٻين ڪمن سان گڏ عربي پڻ پڙهائي ٿو. پاڻ ڪجهه عرصو هارورڊ يونيورسٽي ۾ ’اسلامڪ اسٽڊيز‘ سبجيڪٽ پڻ پڙهايائين.
نيويارڪ جي هن مسجد جي حوالي سان دراصل مون ڳالهه ٻي ٿي ڪرڻ چاهي. اڄ ڪلهه سڄي آمريڪا ۾ خاص ڪري نيويارڪ ۾ نه فقط مسجدن جو تعداد وڌي ويو آهي پر مسلمانن جو پڻ. اڄ آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيترائي ’آمريڪن شهريت‘ رکندڙ نه فقط اسان جي ايشيا ۽ عرب ملڪن جا مسلمان آهن پر ’آفريڪي آمريڪن‘ ۽ ’يورپي گورا آمريڪن‘ پڻ آهن، جيڪي هاڻ مسلمان ٿيا آهن. نائن اليون کان پوءِ جتي ڪجهه آمريڪن ماڻهو مسلمانن، خاص ڪري عرب مسلمانن کي سٺو نٿا سمجھن، اتي ان واقعي کان پوءِ آمريڪن ڪارن ۽ گورن جو وڏو انگ اسلام ڏي رجوع پڻ ٿيو آهي. اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ ڪيترائي انڊين ۽ عربن جا حلال کاڌي جا دڪان ۽ ريسٽورنٽ آهن. انڊين معنيٰ رڳو ’هندوستان‘ نه پر ننڍي کنڊ انڊيا، پاڪستان، سري لنڪا، بنگلاديش، نيپال وغيره جي ماڻهن جون هوٽلون آهن. هتي نارٿ آمريڪن پيٽارين، سنڌين، عربن، ايرانين جون ڪيتريون ئي انجمنون، ائسوسيئيشنون آهن جن جون ساليانيون گڏجاڻيون ۽ روزانو انٽرنيٽ ذريعي نياپا، پيغام، پروگرام، خبرون هڪ ٻئي سان مٽاسٽا ٿينديون رهن ٿيون. ان کان علاوه ڪيتريون ئي اڙدو، انگريزي ۽ هندي اخبارون روزانو ۽ هفتيوار ڇپجن ٿيون ۽ اهي وڏن اسٽورن تي مفت ورهايون وڃن ٿيون، جيئن آمريڪا ۾ رهندڙ ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي، جن کي هتي ’ديسي‘ به سڏين ٿا، مختلف ڳالهين جي خبر پوندي رهي. اخبار وارا اخبار جا پئسا ان ۾ ڏنل ديسي دڪانن، هوٽلن ۽ شين جي اشتهارن مان ڪڍن ٿا.
هينئر ويجھڙائيءَ ۾ گهمڻ خاطر باءِ ايئر جيڪو نيويارڪ ويو هوس، انهن ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن اوچتو انهن مفت جي اڙدو اخبارن مان هڪ ٻن ۾ اها خبر آئي ته ڪنهن ’شر پسند‘ مٿين مسجد ۾ پاڪ ڪتاب کي ساڙيو آهي. ان بعد نيويارڪ ۽ آمريڪا جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ ڪيترن واقفڪارن جا ان بابت غم ۽ غصي جا SMS ايندا رهيا، جن مان ڪن ۾ آمريڪي حڪومت کي ته ڪن ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ عيسائي ۽ يهودين کي گاريون هيون، ته اها شرارت انهن جي آهي ۽ ان حرڪت جو جوابدار موت جو حقدار آهي.
دراصل نيويارڪ ۾ ٿيل نائن اليون واري واقعي بعد سڄي آمريڪا ۾ ٿورو گهڻو ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ضرور ٿيو هو، پر پوءِ ان جذباتي رنگ نه ورتو ۽ نه وري حڪومت ۽ آمريڪا جي پڙهيل ڳڙهيل ۽ هوش مند شهرين چاهيو ته ان جو ذميوار آمريڪا ۾ رهندڙ هر عرب يا مسلمان شهريءَ کي بنايو وڃي ۽ ڏوهه جي بدلي ۾ ڏوهه ڪيو وڃي. ها البت قاعدو قانون سخت ڪيو ويو. هُونءَ جو آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيترا ڌاريا بنا پاسپورٽ جي پئي گهميا ڦريا، انهن جي رکي رکي چڪاس ٿيڻ لڳي. ڪٿي ڪٿي ڪنهن شيدي يا گوري آمريڪن نشي جي حالت ۾ يا جذبات ۾ اچي ڪنهن مسلمان کي (ڪٿي ته ڪنهن سک کي به سندس ڏاڙهيءَ ڪري مسلمان سمجھي) موچڙو مار ڪيو پر ان کي مقامي پوليس يڪدم جھلي ٿي ورتو ۽ ان کي سندس ڏوهه جي سزا ڏني وئي ٿي. هر پاڪستاني يا عرب مسلمان اهو ٻڌايو ٿي ته هُو آمريڪا ۾ جتي به رهي ٿو Safe محسوس ڪري ٿو ۽ پاڙي ۾ رهندڙ عيسائي توڙي يهودي هن جو ۽ هن جي فئمليءَ جو خيال رکن ٿا. هي مارڪُٽ جون وارداتون سب وي اسٽيشنن، پارڪن وغيره ۾ ٿيون ٿي ۽ ڏوهاري گهڻو ڪري نشي ۾ ڌت نڪتا ٿي.
ساڳئي وقت آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمان پاڻ به خيال سان هلڻ لڳا. بقول مسز نديم جوڻيجو جي، ”هُونءَ نماز جي ٽائيم تي ڪنهن پارڪ جي بينچ تي ئي نماز پڙهي ڇڏيندي هيس پر نائن اليون واري واقعي بعد آمريڪا ۾ ڪو به اهڙو ڪم کلئي عام نٿو ڪري سگهجي جنهن سان مسلمان هجڻ جي شناخت ٿي سگهي. ڇو جو ڪا خبر نٿي پوي ته ڪنهن وقت ڪو اهڙو دماغ ڦريل آمريڪن موجود هجي جنهن جي دل ۾ اسان لاءِ نفرت هجي ۽ هو جذبات ۾ اچي يا نشي ۾ ڌت، هوش وڃائي اڳلي کي نقصان رسائي.“
مسجد ۾ اسلامي ورق ساڙڻ واري واقعي بعد آئون به دعا گهرندو رهيس ته سڀ خير ٿي وڃي، ڇو جو مون ڏٺو پئي ته اسان جي ننڍي کنڊ جا مسلمان بيحد جذباتي ٿي رهيا هئا ۽ جي ڪو هڪڙو يا ڪجهه هوش وڃائي قانون هٿ ۾ کڻي بي ڏوهي عيسائي يا يهودين کي نقصان رسائي ويٺا ته الٽو اسان جي ماڻهن کي ئي تڪيلف رسندي. ڇو جو بي حرمتيءَ جو اهو ڪم خبر ناهي ڪنهن ڪيو آهي ۽ هُو ڇا چوندا آهن ته ”بن ديکا چور باپ برابر.“ سزا ته ان کي ملڻ کپي جيڪو ڏوهاري هجي. هندوستان جي ورهاڱي وقت مسلمانن ۽ هندن کي ويڙهائڻ خاطر انگريزن جي پگهاردارن ڳئون ڪٽي مندر ۾ ٿَي ڦٽي ڪئي ۽ هندن بنا سوچي سمجھي پاڙي جي مسلمانن کي قتل ٿي ڪيو، جنهن جو بدلو وري ڪنهن ٻئي شهر ۾ مسلمانن هندن کان ٿي ورتو يا اڄ به سني ۽ شيعن کي ويڙهايو وڃي ٿو. بهرحال هتي اهو معلوم ڪرڻ ته ڏوهاري ڪير آهي، مشڪل ڪم هو جو ان هنڌ تي ڪا ڪئميرا به نه هئي، جنهن ۾ فلم اچي وئي هجي. ڏوهاري نه ملڻ تي شڪ جي بنياد تي هي معاملو تَپِي به سگهيو ٿَي. پر پوءِ سڀني کي حيرت ٿي، جڏهن ٽئي ڏينهن ئي اهو همراهه ملي ويو، جنهن اهو ڪم ڪيو هو. هن پاڻ مسجد ۾ اچي ٻڌايو ته اهو ڪم هن ڪيو آهي ۽ اهو شخص نه عيسائي هو ۽ نه يهودي، پر پنج وقت نمازي مسلمان هو. هُو ملائيشيا جو ملئي همراهه هو، جيڪو نيويارڪ جي هڪ اتاهين ماڙ واري عمارت ۾ رهيو ٿي. هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته شهيد ٿيل قرآن جا ورق ۽ اخبارن جا مذهبي صفحا ڪٿي ڇڏجن، جو هتي سامونڊي ڪنارن تي ڪاغذ پٽ يا ڪا شئي سمنڊ ۾ اڇلڻ جي منع آهي. سو هن انهن کي ساڙي پوءِ رَکَ پاڻيءَ ۾ ٿي وڌي، پر ڪجهه دير بعد هن کي خيال آيو ته مسجد ۾ ڇڏي اچان. سو هن اهي اڌ سڙيل ڪاغذن جو ٿيلهو مسجد ۾ اچي ڇڏيو.
مون کي اها خبر بالٽيمور ۾ رهندڙ شڪارپور جي اديب ۽ ’ملير ڊائجسٽ‘ جي اڳوڻي ايڊيٽر سائين ’اعجاز ابڙو‘ صاحب فون تي ٻڌائي. مون کيس ٻڌايو ته آئون ملائيشيا ۾ وڏو عرصو رهي چڪو آهيان، جتي ڪي ڪي ماڻهو اخبار جي اهڙن ورقن کي بي ادبي کان بچائڻ لاءِ انهن کي باهه ڏئي پوءِ ڦلهيار درياهه يا سمنڊ ۾ ڦٽو ڪندا هئا. پر اهو ڪم ڳوٺن جا ماڻهو ڪندا هئا جن کي ڪو علم نه هو.
اسان وٽ اخبارن رسالن يا ديني ڪتابن جا ورق ماڻهو وڻ جي ڪنهن ڏار ۾ وجهن يا کنڀي ۾ ٻڌل دٻي ۾ وجھن ٿا يا هُو پاڻ درياهه يا سمنڊ ۾ وجھن ٿا. مون جن مولوين کان ان بابت پڇيو آهي، انهن مان گهڻن جو اهو چوڻ آهي ته اهڙن شهيد ڪاغذن کي جن تي ديني ڳالهيون يا قرآني آيتون آهن انهن کي ڪنهن اهڙي هنڌ جتان ماڻهن جو لنگهه نه ٿئي، زمين ۾ کڏ کوٽي ان ۾ وجھي ڇڏجن، جيئن هي ڪاغذ مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي وڃن. منهنجي خيال ۾ به مون کي اهو بهتر طريقو لڳي ٿو. پر ملائيشيا ۾ مون ڏٺو ته ٻه مسئلا هئا، هڪ درياهه ۽ سمنڊ جو ۽ ٻيو زمين ۾ کڏ کوٽڻ جو. ملائيشيا ۾ چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ آهي. اسان جي گهر اڳيان به سمنڊ هو پر اهو سمنڊ ائين ناهي جيئن منهوڙي جي چوڌاري اونهو سمنڊ آهي. ملائيشيا جو سمنڊ تانگھن ڪنارن وارو آهي يعني جتي ڪٿي بيچز (Beaches) آهن. توهان ڪا به پَنَي جهڙي شئي سمنڊ ۾ وجھو، ٿوري دير بعد سمنڊ ۾ هاءِ ٽائيڊ ٿيڻ تي ڇوليون ان شئي کي واپس ڪناري تي آڻيو ڇڏين. پوءِ لَو ٽائيڊ ٿيڻ تي سمنڊ جو پاڻي لهيو وڃي پر ڪاغذ پٽ ڪناري تي اڏامندا رهن ٿا. اهڙي طرح ملائيشيا جا درياهه به اسان وانگر نه آهن جيڪي جبلن تي برف ڳرڻ تي لڳاتار وهندا رهن ٿا. ملائيشيا جون نديون، نَئيُون آهن، جيڪي آبادين ۽ ٻنين ٻارن مان هر وقت وسندڙ مينهن جو پاڻي کڻي سمنڊ ۾ نيڪال (Drain) ڪن ٿيون. مينهن ٻه ٻه ڏينهن نٿو پوي ته اهي نديون خالي نظر اچن ٿيون ۽ ٻار پيا سائيڪلون هلائين يا فٽبال کيڏن. سو ڪيترا ماڻهو پاڪ ڪاغذن کي اهڙن درياهن يا سامونڊي ڪناري تي ڇڏڻ کي صحيح نٿا سمجھن.
ملائيشيا ۾ معمولي کڏ کوٽڻ به مسئلو آهي جو سڄو ملائيشيا جابلو علائقو آهي ۽ هر وقت مينهن پوڻ تي نرم Soil لڙهيو وڃي. جتي ڪٿي سخت مٽي آهي ان تي به گھاٽو گاهه آهي. ان کي پاڙ تائين کوٽڻ سؤلو ڪم ناهي. ايتريقدر جو ملائيشيا ۾ ڪنهن ڪونڊيءَ ۾ ڪو ٻوٽو هڻڻ جو شوق ٿيندو آهي ته سپر اسٽور تان ڪونڊيءَ سان گڏ مٽيءَ جو ٿيلهو به پئسن سان وٺڻو پوندو آهي. ٻيو ڀلا ڪٿان مٽي آڻجي؟
ملائيشيا ۾ به اسان وانگر ڪيترن ئي مسجدن ۽ مدرسن ۾ ديني ورقن لاءِ دٻا رکيا وڃن ٿا جيئن انهن ڪاغذن کي بهتر جاءِ تي رکي سگهجي. بهرحال نيويارڪ ۾ بپا ٿيندڙ ٽينشن کي ٻنجو اچي ويو نه ته اسان جي ڪيترن ماڻهن، خاص ڪري ننڍي کنڊَس جي، ان کي آمريڪن جي شرارت سمجھي بنا ڪنهن تفتيش جي انهن کان پنهنجي حساب سان بدلو ٿي وٺڻ چاهيو.
جيئن اسان وٽ اڄ ڪلهه خواه مخواهه افسوسناڪ سانحو ٿي پيو آهي. ڪنهن مولويءَ جي چُرچ تي اهو مشهور ڪيو ويو ته ڪنهن عيسائيءَ قرآن جي بي حرمتي ڪئي آهي. هن ماڻهن کي اهڙو جوش ڏياريو جو هنن بنا پڪ ڪرڻ جي، جذبات ۾ اچي نه فقط ان جي گهر کي پر سڄي محلي کي ساڙي ڇڏيو جنهن ۾ ڪيتريون ئي معصوم جانيون زندگي ڏئي ويٺيون. جيتوڻيڪ اسلام هر ماڻهوءَ کي قانون هٿ ۾ کڻي ڪنهن به انسان ذات کي قتل ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي. ملڪ جي خليفي يا حڪومت کي به کپي ته هر ڳالهه جي ڄاڻ وٺي ان موجب انصاف ڪري. جيئن ڪنهن سان ظلم نه ٿئي. پر اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو چِڙَ جا تکا ۽ هيڪاندا جذباتي ثابت ٿيا آهيون. اسان جي مذهب خلاف ڪو ڊئنمارڪ يا سئيڊن ۾ بڪواس ڪندو. اسان جوش ۾ اچي پنهنجي شهر ۾ جلوس ڪڍي، هنگاما ڪري سرڪاري جاين ۽ پنهنجن ماڻهن کي ساڙي ۽ ماري رکنداسين. سعودي عرب، ڪويت، دبئي، ملائيشيا، انڊونيشيا به ته مسلمان ملڪ آهن اهي به اهڙن واقعن تي غم ۽ غصي جو اظهار ڪن ٿا پر هنگاما ڪري، پنهنجا ڀائر ڀينرون ته نٿا مارين.
ان سلسلي ۾ ڪٿي سئيڊن جي يونيورسٽي وارن ڏينهن جو به مثال ڏئي چڪو آهيان ته ڪيئن هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ ۾ هئاسين ته صبح ساڻ اها خبر ٻڌيسين ته ياسر عرفات جو جهاز لنڊن ويندي رستي تي گم ٿي ويو آهي. مون ڏٺو ته ان يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ بنگلاديش جا ڪئپٽن بيحد جذباتي ٿي ويا. چانهه جي رسيس ۾ هنن اسان پاڪستاني درويشن کي به ڪنڊ پاسي ۾ وٺي وڏي جوش ۽ ڪاوڙ مان آمريڪن تي ڇوهه ڇنڊيا ته اهو ڪم انهن جو آهي ۽ هڪ بنگلاديشيءَ ته ان حد تائين Serious ٿي چيو ته ”اسان کي ان جي بدلي ۾ پنهنجي ٻن آمريڪن پروفيسرن کي مارڻ کپي.“ ڇا ته سوچ هئي! جيتوڻيڪ اسان سان گڏ عرب ۽ مسلمان ملڪن سعودي عرب، ملائيشيا، نائيجيريا، ترڪي، ايران، ڪويت وغيره جا به پنجاهه کن شاگرد، جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر هئا، جيڪي سڀ سڪون سان چانهه پيئندا ۽ سگريٽن جا سُوٽا هڻندا رهيا. ٻي رسيس ۾ ليڪچر روم مان نڪتاسين ته خبر پئي ته ياسر صاحب خيريت سان لنڊن پهچي ويو. تيل جي کوٽ جي ڪري هن جو جهاز رستي تي مالٽا ٻيٽ تي لهي پيو هو ۽ لنڊن دير سان پهتو.
مون جڏهن اها ڳالهه هاسٽل ۾ اچي پنهنجي سعودي عرب جي دوست ۽ ڪلاس ميٽ ڪمانڊر خالد الجھلميءَ سان ڪئي ته هن به ان سوچ کي غلط قرار ڏيندي چيو: ”ڪمال ٿا ڪريو. ڪنهن معصوم جي جان وٺڻ لاءِ قرآن ۾ ڪيڏي منع ٿيل آهي. چاهي اهو غير مسلم هجي.“
بهرحال باٽم لائين اها ئي آهي ته اسان کي مذهب جي نالي تي نفرت نه پکيڙڻ کپي ۽ اها حقيقت آهي ته اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي يڪدم چڙ وٺيو وڃي ۽ اسان ڪنهن به ڳالهه جي تحقيقات ڪري حقيقت معلوم ڪرڻ بدران يڪدم مار مارا تي لهيو اچون.
ان ڳالهه جو تازو مثال هيٺئين واقعي مان به ملي ٿو:
ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي صوماليا جو هڪ ويڊيو ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ اتي جا ڪجهه ماڻهو نقلي ڪعبو ٺاهي ان جي چوڌاري طواف ڪري رهيا آهن يعني حج ڪري رهيا آهن ۽ ٻه چار مولوي جيڪي عالم ۽ پير مرشد ٽائيپ ٿي لڳا، اهي پنهنجي ٻوليءَ ۾ سمجھائي رهيا هئا ته هيئن طواف ڪريو. هيءَ دعا گهرو وغيره. ان ويڊيو سان گڏ اسان جو ڪو مولوي ڪاوڙ ۾ انهن تي لعنتون ڪندي اڙدو ۾ ٻڌائي رهيو آهي ته هي ڪيڏا ذليل آهن جيڪي مڪي وڃڻ بدران آفريڪا ۾ ڪعبو ٺاهي حج ڪري رهيا آهن وغيره.
ان قسم جي ڪمينٽري ٻڌي هر مسلمان خاص ڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن توبهه استغفار ڪئي هوندي ۽ انهن شيدي باشندن ۽ ملڪ کي گهٽ وڌ ڳالهايو هوندو. اسان جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ ان ڪري ٿو چوان جو اسان وٽ ان قسم جا ڪوڙا حج ماضيءَ ۾ ٿيندا رهيا آهن. سنڌ ۾ به هڪ ٻن هنڌن جو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ پنجاب ۾ به حج نه ته بهشتي دروازا ته ضرور آهن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته توهان ڀلي نماز يا حج نه ڪريو پر هن دروازي مان لنگهڻ تي توهان جا سڀ گناهه ختم ٿي ويندا ۽ توهان سڌو جنت ۾ هليا ويندائو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان وٽ ان قسم جي شرڪ جون ڳالهيون گهڻيون آهن. ايتري قدر جو سعودي عرب ۽ ملائيشيا جا ماڻهو به انهن ڳالهين تان اسان کي چوندا آهن ته، ”توهان ڪهڙا مسلمان آهيو؟“
بهرحال واٽس ايپ تي هي ويڊيو ڏسي مون کي به پهرين اهو ئي لڳو ته هي صوماليا جا ماڻهو ڪيڏو ته جاهل آهن ۽ ڪيڏو وڏو گناهه ڪري رهيا آهن، پر پوءِ ٻيو دفعو مولوي صاحب جي چڙ ڏيارڻ واري تقرير جو آواز بند ڪري ويڊيو کي غور سان ڏٺم ته مون کي يڪدم ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ۽ ويٺل دوستن کي چيم ته هي حج نه ڪري رهيا آهن، پر مڪي وڃي حج ڪرڻ جي پرئڪٽس ۽ آداب سکي رهيا آهن.
ملائيشيا ۾ ته حاجين لاءِ حج تي نڪرڻ کان اڳ اها ڳالهه عام هوندي هئي بلڪه ضروري سمجهي وئي ٿي. وڏن شهرن ۾ ته وڏي پئماني تي ڪاٺ جي تختن يا ٽين جي پليٽن مان ڪعبو ٺاهيو ويو ٿَي ۽ حج تي وڃڻ جا ويجھا ڏينهن ٿيڻ تي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ به ڪعبي لاءِ ڪرسيون يا گتي جا ڪارٽن رکيا ويا ٿَي ۽ اهي پوڙها جيڪي حج ڪري آيا آهن انهن ٻين ڳوٺاڻن کي سمجھايو ٿَي ته طواف ڪيئن ڪجي، ڪهڙيون دعائون پڙهجن. ان کان علاوه ’صفيٰ مروه‘ جا ٻه نشان ٺاهي انهن جي وچ ۾ ’سعي‘ ڪرڻ پڻ سيکاريو ويو ٿي. اهو ئي ڪم ملاڪا نار واري سامونڊي درياهه جي ٻي پار انڊونيشيا جي جاوا ۽ سماترا ٻيٽن تي ٿئي ٿو.
هر سال سڀ کان گهڻا ماڻهو انڊونيشيا جا حج لاءِ پهچن ٿا. گذريل سال به انهن جو تعداد ٻه لک کان مٿي هو. حج تي پهتل تقريبن 20 لک حاجين ۾ ڏهه سيڪڙو انڊونيشيا جا ٿين ٿا ۽ ملائيشيا جا ملايا وڃن ته پندرهن سيڪڙو ٿيو وڃن. ملائيشيا توڙي انڊونيشيا جا گهڻا ماڻهو ڳوٺن کان وڃن ٿا. هُونءَ به ملئي مسلمان گهڻو ڪري ڳوٺن ۾ رهن ٿا. حج جي اها ٽريننگ ڏيندڙ هڪ انڊونيشي مولويءَ ٻڌايو هو ته، ”اسان جي ملڪ جا گهڻا ماڻهو نه فقط ڳوٺن جا آهن پر هنن ۾ وڏو تعداد غريب هارين ۽ مهاڻن جو ٿئي ٿو، جن کي حج جي گهڻي معلومات يا Idea ناهي. حج زندگيءَ ۾ هڪ ئي دفعو ڪيو وڃي ٿو ۽ هي غريب ماڻهو حج جي ادائگيءَ جي چڱي طرح ڄاڻ نه هجڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن اهم رڪن پورا ڪرڻ بنا موٽن ٿا. انهيءَ ڪري نماز جي سکيا وانگر هنن کي حج جي سکيا ڏيڻ به ضروري سمجھون ٿا.“
هنن ٻڌايو ته ڪيترا ماڻهو ان کي بدعت سمجھن ٿا يا گناهه جو ڪم سمجھن ٿا پر هنن وٽ ان لاءِ فتويٰ موجود آهي. ”ڪيترا ماڻهو ان غلط فهميءَ ۾ آهن ته اسان جا ماڻهو شايد ان ٽين جي دٻي کي ئي ڪعبو سمجھي هتي ئي حج ڪن ٿا، پر ائين ناهي.“
جتي آئون نوڪري ڪندو هوس ان جي ڀر واري گرائونڊ ۾ هڪ دفعي اوسي پاسي جي ڳوٺن جون عورتون جيڪي مهيني کن کان پوءِ حج تي وڃي رهيون هيون، ٽريننگ وٺڻ لاءِ آيون هيون. طواف ڪرڻ جو طريقو سيکارڻ دوران اسانجي پاڙي ۾ رهندڙ سٺ سالن جي حاجياڻي شريفان کين چرچي چرچي ۾ ٻڌايو ته، ”بابا مڪي جي گهٽين ۾ يا طواف دوران ٻين کي ڌڪا يا ٿيلها هرگز نه ڏجو نه ته توهان کي عرب، شيدي ۽ افغانستان، پاڪستان پاسي جا ماڻهو چِپَي رکندا جو هو توهان کان وڏي سائيز جا آهن.“
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته دنيا جو هر حاجي ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ برونائي جي حاجين (جن جو واسطو ملئي قوم سان آهي) جي تعريف ڪري ٿو ته هو حج جو هر رڪن فضيلت ۽ ڌيرج سان ڪري ٿو. منهنجي خيال ۾ ته اهو ان ڪري جو هنن کي سيکاريو وڃي ٿو ۽ هو ان نصيحت ۽ ٽريننگ تي عمل ڪن ٿا ۽ فطرتن هو چئيوان ۽ صلح پسند آهن. اسان وانگر يا آفريڪن وانگر جھيڙالو نه آهن. اسان وٽ حاجين کان کڻي پُڇ ته ”بابا حجرِ اَسوَد کي چُمي ڏنانوَ؟“ ته اسان جو اڪثر حاجي وڏي فخر سان ٻڌائيندو آهي ته وڏي رش هئي پر هن مڙيئي ٻين کي ٿيلها ۽ ڌڪا ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.
حج تي وڃڻ کان اڳ آئون به سوچي رهيو هوس ته ان قسم جو معرڪو خبر ناهي ڪيئن آئون سرانجام ڏئي سگهندس ۽ سرخرو ٿي اچي ڳوٺ جي دوستن ۽ مائٽن کي ٻڌائيندس، پر جنهن گروپ (عالمگير مسجد وارن) سان مون کي حج ڪرڻو هو تن حج تي وڃڻ کان اڳ اسانکي پنج ڏينهن عالمگير مسجد ۾ گهرائي حج بابت ليڪچر ڏنا هئا ۽ ان ۾ هنن اهو ئي اسان کي ذهن نشين ڪرايائون ته طواف دوران ٻين کي ڌِڪا ۽ تڪليف ڏئي حجر اسود يا ڪعبي کي هٿ لائڻ کان بهتر آهي ته طواف ڪندڙن جو خيال ڪجي، جيئن هنن کي تڪيلف نه رسي.
اهڙي طرح عالمگير مسجد ۾ اسان کي ٻين ڪيترن ڳالهين جي آگاهي ڏني وئي ته شيطان کي پٿريون هڻڻ مهل ڪيئن آرام آرام سان پنهنجي ٽولي سان گڏ هلجي جيئن گُم نه ٿجي ۽ نه پيهه پيهان ۾ لتاڙ ۾ اچجي. ان کان علاوه مختلف هنڌن تي پڙهيون ويندڙ دعائون پڻ سيکاريون ويون. هتي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ پڻ حج وڃڻ کان اڳ حاجين کي ان قسم جي Theoretical سکيا ڏني وڃي ٿي ان سان گڏ هڪ ڪعبي نما بلاڪ ٺاهي پريڪٽيڪل ٽريننگ پڻ ڏني وڃي ٿي ـــ جنهن تي ڪجهه ماڻهن کي اڄ به اعتراض آهي ته ڪوڙ جو ڪعبو ڇو ٿو ٺاهيو وڃي.
هاڻ پهريون دفعو صوماليا وارن جڏهن اهو ڪم موغاديشو شهر ۾ پنهنجي ماڻهن کي حج جي سکيا طور ڪيو ۽ جنهن جي پبلسٽي سوشل ميڊيا تي ٿي ته ڪيترن ماڻهن ان ڳالهه جي پٺيان صوماليا وارن جي نيت جو اندازو نه لڳائي ان تي گوڙ ڪيو. جنهن جي جواب ۾ موغاديشو جي وڏي عالم ’قاسم شيخ محمد نور‘ جو دنيا جي اخبارن ۾ بيان آيو ته هيءَ ٽريننگ اسان جي نه برابر ڄاڻ رکندڙ ماڻهن لاءِ ان ڪري ضروري آهي جو هو هڪ ته حج جا سمورا ارڪان پورا ڪرڻ بنا موٽيو اچن ۽ ٻيو ته هنن بابت سعودي حڪومت کان به شڪايت آئي آهي ته اسان جي پاسي جا سوڊاني، ڪِينِيَن وغيره منظم ۽ ٿڌي طبيعت جا نه هجڻ ڪري طواف، سعي توڙي مِنيٰ ۽ عرفات تي ڌيرج سان هلڻ بدران جلدي ۾ رهن ٿا ۽ ٻين لاءِ تڪليف جو سبب بنجن ٿا. صوماليا ۾ اها سرڪاري طرح حج جي ٽريننگ اتي جي عالم دين ۽ مشهور مولوي ’شيخ محمد سُلي‘ جي سامهون ڪرائي وئي، جنهن ان جي تعريف ڪندي چيو ته حج وڃڻ کان اڳ اسان جي ملڪ جي هر حاجيءَ کي کپي ته هُو اها ٽريننگ ضرور وٺي.
بهرحال هنن سڀني ڳالهين جو تت اهو آهي ته اسان جي ملڪ جا شاگرد يا نوڪري ڪندڙ ماڻهو جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا. آمريڪا، جپان يا آفريڪا جي ڪنهن ملڪ يا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن مسلمان ملڪن ۾، هنن کي کپي ته هُو هر ڳالهه جو ٿڌي دماغ سان جائزو وٺن. ٻين جي ڀڙڪائڻ تي يڪدم ڪاوڙ ۾ اچي ڏوهه جو ڪم نه ڪن. هُونءَ به مذهبي معاملن بابت ته صحيح راءِ اتي جا عالم ۽ مفتي مولوي ڏئي سگهن ٿا. ڪنهن کي ڏوهاري بڻائي ان کي موت جي سزا ڏيڻ ته فقط ملڪ جي قاضي ڪورٽن ۽ حڪومت جو ئي ڪم آهي. يڪدم جوش ۾ اچي، قانون هٿ ۾ کڻي ڪنهن جا عبادت گهر ۽ گهر ٻار ساڙڻ هڪ وڏو گناهه آهي.