اسان جهاز وارن لاءِ
’يُو ايس اَي‘ معنيٰ اِيسٽ يا ويسٽ ڪوسٽ
پاڻ اها ڳالهه پئي ڪئي ته جاگرافيائي سھوليت خاطر آمريڪا کي ڇھن علائقن ۾ ورهايو ويو آهي. اهو ائين آهي جيئن اسان چئون ته سنڌ صوبي جا ٽي حصا آهن: اتر، وچولو ۽ لاڙ. ان سان اها سھوليت ٿي ٿئي ته مثال طور ڪو معلوم ڪري ته، ’ڪَڙيو گنھور‘ شھر ڪٿي آهي ته هن کي لاڙ ٻڌائڻ سان هُو سمجهي ويندو ته اهو ڪو ڪشمور يا جيڪب آباد پاسي ناهي. سچي ڳالهه اها آهي ته اسان جھاز هلائڻ وارن لاءِ هيڏو وڏو آمريڪا (USA) فقط ٻن حصن ۾ آهي: هڪ ’ايسٽ ڪوسٽ‘ (مشرقي ڪنارو) جنھن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇھي ٿو يعني نيويارڪ، بالٽيمور، سوانا، چارلسٽن، فلڊلفيا، ڪئمبڊن، ميامي، هيوسٽن ۽ نيو اورلينس جھڙا بندرگاهه. ٻيو ’ويسٽ ڪوسٽ‘ (مغربي ڪنارو) جنھن کي پئسفڪ سمنڊ ڇھي ٿو يعني سيئٽل، ٽاڪوما، اوڪلنڊ، لاس اينجلس، سئن فرانسسڪو، لانگ بيچ ۽ سئن ڊياگو جھڙا بندرگاهه.
آفريڪا يا يورپ جو کنڊ ڇڏڻ مھل ڪراچي هيڊ آفيس مان جيڪڏهن اسان کي چيو وڃي ته جھاز کي لاس اينجلس بندرگاهه وٺي هلو جتي ڪارگو انتظار ڪري رهيو آهي ته، معنيٰ اسان کي آمريڪا جي اولھه واري ڪناري ڏي وڃڻو آهي، جنھن کي پئسفڪ سمنڊ ڇُھي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن جپان جي ڪنھن بندرگاهه ۾ هجبو آهي ته ان ساڳي بندرگاهه لاس اينجلس يا ڪئناڊا جي بندرگاهه وئنڪوئر ڏي وڃڻ لاءِ چيو ويندو آهي. جپان کان آمريڪا جي اولھه واري ڪناري جي ڪنھن به بندرگاهه ۾ پھچڻ سولو آهي، جو جپان کي ۽ آمريڪا جي ويسٽ ڪوسٽ کي پئسفڪ سمنڊ ڇُھي ٿو، پر يورپ جي ڪنھن بندرگاهه بارسلونا، لسبن يا لنڊن کان لاس اينجلس پھچڻ لاءِ چيو وڃي ته پھرين سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي نيويارڪ ۽ ميامي ڏي اچڻو پوي ٿو ۽ پوءِ وڌيڪ هيٺ ڏکڻ ڏي پاناما وڃڻو پوي ٿو، جتي پاناما ڪئنال آهي. اهو ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊن کي ڳنڍي ٿو.
پاناما ڪئنال جي ڳري في ڏئي جهاز کي ائٽلانٽڪ سمنڊ کان پئسفڪ وٺي اچڻو پوي ٿو پوءِ پئسفڪ سمنڊ ۾ پھچي مٿي اتر طرف جو رخ رکڻو پوي ٿو، جو لاس اينجلس ۽ وئنڪوئر جھڙا بندرگاهه بلڪل مٿي اتر ۾ آهن. سو اسان جھاز وارن لاءِ آمريڪا (USA) معنيٰ رڳو اوڀر ۽ اولهه ڪناري وارا بندرگاهه. اسان کي آمريڪا جي وچ واري حصي جي ڪا خبر نه هوندي آهي. اهو به ٿوري گهڻي مون کي ڄاڻ ان ڪري آهي جو منھنجو باءِ ايئر وڃڻ ٿيو آهي ۽ ٽرين ۽ بسين ذريعي رليو آهيان. هاڻ ته دنيا جا بندرگاهه جھاز تان سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ ۾ ايڏو ماڊرن ۽ تيز ٿي ويا آهن، جو ڪنھن به بندرگاهه ۾ جھاز ٻن ٽن ڏينھن کان مٿي نٿو ترسي. ان جو هڪ سبب ڪنٽينر سروس ۽ اناج کي Bulk ۾ کڻڻ به آهي. اڳ ۾ ڪنھن به قسم جو اناج: ڪڻڪ، چانور، تيلي ٻج ڳوڻين ۾ کنيا ويا ٿي. پوءِ ٽرڪون اهي ڳوڻيون کڻي جھاز ڀرسان آيون ٿَي ۽ پوءِ رسن جي ڄار ذريعي ٿوريون ٿوريون ڪري جھاز تي چڙهايون ويون ٿَي. ڪڏهن ڪڏهن شھر ۾ ٽرئفڪ ڪري ٽرڪون دير سان پھتيون ٿي. سمجهو ته جھاز کي ڀرڻ ۾ هفتي ڏيڍ کان ٻه هفتا لڳي ويا ٿي، پر هاڻ اهو ڪم (ويندي اسان جي پورٽ قاسم جھڙن بندر گاهن ۾) ٻن ڏينھن ۾ مڪمل ٿيو وڃي. جھاز جي پھچڻ کان اڳ ڪڻڪ يا چانور جيٽيءَ تي ڍير ڪيا وڃن ٿا. جھاز جيئن ئي جيٽيءَ سان ٻڌجي ٿو ته طاقتور پمپ ان اناج کي ڦوهاري ذريعي جيٽيءَ تان ڇڪي جھازن جي گدامن (Hatches) ۾ داخل ڪريو ڇڏين.
ان اناج کي لاهڻ ۾ به ڪي ٻه ڏينھن مس ٿا لڳن. جھاز مقرر بندرگاهه ۾ پھچي پمپن ذريعي سڀ اناج جيٽيءَ تي ڦٽو ڪري روانو ٿيو وڃي. پٺيان بندرگاهه وارن جي مرضي آهي ته ڀلي ٻه يا ٽي هفتا ويٺا ان اناج کي ڦوهاري ذريعي ڳوڻين ۾ ڀرين يا ٽرڪن ۾ چاڙهين. بھرحال اهو هاڻ جو طريقو آهي، جنھن ۾ جھاز هلائڻ وارن کي بندرگاهن ۾ ساهي پٽڻ جو نه برابر وقت ٿو ملي. اسان جي ڏينھن ۾ يعني 1960ع ۽ 70ع وارن ڏهاڪن تائين اڃا ڪنٽينر به عام نه ٿيا هئا ۽ اسان جو جھاز جنھن به بندرگاهه ۾ ويندو هو ته بيٺو رهيو ٿي. مھينو مھينو ته ڇا ٻه ٻه مھينا به ترسيو ٿي پوءِ اهڙي حالت ۾ اسان جھاز وارن جو هڪڙو گروپ بس يا ٽرين ذريعي اوسي پاسي جا شھر گهمڻ لاءِ هليو ويو ٿَي. ان ملڪ جا ٻيا شھر ته ڇا ڀر وارن ملڪن ڏي هليا وياسين ٿَي.
انگلنڊ جي ڪنھن بندرگاهه ۾ جھاز بيٺل هوندو هو ته فيريءَ ذريعي انگلش چئنل ٽپي فرانس ۽ جرمني هليا ويندا هئاسين. انهن ڏينھن ۾ ويزا ۽ پاسپورٽ جي ڪا نالي ماتر چڪاس ٿيندي هئي. اسان جھاز وارا ته جھاز جي ڪاغذن (CDC) تي سفر ڪندا هئاسين. اسان جي ملڪ ۾ جيتوڻيڪ ڊڪٽيٽرشپ هئي، ايوب خان جي حڪومت هئي، پر دنيا ۾ اسان جي ملڪ ۽ ماڻهوءَ جو قدر هو. هاڻ ته يورپ ۽ آمريڪا ڇا سريلنڪا، برما ۽ ويٽنام جھڙن ملڪن ۾ ويزا سان گهمڻ وڃ ته به اتي جي پوليس اسان تي شڪ ٿي ڪري ته هي ماڻهو صحيح نه آهن. هاڻ اسان جي ماڻهوءَ ۽ ناڻي جو قدر صفا ڪِري پيو آهي. پر 1960ع کان 1980ع تائين واري دور ۾، جڏهن مون جھاز هلايا، گهمڻ ڦرڻ ۽ شي شڪل وٺڻ جا خوب مزا هئا. پر اهو آهي ته انهن ڏينھن ۾ وري جھاز اهڙا ماڊرن نه هئا. سمنڊ توڙي ڪناري تي جھاز ۽ ان جي انجڻ کي صحيح رکڻ لاءِ سخت پورهيو ڪرڻو پيو ٿَي.