هڪ ٻئي آمريڪيءَ جو سنڌي سفرنامو...
آڏيءَ کان البني تائين (مهاڳ)
اڄ ڪلھه ڏسجي ته سنڌي ادب ۾ سفرنامن جو تعداد ناولن کان به گهڻو نظر اچي ٿو. منھنجو پھريون سفرنامو ’منھنجو ساگر منھنجو ساحل‘ 1969ع ۾ ڇپيو. هي انھن سفرن جو احوال هو، جيڪي مون سال 1968ع ۾ مختلف سامونڊي ۽ هوائي جھازن ۾ ڪيا. ان وقت سنڌيءَ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سفرناما هئا. اڄ منھنجي سؤ کن سفرنامن کي مائينس ڪجي ته به مختلف ليکڪن جا انيڪ سفرناما موجود آهن، جيڪي گهمڻ جي شوقين، ولايت ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن، نوڪريون ڪندڙن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، پروفيسرن، ڪانفرنسون ۽ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ولايت ويندڙ مردن توڙي عورتن جا آهن. اهي آتم ڪٿائن (آٽو بايوگرافين) بعد ٻئي نمبر تي شوق سان پڙهيا وڃن ٿا.
شروع جي ڏينھن ۾ يعني 1960ع واري ڏهاڪي ۾، مون جڏهن اڄ واري بنگلاديش ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران ’دريائن جي ديس مان‘ جي عنوان سان ان وقت جي ’بادل‘، ’نئين زندگي‘، ’ڳوٺ سڌار‘ ۽ ’هلالِ پاڪستان‘ رسالي لاءِ لکڻ شروع ڪيا ته ان وقت نه هئي انٽرنيٽ يعني ڪمپيوٽر ۽ نه اڄ وارا سمارٽ فون، جن ذريعي دنيا جي هر معلومات پل کن ۾ مليو وڃي. وڌ ۾ وڌ انسئڪلوپيڊيا برٽانيڪا جا 30 کن ٿلھا واليوم هئا، جيڪي ڪن خاص ۽ وڏين لئبررين ۾ نظر ايندا هئا. انھن ۾ محدود ڄاڻ هئي ۽ ڪا ڪم جي ڳالهه حاصل ڪرڻ لاءِ وقت جي وڏي سيڙپ ٿيندي هئي. مون کي ياد آهي ته 1970ع واري ڏهاڪي ۾ به پنھنجي سفرنامي ۾ ڪنھن ملڪ جي ڪا معمولي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ به مون کي موڪل جو اڌ اڌ ڏينھن ٽوڪيو ۽ راٽرڊم جھڙن بندرگاهن ۾ سير و تفريح ڪرڻ بدران اتي جي ڪنھن وڏي لئبريريءَ ۾ وڃي وِهڻو پيو ٿي، پوءِ به ڪا معلومات ملي ٿي ته ڪا نه. ايتري قدر جو 1980ع ۾ مون کي ملائيشيا جي شھر ’ملاڪا‘ ۽ ايران جي بندرگاهه ’ڇابھار‘ ۾ اتي جي ’مئرين اڪيڊمين‘ ۾ پڙهائڻ جو شور جاب (يعني ڪناري واري نوڪري) ملي ته مون کي ڪير ڪو نه پيو ٻڌائي ته اهي شھر ڪيئن آهن؟ ۽ اتي ڪيئن پھچجي؟ انسئڪلوپيڊيا ۾ بس ايترو ئي هو ته اهي آڳاٽا بندرگاهه آهن، جيڪي مھاڻن جون بستيون هيون. ڪو اهڙو سفرنامو نه پئي مليو، جنھن ۾ انھن شھرن بابت لکيل هجي ۽ آئون پڙهي ٻنھي شھرن مان هڪ جي سوَلائيءَ سان چُونڊ ڪري سگهان. پنھنجين تڪليفن کي ڌيان ۾ رکي، ملاڪا پھچي مون پھريون ڪم ’ملير کان ملاڪا‘ ۽ ’ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه‘ لکيو ته اهي شھر ڪٿي آهن؟ ڪيئن آهن؟ انھن ۾ ڇا ڇا آهي؟ اتي ڪئين پھچي سگهجي ٿو؟ وغيره وغيره.
ڏٺو وڃي ته شروع جا سفرناما گذريل صديءَ جي آخر تائين، فقط مختلف ملڪن جون ويزائون حاصل ڪرڻ جي طريقي بابت، هوائي سفر جي احوال، هوٽل جي مسواڙ ۽ رهائش بابت هوندا هئا. ته به ماڻھن وڏي شوق سان پڙهيا ٿي. اها ٻي ڳالھه آهي ته اڄ ان قسم جو سفرنامو بور ثابت ٿئي ٿو، جو ان قسم جي معلومات هاڻ انٽرنيٽ تي تمام تفصيل سان، آسانيءَ سان مليو وڃي. شروع ۾ منھنجي سفرنامن ۾ رڳو ڊڪار، ممباسا ۽ ماپوتو جھڙن بندرگاهن جا ۽ برمودا، ٽرنيڊاڊ ۽ ٽباگو جھڙن ٻيٽن جا نالا پڙهي، پڙهندڙ حيرت ۾ پيا ٿَي.
ڏٺو وڃي ته اڄ ڪلھ مارڪيٽ ۾ جيڪي سفرناما آهن، اهي ٽن قسمن يا ٽن دورن جا آهن. هڪڙا اهي آهن جيڪي شروع وارا آهن، جن جي لکندڙن هفتي ڏيڍ لاءِ ڪنھن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ملڪن جو چڪر هڻي سفرناما لکيا ٿَي. جن مان ٿوري گهڻي اها ڄاڻ پئي ٿي ته انھن نالن وارن ملڪن جي انھن شھرن ۾ ڪيئن پھچجي؟ هوائي جھاز جو سفر ڪيئن ٿو ٿئي؟ ولايتن جي هوٽلن ۾ رهائش ڪيئن آهي؟ باقي ملڪ جي مختلف حالتن جي ڄاڻ چڱي طرح نٿي پئي. ظاهر آهي هفتي يا ڏهه ڏينھن جي ٽوئر ۾ ڪو فرانس، انگلنڊ ۽ جرمنيءَ جي شھرن مان ٿي ايندو يا ٽوڪيو، اوساڪا، هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور مان گهمي ايندو، اهو مختصر وقت ۾ تفصيل سان ڇا ڏسي يا گهمي ڦري سگهندو؟ مقامي ماڻھن جي حالتن بابت ڇا لکي سگهندو!؟ اهڙن سفرنامن ۾ پوءِ ڪڏهن اهڙيون ئي ڳالھيون هونديون آهن، جنھن جو مثال هن چرچي مان لڳائي سگهو ٿا ته ڪنھن ليکڪ پنھنجي آمريڪا جي سفرنامي ۾ لکيو ته، ’برازيل جا ماڻھو منڊا ٿين ٿا يعني هڪ ٽنگ وارا.‘
اهو پڙهي ڪنھن پڇيس ته، ”اهو ڪئين ٿو چوين، تون ته برازيل وئين به ڪونه؟“
هن چيو ته، ”نيويارڪ ايئرپورٽ تي هڪ منڊو مليو، هن ٻڌايو ته هُو برازيل جو رهاڪو آهي.“
سو اهڙن سفرنامن ۾ ان قسم جون سطحي ڳالھيون ئي ٿينديون ۽ هُونءَ به ڪنھن ملڪ جي ماڻھن جو مزاج، رسم و رواج ۽ عادتون پرکڻ لاءِ وقت ٿو لڳي. مون کي ياد آهي ته ملائيشيا ۾ نوڪريءَ دوران هڪ رانا نسيم خان سفير ٿي آيو. هڪ ڏينھن ڪوالالمپور ۾ ان جي آفيس ۾ هن سان ڪچھري ڪرڻ دوران هُن، هِن ملڪ جي ملئي مسلمانن بابت خبرون ڪندي چيو: ”مون کي هن ملڪ ۾ آئي ٻه مھينا ٿي ويا آهن، پر هتي جي ماڻھن جي مزاج کي سمجهي نه سگهيو آهيان.“ مون کي کِل اچي وئي. ان ڪري جو هن جي پريشاني واقعي حقيقت تي مبني هئي، جو ملئي ماڻھن کي پرکڻ سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. وراڻيومانس ته، ”سائين! مون کي ته هنن پٽن تي ايندي ۽ رهندي ويھه سال ٿي ويا آهن، ان هوندي به کين سمجهي نه سگهيو آهيان.“
سو ڳالھه اها آهي ته ڪنھن ملڪ ۽ اتي جي موسم، ماڻھن ۽ ماحول جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ وقت ٿو گهرجي. سفرنامو لکڻ جي شوقينن کي آئون هميشه اها صلاح ڏيندو آهيان ته هُو گهڻن ملڪن ۾ وڃڻ بدران گهڻن ڏينھن جو سوچين ۽ ڪوشش ڪري پنھنجو سفر هڪ ملڪ تائين محدود رکن. مون کي کِل ايندي آهي انھن ٽوئرسٽن تان جيڪي خوشيءَ ۾ پيا ٻھڪندا آهن ته هُو هفتي ۾ پنج ملڪ گهمي آيا آهن. اهڙن جي سوچ کي ڌيان ۾ رکي اڄ به ڪيترائي ’ٽريول ايجنٽ‘ ان قسم جي ٽوئرن جو شوقينن لاءِ بندوبست ڪن ٿا. هينئر به هڪ اخبار ۾ اشتھار هلي رهيو آهي ته هُو هيترن پئسن ۾ ٻن هفتن اندر ڏهن ملڪن؛ آذربائيجان، ترڪي، ايران ۽ سريلنڪا جي شھرن جو سير ڪرائيندا. منھنجي هڪ سڃاڻوءَ کي به شوق ٿيو ۽ مون کان صلاح وٺڻ آيو. چيومانس ته، ”متان ويو آهين، بيمار ٿي موٽندين.“
”ڇو؟“ هن حيرت مان پڇيو.
”ان ڪري جو اهڙي سفر ۾ تنھنجو سمورو وقت ايئرپورٽن ۽ هوائي جھازن ۾ بسر ٿيندو. نه چڱي طرح شھر گهمي سگهندين، نه چڱي طرح ننڊ ڪري سگهندين. هر وقت سامان پئڪ ڪري ايئرپورٽ ڏي روانگيءَ ۾ رهندين.“
بھرحال! اهڙا به سفرناما آهن، جن ۾ ليکڪ هفتي ڏيڍ ۾ ٽي چار ملڪ گهميا... پوءِ اها ٻي ڳالھه آهي ته انھن ۾ گهڻو احوال هوٽلن جي ڪمرن ۾ وڇايل سھڻن غاليچن ۽ پڙدن جو هوندو آهي. مفت ۾ نيرن تي ملندڙ وِيهن ڊشن ۽ ڪمرو صاف ڪرڻ وارين گورين ڇوڪرين جو هوندو آهي يا هوائي جھازن ۾ ويٺل سھڻن مسافرن ۽ ايئرهوسٽسن جو هوندو آهي، پر سچي ڳالھه اها آهي ته انھن ڏينھن ۾ اهي سفرناما به پڙهندڙن پسند ڪيا ٿَي جو اسان جي ٽي وي ته رڳو بليڪ ۽ وائيٽ ’پي ٽي وي‘ هئي. نه هو ’نئشنل جاگرافڪ‘ جو چئنل نه ’ائنيمل ورلڊ‘ جھڙا رنگين چئنل. انٽرنيٽ به اڃا عام نه ٿيو هو.
ان دور کان پوءِ انھن ليکڪن جا سفرناما آيا ۽ وڌيڪ پسند ڪيا ويا، جيڪي نوڪري يا تعليم خاطر هڪ ڌارئين ملڪ ۾ ٻه ٽي سال رهيا ٿَي. هنن جو سفرنامي ۾ هڪ ملڪ جو صحيح پر ان بابت تفصيلي احوال ڏنو ويو ۽ ان ملڪ ڏي ويندڙ همراهه کي اهڙو سفرنامو ڪارآمد لڳو ٿي. هي اهو وقت هو جڏهن اسان جا ڪيترا ماڻھو نه فقط انگلنڊ ۽ يورپ جي شھرن ۾ پر آمريڪا ۽ ڪئناڊا جھڙن ڏورانھن ڏيھن ۾ هميشه رهڻ لڳا يعني اسان جي سنڌ جا مسلمان به! سنڌ جا هندو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان به گهڻو گهڻو اڳ جپان، ملايا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ته ڇا پر برمودا، ڪيپ ورڊي، ٽرنيڊاڊ ۽ ڪوروسائو جھڙن ننڍن ٻيٽن تي به رهيا ٿَي. دراصل انھن ماڻھن جي لکڻ پڙهڻ جھڙن ڪمن سان دلچسپي نه هئي، جو اهي سڀ واپاري طبيعت جا هئا. نه ته انھن جون لکڻيون دلچسپ ثابت ٿين ها. بعد ۾ يعني گذريل ٽيھن چاليھن سالن ۾ جيڪي سنڌ جا مسلمان ٻاهر رهڻ شروع ٿيا ته هُو هر وقت روزگار خاطر پريشان رهيا ٿَي، ان ڪري هنن کي لکڻ پڙهڻ جو شوق يا توفيق نه رهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي مسلمانن توڙي هندن جن پنھنجو وطن ڇڏي، ولايتن ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي، مشغوليت ڪري ادب سان دلچسپي نه رکي، ان ڪري هنن مان ڪنھن سفرنامي لکڻ جي اميد نٿي رکي وئي. پر ڏهه ٻارنهن سالن کان ڏسي رهيو آهيان بلڪه مون لاءِ ۽ ٻين لاءِ اها حيرت انگيز خوشخبري چئي سگهجي ٿي ته ولايت ۾ مستقل طور رهندڙن مان ڪجهه سنڌي پنھنجو ۽ پنھنجي آس پاس جو احوال ڪالمن ۽ سفرنامن جي شڪل ۾ ڏئي رهيا آهن، جهڙوڪ؛ سئيڊن ۾ رهندڙ عبدالرحيم نظاماڻي، عبدالله مورائي، قادر جتوئي، ڪئناڊا ۾ رهندڙ فياض سومرو ۽ خير محمد ڪولاچي، آمريڪا ۾ رهندڙ منور لغاري ۽ رعنا صديقي... ۽ ويجهڙائيءَ ۾ مِشيگن رياست جي رهاڪو، ڪاماري شريف جي پير تاج محمد قريشيءَ جو سفرنامو آيو آهي. ظاهر آهي اهي ماڻھو جيڪي هميشه لاءِ اتي رهيل آهن ۽ کين اتي رهندي، ڪافي سال ٿي ويا آهن، انھن جو انھن ملڪن، شھرن، ماڻھن بابت وڌيڪ دلچسپ ۽ حقيقت تي مبني احوال هوندو. پڙهندڙ هنن جون ڳالھيون وڌيڪ دلچسپي سان پڙهن ٿا ۽ اهي هنن لاءِ يا هنن جي اولاد لاءِ وڌيڪ ڪارآمد ثابت ٿين ٿيون. اڄ ڪلهه اها ڄاڻ ته گوگل ۽ وڪيپيڊيا جھڙن ڳولا کاتن(Search Machines) کان مليو وڃن ته فلاڻو يا فلاڻو ملڪ يا شھر ڪٿي آهي؟ اتي ڪيئن پھچجي؟ اتي جي موسم ۽ مھانگائي ڪيئن آهي؟ پر اهو هنڌ، شھر يا ملڪ اسان سنڌ جي ماڻھن لاءِ ڪيئن آهي؟ جياپي لاءِ جتن ڪرڻ آسان آهن يا مشڪل ۽ ليکڪ انھن کي ڪيئن منھن ڏيو ويٺو آهي؟ ان جو سربستو احوال ولايت ۾ رهندڙ ليکڪن جي لکڻين مان ئي پئجي سگهي ٿو ته هُو گذر سفر لاءِ ڇا ڪري رهيا آهن؟ سندن ٻار ٻچا ڪيئن ٿا رهن؟ تعليم ۽ صحت جون ڪھڙيون سھوليتون آهن؟ موڪلن ۾ هُو ڪيڏانھن گهمڻ ٿا وڃن؟ وغيره وغيره. جيئن پير تاج محمد جي سفرنامي مان ڄاڻ پوي ٿي ته مشيگن جھڙي آمريڪي رياست، جتي هُو رهي ٿو، اتي انگريزي اسڪول ته آهن، پر ديني تعليم جو به بندوبست آهي ۽ مسجدون توڙي مدرسا عام آهن. جن مان هڪ ۾ سندس پٽ قرآن مجيد به حفظ ڪري پيو. سئيڊن جھڙن ٿڌن ملڪن ۾ جتي هر وقت برفباري لڳي رهي ٿي اتي عبدالرحيم نظاماڻيءَ جون ننڍڙيون ڌيئر گرم ڪپڙا پائي نه رڳو اسڪول وڃن ٿيون، پر شام جي شفٽ ۾ پارڪ ۾ راند به کيڏن ٿيون.
مٿيون ڳالھيون اهڙيون آهن، جيڪي اسان جا ماڻھو ڄاڻڻ چاهين ٿا، ڇو جو اڄ ڪلھه هُونءَ به هڪ ته سڄي دنيا هڪ ننڍڙو ڳوٺ ٿي وئي آهي ۽ اسان جو ماڻھو جيڪو ٽنڊو باگو کان بدين وڃڻ تي به پرديسي ٿي ويو ٿَي، سو ڪيوٽو جپان کان به وڃيو نڪري، جو تعليم ۽ روزگار خاطر هن کي ٻاهر نڪرڻو پوي ٿو. 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي تائين به، ولايت ۾ رهائش آسانيءَ سان ملڻ جي باوجود اسان رهڻ نٿي چاهيو، جو ان وقت پنھنجي ملڪ ۾ روزگار ۽ امن امان هو. ولايت جا ڌڪا ڇو کائجن پر اڄ ڪلھه ڪو مون کان صلاح وٺندو آهي ته آئون هن کي چوندو آهيان ته ٻاهر نوڪري يا رهائش جو موقعو ملي ٿو ته ضرور حاصل ڪجي. ڇوڪرا ته ڇا ڇوڪرين کي به نوڪريءَ لاءِ وڃڻ کپي. ملائيشيا، جپان توڙي ناروي ڊئنمارڪ يا آمريڪا جي شھرن ۾ اڪيلين سنڌي ڇوڪرين کي نوڪري ڪندو يا تعليم حاصل ڪندو ڏسان ٿو ته حيرت ئي ٿئي ٿي ته هُو ايڏو پُراعتماد ۽ سڪون ۾ آهن ۽ هيڏانھن اسان وٽ خيرپور يا ڄام شوري جا تعليمگاهه هجن يا ڪراچيءَ ۽ لاڙڪاڻي جا ڪيڏي بدامني چوڌاري آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ هر ڪو ٻاهر وڃڻ جي خواهش رکي ٿو. جيتوڻيڪ ٻاهر جي نوڪري سخت ٿئي ٿي. اهو اسان جو ملڪ آهي، جتيNo work culture (ڪم کان ڀڄڻ جي عادت) آهي، پر ان هوندي به ولايت ۾ آئون جنھن کان به پڇان ٿو ته، هُو اهو ئي چوي ٿو ته پورهيو سخت آهي پر ذهني طرح سڪون آهي يعني انسان کي فزيڪل ڪم پريشان نٿو ڪري، پر ذهني ڏکيائيون گهڻو مُنجهائين ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو سنڌين جھڙي ٻاهر نه نڪرندڙ قوم جا ماڻھو به آفريڪا جي گرم توڙي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي سرد ملڪن ۾ روزگار خاطر هميشه لاءِ رهيا پيا آهن. انھن مان ڪيترن جو احوال اسان اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ پڙهي رهيا آهيون. هُنن پنھنجين لکڻين ذريعي روايتي سفرنامن جو ٽرينڊ ئي بدلائي ڇڏيو آهي. هنن کي جس هجي جو مشغول هوندي به، موسم جي سخت هجڻ جي باوجود، آرام ۽ گهمڻ ڦرڻ جھڙا شوق ڇڏي، پنھنجي وطن جي ماڻھن لاءِ ڄاڻ مھيا ڪرڻ لاءِ لکڻ پڙهڻ کي وقت ڏنو اٿن. اهڙن ئي ماڻھن مان هڪ ڊاڪٽر منصور ٿلھو آهي، جنھن جو سفر نامو ’آڏيءَ کان البني تائين‘ پيش لفظ لکڻ لاءِ منھنجي اڳيان رکيل آهي.
هي سفرنامو عام سفرنامن کان بلڪل مختلف نوعيت جو آهي، جيڪو منصور صاحب وڏي محنت ۽ جاکوڙ بعد لکيو آهي. هُونءَ به ڊاڪٽر صاحب جون لکڻيون ته حقيقت تي مبني هونديون آهن. دراصل هن سفرنامي لاءِ پيش لفظ لکڻ لاءِ اڃا به ميڊيڪل جي ڪنھن ڊاڪٽر جي سفرنامي تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ سولو ڪم آهي. ڊاڪٽر منصور ٿلهو ميڊيڪل وارو نه پر Ph.D وارو ڊاڪٽر آهي سو به سنڌي ٻوليءَ جو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي به خاص ۽ ڏکئي سبجيڪٽ جو. هن سبجيڪٽ ۾ هن ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ ۾ جيڪا محنت ڪئي هوندي، ان کان ڪوبه انڪاري نه هوندو. ڊاڪٽر صاحب جو سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل فئملي سان تعلق آهي. سندن ايم فل ۾ مقالي جو عنوان آهي: ’سنڌي ۽ سرائڪي ناول نگاريءَ ۾ موضوعي ۽ فني هڪجھڙائي.‘ جيڪو هن ڊاڪٽر محمد علي مانجهي صاحب، هينئر چيئرمئن لئنگئيج اٿارٽي سنڌ، حيدرآباد جي نگرانيءَ ۾ مڪمل ڪيو آهي.
منصور ٿلھو صاحب جي هن سفرنامي ’آڏيءَ کان البنيءَ تائين‘ کان اڳ به هن جا پندرنهن کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. تازو هن مھيني حيدرآباد جي ’سمبارا پبليڪيشن‘ وارن سائينءَ جو ناول ’ناوَ ۽ ناکُئا‘ ڇپيو آهي، جيڪو سندن اونھي مطالعي ۽ تحقيق جو نتيجو آهي. اهڙي طرح ڊاڪٽر منصور جا ٻيا ڪتاب به تحقيق ۽ ڳوڙهي مطالعي جو نتيجو آهن، جهڙوڪ:
• سنڌو ماٿريءَ جون لکت واريون نشانيون، جنھن جا ٻه ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن.
• گڏاپ جا گل (لغت) 2018ع
• سنڌي، سرائڪي ۽ اسپيني ٻولين جا هڪجھڙا آواز ۽ لفظ (تحقيق) 2019ع.
• اکر پٽي (لغت) 2014ع.
هُونءَ ڊاڪٽر صاحب جي ڪريڊٽ تي اها ڳالھه نمايان طور لکڻ کپي ته هن گهڻو ڪجهه هتي ولايت ۾ آمريڪا جھڙي رونقن جي ملڪ ۾ ويھي لکيو آهي. نه فقط لکيو آهي پر ڪيترين شين جي ريسرچ ڪرڻ لاءِ ڍير ڪتاب پڙهيا آهن ۽ مختلف قومن ۽ ٻوليون ڳالھائڻ وارن کان انٽرويو ورتا آهن. منصور ڪيترائي ناول پڻ لکيا آهن. ٻن ٽن جا نالا مون کي به ياد آهن، جهڙوڪ:
• زندگي ڀوڳ. 2002ع.
• مِٽي ۽ مُھاڻا. 2008ع.
• جِيوَن ليکا 2005ع ۽ ريڙهي مياڻ - ٻه ڇاپا.
• جي هانءُ نه هارين (ڪھاڻيون). 2005ع.
منصور ٿلھو جو هن کان اڳ به هڪ سفرنامو 2017ع ۾ ڇپجي چڪو آهي، نالو اٿس: ’سوکي بندر ۽ سامونڊي سُور.‘
هن ڪتاب تي سنڌالاجي وارن طرفان مصنف انعام يافته قرار ڏنو ويو هو. سندس ڪتاب The Sons of Soil انگريزيءَ ۾ پڻ ڇپيو آهي.
منصور جو هي سفرنامو ’آڏيءَ کان البني تائين‘، جيڪو مون وٽ پيش لفظ لکڻ لاءِ پھتو آهي، اهو هڪ نرالي قسم جو آهي، جنھن ۾ ليکڪ پنھنجي آسپاس رهندڙ سنڌي توڻي ٻين ٻولين، خاص ڪري هسپانوي ڳالھائڻ وارن جو احوال ۽ حالتن بابت بيحد دلچسپ احوال لکيو آهي. هن سفرنامي جو هر چئپٽر پڙهڻ جوڳو ۽ سمجهه ۾ ايندڙ آهي. هتي مڙيئي ڪجهه ڪجهه ڳالھين جي Input آئون ڏيندس، جيئن پڙهندڙ کي ليکڪ ۽ هن جي سفرنامي کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ آساني رهي. خاص ڪري انھن پڙهندڙن لاءِ جيڪي هن پاسي يعني آمريڪا ڏي نه آيا آهن ۽ نه هن پاسي جي جاگرافي ۽ تاريخ کان واقف آهن.
سفرنامي جي عنوان ۾ ٻن شھرن ’آڏي‘ ۽ ’البني‘ جا نالا آهن، جن ۾ ليکڪ جي رهائش ٿي آهي. سنڌ جو شھر ’آڏي‘ ليکڪ جي جنم ڀومي آهي، جتي هن جو دُر محمد ٿلھو جي گهر ۾ 15 جنوري 1959ع تي جنم ٿيو، جيڪو اڄ ڪلھه ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي تعلقي نصيرآباد ۾ آهي. سندس ڏاڏو سرائي بخشل خان ٿلهو تر جو وڏو زميندار هو. منصور صاحب جو والد صاحب انگريزيءَ جو ٽيچر هو. ان سان گڏ تاريخ جاگرافيءَ جو به ماهر هو. پاڻ هاءِ اسڪول باڊهه، نصيرآباد، وڳڻ ۽ ميروخان ۾ پڙهايو ۽ پنھنجي ٻارن جي تعليم تي به ڌيان ڏنو.
منصور وارا پاڻ ۾ ڇھه ڀائر آهن. منصور سڀني ۾ وڏو آهي ۽ گذريل ٻارنهن سالن کان آمريڪا ۾ رهي ٿو. ڊاڪٽر منير ٿلهو ٻيو نمبر ڀاءُ آهي، جنھن ويجهڙائيءَ ۾ ريٽائرمينٽ حاصل ڪئي آهي. ٽيو نمبر ڀاءُ آفتاب ٿلھو، ڪوئيٽا ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آهي. ان بعد ڊاڪٽر بخشل ٿلهو آهي، جنھن جو سياست ۽ سوشل ڪمن سان واسطو هجڻ ڪري هن کان سنڌ جا اڪثر ماڻھو واقف آهن ۽ پاڻ ليکڪ آهن. سندس ڇپيل ڪتابن مان ڪجهه آهن:
1. ٿڪيائي ٿر ٿيلهه (عالمي انقلاب ۽ عوامي جدوجهد) آدرش پبليڪيشن
2. تبديليءَ جو فلسفو (جديد ڪيٽيگورين جي ا ب ت) روشني پبليڪيشن
3. نٽشي (ترجمو) پيڪاڪ پبليڪيشن.
ان بعد سجاد ٿلھو، نصيرآباد ۾ زمينداري ڪري ٿو ۽ ننڍو ڀاءُ صغير ٿلھو ڪراچيءَ ۾ ’بئنڪ الفلاح‘ جي مين بلڊنگ ۾ نوڪري ڪري ٿو. سو منھنجي لاءِ اها اهم ڳالھه آهي ته سائين دُر محمد ٿلھو صاحب ٽيچر ٿي ڪري پنھنجي سڀني ٻارن کي پڙهايو، جيتوڻيڪ هُو آڏي (نصيرآباد) جھڙي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهيا ٿي، جتي بنيادي سهوليتون به ناپيد آهن.
اسان واري آمريڪي مصنف ’منصور ٿلھي‘ پرائمري تعليم نصيرآباد جي پرائمري اسڪول مان ورتي ۽ مئٽرڪ به هن شھر جي هاءِ اسڪول مان 1974ع ۾ ڪئي. اهو آهي ته منصور کي ننڍي هوندي کان ادب لاءِ چاهه هو. ضرور هن جي والد صاحب، جيڪو ٽيچر هو تنھن منصور کي اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ لاءِ شوق ڏياريو هوندو. ايتري قدر جو پاڻ مئٽرڪ واري عرصي ۾ نصيرآباد شھر ۾ ’لطيف پبليڪيشن‘ جي انچارج جي حيثيت سان ٻه ٻاراڻا ڪتاب ’روشني‘ ۽ ’لاٽ‘ ڇپرايا. منصور لکڻ جي شروعات شاعري ۽ ننڍڙيون ڪھاڻيون لکڻ سان ڪئي، جيڪي ان دؤر جي سنڌي ٻاراڻن رسالن ۽ سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿينديون هيون.
منصور 1976ع ۾ انٽر ۽ 1979ع ۾ بي. اي. ڪئي. 1985ع ۾ ايم. اي. ڪئي. ان کان اڳ 1983ع ۾ اديب سنڌي (جنھن ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي)، 1984ع ۾ اديب عالم سنڌي (ٻي پوزيشن) ۽ 1985ع ۾ اديب فاضل سنڌي پھرين پوزيشن سان پاس ڪيائون.
مون کي ياد ٿو اچي ته اسان جڏهن اسڪول جي ڏينھن ۾ هوندا هئاسين ته اڪثر ڇوڪرا، جن جي ڊرائنگ سٺي هوندي هئي، اهي ڊرائنگ جا بنيادي امتحان ’ايليمينٽري‘ ۽ ’انٽر‘ پاس ڪندا هئا. اهو ان خيال کان ته جيئن ’ڊرائنگ ٽيچر‘ ٿي سگهجي. اسان جي منصور صاحب ته ’آرٽ ٽيچر ڪورس‘ (ATC) به ڄامشورو مان ڪيو ۽ ڪجهه عرصي لاءِ ’ڊرائنگ ٽيچر‘ ٿي رهيو، ان بعد کين ’ڪوآپريٽو بئنڪ‘ ۾ نوڪري ملي، جتي هن جي مختلف ضلعن ۾ بدلي ٿيندي رهي. بدلي ٿيڻ تي اسان جا ماڻھو اڪثر رنج ۽ مايوسيءَ جو اظھار ڪندا آهن، پر منصور ۾ اها ننڍي هوندي کان عادت آهي ته هُو هر حال ۾ خوش رهي ٿو. اها عادت اڄ به هن ۾ آهي. هُو آمريڪا ۾ اڪيلو رهيو پيو آهي، صحت جي خيال کان به هُو چئجي ته معذور رهي ٿو. هُو گهر ۾ رهي سرڪار کان سوشل وٺي سگهي ٿو، پر هُو ان کي خراب سمجهي ٿو ۽ پنھنجي هٿن جو پورهيو ڪري ٿو. هڪ دفعي خبر ناهي ڪھڙي ڳالھ تي چيومانس ته، ”منصور توکي ڏک ٿيو هوندو.‘ ته هن يڪدم وراڻيو، ”سائين ڏک، مايوسي ۽ پريشانيءَ جھڙيون شيون منھنجي لغت ۾ ئي نه آهن. آئون هر وقت خوش گذارڻ وارن ماڻھن مان آهيان. حالتون ڪيڏو به مخالفت ۾ هجن.“
بھرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جو ليکڪ منصور ٿلھو وڏو همت وارو ۽ توڪلي مڙس آهي. هن جون ڪيترين ئي بيمارين کان آپريشنون ٿيل آهن، جن مان هڪ Prostate Gland جي ڪئنسر جي به آهي. هن کي اڄ به اٿڻ وهڻ ۽ هلڻ ۾ رنڊڪ ۽ تڪليف ٿئي ٿي، پر هُو ڏکين حالتن ۾ به پنھنجو ادب سان شوق قائم رکندو اچي. هُو جتي وڃي ٿو جنھن جنهن سان ملي ٿو، ان کان حاصل ڪيل لاڀائتي ڄاڻ بابت لکي ٿو، جيئن سندس وطن جا ماڻھو اها حاصل ڪري سگهن. تڏهن ته چوان ٿو ته منصور جون لکڻيون ڪي اسان وانگر سطحي ۽ عام رواجي نه آهن، پر هن انھن تي وڏي کوجنا ڪئي آهي.
مٿي لکي چڪو آهيان ته منصور، بئنڪ جي نوڪريءَ ڪري مختلف ضلعن ۾ بدلي ٿيندو رهيو ۽ جتي ٻيا بدليءَ جو ٻڌي ناراض ٿيندا هئا، اتي منصور خوش ٿيندو هو. ان خوشيءَ جو واحد سبب اهو ئي هوندو هو ته هن کي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ماڻھن جي رهڻي ڪھڻي، ڳالھه ٻولھه جو انداز ۽ اتان جي ماڻھن جي زندگيءَ جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو مليو ٿَي. منصور سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ رهيو، جن مان گهڻو عرصو ٺٽي ۾ گذاريائين. هن کي ٺٽي ضلعي جي ماڻھن جي زندگيءَ جو ڏيک، رهڻي ڪھڻي ٻين ضلعن جي ماڻھن کان مختلف ڏسڻ ۾ آئي. هن پاسي جا ماڻھو منصور کي بلڪل سادي طبعيت جا ۽ ڏيک ڏيکاءَ کان پري، پاڻ کي پڏائڻ ۽ شوبازيءَ کان اڻ واقف لڳا. اهي ڳالھيون منصور جي ناولن ۾ لاڙ جي ڪردارن ۾ نظر اچن ٿيون.
بقول محمد حسين ’دلشاد‘ جي لاڙ جي علائقي ۾، خاص طور سامونڊي علائقا ۽ انھن جي پاسن ۾ ٻيٽن ۽ درياءَ جي ڇاڙن تي رهندڙ ماڻهن جي حياتيات کي ڏسي اسان جو ليکڪ جهُري پوي ٿو. جڏهن ته سنڌ تاريخي ڪتابن ۾ خاص طور سامونڊي پٽي ماضيءَ جي شاهوڪار شھرن ۽ بندرگاهن جي سونھن سان جرڪندي نظر اچي ٿي. ڇو ته سنڌ جو هي خطو بھترين سامونڊي بندرگاهن ۽ درياءَ جي بندرگاهن وارو حصو هو. ليکڪ اهي ڳالھيون ماضيءَ وارن ڪتابن ۾ پڙهيون هيون، پر جڏهن پاڻ وڃي انھن پٽن تي پنڌ هلندي، راتين جون راتيون مقامي ماڻهن سان گڏ رهندي، مشاهدا ڪيا. انھن جي حياتي گذارڻ جي انداز کي ڏٺو ته پوءِ کيس وڌيڪ لکڻ جو شوق جاڳيو. انهن ماڻھن يعني ملاحن، مُھاڻن ۽ ناکئن جي حياتين ۽ رهڻي ڪھڻي کي ڏسندي پاڻ به جهُري پوندو هو. چوندو هو ته، ”سنڌي ماڻھن جو درد ۽ لاڙ جي مھاڻن جو ڏک تاريخ جو الميو آهي، جيڪو ڪتابن، ڪھاڻين ۽ ناولن جي پنن تي لکي نٿو سگهجي، ڇو ته صدين جو درد هنن پٽن ۾ پلٽجي پيو آهي...“
منصور ٿلھي صاحب جي پندرنهن ڪتابن مان ڇھه کن لاڙ علائقي جي ماڻھن جي رهڻي ڪھڻي جي حوالي سان آهن، جهڙوڪ؛ ’مٽي ۽ مھاڻا‘ (ناول)، منصور هڪ سرد رات جو جڏهن کارو ڇاڻ ويو ته اتان جي مھاڻن جي حالت ڏسي هن هي ناول لکي ورتو. سندس هي ناول ’مٽي ۽ مھاڻا‘ سنڌ ساحل پبليڪيشن کارو ڇاڻ پاران 2008ع ۾ ڇپايو ويو.
’ريڙهي مياڻ‘ (ناول) پڻ سنڌ ساحل پبليڪيشن کارو ڇاڻ، سال 2015ع ۾ شايع ڪيو.
ريڙهي مياڻ، سنڌ جي قديم بندرگاهه مان هڪ آهي ۽ اڄ به اهو وسندڙ ۽ آباد بندرگاهه آهي. ليکڪ سامونڊي پٽيءَ جي اجڙيل ماڳن، بندرگاهن، ڪنڌين جي درد کي پنھنجو درد سمجهي ناول جي ڪردارن ۾ ڏيکاريو آهي. سنڌ جي ڇوڙ وارو علائقو سدائين آباد ۽ خوشحال رهيو آهي، پر دريائن تي ڊئم ۽ بند ٻڌي انھن علائقن کي ويران ڪيو ويو آهي. هي ناول ’ريڙهي مياڻ‘ اهڙي ئي علائقي جي ڪٿا آهي. هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ آهي، جنھن ۾ بلوچستان جو مڪران وارو علائقو ۽ پنجاب جو ملتان سنڌ ۾ ڏيکاريا ويا آهن.
• ’اکر پٽي‘ (لغت) هن ڪتاب ۾ سامونڊي پٽيءَ جا لفظَ آهن. هي ڪتاب ڀاڱو پھريون آهي، جيڪو ’الف کان و‘ تائين آهي.
• ’لاڙي لفظن جي موتين مالھا‘ (لغت).
• ’سوکي بندر ۽ سامونڊي سور‘ هي هڪ سفرنامو آهي، جيڪو 2017ع ۾ سمبارا پبليڪيشن شايع ڪيو هو. سمنڊ ويجهو سنڌو درياهه جي مک وهڪري تي سوکي بندرگاهه توڙي جو آڳاٽي زماني ۾ هڪ پتڻ رهيو هو، پر انگريزن جي دور ۾ هڪ بندرگاهه جي شڪل اختيار ڪيائين. مختلف سارين/چانورن جي ڀلين ٻنين جي وچ ۾ سوکي وارو علائقو گهڻي زماني کان زرعي لحاظ کان تمام گهڻو خوشحال هو. سنڌوءَ جي جنھن وهڪري تي سوکي بندر هو، سو اهو ئي وهڪرو آهي، جنھن جي اوڀر ۾ ويجهو ئي شاهه بندر آباد هو. سنڌو درياءُ ڪجهه ڪوهن تي اڳتي اولھ طرف هلي، کاري ۾ ڇڻي ’کارو ڇاڻ‘ سڏبو هو/آهي.
مختلف لکتن ۽ روايتن مان لڳي ٿو ته شاهه بندر جو اوج گهٽ ٿيڻ کان پوءِ ’سوکي‘ اسريو ۽ اوج تي پھتو. ان تان ئي اها چوڻي مشھور ٿي ته ’شاهه (بندرگاهه) ڦِٽو سوکي وٺو.‘
جاگرافيائي لحاظ کان سوکي بندر اهڙي علائقي ۾ موجود هو، جتان سمنڊ وسيلي مختلف ملڪن ڏانھن مال متاع به وڃي سگهندا هئا. مليل انگن اکرن موجب هزارين آباديءَ تي مشتمل هن بندرگاهه ۾ ٽي سئو هَٽَ ۽ ڪجهه ٺيلھا وغيره موجود هوندا هئا. سوکي بندرگاهه تي هر وقت ننڍيون وڏيون ٻيڙيون اينديون وينديون هيون، جنھن ڪري هر وقت ماڻھن جي گهڻا ئي هوندي هئي. شھر ۾ وڏا واپاري ۽ شاهوڪار به رهندا هئا ته آسپاس وڏا زميندار به آباد هئا. ٺٽي ڪاليج جو سائين ڊاڪٽر محمد علي ’مانجهي‘ لکي ٿو ته 1982ع ۾، ”هن بندرگاهه جا اسان جيڪي آثار ڏٺا، انھن کي ڏسي حيرت ٿي هئي ته هيڏو وڏو شھر اجڙي ويو. سوين ڊٺل دڪان، ٻه وڏيون رائيس ملون، ٻيڙين ٺھڻ جا ڪارخانا ۽ سوين اجڙيل گهر وغيره اجڙيل صورت ۾ موجود هئا. 1980ع واري ڏهاڪي کان پوءِ لڳاتار رڪاوٽون وجهڻ ڪري، درياهه جي گهٽجڻ ڪري ۽ ٻئي پاسي سمنڊ جي خشڪيءَ طرف وڌڻ جي ڪري، سوکي بندرگاهه ٻين بندرگاهن وانگر ساڻو ٿيندو، نيٺ اجهامي ويو.
نه سي ونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون
پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
(شاهه لطيف)
اسان جو آمريڪا ۾ رهندڙ ليکڪ ’ڊاڪٽر منصور ٿلھو‘ ٺٽي ۾ بئنڪ جي نوڪري دوران سامونڊي ڇوڙ واري علائقي تي گهڻو عرصو ڪم ڪندو رهيو. هن ڪڏهن لفظن جا موتي ٿي هٿ ڪيا ته ڪڏهن ڪن داستانن جا هيرا لعل ته ڪڏهن وري ڪن منظرن جا احوال ۽ حقيقتون ڳولي هٿ ڪيون ٿي. هن سامونڊي ڪناري واري علائقي جي پسمنظر ۾ ڪھاڻيون ۽ ناول به لکيا آهن. سندس ڪتابن ۾ اتي جي ماڻھن جا تلخ تجربا ۽ مشاهدا موجود آهن، جيڪي تاريخ جو حصو آهن.
منصور ٿلھي صاحب جو هيءُ ڪتاب ’سوکيءَ بندر ۽ سامونڊي سور‘ سفرنامو سچ ته پڙهڻ وٽان آهي، ڇو جو هن بندر ’سوکيءَ‘ تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي. منصور اتي وڃي ڏينھن جا ڏينھن رهي، احوال محفوظ ڪيا آهن. بندر جي آسپاس کي ووڙيو آهي، هتان لڏي مختلف هنڌن وڃي ويٺل ماڻھن سان اتي وڃي ملي، ساڻن رهاڻيون ڪري، سمورا احوال حاصل ڪيا آهن. اهڙي طرح منصور هن بندر جي تاريخي حقيقت کي اسان آڏو آندو آهي.
ان تحقيق ۽ ماڻهن سان ملڻ جلڻ جي عادت اڄ به منصور ۾ موجود آهي. هُو اڄ به اوسي پاسي جي ماڻھن سان ملي، انھن جون رسمون، رواج، ٻوليءَ جو لھجو ۽ ٻيا واقعا درج ڪري، اسان اڳيان پيش ڪري ٿو. منصور سان فون تي ڳالھ ٻولهه ٿي ته مون کيس چيو ته، ”تو پنهنجي سفرنامي ’آڏيءَ کان البني تائين‘ سفرنامي ۾ تو ايترو ريسرچ ورڪ ڪيو آهي ۽ ٻين ماڻھن جي ٻولين بابت لکيو آهي جو هن قسم جي ڪتاب جا پيش لفظ توهان کي مرحوم عبدالجبار جوڻيجي يا سراج ميمڻ جھڙي کان لکائڻ کَتا ٿي، جو توهان پاڻ به سنڌي ٻوليءَ جا ماهر آهيو ۽ عالم فاضل کان پي ايڇ ڊي ڪئي اٿانوَ.“
”نه سائين،“ ڊاڪٽر منصور ٿلھي پنھنجي روايتي نوِڙت جو اظھار ڪندي چيو، ”اسان توهان جھڙن اديبن جا ڪتاب پڙهي علم پرايو آهي.“
ٽھڪ ڏيندي چيومانس ته، ”ڊاڪٽر صاحب! ڳالھه ٻڌو. مون ڪتاب ضرور لکيا آهن پر جيئن ته آئون هڪ جھازي(Seafarer) ماڻھو آهيان، منھنجو واسطو جھازن ۽ بندرگاهن تي ڪم ڪندڙ مھاڻن، ماڇين، ساٽين ۽ ڪڇي مڪرانين جھڙي جينٽريءَ سان آهي، جتي ادب جون ڳالھيون نه پر گاريون ئي ٻڌون ٿا.“
ان تي البني (آمريڪا) ۾ رهندڙ منصور چيو، ”سائين! آئون جنھن علائقي ۽ محلي ۾ رهان ٿو، اتي اسپيني ڳالھائڻ وارا آهن ۽ توهان کي ته خبر آهي ته اسپيني ماڇين ساٽين کان به وڌيڪ گاريانڊا آهن.“
”اها ڳالھه صحيح ٿو ڪرين ۽ شاباس هجي تنھنجي Observation کي.“ مون چيو.
”سائين آبزرويشن ڇا... جتي ڪم ڪريان ٿو، جنھن بس ۾ سفر ڪريان ٿو، اتي اسپيني مرد ته ڇا عورتون به اهڙي زبان ڳالھائين ٿيون، جو توبنھ زاري... ڀريل بس ۾ هُو زور زور سان هڪ ٻئي کي ڪچيون گاريون ڏينديون ۽ اهي اهي ولگر لطيفا ٻڌائينديون، جيڪي مرد به ٻڌائڻ کان اڳ ٻه دفعا سوچين.“ منصور چيو.
بھرحال منصور، اسپيني ٻوليءَ کان به واقف آهي ۽ هن ان بابت پڻ ڪتاب لکيا آهي. ”سنڌي، سرائيڪي ۽ اسپيني ٻولين جا هڪجھڙا آواز ۽ لفظ.“
باٽم لائن اها آهي ته ڊاڪٽر منصور صاحب، جتي به رهي ٿو اتي هو پنھنجي تحقيق جو ڪم قائم رکي ٿو، هُو سخت محنتي مڙس آهي ۽ ايمانداريءَ سان هر شئي قلمبند ڪري، ڪتابي صورت ۾ آڻي ٿو. هئڻ ته ائين کپي ته هن جھڙا ريسرچ ۽ ادب وارا ڪتاب اسان جا سرڪاري ادارا ڇپرائي، شاگردن کي سستي اگهه تي ڏيارين، پر في الحال شاباس هجي منصور کي، هُو پنھنجا ڪتاب پنھنجي خرچ تي ڇپرائي نه رڳو بنا فائدي جي پر ڪيترن ئي قدردانن کي تحفي ۾ ڏئي ٿو.
پاڻ سنڌ جي لاڙ علائقي جي ماڻھن جي رهڻي ڪھڻي جي حوالي سان منصور ٿلھي جي لکيل ڪتابن جو ذڪر ڪري رهيا هئاسين. مٿين ڪتابن کان علاوه سندن هڪ ٻيو ڪتاب، جيڪو هن مھيني ڇپيو آهي، اهو آهي ’ناوَ ۽ ناکُئا‘. هي ڪتاب لاڙ جي مھاڻن ۽ ناکئن جي زندگين تي تحقيق ٿيل آهي. سندس انھن ڪتابن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هُو لاڙ جي پٽيءَ سان ڪيترو چاهه رکي ٿو. هُو لاڙ جي پٽي جي سگهڙن، شاعرن، ناکئن، خلاصين ۽ سنگهارن سان سڪ پريت جو رشتو اڄ به قائم رکندو اچي. هُو سال ڏيڍ بعد آمريڪا کان جڏهن به پنھنجي وطن چڪر تي ايندو آهي ته لاڙ جي انھن دوستن سان ضرور ملندو آهي ۽ نئون ڪتاب لکندو آهي.
منصور ٿلھو صاحب جي ناول ’مٽي ۽ مھاڻا‘ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ’The Sons of Soil‘ ڊاڪٽر شير مھراڻي ۽ رشيدالله زهراڻي صاحبن ڪيو آهي ۽ هن ناول جو اردو ۾ ترجمو ٿي رهيو آهي.
مٿي اسپيني ٻولي ڳالھائڻ وارن لاءِ اسان جي ليکڪ منصور ٿلھي ۽ ان کي وارو وٺرائيندي، مون پڻ ٽيڪو ڏنو آهي ته اهي گاريون ڏين ٿا. ويندي عورتون ڀريل بس ۾ زور زور سان هڪ ٻئي کي اگهاڙا لطيفا ٻڌائيندي شرم نٿيون محسوس ڪن. هتي هڪ ڳالھه صاف ڪندو هلان، جو اسان جا ماڻھو جيڪي اسپين جي شھر ’مئڊرڊ‘ يا ’بارسلونا‘ ۾ رهن ٿا يا اتي جي ڪنھن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهن ٿا، اهي منھنجيون مٿيون سِٽُون پڙهي چوندا ته اهو غلط آهي، اسپين جا ماڻھو اهڙا بدافعالا نه آهن.
ڳالھ اها آهي ته هتي اسپيني ڳالھائڻ وارن سان منھنجو يا اسان جي ليکڪ منصور ٿلھي صاحب جو مطلب اسپين جا ماڻھو نه آهن، پر وچ آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا ۽ اوسي پاسي جي مختلف ملڪن ۽ علائقن جا ماڻھو آهن، جيڪي اسپيني ٻولي ڳالھائين ٿا ۽ هسپانوي يعني هسپانڪ آمريڪا يا لئٽن آمريڪا جا يا آئيبيرين آمريڪا جا سڏجن ٿا، جن تي اسپين وارن جي ڪلچر جو اثر آهي، هُو اسپين جي ٻولي ’اسپيني‘ ڳالھائين ٿا ۽ اهي ملڪ اسپين جي قبضي ۾ رهيا. اهي ماڻھو نه فقط ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا جي ملڪن ۾ رهن ٿا، پر اتان لڏپلاڻ ڪري اتر آمريڪا يعني ڪئناڊا ۽ USA ۾ آيا. USA جي ڏاکڻين رياستن ’ٽيڪساس‘، ’لوزيانا‘ وغيره ۾ ته تمام اسپيني ڳالھائڻ وارا رهن ٿا، جيڪي مختلف رنگن، قد بت ۽ نمونن جا ٿين ٿا.
اسان جا ماڻھو جيڪي ڪئناڊا يا USA ۾ نوڪري، روزگار يا تعليم خاطر رهن ٿا، اهي لاطيني (Latin)، هسپانوي (Hispanic) يا آبيرن (Ibero) ٻڌي مونجهاري ۾ پوَن ٿا. انھن لاءِ هيٺ ڪجهه سِٽُون لکڻ ضروري سمجهان ٿو. اسپين جيڪو سعودي عرب ۽ ٿائِلينڊ وانگر ’Kingdom of Spain‘ سڏجي ٿو، اتي ’پارليامينٽري مونارڪي‘ آهي يعني چونڊن ذريعي وزيراعظم ۽ اسيمبلين جا ميمبر ضرور چونڊجن ٿا، پر بادشاهت به آهي ۽ ملڪ جي بادشاهه کي پارليامينٽ طرفان ڪجهه محدود اختيار مليل آهن، جيئن انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ صاحبه کي! اسپين ملڪ فرانس، جرمني، اٽلي، بيلجم وانگر يورپي ملڪ آهي ۽ يورپ کنڊ جي بلڪل ڏکڻ ۾، پکيڙ ۾ اسان جي صوبي سنڌ کان چئوڻ تي وڏو ٿيندو. سنڌ جي پکيڙ 1,41,000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ اسپين جي 5,06,000 چورس ڪلوميٽر. اسپين جي آدمشماري اڄ ڪلهه پنجاهه ملين آهي. اڪثريت جو مذهب رومن ڪئٿولڪ آهي. اسپين يورپ جي ملڪن ۾ چوٿون نمبر وڏو ملڪ آهي. يورپ ۾ سڀ کان وڏو ملڪ روس آهي، ٻئي نمبر تي يوڪرين، ٽئين نمبر تي فرانس... دراصل ڏٺو وڃي ته روس ته تمام وڏو ملڪ آهي ۽ پکيڙ ۾ يورپ کنڊ جو 70 سيڪڙو ٿيندو، باقي يوڪرين، فرانس، اسپين ۽ ويندي سُئيڊن، جيڪو پنجون نمبر ملڪ آهي تقريبن هڪ جيڏا آهن. ان بعد ٻيا ملڪ بيلجيم، هالينڊ، پولينڊ وغيره ننڍا ننڍا ملڪ آهن، ويندي انگلنڊ به، جيڪو اسپين جي اڌ جيڏو آهي.
اسپين جي گاديءَ جو هنڌ مئڊرڊ (Madrid) آهي، جيڪو هوائي جھاز رستي لنڊن کان اڍائي ڪلاڪن جي فاصلي تي آهي ۽ مئڊرڊ کان نيويارڪ ستن ڪلاڪن جو فاصلو آهي. اسپيني قوم 17 خودمختيار ڪمونيٽين ۾ ورهايل آهي، جن جي هر علائقي (Region) ۾ پنھنجي پنھنجي صوبائي حڪومت آهي. اسپين جي اتر ۾ پائرينيز (Pyrenees) جبلن جي قطار آهي، جيڪا فرانس ۽ هڪ ننڍڙي ملڪ انڊورا (Andorra) جي وچ ۾ قدرتي بارڊر ٿي ٺاهي.
جيئن انڊيا جي سرزمين کان عربي سمنڊ جو ’لکديپ‘ ٻيٽ ۽ خليج بنگال سمنڊ جو ’انڊامان‘ ۽ ’نڪوبار‘ ٻيٽ انڊيا جي قبضي ۾ آهن، تيئن اڄ جي اسپين ۾ ڪجهه علائقا ۽ ٻيٽ آهن، جيڪي ڏورانھان هجڻ جي باوجود اسپين جي قبضي ۾ آهن، جن هنڌن تي اسپين جي فوج ۽ اسپين جو سڪو ’پسيتو‘ (Peseta) هلي ٿو. اهي علائقا ’سُوٽا‘ (Ceuta) ۽ ’ميليلا‘ (Melilla) آهن، جيڪي آفريڪا کنڊ جي موراڪو ملڪ اندر اچن ٿا. ان کان علاوه ڀونچ سمنڊ جا چار ٻيٽ: ’فارمينٽريا‘ ۽ ’ابزيز‘، ’مايورڪا‘ ۽ ’مينورڪا‘ جيڪي ’باليبار‘ ٻيٽ (Baleric Islands) سڏجن ٿا، ان کان هي ’سَت ڪَناري‘ ٻيٽ (Canay Islands) جيڪي آفريڪا کنڊ کان سؤ کن ڪلوميٽر پري آهن، جن مان لاس پاماس ٻيٽ تي اسان جو جھاز ويو هو ۽ جنهن جو احوال منھنجي پھرئين سفرنامي ’منھنجو ساگر منھنجو ساحل‘ ۾ تفصيل سان آهي.
اسپين جون ٻه اهم نديون آهن. هڪڙي نوَ سؤ ڏهه ڪلوميٽر ڊگهي ’ريو ايبرو‘ ۽ ٻي ايڪهتر ڪلوميٽر ڊگهي ’تاگوس ندي‘ آهي. اسپين فليمنگو ناچ، ٽوماٽينا (ٽماٽن هڻڻ جي جشن)، سانن اڳيان ڊوڙڻ ۽ بُل فائٽنگ کان مشھور آهي.
اسپين سان، اسان مسلمانن جو ويجهو واسطو رهيو آهي، جو اميه گهراڻي جي اسپين تي ست سؤ کن سال حڪومت رهي. هنن 711ع کان 1492ع تائين هن علائقي تي حڪومت ڪئي. ٿورو تاريخ جو جائزو وٺجي ته هن ريت ٿيندو: مغربي رومن سلطنت جي ختم ٿيڻ تائين اسپين، رومن حڪومت جي ماتحت رهيو. 476ع ۾ جرمان بادشاه اوڊاسر (Odoacer) مغربي رومن سلطنت جي آخري حاڪم رومولس اگسٽولس (Romulus Augustulus) کي اٽليءَ ۾ شڪست ڏني. رومن سلطنت جي مشرقي حصي جو بچاءُ ٿي ويو، جيڪا بازنطيني سلطنت(Byzantine Empire) سڏجڻ لڳي، جنھن جي گاديءَ جو شهر قسطنطنيه (Constantinople) رکيو ويو. هيءَ سلطنت ترڪيءَ جي سلطنتِ عثمانيه جي 1453ع ۾ طاقت ۾ اچڻ تي ختم ٿي. ترڪيءَ جي سلطنتِ عثمانيه (Ottoman Empire) قسطنطنيه جو نالو بدلائي ’استنبول‘ رکيو.
بھرحال 476ع ۾ مغربي رومن سلطنت جي ختم ٿيڻ تي يورپ جي ’ويزگوٿا قبيلي‘ فرانس جي ڏاکڻي حصي ۽ آئيبيريا اپ ٻيٽ (اڄ جي اسپين ۽ پورچوگال) تي قبضو ڪيو ۽ ويزيگوٿا سلطنت قائم ڪيائون. اسپين تي سندن حڪومت 711ع تائين قائم رهي، ان بعد اسپين کي اميه گهراڻي فتح ڪيو ۽ سڄي آئيبيريا اپ ٻيٽ تي مسلمانن جي ست سؤ کن سال 1492ع تائين حڪومت رهي.
مسلمانن جي دورِ حڪومت ۾ الاندلس معاشي ۽ علمي حساب سان وڏو مرڪز رهيو. سندس شھر قرطبه (Cordoba) دنيا جي وڏن ۽ امير شھرن مان هڪ مڃيو ويو ٿي. آخرڪار آئيبيريا يعني اسپين ۽ پورچوگال جو ڪنٽرول عيسائي سلطنتن حوالي ٿيو ۽ 1492ع ۾ هنن مڙني مسلمان حاڪمن کي اسپين مان ڀڄائي ڪڍيو. ان ساڳئي سال ڪرسٽافر ڪولمبس آمريڪا کنڊ جي نئين دنيا ڳولي لڌي. هي مهم جُو همراهه ’ڪولمبس‘ اسپين جي حاڪم طرفان موڪليو ويو هو. اها ڄاڻ پوڻ تي ته ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻئي پاسي نه فقط هڪ وڏي دنيا آهي، پر اها ڌاتُن ۽ زرعي پوک لاءِ بھترين زمين آهي... پوءِ اسپيني ماڻھن جي قبضي خاطر ڊوڙ لڳي وئي. ڏسندي ئي ڏسندي سڄو ڏکڻ آمريڪا ۽ سينٽرل آمريڪا اسپين جي حوالي ٿي ويو. ٿورو گهڻو جيئن ته برازيل تي پورچوگالين جو قبضو ٿيو. تمام ننڍڙا حصا فرانس ۽ ٻين يورپي ملڪن جي به نصيب ۾ آيا. ڏسندي ئي ڏسندي اسپين جيڪو ستن صدين کان مسلمانن جي قبضي ۾ هو، اهو يورپ جو امير ترين ملڪ ٿي ويو. هڪ طرف هنن مسلمان حاڪمن جي غلاميءَ مان جان ڇڏرائي، ٻئي پاسي نئين دنيا جون زمينون ۽ ڌاتو وغيره هنن کي ملي ويا. ٽئين طرف آئيبيريا اپ ٻيٽ جي ٻئي حصي پورچوگال جي رهاڪن (واسڪوڊاگاما وغيره) ڪيپ آف گڊ هوپ ڪراس ڪري انڊيا ۽ ملايا پھچڻ ۽ اتي جي ملڪن تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
آمريڪا کنڊ تي اسپيني ۽ پورچوگالين جو قبضو ته ٿي ويو، پر اتي زمينن تي پوک جي ڪم لاءِ ۽ کاڻين مان ڌاتو ڪڍڻ لاءِ هنن آفريڪا مان شيدين کي غلام طور آندو. ڪجهه ڀر وارن ڪئريبين ٻيٽن جي ماڻھن جو اچڻ ٿيو. نتيجي ۾ اڄ جيڪي آمريڪا ۾ شيدي ڏسو ٿا اهي ان وقت جي آفريڪي شيدي غلامن جو اولاد آهن. اهڙي طرح گورن ۾ به پورچوگالين کان علاوه يورپ جي مختلف ملڪن جا ماڻھو آهن، جيڪي آمريڪا جي خوشحاليءَ جو ٻڌي پنھنجا وطن ڇڏي، هتي هميشه لاءِ رهائش پذير ٿي ويا. ويندي پورچوگالي ڪالوني، برازيل ۾ توهان کي لکين جپاني ملندا، جيڪي هڪ يا ڏيڍ صدي اڳ جاپان ۾ غربت ڪري برازيل ۾ پوک لاءِ آيا ۽ هتي ئي ترسي پيا. هُو پنھنجي مادري زبان جپانيءَ کان علاوه ملڪ جي قومي ٻولي ’پورچوگالي‘ ڳالھائين ٿا. اهڙي طرح آمريڪا جو وڏو حصو اسپيني ڳالھائي ٿو ۽ هنن تي اسپيني تھذيب، تمدن، رسم و رواج جو وڏو اثر آهي. بعد ۾ اسپين ۽ پورچوگال حڪومتن جا آمريڪي ملڪ آزاد ٿي ويا. سورهين صديءَ کان اوڻيھين صديءَ جي شروعات تائين اسپين دنيا جي هڪ وڏي سلطنت تي حڪومت ڪئي ٿي. اڄ اهي ملڪ اسپين يا پورچوگال جي قبضي ۾ نه آهن پر اتي اسپيني ۽ پورچوگالي ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون، جيئن اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾، انگريزن جي وڃڻ بعد به انگريزي عام هلي پئي. دنيا ۾ انگريزيءَ بعد ٻئي نمبر تي اسپيني ڳالھائي وڃي ٿي. اٽڪل چار سؤ ملين کان مٿي ماڻھو اسپيني ڳالھائين ٿا. اسپيني ٻوليءَ کي ’ايسپاڃول‘ ۽ ’هسپانوي‘ به سڏيو وڃي ٿو. نموني خاطر اسپيني ٻوليءَ جا ڪجهه بنيادي لفظ هيٺ لکان ٿو:
• Hola - Hello
• Adios - Good Bye
• Si - Yes
• No - No
• Senora - Mrs
• Senorita - Miss
• Por Favor - Please
• Gracias - Thank you
• Lo Siento - Sorry
• Salud - Bless you
• Yono comprendo - I do not understand.
• Bella - Beautiful.
اسپين جا رهاڪو Spanish ماڻھو به سڏجن ٿا تهSpaniards به. ڏکڻ آمريڪا جا اسپيني ڳالهائڻ وارا ماڻھو عام طرحHispanic يا Latino (هسپانوي) سڏجن ٿا. وچ آمريڪا جي ملڪ ميڪسيڪو کان ڏکڻ آمريڪا جي ڇيڙي واري ملڪ چلي ۽ ارجنٽائين تائين وارو علائقو ’لئٽن آمريڪا‘ سڏجي ٿو. لئٽن آمريڪا ۾ جيتوڻيڪ مختلف ملڪ ۽ ماڻھو اچي وڃن ٿا، پر منجهن ڪامن ڳالھ اها آهي ته هڪ ته هُو گهڻي ڀاڱي رومن ڪئٿولڪ آهن ۽ ٻيو ته عام ٻولي اسپيني ڳالھائي وڃي ٿي.
مٿيون ڳالھيون سمجهه ۾ اچڻ بعد هاڻ اسان جا ماڻھو لئٽن آمريڪا، هسپانڪ آمريڪا ۽ آئبيرو آمريڪا جو مطلب سمجهي سگهن ٿا. ’لئٽن آمريڪا‘، آمريڪا کنڊ جو اهو حصو آهي، جنھن ۾ اهي ملڪ ۽ علائقا اچيو وڃن ٿا، جتي اسپيني، پورچوگالي ۽ فرينچ ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون. اتي جا ماڻھو ’لئٽينو‘ سڏجن ٿا. ’لئٽن آمريڪا‘ ٽرم انھن ملڪن لاءِ به استعمال ٿئي ٿو، جتي پورچوگال، اسپين ۽ فرانس وارن جي حڪومت هئي. ڏکڻ آمريڪا ۾ پورچوگالي ڪالوني برازيل هو. فرانس جي قبضي ۾ هائتي، ڊومنيڪن، ريپبلڪ، فرينچ گائنا هو. اسپين وارن جي هٿ ۾ ڪيترائي ملڪ رهيا جتي هينئر اسپيني ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي.
هڪ ٽرم ’هسپانڪ آمريڪا‘ به توهان کي ٻڌڻ ۾ ايندو. اهو لفظ انھن ملڪن لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جتي اسپين جو اثر رسوخ رهيو ۽ اسپيني ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي. انھن ملڪن جا ماڻھو چلي، ارجنٽائنا، وينزوئلا وغيره کان لڏي USA اچن ٿا ته انھن کي ’هسپانوي‘ سڏجي ٿو.
اهڙي طرح ’آئيبيرو آمريڪا‘ ٽرم آهي، جنھن ۾ اهي ملڪ اچن ٿا جيڪي آئيبيريا اپ ٻيٽ ’پيننشولا‘ جي ملڪن اسپين ۽ پورچوگال جي راڄ ۾ هئا ۽ جتي اسپيني ۽ پورچوگالي ڳالھائي وڃي ٿي. سو اهي ڳالھيون ڌيان ۾ رکڻ بعد توهان هاڻ سمجهي ويا هوندائو ته اسان جو ليکڪ جڏهن اسپيني ڳالھائڻ وارن جي ڳالھ ڪري ٿو ته هن جو مطلب اسپين ملڪ جي شھرن مئڊرڊ، قرطبا، غرناتا يا بارسلونا کان آيل ماڻھن جي نه، پر لئٽن آمريڪا کان لڏي آيل مڪسچر جي ڳالھ ڪري ٿو، جيڪي گئاٽمالا، نڪراگئا، اڪيڊار، چلي جھڙن ملڪن کان لڏي آيا ۽ جيڪي اسپيني ڳالھائين ٿا.
آخر ۾ ٻه اکر هاڻوڪي اسپين بابت:
اسپين بابت ڄاڻ رکڻ جو اهو به سبب آهي ته اسان مسلمانن جو ماضيءَ ۾ اسپين سان وڏو واسطو رهيو آهي. اسپين ۽ سنڌ تي تقريبن هڪ ئي سال 711ع ۾ عربن فتح حاصل ڪئي. اسپين ٿو وڃجي ته اتي جي ڪيترن شھرن جا نالا ٻڌي، عرب مسلمانن جي حڪومت ياد اچي ٿي، جن اهي شھر ٻڌرايا ۽ انھن جي دؤرِ حڪومت ۾ اهي شھر ’بَلَي بَلَي‘ هئا. اتي جي شھرن جون مسجدون، مدرسا، انھن ۾ جنم وٺندڙ يا انھن ۾ اچي رهندڙ دين جا عالم، سائنسدان، تاريخدان، جاگرافر، اديب، شاعر ۽ انھن جون لکڻيون مسلمانن جي خوشحالي، ترقي ۽ بھتر واپار جي ياد ڏيارين ٿا.
پندرهين صديءَ جي آخر ۾ اسپين وارن، مسلمانن کي ڀڄائي ڪڍڻ بعد نه فقط پنھنجي ملڪ اسپين جو ڪنٽرول سنڀاليو، بلڪِ آمريڪا ۾ نوان ملڪ هٿ ڪيا، پر سورهين صديءَ ۾ ڪيترن ئي يورپي ملڪن تي به حڪومت ڪئي، جهڙوڪ؛ پورچوگال، نيدر لئنڊ ۽ ڪجهه حصا فرانس، جرمني ۽ اٽلي ۽ آسٽريا جا.
اسپيني سِول لڙائي 1936ع کان 1939ع تائين اسپين ۾ ڪافي تباهي آندي. ان بعد 1939ع کان 1975ع تائين هتي جو فوجي ’جنرل فرئنڪو‘ ملڪ جو ڊڪٽيٽر ٿي رهيو. 1975ع ۾ جنرل فرئنڪو جي مرڻ بعد جان ڪارلوس (Jaun Corlos) اسپين جو بادشاهه ٿيو. پاڻ اسپيني سِول لڙائيءَ جي ڏينھن واري بادشاهه ’الفنسو تيرهين‘ جو پوٽو هو.
جان ڪارلوس 2014ع ۾ تخت تان لاٿو ويو ۽ ان جي جاءِ تي هاڻ فيليپي ڇھون (Felipe VI) اسپين جو بادشاهه آهي. اولاد ۾ کيس ٻه ڌيئرون ’ليونور‘ ۽ ’صوفيا‘ آهن.
پاڻ ليکڪ منصور ٿلھي جي تعليم بابت لکي رهيا هئاسين ته هُو سنڌي ادب ۾ هڪ قابل شخص آهي. هن عالم فاضل کان وٺي پي ايڇ ڊي تائين سنڌيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪئي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ بعد، ايم فل علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. گذريل سال 2021ع ۾ کيس Ph.D جي به ڊگري ڏني وئي. سندس ايم فِل ٿيسز جو ڪتاب جلد اچڻ وارو آهي، جنھن جو خوبصورت ٽائيٽل اڄ ڪلھه فيسبُڪ تي نظر اچي ٿو. ڪتاب جو نالو ٿيسز وارو آهي، ’سنڌي ۽ سرائيڪي ناول نگاريءَ ۾ موضوعي ۽ فني هڪجھڙايون.‘
منصور جي ٻين گهڻ ڪتابن وانگر، هي ڪتاب به سنڌ جو مشھور پبلشر ساجد سنڌي، سمبارا پبليڪيشن طرفان ڇپي رهيو آهي.
منصور صاحب جا پندرنهن کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، ٻيا ڇپائي هيٺ آهن، جن مان گهڻا تڻا تحقيق ۽ ادب تي آهن. ٽي کن سفرناما به آهن. ڪالم نويس محمد حسين ’دلشاد‘، منصور جي ادبي خذمتن بعد پنھنجي مضمون ’سونھان سُڌيون ڏين...‘ ۾ لکي ٿو ته، ”منصور صاحب کان هڪ ڏينھن هن سوال پڇيو ته، ”سائين! آتم ڪٿا لکڻ جو ارادو نه آهي ڇا؟“
ٺھه پھه وراڻيائين، ”نه.“
ٻيو سوال ڪيم، ”نه جو سبب ٻڌايو؟“
جواب ڏنائين، ”سچ لکڻ ۽ پنھنجين ڪمزورين کي لکڻ ۾ همت گهرجي. ماڻھو پنھنجي ڪمزورين کي اوڻيھه ويھه يعني بيان ڪونه ڪندا آهن، باقي ڪارنامن کي وڏي واڪي پيش ڪندا. دنيا ۾ ڪيترن ماڻھن پنھنجيون آتم ڪٿائون لکيون، ان ۾ ايڏو سچ لکيو اٿن، جو اهو هر ماڻھوءَ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته اهو سچ ڪيئن لکيو اٿن.“
دلشاد صاحب، هن مضمون ۾ هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته، ”مون خيرپور، سکر ۽ حيدرآباد جي بُڪ اسٽالن تان منصور ٿلھو صاحب جا ڪتاب پڇايا، پر ڪنھن به اسٽال تان ڪتاب ڪونه مليا.“ ان باري ۾ ڪچھري ڪندي، هن کائنس سوال ڪيو ته، ”اوهان جا ڪتاب مارڪيٽ ۾ بُڪ اسٽالن تان نٿا ملن، تنھن جو ڪھڙو سبب آهي؟“
ٻڌايائين ته، ”مان ڪتاب وڪري لاءِ نه ڇپرائيندو آهيان. ها هڪ ٻن دوستن جا بڪ اسٽال آهن، انھن کي مفت ۾ ڏيندو آهيان. ڪجهه ڪتاب ادب دوستن، اديبن ۽ لائبريرين ۾ ورهائي ڇڏيندو آهيان.“
منصور ٿلھو، مولائي دين محمد (زاهد حسين ابڙو جو ڏاڏو)، ڪلياڻ داس ۽ منصور جي ڏاڏي بخشل خان ۽ جسٽس راڻا ڀڳوان داس ۽ علي اڪبر ڍڪڻ جو ڳوٺ نصيرآباد آهي. منصور ٿلهو، نصيرآباد کي ڇڏي 2010ع ۾ مائيڪل ٽائسن، ائلي ماسرو، پريا آنند، حامدي الوڪايا، عمر ياغي، عبدالرحمان جي آمريڪي ڳوٺ البني (Albany) ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. هُن هِن سفرنامي جو نالو به پنھنجي پراڻي ۽ نئين ڳوٺ ’آڏي‘ ۽ ’البني‘ نالي وقف ڪيو آهي. دراصل آڏي ڳوٺ، نصير آباد جو ئي حصو آهي، جيڪو نصيرآباد کان ٽن چئن ڪلوميٽرن تي آهي. جتي منصور جي ڏاڏي بخشل خان جون جاگيرون آهن. اسڪول ۽ ٻين سهوليتن جي ڪري ۽ منصور جي والد جي نوڪريءَ جي ڪري هنن کي نصيرآباد ۾ رهڻو پيو ۽ هاڻ ته منصور جا ڀائر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهن ٿا، سواءِ هڪ ڀاءُ سجاد ٿلھي جي، جيڪو زمينن جي ديک ڀال لاءِ نصيرآباد ۾ رهي ٿو. سندن والد ’در محمد ٿلھو‘، جيڪو هن وقت نوَي کن سالن جو ٿيندو، اڄ به نصيرآباد ۾ خوش گذاري ٿو، جتي بقول منصور جي آڏي ڳوٺ مان گهڻا ماڻهو لڏي ويا آهن. فقط چند ذاتين وارا ’کوکر‘، ’ڪوري‘، ’ڪنڀر‘ ۽ ’بروهي‘ ذات جي ماڻھن جا گهر وڃي بچيا آهن.
مٿي نصيرآباد ۽ البني جي ڪجهه ماڻھن جا نالا لکيا اٿم. منھنجي نظر ۾ اهي بيحد اهم شخصيتون آهن، جن کان منھنجا پڙهندڙ ضرور واقف هئڻ گهرجن. مزي جي ڳالھه اها ته راڻا ڀڳوانداس ۽ علي اڪبر ڍڪڻ صاحب جن سان منھنجي سڃاڻپ چاليهه سال کن اڳ ٿي، پر اها خبر مون کي به نه هئي. هي ’پيش لفظ‘ لکندي ٿي ته اهي سڀئي يار منصور ٿلھي جي ڳوٺ نصيرآباد جا هئا.
’علي اڪبر ڍڪڻ‘، مون کان چار سال وڏو آهي يعني 1940ع ۾ ڄائو. منھنجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڪلاس ميٽ ’شوڪت جماڻيءَ‘ مون کي ڍڪڻ صاحب سان ملايو هو. سندس ڪھاڻي محنت ۽ جفاڪشيءَ جي آهي. سندس والد محمد رمضان ڍڪڻ هڪ پورهيت هو، جنھن رازڪو ڪم ڪيو ٿَي. ننڍڙو علي اڪبر، ٽي ميل پنڌ ڪري اسڪول ويندو هو. انھن ڏينھن ۾ ڪوبه ڳوٺاڻو ٻار اسڪول نه ويندو هو. 1958ع ۾ هن نصيرآباد مان مئٽرڪ ڪئي. وٽس وڌيڪ پڙهڻ لاءِ پئسو نه هو. علي اڪبر ٻڌائي ٿو ته، ”ان زماني ۾ هن جي والد صاحب کي رازڪي جي مزدوري فقط ٻه روپيه ملي ٿي. ان دوران شادي به ٿي ۽ ڪنھن همدرد هن کي ڪلارڪي وٺرائي ڏني. ان بعد ٽنڊوڄام ۾ ’ڳوٺ سڌار‘ ۾ به ڪم ڪيائين. ان بعد 1961ع کان بدين، ميھڙ، ڏوڪري، وارهه، ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي هاءِ اسڪولن ۾ پڙهايو. ان دوران بيچلر، ماسٽرس ۽ ايڪانامڪس ۾ Ph.D ڪئي. جنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت ۾ اسسٽنٽ چيف پلاننگ آفيسر ٿيو ۽ پوءِ 1975ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اسٽيٽ بئنڪ ٿيو. رٽائرڊ ٿيڻ بعد هن سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ پڙهايو. ڪراچي جي ’زئبسٽ‘، ’انڊس‘، ’ڪئسبٽ‘ ۽ ’بزٽيڪ‘ يونيورسٽين ۾ ڊين فئڪلٽيز ۽ پروفيسر ٿيو. پاڻ ڪيترن ئي انگريزي ۽ سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي. خاص ڪري هن جو شاهه جي رسالي تي وڏو ڪم ٿيل آهي.“
نصيرآباد جي جسٽس راڻا ڀڳوان داس کان ته هر ڪو واقف هوندو. هُو 1942ع ۾ ڄائو ۽ 73 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. هُو هڪ باعزت جج سمجهيو وڃي ٿو. پاڻ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو ’ائڪٽنگ چيف جسٽس‘ به رهيو. پاڻ ’فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن آف پاڪستان‘ جو چيئرمين به رهيو. هن ماسٽرس ڊگري ’اسلامڪ اسٽڊيز‘ ۾ ڪئي.
راڻا ڀڳوانداس، پھريون هندو جج ٿي گذريو آهي. هُونءَ مزي جي ڳالھه اها ته پھرين هندو عورت جج به راڻا ڀڳوانداس جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ’سُمن پاوَن بوداني‘ آهي. سُمن قانون ۾ ماسٽرس ڪرڻ بعد وڪالت شروع ڪئي ۽ وڌيڪ امتحانن بعد جج مقرر ٿي. سندس پتا ’ڊاڪٽر پاون ڪمار‘ اکين جو ماهر ڊاڪٽر آهي ۽ هن جي وڏي ڀيڻ سافٽ ويئر انجنيئر آهي ۽ ٻي ڀيڻ ’چارٽرڊ اڪائونٽنٽ‘ آهي.
مولائي دين محمد جو پوٽو زاهد حسين ابڙو پڻ نصيرآباد جو آهي، جنھن 1977ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايڪانامڪس فائننس ۾ تعليم حاصل ڪئي. پاڪستان ۾ مختلف وڏن عهدن تي رهڻ بعد اڄ ڪلهه هُو نيويارڪ ۾ رهي ٿو. هُو دنيا جي 150 ويسٽرن يونين جو آفيسر آهي ۽ هُو هڪ هنڌ ويهي 24 ئي ڪلاڪ ڪم جو ذميوار رهي ٿو. زاهد ابڙو صاحب 1964ع ۾ نصيرآباد ۾ جنم ورتو.
زاهد ابڙو صاحب ۽ منصور ٿلھي صاحب جي ڏاڏن جو هڪ همعمر ڪلياڻ داس به هن ڌرتي نصير آباد جو نيڪ فرزند ٿي گذريو آهي، جيڪو سخاوت جي ڪمن کان هن علائقي ۾ مشھور هو. افسوس جي ڳالھه اها آهي ته هھڙي مخيّر انسان کي اسان جي ڌاڙيلن قتل ڪري ڇڏيو. ان بعد سندس اولاد نصيرآباد ڇڏي ويو. سندس ڪجهه اولاد هاڻ شايد ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
اهي ته ٿيا منصور ٿلھي جي اصلي ڳوٺ آڏيءَ (نصيرآباد) جا ڪجهه ماڻھو. اهڙي طرح سندس هاڻوڪي ڳوٺ ’البني‘ جا ڪجهه ماڻھو جن بابت پاڻ ٻڌايائين هن ريت آهن:
”هي اهي ماڻھو آهن، جيڪي اسان جا ماڻھو به سڃاڻن ٿا يا پڙهي حيرت ٿيندي ته نصيرآباد جيڏي شھر البنيءَ ۾ اهڙا ماڻھو رهيا يا زندگيءَ جو وڏو عرصو ان ۾ گذاريو. جهڙوڪ باڪسر مائيڪ ٽائيسن، جيڪو 1987ع کان 1990ع تائين دنيا جو هڪ عظيم هيوي ويٽ باڪسر ٿي رهيو. 1992ع ۾ ٽائيسن زنا جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيو ۽ ڇھه سال جيل آيو هوس. باڪسنگ کان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هن 350 ڪبوتر پالڻ جو شوق ڪيو. 2007ع ۾ نشي واري حالت ۾ گاڏي هلائڻ ڪري هن کي چويهه ڪلاڪ وري جيل ۾ رکيو ويو. هن فلمن ۾ به ڪم ڪيو، جن مان سال 2009ع جي فلم ’The Hangover‘ مشھور آهي.
استنبول (ترڪي) جي مشھور يونيورسٽي ’استنبول ٽيڪنيڪل يونيورسٽي‘ جي جيولاجيڪل ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ’پروفيسر علي محمد جلال شنگور‘ (Celal Sengor) پڻ البني (آمريڪا) جا ڪجهه اهم ماڻھو ٻڌايا هئا. جلال شنگور، ترڪيءَ ۾ 1955ع ۾ ڄائو ۽ جيالاجسٽ آهي. سندس وڏو عرصو منصور ٿلھي جي هاڻوڪي آمريڪي ڳوٺ البني ۾ گذريو ۽ هن جيالوجيءَ ۾ البني جي يونيورسٽي ’سني يونيورسٽي‘ مان 1982ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي هئي.
آمريڪا جي نيويارڪ رياست جو البني ڳوٺ، جنھن جي آدمشماري پاڪستان جي سنڌ صوبي جي ڳوٺ نصيرآباد جيتري ضرور آهي، پر دنيا ۾ عمارتسازي، ڪامرس، ڪلچر، اعليٰ تعليمي درسگاهن ۽ اعليٰ تاريخ کان مشھور آهي. مٿين يونيورسٽي سني (SUNY) ’اسٽيٽ يونيورسٽي آف نيويارڪ، البني‘ هڪ ٽاپ جي يونيورسٽي آهي، جنھن جا ڪيترائي آمريڪن ۽ ٻين کنڊن جا گرئجوئيٽ دنيا ۾ مشھور آهن. نصيرآباد جيڏي البني شھر ۾ هن يونيورسٽي (SUNY) کان علاوه ٻه ٽي ٻيا به مشھور تعليمي درسگاهه آهن:
• البني ميڊيڪل ڪاليج
• ڪاليج آف سينٽ روز
• ايڪسيلسر ڪاليج
• البني ڪاليج آف فارميسي ائنڊ هيلٿ سائنسز
• البني لا اسڪول وغيره.
اڄ ڪلھه جي مشھور فلمي اداڪاره، ڪاميڊي، ليکڪ ۽ ٽي وي هوسٽ ’آڪوافينا‘ (Awkwafina) پڻ البنيءَ جي آهي، جتي هن 1988ع ۾ جنم ورتو. هڪ ٻيو فلمي ائڪٽر، پروڊويسر ۽ ليکڪ ’ايڊورڊ برن‘ جو واسطو پڻ البني سان آهي.
عورتن جي پروفيشنل ملھه ۽ ماڊل، چاليھه سالن جي ’ائشلي ماسارو‘ پڻ هتي جي آهي. کيس اسان مان ڪيترن ئي ٽي وي تي WWE (ورلڊ ريسلنگ انٽرٽينمينٽ) ڪُشتي پروگرامن ۾ ڏٺو هوندو. هُوءَ 39 سالن جي ڄمار ۾ 2019ع ۾ اوچتو گذاري وئي.
انڊيا جي هڪ فلم ائڪٽريس ۽ ماڊل ’پريا آنند‘ به البني جي مشھور شخصيت آهي. هُوءَ 1986ع ۾ ڏکڻ انڊيا جي شھر چنائيءَ ۾ ڄائي. کيس مائٽن اعليٰ تعليم لاءِ ننڍي هوندي ئي آمريڪا موڪليو هو، جتي هن البني جي SUNY يونيورسٽيءَ مان ڪميونيڪيشن ۽ جرنلزم ۾ تعليم حاصل ڪئي. سال 2008ع ۾ هن وطن موٽي ماڊلنگ ۽ فلمن ۾ ڪم شروع ڪيو. پھرين تامل فلمن ۾ ان بعد مليالم هندي، تيلگو ۽ ڪنھڙ فلمن ۾ ڪم ڪيو. هندي فلمن ۾ هن جون ٽي فلمون مشھور آهن، ’انگلش ونگلش‘، ’رنگريز‘ ۽ ’فقري‘. 2013ع جي فلم ’فقري‘ هڪ ڪميڊين فلم آهي، جيڪا سنڌي پروڊيوسر ’رتيش سڌواڻيءَ‘، چندن ٽوٽا رام جي پٽ ٺاهي، جنھن کي سندس پھرين فلم ’دل چاهتا هي‘ تي 2001ع ۾ نئشنل ايوارڊ مليو هو.
پريا آنند اڄ به هنديءَ کان وڌيڪ سائوٿ انڊين ٻولين، تامل، تيلگو، مليالم ۽ ڪنھڙ فلمن ۾ ڪم ڪري ٿي، جيڪي سري لنڪا، سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ پڻ عام ڏٺيون وڃن ٿيون ۽ اهو ئي سبب آهي جو پريا، انڊيا کان علاوه مٿين ملڪن ۾ به مشھور آهي.
هڪ ٻيو مشھور ترڪ همراهه ’حمدي اولوڪايا‘ جيڪو ڪُرد نسل جو آهي، ان جو واسطو پڻ هن شھر البنيءَ سان آهي. توهان جو جيڪڏهن آمريڪا ۾ رهڻ ٿيو آهي ته اتي جي مشھور ۽ اعليٰ درجي جي ’چوباني يوگرٽ‘ (ڌؤنرو) ضرور ٻُڌو هوندانوَ. حمدي (Hamdi Ulukaya) هڪ امير، وڏو واپاري، سخي مرد (Philanthropist) ۽ انساني حقن جو علمبردار (Activist) آهي، جيڪو آمريڪا جي هڪ اعليٰ فوڊ ڪمپني ’Chobani‘ جو مالڪ ۽ چيئرمين آهي. حمديءَ 1972ع ۾ ترڪيءَ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. هن جي فئمليءَ ’فرات نديءَ‘ جي ڪناري تي رڍون پاليون ٿي ۽ کير مان پنير ٺاهي وڪيو ٿي. هُونءَ ڪيترا اهو سمجهن ٿا ته ’فرات‘ ۽ ’دجله‘ نديون فقط عراق مان وهن ٿيون. بلڪل صحيح آهي، پر ’فرات ندي‘ جيڪا 2800 ڪلوميٽر ڊگهي آهي، شروع ترڪيءَ کان ٿئي ٿي ۽ شام ملڪ مان گذري، عراق ۾ ’شط العرب‘ وٽ ’دجله نديءَ‘ سان ملي، ايراني نار ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
’انقره يونيورسٽي‘ ترڪيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد حمدي انگريزي ۽ بزنيس جي تعليم لاءِ 1994ع ۾ آمريڪا آيو ۽ يونيورسٽي آف البني مان گرئجوئيشن ڪيائين. ان بعد هن ڌؤنرو (Yogurt) ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ جو ڪم شروع ڪيو. پنھنجي ڌؤنري (دهيءَ) جو نالو ’چوباني‘ رکيو، جيڪو ترڪ ٻولي جي لفظ ’چوبان‘ مان آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ’ريڍار.‘ حمدي پنھنجي بھترين ڌؤنري مان ايڏو ڪمايو آهي، جو اڄ ڪلھه دنيا جي سئو ملڪن جي امير ترين ماڻھن مان هڪ آهي، پر يارو حمديءَ جو خير خيرات جي ڪمن ۾ به دنيا ۾ نالو آهي. هُو وڏو سخي مرد آهي، جنھن خاص ڪري پنھنجي ڪُردن ۽ عراق توڙي شام جي ڏتڙيلن جي وڏي مدد ڪئي آهي.
منصور ٿلھي صاحب جي هن نئين ڳوٺ البني جا مشھور ماڻھو ته گهڻا ئي آهن، پر هتي آخر ۾ ٻه ٻين جا نالا لکان ٿو، جن جو توهان هتي البني توڙي ڪئليفورنيا جي شھر ’برڪلي‘ ۾ نالو ٻڌندانوَ. هڪ ته پروفيسر ’عمر مونس ياغي‘، جيڪو اردن جي شھر عمان ۾ 1965ع ۾ ڄائو. 15 سالن جي ننڍي عمر ۾ هُو تعليم لاءِ آمريڪا پھتو ۽ البني جي يونيورسٽيءَ مان ڪيمسٽري ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين. اڄ ڪلھه هُو ڪئليفورنيا جي شھر برڪلي جي ’يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا‘ ۾ ڪيمسٽريءَ جو پروفيسر آهي. هيءَ اها يونيورسٽي آهي، جتان ’ڪامارو شريف‘ جي ’پير تاج محمد قريشيءَ‘ گرئجيوئيشن ڪئي، جنھن بابت هن کان اڳ پير تاج محمد جي سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان. البني ۾ سنڌ جا هندو به گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا، جيڪي سنڌ کان لڏي هندوستان ويا، پوءِ آمريڪا ۾ اچي سيٽل ٿيا. ڪيترائي سنڌي هندو خاندان، آمريڪا جي هن شهر البني ۾ رهن ٿا. اُهي ڪاروباري آهن، ڪي وڏن عهدن تي پڻ آهن. دادو ضلعي جي ميهڙ شهر جو ’ڊاڪٽر ڪاڪا لعلچند سوبچا‘ جي فئملي نيويارڪ ۽ البني ۾ رهي ٿي. ’ڊاڪٽر دليپ سوبچا‘ به البني ۾ رهي ٿو.
صوماليا جي گورنر ۽ هاڻ وزيرِ خزانه جو نالو ’عبدالرحمان فئرول‘ به هن لسٽ ۾ ڏيندو هلان، جنھن جو پڻ هن ڳوٺ البني ۾ رهڻ ٿيو ۽ هتان تعليم حاصل ڪئي. هن شخص عبدالرحمان فئرول کي مون جھڙا جھازران، خلاصي، Seafarer ياد ڪندا هوندا، جنھن جي سخت قدم ۽ سزائن جي ڪري غواردافوي (Guardafui) چئنل ۾ قزاقن جي حملن ۾ گهٽتائي آئي، نه ته صوماليا جي ان هنڌ تان لنگهڻ وقت، پاڻيءَ جا جھاز هلائڻ وارن جون ننڊون حرام ٿِي ويون ٿَي.
منصور ٿلھي صاحب جي هن سفرنامي جو نالو ’آڏي کان البني‘ آهي. البني آمريڪا جو اهو شھر آهي، جتي هاڻ هُو رهي ٿو بلڪه ٻارنهن سالن کان رهي ٿو. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته جيتوڻيڪ منصور جي هن نئين ڳوٺ البني شھر جي آدمشماري اٽڪل ميهڙ شهر جيتري آهي، پر يارو آمريڪا جو هي شھر البني تمام گهڻي اهميت ان ڪري رکي ٿو، جو اهو آمريڪا جي مشھور ۽ امير رياست ’نيويارڪ‘ جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اها ڳالھه توهان لاءِ حيرت انگيز هوندي. شروع شروع ۾ معلوم ڪري مون کي به تعجب ٿيو هو. مون ته اهو ئي ٿي سمجهيو ته ’نيويارڪ رياست‘ جي گاديءَ جو شھر ’نيويارڪ سٽي‘ هوندو. بلڪه مون ته سڄي آمريڪا ملڪ جي گاديءَ جو شھر نيويارڪ ٿي سمجهيو... پوءِ خبر پئي ته اهو ’واشنگٽن‘ آهي ۽ نيويارڪ رياست جو ’البني‘ آهي. جيتوڻيڪ نيويارڪ رياست ۾ نيويارڪ کان علاوه ٻيا به شھر آهن، جيڪي البنيءَ کان وڏا آهن، جيئن ’بفئلو‘، ’بنگهامٽن‘، ’روچيسٽر‘ ويندي ’سائراڪوز‘ (Syracuse) وغيره، پر اهو مون ڏٺو آهي ته آمريڪا (USA) جي اها ڳالھ سٺي آهي ته هنن ڪيترين ئي رياستن جا گاديءَ جا شھر وڏن شھرن بدران ننڍا رکيا آهن. جيئن ڪئليفورنيا رياست جي گاديءَ جو شھر ڪنھن کان پڇندائو ته هُو يڪدم چوندو ’لاس اينجلس‘ آهي، جو لاس اينجلس تمام وڏو ۽ امير شھر آهي، جيئن اسان وٽ سنڌ صوبي جي گاديءَ جو شھر ’ڪراچي‘ آهي، پنجاب جو ’لاهور‘ يا انڊيا ۾ مھاراشٽرا جو ’ممبئي‘ ۽ بنگال جو ’ڪولڪتا‘ وغيره پر هتي آمريڪا ۾ نيويارڪ رياست وانگر ڪئليفورنيا جي گاديءَ جو هنڌ ساڪرومينٽو (Sacramento) آهي، جيڪو ڏٺو وڃي ته رياست جو ڇھون نمبر وڏو شھر آهي. ان کان وڏا شھر ته لاس اينجلس کان علاوه سان ڊياگو پورٽ،San Jose، سان فرانسسڪو، پورٽ رچمنڊ ۽ Frenso آهي. اهڙي طرح ٽيڪساس رياست جي گاديءَ جو شھر آسٽن به رياست جو چوٿون نمبر وڏو شھر آهي، جنھن کان هوسٽن، سان ائنٽونيو، ڊالاس، پورٽ آرٿر وڏا شھر آهن.
اهو ائين آهي، جيئن اسان وٽ سنڌ جي گاديءَ جو شھر صوبي جي ڇيڙي واري شھر ڪراچي، حيدرآباد، سکر بدران قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جو نصيرآباد هجي يا باڊهه، راڌڻ، مديجي هجي ها... يا سڪرنڊ، قاضي احمد، گمبٽ هجي ها! سڄي صوبي جي سرڪار جون آفيسون ننڍي ڳوٺ/شھر ۾ هجڻ ڪري سڄي صوبي کان آيل ڪم ڪارين وارن کي رهائش سستي پوي ها ۽ سواريءَ جو به ايڏو وڏو مسئلو نه ٿئي ها. وڏي ڳالهه ته اسان جا وزير، مشير، اسيمبلي ميمبر اچي، هنن ننڍن ڳوٺن ۾ رهن ها ۽ کين خبر پئجي سگهي ها ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ تعليم يا صحت وغيره جو ڇا بندوبست آهي؟! ۽ هُو ٻين يعني عوام لاءِ کڻي نه پر پنھنجي ٻارن خاطر ته سٺن اسڪولن جو بندوبست ڪن ها يا پنھنجي صحت لاءِ سُٺين اسپتالن جو... پوءِ نصيرآباد، باڊهه يا قاضي احمد به البني جھڙي اهميت حاصل ڪري وٺي ها ۽ اسان جا ڳوٺ به جپان ۽ ملائيشيا جي ڳوٺن وانگر هر سهوليت سان ٽمٽار رهن ها.
جنھن رياست نيويارڪ ۾ اسان جو ليکڪ ٿلھو صاحب رهي ٿو، ان بابت ڪجههInput ڏيندو هلان، جيئن اهي پڙهندڙ جن جو آمريڪا ۾ رهڻ يا اچڻ نه ٿيو آهي، انھن کي سفرنامو پڙهڻ دوران هن پاسي جي علائقن جي جاگرافيءَ جي Clarity رهي ۽ هُو منصور ٿلھي جي لکيل ڳالھين مان لطف حاصل ڪري سگهن. هُونءَ به آئون اهو چاهيان ٿو ته آمريڪا، ڪئناڊا، انگلنڊ، آسٽريليا ۽ نيوزيلنڊ جھڙن ملڪن جي ڄاڻ وڌيڪ ڏني وڃي. اڄ ڪلھ ولايت ۾ نوڪريون ڪرڻ وارن جو اهو ئي چوڻ آهي ته عرب ملڪن ۾ يا ملائيشيا، برونائي جھڙن مسلمان ملڪن ۾ نوڪري ڪرڻ کان بھتر آهي ته گهٽ پگهار تي ئي سھي، پر آسٽريليا، ڪئناڊا جھڙن يا اسڪينڊينيوين ملڪن (ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن وغيره) ۾ نوڪري ڪجي، جيڪي ڪجهه سالن بعد ملڪ جي شھريت (پاسپورٽ) ڏيو ڇڏين، باقي اسان جي عرب يا مسلمان ملڪن جو ڪو حال ناهي، ويهه سال نوڪري ڪرڻ بعد به سعودي عرب، ڪويت يا برونائيءَ جھڙو ملڪ توھان کي پنھنجو نه سمجهندو. بلڪِ اهي اسلامي ملڪ اهڙا ملڪ آهن، جن جو مٿو ڦرڻ تي توهان کي ڪنھن وقت به، بنا ڪنھن سبب جي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيندا. اها ٻي ڳالھه آهي ته جي توهان کي انگلنڊ، آمريڪا، ڪئناڊا جھڙي ملڪ جو پاسپورٽ آهي ته پوءِ توهان جو نالو وٺندي ساهه ويندو اٿن پوءِ اصل ۾ توهان کڻي پاڪستان، بنگلاديش جا هجو يا سري لنڪا نيپال جا. اهو ئي سبب آهي جو آئون به پنھنجي دوستن/سُڃاڻن جي ٻارن يا پڙهندڙن کي اها ئي صلاح ڏيندو آهيان ته ڪوشش ڪري آمريڪا، ڪئناڊا، نيوزيلينڊ، آسٽريليا جھڙن ملڪن ۾ نوڪري حاصل ڪري شھريت حاصل ڪريو. انھن ملڪن ۾ به مسلمان آهن. انھن ملڪن ۾ به مسجدون آهن. اتي رهندڙ اسان جي هم وطنين جو اهو ئي چوڻ آهي ته اتي جا رهاڪو عيسائي/يھودي ٿي ڪري به وڌيڪ انصاف پسند آهن ۽ همدرديءَ جو اظھار ڪن ٿا.
آمريڪا واري سفرنامي ’نيوهالا کان نيويارڪ‘ ۾ يا ’بخشو لغاري کان بالٽيمور‘ ۾ هڪ فلسطينيءَ جو احوال لکي چڪو آهيان، جنھن جي فئملي آمريڪن سٽيزن آهي ۽ هن جھڙا ٻيا به انيڪ فلسطيني آمريڪا ۾ رهن ٿا. هن کي جڏهن چيم ته فلسطين ڇڏڻ بعد هُو هيڏو پري ڇو آيو. ان کان ته ڪنھن ڀر واري مسلمان ملڪ سعودي عرب ۾ رهي پوي ها. ان تي هن اهو ئي ڏک جو اظھار ڪيو ته عرب ملڪ هيڏا امير آهن، سعودي عرب جھڙي ملڪ کي ته زمين جي به کوٽ ناهي، پر هنن کي اسان مسلمانن ۽ ساڳي زبان ڳالھائڻ وارن سان ڪو پيار ناهي. اسرائيل اسان جا اهڙا حال ڪيا جو دربدر ٿي وياسين. ماني ڳڀي لاءِ پريشان ٿي وياسين، پر سعودي عرب جھڙن حاڪمن به اسان کي پنھنجو نه ڪيو ۽ وڃڻ تي لوڌي ڪڍيو. وري به آمريڪن کي شابس هجي، جن مٿو ڍڪڻ لاءِ ڇت ڏني ۽ روزگار مھيا ڪيو. اڄ اسان غير مسلمانن جي ملڪ ۾ رهندي به خوشحال آهيون. ٻچا ٻار پڙهي وڏين نوڪرين ۾ اچي ويا آهن. هر ڳالھ جي آزادي اٿئون.
در اصل ڪو زمانو هو يعني 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي جو ٿو سوچجي ته اسان جي ملڪ ۾ سک، چين، سڪون ۽ سستائي هئي. تعليم ۽ صحت جون بھتر سھوليتون هيون. غريب غربي لاءِ روزگار جا موقعا هئا. انھن ڏينھن ۾ ولايتن ۾ شھريت (Citizenship) ملڻ جيتوڻيڪ آسان ڪم هو، پر اسان چوندا هئاسين ته ولايت ۾ ڇو رهون، جتان مائٽن کي وطن فون ڪرڻ به مشڪل ٿو ٿئي، جتي ڪو ٻيو هم وطن يا هم زبان نٿو رهي، پر هاڻ هڪ ته دنيا هڪ ’گلوبل وليج‘ ٿي ويو آهي ۽ ٻيو ته اسان جي ملڪ جون معاشي ۽ امن امان جون حالتون خراب ٿي ويون آهن. اهڙين حالتن ۾ ڪنھن کي ٻاهرئين ملڪ ۾ روزگار ۽ رهائش ٿي ملي ته هُو ڇو نه وڃي. آئون ته ڏسان پيو ته اسان جي فوجين، سرڪاري ڪامورن، سياستدانن، وزيرن، پيرن ميرن جا ٻار به ٻاهر رهيا پيا آهن ته پوءِ اسان جي غريب ماڻھوءَ ڪھڙو ڏوهه ڪيو! هن کي جي ٻاهر وڃڻ جو موقعو ملي ٿو ته هُو ڇو نه Avail ڪري. بقول ٻاهر رهندڙن جي ”ولايت ۾ سيءُ آهي، مشيني زندگي آهي، سخت پورهيو ڪرڻو پوي ٿو پر ٻارن جو مستقبل ته محفوظ آهي ۽ آمريڪا ۽ ڪئناڊا جھڙين ولايتن ۾ ته مدرسا ۽ مسجدون به موجود آهن، جتي هنن جا ٻار دين جي تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. دنيا ۾ جتي ڪٿي گوشت ۽ ٻيون حلال شيون ملن ٿيون. ايتري قدر جو ’ڪوشر‘ جي به ضرورت ناهي. ڪوشر، اهو گوشت آهي جيڪو يھودي ذبح ڪن ٿا ۽ يھودين جي دڪانن تان ملي ٿو. اڄ کان مُنو صدي اڳ جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مسلمان آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهيا ٿي اهي ’ڪوشر گوشت‘ وٺندا هئا، جنھن لاءِ هنن ٻڌايو ٿي ته مصر جي ملائن فتوا ڏني آهي ته يھودين جو ذبح ڪيل گوشت مسلمان کائي سگهن ٿا، پر پوءِ جتي ڪٿي مسلمانن جو تعداد ايترو وڌي ويو جو نيويارڪ، لاس اينجلس ته ڇا پر ٽوڪيو، سيول ۽ تائيوان ۾ به حلال گوشت جا دڪان کلي ويا. انگلنڊ جي شھرن ۾ ته ڪڏهوڪا انيڪ دڪان هئا. آمريڪا ۽ ڪئناڊا پاسي البت اسان جا پاڪستاني دير سان آيا. ڪئناڊا جي بندرگاهن ۾ ٿڌ ۽ برف باري ڏسي آئون چوندو هوس ته اسان جا پنجابي، جيڪي دنيا جي هر ملڪ ۾ نظر اچن ٿا، پر هتي ڪير ايندو جيڪو هيڏو ڏور آهي ۽ جتي جي موسم هيڏي ظالم آهي. اڄ اڌ صديءَ بعد ڏسان ٿو ته ڪئناڊا جي شھرن ۾ رهڻ ۽ رهائش جون ايڏيون سهوليتون ٿي ويون آهن ۽ ساڳئي وقت اسان جي پياري وطن ۾ بيروزگاري، بدامني، ناانصافي ايڏي وڌي آهي، جو اسان جي ملڪ جا پٺاڻ ۽ پنجابي ته ڇا پر سنڌ جي ڳوٺن جا مسلمان به جتي ڪٿي نظر اچن ٿا ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ گهر نه پر پاڙن جا پاڙا! ڏيپلائي ميمڻن، شڪارپوري شيخن، ابڙن، ڏاهرين، ناريجن، قاضين، ڪلمتين، سومرن ۽ صديقين جا نظر اچن ٿا. ولايت ۾ رهڻ ڪو سَوَلو ناهي. جيڪي رهن ٿا، انھن کي روزگار خاطر سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي، پر هنن وٽ ذهني سڪون آهي ۽ هُو بھتر زندگي (Quality of Life) بسر ڪن ٿا... هُو اسان جي رشوت خور ۽ ظالم ڪامورن کان بھتر آهن، جيڪي غريبن جي زندگين سان راڱا ڪن ٿا ۽ حرام کائين ٿا ۽ اهي ماڻھو اسان وٽ نه فقط پوليس ۽ PWD کاتي ۾ آهن، جيئن اڳ ۾ انھن کاتن لاءِ چيو ويندو هو پر هاڻ ته توهان کي قوم جا ڦورُو، صحت کاتي ۽ تعليم کاتي ۾ به ملندا، جيڪي غريبن جي دوائن ۽ مريضن جي کاڌي جا پئسا به کايو وڃن... سنڌي ادبي بورڊ ۽ يونيورسٽين جي صاحبن ۾ به ملندا... نتيجو اهو آهي ته اسان جي ادبي ۽ ثقافتي ادارن کان وڌيڪ ڪتابَ اسان جا ساجد سنڌي، هوش محمد ڀٽي، انعام عباسي، قمر ابڙو، موهن مدهوش، فقير محمد ڍول، محمد علي ماجد ۽ قربان منگيءَ جھڙا بي پھچ پروانا پڌرا ٿا ڪن.
هُونءَ پنج ئي آڱريون برابر به نه آهن. آمريڪا جھڙن ملڪن ۾ اسان جا ماڻھو، گهڻي ڀاڱي محنت ۽ پورهيو ڪري زندگي گذارين ٿا، جن ۾ پير تاج محمد جھڙا وڏن خاندانن جا ٻار به آهن ته اسان جي ليکڪ منصور ٿلھي جھڙا معذور Handicapped به آهن، جيڪي معذوريءَ جي حالت ۾ هوندي به سرڪار طرفان ملندڙ ’سوشل مَني‘ (خيرات) وٺڻ عيب ٿا سمجهن، جيئن سئيڊن جي سفرنامي ۾ اسان جي گهرن جي ڇٻر ڪٽي گذر بسر ڪرڻ واري سِکَ لاءِ لکيو اٿم ته، هُو اتي جي شپ يارڊ ۾ ويلڊر هو ته ڪرنٽ لڳڻ سبب معذور ٿي پيو ۽ ميڊيڪل بورڊ هن کي رٽائرمينٽ ڏئي ’سوشل‘ حاصل ڪرڻ جو مستحق قرار ڏنو، پر هن اهو مفت جي گهر ويٺي مليل پئسي کي خيرات سمجهي وٺڻ کان انڪار ڪيو. هن اهو ئي چيو ته، ”اکين جي خرابيءَ جي ڪري آئون ويلڊنگ نٿو ڪري سگهان، پر منھنجا هٿ پير ته سلامت آهن. آئون گهرن ۽ آفيسن جي ڇٻر ڪتري روزگار ڪمائيندس.“ ۽ پوءِ هن سالن جا سال اهو ڪم جاري رکيو. سندس اڪيلو پٽ، جيڪو اسان واري شھر مالمو (سُئيڊن) ۾ چوٿين ڪلاس ۾ هو ان گرئجوئيشن ڪئي. ان بعد هن انگلنڊ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ هاڻ مانچسٽر ۾ وڏي پگهار تي انجنيئر آهي. اسان جو پاڙيسري هي سِکَ سرڪار طرفان هر مھيني ملندڙ Social جي پئسن کي خيرات چوندو هو، جيڪو واقعي اسان جي ٻوليءَ ۾ خيرات ئي ٿئي ٿو، جيڪو سُئيڊن، ناروي يا ڪئناڊا جھڙن ملڪن جا امير ماڻھو ٽئڪس ذريعي ان خيال کان ڏين ٿا، جيئن سندن ملڪن جا غريب ماڻھو جن کي ٻار ٻچا آهن ۽ روزگار ناهي يا روزگار سٺو نه آهي ته اهو پنھنجو نالو درج ڪرائي سرڪار کان حاصل ڪري سگهن. افسوس جي ڳالھه اها آهي ته اسان جا ڪجهه مسلمان هڪ ته ايئرپورٽ تي اميگريشن پوليس کي پئسو کارائي پنھنجي پاسپورٽ تي Enter جو ٺپو نه هڻائي، پنھنجي موجودگي ڪئناڊا ۾ ڏيکاري، ٽائيم پورو ڪري اتي جي شھريت وٺي هاڻي ويٺا پنھنجي ملڪ ۾ آهن ۽ اهڙي طرح پنھنجي بيروزگاري ۽ ٻچن لاءِ ڪئناڊا جھڙن ملڪن کان سوشل (خيرات) حاصل ڪري، گد گد پيا ٿين. اهڙين ڳالھين ۽ ڪمن بابت مختلف ملڪن جي مولوين، مفتين ٺڳيءَ جي فتويٰ ڏني آهي. جيئن پنھنجي هڪ هم وطن بابت پنھنجي شروع جي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته، هُو لنڊن جي هڪ اسٽور مان هميشه ڊبل روٽي چوري ڪري Justification اها ڏيندو هو ته، ”انگريزن اسان جي ننڍي کنڊ کي ٻه سئو سال لُٽيو ڦريو، مون جي انگريزن جي ملڪ مان ڊبل روٽي چورائي ته ڪھڙي وڏي ڳالھه ٿي.“
بھرحال مقامي مولوين اها ئي فتويٰ ڏني ته، ”اهو ڪم غلط آهي. هڪ غلط ڪم جو جواب غلط ڪم سان ڪيئن ٿو ڏئي سگهجي. انگريز راڄ ۾ سندن غلط ڪمن جي بدلي ۾ پاڙي جي غريب دوڪاندار جي ڊبل روٽي ۽ بيضا چورائڻ ڪھڙي شرافت آهي.“ پر ڳالھه اها آهي ته ان قسم جي غلط ڪمن ۽ ناجائز فائدا حاصل ڪرڻ سان هڪ طرف اسان جي ملڪ جي بدنامي ٿئي ٿي ۽ ساڳئي وقت مجبور ۽ ضرورتمند ماڻھو ان فائدي کان رهجيو وڃن.
سُئيڊن ۾ تعليم دوران مون ڏٺو ته اتي جي حڪومت عوام جي ڀلي لاءِ اهو قانون ڪڍيو، ته نه فقط ٻارَ پر ان سان گڏ جيڪو وڏو هوندو، ان لاءِ به بس جو سفر مفت ٿيندو. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو اسان جي ماڻھن ننڍي ٻار کي ڄڻ ’بس جي پاس‘ کڻي سمجهيو. ماءُ کي شاپنگ لاءِ يا پنھنجي ساهيڙيءَ سان ملڻو آهي ته اڪيلو وڃڻ بدران معصوم ٻار کي گاڏي ۾ گھليندي وتي، جو ان ڪري هن جو سفر بس ۾ مفت ٿو ٿئي ۽ هُو ٽڪيٽ وٺڻ کان بچيو وڃي. ماءُ شھر جا چڪرَ هڻي گهر موٽي ته پيءُ ٻار جي گاڏي ۾ هٿ وجهي گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري! چند هفتن ۾ نتيجو اهو نڪتو جو هڪ ته هر بس ۾ ٻارن جي گاڏن جو نمبر وڌي ويو ۽ ٽڪيٽ وٺي مسافرن جي چڙهڻ لاءِ جاءِ ٿوري بچڻ ڪري بس وارن جي ڪمائي گهٽجڻ لڳي، ٻئي طرف حڪومت ڏٺو ته ٻارن ۾ ٿڌ ۽ نمونيا جي بيماري وڌندي پئي وڃي، پوءِ کوجنا ڪرڻ تي هنن کي معلوم ٿيو ته سُئيڊن ۾ رهندڙ ’اميگرنٽ ايشين‘ بس ۾ مفت سواري ڪرڻ لاءِ ٻارن کي ٿڌ ۾ رلائيندا وتن. بعد ۾ هڪ ڏينھن سُئيڊن سرڪار اها سھوليت ختم ڪري ڇڏي. اهڙي طرح ٻيون به ڪيتريون ئي سھوليتون اسان جي ماڻھن جي غلط حرڪتن ڪري سُئيڊن ۽ ناروي جھڙن بھتر سوشل ملڪن ۾ بند ٿي ويون. جن جو تفصيل مون ان وقت جي سفرنامن ’ملير کان مالمو‘، ’جِت برف پئي ٿي جامَ‘ ۽ ’اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا‘ وغيره ۾ لکي چڪو آهيان. اهڙي طرح ڪئناڊا ۾ رهائش پذير اسان جي ماڻھن کي حڪومت طرفان جيڪي سھوليتون ملنديون رهن ٿيون، چند ماڻهن جي ٺڳين جي ڪري، هڪ ڏينھن ٻين شريف ماڻھن جون به بند ٿي وينديون، جيڪي ڪئناڊا جي ٿڌ ۾ رهي محنت مزوري ڪري رهيا آهن.
ڪئناڊا يا آمريڪا جھڙن ملڪن جو پاسپورٽ حاصل ڪري، پوءِ پنھنجي ملڪ ۾ موٽي هڪ طرف مٿين ملڪن جون سھوليتون حاصل ڪرڻ جھڙو پنھنجي ۽ ٻارن لاءِ سوشل (خيرات) حاصل ڪرڻ ته ٻئي طرف پنھنجي ملڪ ۾ رهي، پنھنجي ماڻھن تي ڌؤنس ڄمائڻ ته اسان آمريڪين يا ڪئناڊين آهيون يعني اسان وٽ هڪڙا وڏيرا سردار اڳھين هئا ته مٿان وري هي پيدا ٿيا آهن. مھينو ڏيڍ اڳ تائين حيدرآباد ۾ رهندڙ هڪ اهڙي آمريڪن شھريت واري جون خبرون ته سڀني پڙهيون هونديون، جيڪو شراب پي اوڙي پاڙي وارن کي گاريون ڏيندو هو. پوليس جي اچڻ تي هُو ان کي به اهي ئي دڙڪا ڏيندو هو ته، ”خبردار جو منھنجو نالو ورتو اٿانوَ. آءِ ايم ائن آمريڪن سٽيزن.“ ته جتي اسان جا ماڻھو آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا وغيره جھڙن ملڪن ۾ رهي، محنت مزوري ڪري پنھنجو ۽ پنھنجي ٻچن جو سٺو گذر سفر ڪري رهيا آهن، اتي چند ماڻھو اهڙا به آهن، جيڪي پاسپورٽ حاصل ڪري اتي يا پنھنجي ملڪ ۾ پورهيو ڪرڻ بدران ٻئي لاءِ مٿي جو سُور پيدا ڪن ٿا. ان ڳالھ جو اتي رهندڙ اسان جي ٻين ماڻھن ۽ انھن ملڪن جي هتي سفارتڪارن کي به افسوس ٿيندو هوندو. آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ پنھنجي وطن جي همراهه کان پڇيم ته آمريڪا ۾ پورهيو يا محنت ڪرڻ بدران، هُو پنھنجي وطن اچي غلط حرڪتون ڪرڻ تي، هن کي پوليس جو به خوف نٿو ٿئي؟ هن وراڻيو ته هُو ڪرپٽ پوليس آفيسرن سان دوستي رکي، هنن کي اهي ئي ڏٽا ڏئي ٿو ته نوڪريءَ مان نڪرڻ بعد يا رٽائرڊ ٿيڻ ته هُو جيئن ته آمريڪن سٽيزن آهي، سو هُو هنن کي آمريڪا ۾ Set ڪندو. اهڙي طرح پوليس ذريعي مفت جو شراب به حاصل ڪيو وٺي. بھرحال منھنجي گهٽ ۾ گهٽ پنھنجي وطن جي ماڻھن کي اها ئي التجا آهي ته هُو آمريڪا ۽ ڪئناڊا يا ناروي ۽ ڊئنمارڪ جھڙن ملڪن جي شھريت ضرور حاصل ڪن پر اتي جي مقامي گورن (عيسائين، يهودي ۽ ڪارن) وانگر دل لڳائي پورهيو ڪن ۽ نوڪري ڪري ان ملڪ جي ايڪانامي کي فائدو رسائين. رڳو اتي جي سھوليتن مان فائدو نه وٺن ۽ نه ٻيا سردار، پير، مير، وڏيرا بڻجي پنھنجي ملڪ ۾ عوام لاءِ مٿي جو سُور بڻجن.
هتي هڪ ڪئناڊا جي شاگرد تان ڳالھ ياد ٿي اچي. هُو اسان وٽ شيڊول ڪاسٽ جي ماڻھن تي ريسرچ ڪري رهيو هو يعني باگڙي قسم جي ماڻھن تي جيڪي اسان جا وڏا زميندار ٻني ٻاري، چونڊي وغيره جي ڪم لاءِ هنن کي پنھنجي زمين تي جهوپڙيون اڏي رهڻ لاءِ اجازت ڏين ٿا. مون هن ڪئناڊين کي چيو ته، ”توهان هر هڪ کي پنھنجي ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت ڏيڻ بدران، چونڊي چونڊي ڪم وارا ماڻھو رکو ٿا، جيئن اسان وٽ هي باگڙي يا ڪولھي وغيره آهن.“ ان تي هُن کلندي چيو ته، ”ايئن هرگز ناهي. توهان وٽ هي ماڻھو هميشه ڪم ۾ رهن ٿا. ڪم نه ڪرڻ تي توهان هنن کي ٽڪو به نٿا ڏيو، پر اسان کين هر صورت ۾ پئسو ڏيون ٿا، چاهي روزگار ۾ نه هجن پر اسان وٽ توهان وٽان جيڪي ماڻھو اچن ٿا اهي اسان وٽ رهي ملڪ لا ڪارائتو ڪم ڪرڻ بدران، پاسپورٽ وٺي هليا وڃن ۽ حڪومت کان باقاعدي سوشل وٺندا رهن ٿا.“
هن سڄي پٽاڙ جو مطلب اهو آهي ته اسان کي ڌارين ملڪن ۾ رهڻ جو موقعو (پاسپورٽ) ملي ٿو ته اسان کي کپي ته بھتر طريقي سان رهون، جيئن اسان جي ملڪ ۽ مذهب جو نالو ٿئي ۽ بدنامي نه ٿئي. ڏٺو وڃي ته اسان جي ماڻھن جو تعداد جيڪي ٻاهر رهن ٿا پوءِ اهي چاهي آمريڪا، ڪئناڊا ۾ هجن يا نيوزيلينڊ، آسٽريليا ۾، جپان، ملائيشيا ۾ يا انگلنڊ ۽ جرمني ۾... پنھنجي ڪم سان ڪم رکن ٿا ۽ محنت مزدوريءَ ۾ لڳا رهن ٿا. جيتوڻيڪ هُو ٺڳين، غلط حرڪتن ۽ بداخلاقين کان پاسو ڪن ٿا پر ان هوندي به اسان جا ڪجهه ماڻھو ٿورائي سهي، غلط ڪمن ڪري سڀني کي بدنام ڪن ٿا. ملڪ ۽ مذهب جو مانُ هيٺاهون ڪن ٿا. منھنجو مطلب صرف پنھنجي صوبي سنڌ سان ناهي، پر سڄي ملڪ جي ماڻھن سان آهي، جن ۾ موجود چند ڪارين رڍن جي ڪري بدنامي ٿئي ٿي ۽ ڪيترا دفعا ته مون ايئن به ڏٺو، خاص ڪري ملائيشيا، ٿائلنڊ، سنگاپور جھڙن ملڪن ۾ ته قتل، چوري يا فراڊ جي معاملي ۾ گرفتار ٿيل پاڪستانيءَ جو اخبارن ۽ ٽي ويءَ تي نالو اچڻ بعد اهو ثابت ٿيندو آهي ته هُو دراصل پاڪستاني نه پر افغاني، بنگالي، برمي يا ٻئي ملڪ جو آهي، پر ڪنھن طريقي سان پاڪستان جو پاسپورٽ ٺھرائي، هُو هن ڌارئين ملڪ ۾ رهيل هو ۽ ڏوهه ڪري رهيو هو.
بھرحال جتي به رهجي ان ملڪ جي قانون جي عزت ڪجي، پنھنجي پاڙي اوڙي جي ماڻھن سان سٺو هلجي بقول مٿي ذڪر ڪيل فلسطينيءَ جي، ڪجهه به آهي، پر هنن گورن جي ملڪن توهان کي پنهنجن ملڪن ۾ رهڻ ڏنو آهي، جتي توهان سڪون سان پنھنجو روزگار ڪمائي سگهو ٿا. پنھنجي ٻچن کي بھتر تعليم ڏئي سگهو ٿا، جيڪو ملڪ توهان جو ۽ توهان جي فئمليءَ جي صحت جو به خيال رکي ٿو، توهان کي پنھنجي دين ڌرم ۽ عبادت ڪرڻ کان منع نٿو ڪري ته توهان تي به فرض ٿو ٿئي ته ان نئين ملڪ ۽ اتي جي ماڻھن جو توهان به خيال رکو. هُو ڇا چوندا آهن ته جنھن ٿانوَ ۾ کائجي ان ۾ سوراخ نه ڪجي.
هُونءَ هتي هڪ ڳالھ لکندو هلان، جيڪا جيتوڻيڪ اسان جي گهڻن ماڻھن کي اعتبار نه اچي يا پسند نه اچي، اها هيءَ ته ڌارين ملڪن ۾ اسان کان وڌيڪ انڊين لاءِ چيو وڃي ٿو ته هُو فضيلت سان رهن ٿا ۽ هنن جي ڏوهن ۾ Involvement به گهٽ آهي ۽ مقامي ماڻھو هنن کي اسان کان وڌيڪ پسند ڪن ٿا، پوءِ اهي ڌاريا ماڻھو عرب هجن يا ملئي، انگريز هجن يا آمريڪن.
سئيڊن واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان، جتي تعليم دوران مون ٻه سال مالمو شھر ۾ گذاريا، ته ڪيئن اتي عربن ۽ ايشين جي پاڙن ۾ هر وقت پوليس جي گاڏي پئي هلندي هئي. اسان وٽ چيو وڃي ٿو ته سڀ کان بھتر ۽ ڏوهن کان پري رهندڙ آغا خاني/ اسماعيلي آهن، هيءَ ڪميونٽي بھتر سمجهي وڃي ٿي ۽ هنن جي پاڙي ۾ رهڻ جي هر هڪ کي خواهش رهي ٿي، جو هُو سِول سوسائٽي جو خيال رکن ٿا.
ڳالھ اها آهي ته اسان سٺا ٿي هلنداسين ته ڌارين ملڪن کي اسان جي وڌيڪ ماڻھن کي رکندي عار نه ٿيندو. خراب هلڻ سان ڌاريان ملڪ اسان جي ماڻھن کي پنھنجي ويجهو آڻڻ کان گريز ڪندا. ولايت ۾ ڪو به اهو نٿو ڏسي ته ڪو پنج وقت نمازي مسلمان آهي يا عيسائي يا يھودي... ۽ نه اهو ٿو ڏسي ته پاڙي وارو اڙدو ٿو ڳالھائي يا سنڌي، پنجابي. هُو توهان جون فضيلتون ٿو ڏسي ته توهان جي حرڪتن سان ٻئي کي تڪليف ته نٿي رسي.
ٻي ڳالھه ته قدرت توهان جو شوق پورو ڪري، توهان کي آمريڪا، ڪئناڊا يا انگلنڊ، آسٽريليا جھڙن امير يا طاقتور ملڪن جو پاسپورٽ ڏياريو آهي ته پوءِ پنھنجي مٽن مائٽن ۽ دوستن جي به مدد ڪريو ته هُو به فيض حاصل ڪري سگهن ۽ نه انھن تي رعب رکو ۽ ظالم سرڪاري ڪاموري، جاھل وڏيري يا سردار وانگر هنن جي زندگي عذاب ڪريو. اسان وٽ ڪيترا سرڪاري نوڪرين جي ڪري يا ڪنھن سياستدان سان مٽي مائٽي هجڻ ڪري، پنھنجي لَئي ڏيکارڻ خاطر، نه فقط ٽرئفڪ جي سگنلن کي فالو نه ڪندا، پر هر هڪ جي چُرچ ڪندا رهندا ۽ هاڻ انھن ۾ هڪ ٻي جنس شامل ٿي آهي، جيڪي آمريڪا جو پاسپورٽ رکڻ وارا آهن. بقول هڪ سلجهيل همراهه جي، هنن کي آمريڪا جي ٿڌي موسم ۾ رهي، ڪو پورهيو ڪِرت ته نٿي پڄي، پر هتي اباڻي وطن ۾ وتن ڏوهه ڪندا ۽ پاڙي اوڙي وارن لاءِ جنجال ڪندا. سال ٻه اڳ سکر ۾ هڪ نوجوان فرانس جو پاسپورٽ هجڻ ڪري، شراب پي نشي ۾ محلي جي گاڏين جا شيشا ڀڃندو رهيو، جنھن جو پوءِ فرانس جي مقامي قونصلخاني نوٽيس ورتو. ظاهر آهي فرانس وارن به اهو ئي سوچيو هوندو ته هھڙن ماڻھن کي سٽيزن شپ ڏئي، پنھنجي خواري ڪرڻي ٿي پوي.
ان ڪري آئون هڪ ليکڪ ۽ ٽريولر جي حيثيت ۾ پنھنجي ماڻھن کي اها ئي نصيحت ڪندس ته هُو جتي به رهن، اتي پورهيو ۽ محنت ڪري ايمانداريءَ جو مثال قائم ڪن... آخرڪار مشيگن ۾ رهندڙ پير تاج محمد قريشي ۽ نيويارڪ رياست جي شھر البني ۾ رهندڙ ڊاڪٽر منصور ٿلھي جهڙا به ته آهن، جيڪي جاگيردارن، اميرن ۽ باعزت خاندانن جا ٻار ٿي، ايمانداريءَ سان ولايت ۾ رهي روزگار ڪمائي رهيا آهن ۽ اهڙي طرح ٻيا به هزارين غريبن ۽ اميرن جي گهرن جا ٻار آهن، جيڪي ولايت ۾ رهن ٿا توڙي پنھنجي وطن ۾، ته هُو سڪون ۽ شرافت جي مثالي زندگي گذارين ٿا، هُو نه پنھنجي پاڙي وارن لاءِ عذاب بنجن ٿا ۽ نه سفارتخانن/قونصلخانن لاءِ مٿي جو سُور.
پاڻ موٽي ڊاڪٽر منصور ٿلھي صاحب جي سفرنامي ’آڏيءَ کان البني تائين‘ تي اچون ٿا ته البني ڪٿي آهي، جتي اسان جو ليکڪ گذريل ٻارنهن سالن کان رهي ٿو.
البني(Albany) آمريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي رياست نيويارڪ جو شھر آهي بلڪه هن رياست جي گاديءَ جو شھر آهي. پھريون دفعو جڏهن اسان جو جھاز نيويارڪ رياست جي نيويارڪ هاربر ۾ آيو هو جنھن کي اڄ 50 سالن کان مٿي عرصو ٿي ويو، ته ان دفعي ئي اسٽيمر ذريعي جھاز جي ٻين آفيسرن سان گڏ البني وڃڻ ٿيو هو. شايدLake George Steamboat جو فيري نما اسٽيمر هو. هاڻ ته نيويارڪ ۽ البنيءَ جي وچ ۾ ’هڊسن نديءَ‘ ۾ مختلف ڪمپنين جون آرامده ۽ خوبصورت فيريون ۽ ڪروزشپ (پئسنجر جھاز) هلن ٿا، جيئن ’ڊچ ائپل ڪروز ائنڊ ٽوئرس‘ ڪمپني ۽ ’ڪئپٽن JP ڪروز ڪمپني‘، جن جي ٽڪيٽ پنجاهه کان ستر ڊالر آهي ۽ هر فيريءَ ۾ ڇهه سؤ کان مٿي مسافر ويھي سگهن ٿا. نيويارڪ کان جھاز رستي يعني هڊسن درياهه ذريعي 250 ڪلوميٽرن جو فاصلو ٿئي ٿو. سمجهو ته سنڌو نديءَ ذريعي ڪراچيءَ کان هالا پراڻا/ ڄامشورو پيا وڃو.
نيويارڪ کان البني ريل گاڏيون به هلن ٿيون خاص ڪري Amtrak ڪمپنيءَ جون آرامده ريل گاڏيون. ريل جو سفر به فيري جھڙو ئي خوبصورت رهي ٿو، جو ريل گاڏي هڊسن درياهه جو ڪنارو وٺي 216 ڪلوميٽرن جو سفر طئه ڪري ٿي. ريل جي اڄ ڪلھه ٽڪيٽ ڇٽيهه ڊالر آهي ۽ اڍائي ڪلاڪ وٺي ٿي. نيويارڪ کان البني هوائي جھاز ۾ به سفر ڪري سگهجي ٿو، جيڪو پنجٽيهن منٽن جو سفر آهي ۽ جھاز جي سڌو اڏامڻ ڪري فاصلو 216 ڪلوميٽر ٿئي ٿو.
البني شھر ڪٿي آهي؟
هن پاسي کان اڻ واقف لاءِ اهو لکندس ته آفريڪا کنڊ جي اولھه وارو ڪنارو يا يورپ کنڊ ڇڏجي ٿو، جيئن ڪولمبس ڪيو ته ڪجهه ڏينھن ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ بعد آمريڪا کنڊ جي ڌرتي اچي وئي، جيڪا اتر قُطب کان ڏکڻ قُطب تائين آهي. هن ڌرتيءَ جو مٿيون حصو اتر آمريڪا سڏجي ٿو، جنھن ۾ ڪئناڊا ۽ يونائٽيڊ اسٽيٽس (USA) ملڪ اچي ٿو ۽ هيٺيون حصو ڏکڻ آمريڪا سڏجي ٿو، جنھن ۾ ڪولمبيا، برازيل، اڪيڊار، وينزوئلا، چلي ۽ ارجنٽائنا جھڙا ملڪ آهن، جن ۾ اسپيني ۽ پورچوگالي ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون، جو انھن ملڪن تي يورپ جي اسپين ۽ پورچوگال قبضو ڪيو هو.
اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي وچ ۾ جيڪا ڌرتيءَ جي سنھي پٽي آهي، اها وچ آمريڪا (سينٽرل آمريڪا) سڏجي ٿي، جنھن ۾ ميڪسيڪو، نڪراگئا، گئاٽامال ۽ پاناما جھڙا ست کن ملڪ اچن ٿا. پاناما ملڪ هڪ هنڌ تمام سوڙهو آهي، ان ڪري ان هنڌ تي کوٽائي ڪري ڪئنال ٺاهيو ويو آهي، جيڪو اوڀر پاسي واري ائٽلانٽڪ سمنڊ کي ٻئي پاسي جي پئسفڪ سمنڊ سان ملائي ٿو، جيڪو سمنڊ، اڳيان وڃيو جپان ۽ چين جا ڪنارا کڻي. پاناما ڪئنال جي ڪري جھازن کي هڪ سمنڊ کان ٻئي ۾ پھچڻ ۾ آساني رهي ٿي.
هاڻ آمريڪا جي اتراهين کنڊ ۾ نالي ۾ ته فقط ٻه ملڪ آهن: ڪئناڊا ۽ USA، پر اهي ملڪ آهن تمام وڏا. اها ٻي ڳالھه آهي جو اتي ٿڌ گهڻي آهي ۽ ان جا اتراهان حصا اونھاري ۾ به برف سان ڍڪيل رهن ٿا. USA ملڪ ڪنھن زماني ۾ مختلف حصن ۾ ورهايل هو، جيڪي هاڻ رياستون سڏجن ٿيون. USA يعني ’متحده رياست هاءِ آمريڪا‘ پنجاهه رياستن جو مجموعو آهي ۽ هر رياست ڪافي وڏي آهي. ننڍي کان ننڍي رياست به نيپال، ڪويت، سريلنڪا، مالديپ، مالٽا، سنگاپور، بحرين، هانگ ڪانگ جھڙن ملڪن کان گهڻي وڏي آهي. USA جون ڪي رياستون ته تقريبن اسان جي ملڪ جيڏيون آهن، جيئن ٽيڪساس، ڪئليفورنيا، مونٽانا، نيوميڪسيڪو وغيره... بلڪه الاساڪا رياست ته پاڪستان کان به گهڻي وڏي آهي. اهڙي طرح آمريڪا جي اوڀر ڪناري واري پاسي يعني ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي اتر ۾ نيويارڪ نالي جيڪا رياست آهي، اها 1,41,300 چورس ڪلوميٽر آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته جيئن ’خيرپور رياست‘ ۾ راڻيپور، گمبٽ ۽ ڪوٽ ڏيجي شھرن کان علاوه هڪ شھر خيرپور به آهي، تيئن نيويارڪ رياست ۾ به بفئلو (Buffalo)، البني (Albany)، روچيسٽر ۽ اٿاڪا (Ithaca) جھڙن شھرن کان علاوه هڪ شھر سمجهو ته هڊسن نديءَ جي ڇوڙ وٽ ’نيويارڪ‘ نالي به آهي جيڪو ’نيويارڪ سٽي‘ يا ’NYC‘ به سڏجي ٿو. اها به هڪ عام شئي آهي ته ندين جي ڇوڙ وٽ اڪثر ٻيٽارا ٺھن ٿا، جيئن اسان جي سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وٽ ٺھيل ٻيٽن تي ’ديبل بندرگاهه‘ جھڙا شھر هئا ۽ اهڙو ئي هڪ شهر سڪندرِاعظم، سنڌو ٽڪور (Delta) جي ٻيٽ تي اڏرايو هو، پر وقت سان گڏ اهي ويران ۽ غير آباد ٿي ويا آهن. دراصل سامونڊي طاقتور ڇولين(Wave energy) به انھن بندرگاهن کي کائي ڇڏيو... Erode ڪري ڇڏيو. ديبل بندرگاهه، جيڪو سامونڊي ڦورن (قزاقن) جي به مشھور رهائشگاهه هو، جن اميه گهراڻي جي راڄ ۾ عربن جي لنگهندڙ جھازن تي به ڦرون ڪيون ٿي، جنھن کي سبب بڻائي 710ع ۾ محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو. بھرحال ديبل بندرگاهه جو سن 1223ع تائين به لکت ۾ رڪارڊ ملي ٿو ته اهو هن علائقي جو مشھور بندرگاهه هو، پر جڏهن ’ابنِ بطوطا‘ هن پاسي آيو يعني 1340ع ڌاري ته ديبل بندرگاهه ڊهي چڪو هو. البت هن ’سنڌو ٽڪور‘ وٽ هلندڙ گينڊن (Rhinoceros)جو ذڪر ضرور ڪيو آهي. هڊسن نديءَ جي ڇوڙ وٽ نيويارڪ شھر ڪنھن هڪ هنڌ، هڪ ٻيٽ يا ڌرتيءَ جي هڪ حصي تي هجڻ بدران مختلف ٽڪرن ۾ آهي، جتي هڊسن ندي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. نيويارڪ شھر جا هي حصا پنج بورو (Boroughs) يعني علائقا سڏجن ٿا. سڀ کان گهڻو مشغول ۽ مرڪزي حصو مئن هٽن آهي ۽ ٻيا آهن: برونڪس، ڪُئنس، بروڪلن ۽ اسٽيٽن آئلنڊ. نيويارڪ رياست جي ڀرواري رياست ’نيوجرسيءَ‘ مان توهان پنھنجي ڪنھن دوست کي چوندائو ته نيويارڪ شھر ٿو وڃان ته هُو توهان کان ضرور پڇندو ته مئن هٽن وڃين ٿو، برونڪس، بروڪلن يا ڪنھن ٻئي بورو ڏي. جيئن حيدرآباد کان ڪو چوي ته ڪراچيءَ وڃان پيو ته ٿي سگهي ٿو ته هن جا دوست يار يا مائٽ پڇن ته ڪراچيءَ جي ڪھڙي حصي ۾ وڃي رهيو آهي، صدر، ڪياماڙي، ماڙيپور، ملير يا سرجاڻي يا سچل ڳوٺ ڏي.
هڊسن ندي، پنھنجي ڇوڙ وٽ يعني جتي اها ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿي، نيويارڪ رياست ۽ نيوجرسي رياست جي وچ ۾ بارڊر ٺاهي ٿي يعني هڊسن نديءَ جي هڪ پاسي نيو جرسي رياست آهي ته ٻئي پاسي نيويارڪ رياست. ٻنھي رياستن جو پاڻ ۾ ايترو ويجهو تعلق، ڪاروبار ۽ اچ وڃ آهي، جيئن سنڌو نديءَ جا ٻئي پاسي هڪ ئي سنڌ جو حصو آهن ۽ ماڻھو سڄو ڏينهن پيا ڪوٽڙي حيدرآباد، ڄامشورو هالا پراڻا، دادو مورو، يا سکر روهڙي اچن وڃن يعني جتان به درياهه ٽپڻ لاءِ پليون آهن. سو هيڏانھن به نيوجرسي ۽ نيويارڪ جا ماڻھو درياهه هڊسن تي ٺھيل پلين يا درياهه جي هيٺان سرنگهن (Tunnels) ذريعي پيا اچن وڃن.
لوئيزيانا رياست جي نيواورلينس يا بئٽن روگ بندرگاهن ۾ جھاز کي وٺي ويندا آهيون ته اسان کي سمنڊ پار ڪري مِسِيسِپي نديءَ جي ڇوڙ وٽ پھچي، پوءِ نديءَ ۾ ڪافي اندر وڃڻو پوي ٿو، جو اهي بندرگاهه ڪوٽڙي، هالا پراڻا، مانجهند ۽ سن وانگر ڪافي اندر آهن. اسان وٽ ته هاڻ ڪو ننڍو جھاز به سنڌو نديءِ ۾ اندر نٿو وڃي سگهي، جو هڪ ته اسان جي نديءَ ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو نه رهيو آهي ۽ ٻيو ته برجن (پلين) ۽ بئراجن ڪري جھاز کي اڳتي وڌڻ لاءِ رستو ناهي. مِسِيسِپي يا هڊسن ندي ته تار ٿيو پيون وهن ۽ ٻي ڳالھه ته اهي نديون ٽپڻ لاءِ يعني دادو کان مورو وڃڻ لاءِ درياهه جي گهڻو هيٺان سرنگهون (tunnels) آهن، جن مان ڪارون لاريون ته ڇا ٽرينون پيون هلن. سرنگهن کان علاوه جيڪي پليون آهن، اهي ايتريون اتاهيون آهن جو هيٺان وڏا وڏا جھاز لنگهيو وڃن. توهان جيڪڏهن نيويارڪ يا نيوجرسي رياستن ۾ رهو ٿا ته پنھنجي سھوليت ۽ ويجهڙائي واري هنڌ تان ڪنھن سرنگهه اندران يا پل مٿان هڊسن ندي ٽپي ٻئي پاسي پھچي سگهو ٿا يا نيويارڪ جي هڪ بورو مئن هٽن کان ٻئي بروڪلن يا اسٽيٽن آئلنڊ وڃي سگهو ٿا. اسان ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي نيويارڪ ۽ نيوجرسي رياستن اڳيان جنھن خليج ۾ اچي لنگر ڪيرائيندا آهيون، اهو اپر بي (Upper Bay) سڏجي ٿو، جنھن ۾ هڊسن ندي ڇوڙ ڪري ٿي. اپر بي وارو علائقو نيوجرسي جي ڪنھن بندرگاهه نيويارڪ وغيره ۾ داخل ٿيڻ يا نيويارڪ جي ڪنهن بندرگاهه برانڪس وغيره ڏي وڃڻ لاءِ انتظارگاهه وارو سمنڊ آهي. هي سمنڊ جو حصو Upper Bay ائين آهي جيئن خليج بنگال، جتي هر جھاز کي پھچي لنگر ڪيرائڻو پوندو آهي، جتان پوءِ چٽگانگ، کلنا يا ڪولڪتا بندرگاهه سامھون ئي هوندا آهن. ’نيويارڪ اپر بَي‘ ۾ لنگر انداز ٿيڻ تي، سامھون آزاديءَ جو مجسمو به نظر پيو ايندو آهي.
نيويارڪ رياست ۽ نيوجرسي رياست جي شھرن ڏي اچ وڃ دوران هڊسن ندي ٽپڻ لاءِ ٻه ٽي ٽنل (سرنگهون) ۽ پليون عام طرح ٽپڻيون پوَن ٿيون، اهي آهن:
هالنڊ ٽَنِل
هي ٽنل، نيويارڪ جي مَئِن هِٽن ٻيٽ کي نيوجرسي رياست جي شھر ’جرسي سٽي‘ کي ملائي ٿو. نيو جرسي کان مئن هٽن وڃڻ لاءِ هڊسن درياهه ٽپڻ لاءِ ٻه ٻيا به رستا آهن. هڪ ’لِنڪن ٽَنِل‘ ۽ ٻيو ’جارج واشنگٽن پل‘. هالنڊ ٽنل، 1920ع ۾ ٺھڻ شروع ٿيو ۽ 1927ع کان ماڻھن هن سرنگهه ذريعي هڊسن ندي ٽپڻ شروع ڪئي. انھن ڏينھن ۾ جڏهن هالنڊ ٽنل کليو، هيءَ سرنگهه پاڻي هيٺان دنيا جي سڀ کان وڏي سرنگهه هئي. سرنگهه مان جڏهن گاڏيون هلن ٿيون، ته انھن جي دونھين ڪري تمام گهڻي Pollution ٿئي ٿي. هي پھريون ٽنل آهي، جنھن جي اندرئين حصي کي صاف رکڻ لاءِ ’مڪينيڪل وينٽيليشن‘ جو بندوبست ڪيو ويو هو. هيءَ سرنگهه نَوَ ميٽرن جي ٽيوبن تي مشتمل آهي، جيڪي هڪ ٻئي کان پندرنهن فٽن (يعني ساڍن چئن ميٽرن) جي فاصلي تي هڊسن نديءَ جي هيٺ آهن. سمجهو ته درياهه جي تري کان پنجويهه ميٽر هيٺان لنگهن ٿا. هن ٽنل ذريعي هڊسن ندي ٽپڻ جي اڄ ڪلهه في (ٽال) سورنهن ڊالر آهي ۽ هي ٽنل اڍائي ڪلوميٽر ڊگهو آهي.
لِنڪِن ٽَنِل
نيوجرسي ۽ نيويارڪ رياستن جي وچ ۾ وهندڙ هڊسن ندي ٽپڻ لاءِ ’لنڪن ٽنل‘ به مشھور سرنگهه آهي، جيڪا پڻ اڍائي ڪلوميٽر جي لڳ ڀڳ ٿيندي. هي ٽنل نيوجرسي پاسي ويھاڪِن (Weehawken) علائقي کي نيويارڪ پاسي جي مڊ ٽائون مئن هٽن سان ملائي ٿو. هي ٽنل اڄ کان 84 سال کن اڳ 1937ع ۾ ٺھيو هو. هن سرنگهه ذريعي هڊسن ندي ٽپڻ جو ٽال (Toll) سورهن ڊالر آهي، ۽ چون ٿا هن ٽنل مان روزانو هڪ لک ويهه هزار گاڏيون لنگهن ٿيون.
پل ذريعي هڊسن ندي ٽپڻ لاءِ، ’جارج واشنگٽن برج‘ سڀني ۾ مشھور ۽ مشغول آهي، جيڪا آمريڪا جي پھرئين صدر ’جارج واشنگٽن‘ جي نالي آهي. هيءَ پل ڪافي اتاهين ۽ ڊبل ڊيڪر آهي. ڪڏهن ڪڏهن اسان جو جھاز بلڪل هن پُل هيٺان لنگر ڪيرائي نيويارڪ يا نيوجرسيءَ جي ڪنھن بندرگاهه ۾ وڃڻ لاءِ برٿ (ڌڪو) خالي ٿيڻ جو انتظار ڪندو هو. بعد ۾ نيوجرسيءَ ۾ رهڻ دوران جڏهن هن پل ذريعي نيويارڪ وڃڻ ٿيندو هو ته هيٺ جھازن کي لنگهندو ڏسي پراڻا ڏينھن ياد اچي ويندا هئا. ’ڊبل ڊيڪر‘ برج جو مطلب آهي ته پل تان ٻه روڊ وڃن ٿا. هڪ تمام مٿي ۽ ٻيو ٿورو هيٺڀرو. ٽرئفڪ جون چوڏنهن قطاورن آهن. اَٺ مٿين ڊيڪ تي ۽ ڇهه هيٺين ڊيڪ تي. مٿين ڊيڪ تي پنڌ ۽ سائيڪل تي هلڻ وارن لاءِ سائيڊ واڪ آهي. هن پل جي مالڪ نيويارڪ ۽ نيوجرسي رياستن جي پورٽ اٿارٽي آهي، جيئن اسان وٽ ڪا پل يا پارڪ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (KPT) جي ملڪيت سمجهيو وڃي ٿو. انجنيئرنگ جي شاگردن لاءِ لکندو هلان ته هيءَ پل Suspension ٽائيپ جي برج آهي. يعني پل جا ڊيڪ، جن تان گاڏيون هلن ٿيون، لوهي زنجيرن (Cebles) ذريعي ڇڪيل رهن ٿا. دنيا ۾ هن قسم جون ڪيتريون ئي پليون آهن، جيئن ڀر ۾ مئن هٽن ۽ بروڪلن بورو کي ڳنڍڻ لاءِ ’بروڪلن برج‘ آهي، ’فرئنڪلن برج‘، ’سئن فرانسسڪو اوڪلنڊ برج‘، ’گولڊن گيٽ برج‘ يا انگلينڊ ۽ اسڪاٽلنڊ کي ڳنڍڻ واري ’يونين برج‘، چين جي ’سر ڊُو رِور برج‘ (Sir Du River Bridge) جيڪا دنيا ۾ سڀ کان اتاهين (پاڻيءَ جي سطح کان پنج سؤ ميٽر مٿاهين) Suspension برج آهي، جپان جي ’اڪاشي ڪائيڪيو برج‘ جيڪا دنيا ۾ سڀ کان ڊگهي ونگ (Span) واري پل آهي، يا مصر ۾ نيل ندي ٽپڻ لاءِ سڀ کان ماڊرن پل 2019ع ۾ ٺاهي وئي آهي ۽ دنيا ۾ ويڪري ترين هجڻ ڪري ان جو ذڪر گنيس بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ به اچي چڪو آهي، اها آهي ’روض الفرج‘ (Rod El Forag) پل.
بھرحال هن جارج واشنگٽن پل تان چون ٿا ته روزانو ٻه لک نَوي هزار گاڏيون ڪراس ڪن ٿيون. هڪ ڳالھه آهي ته هيءَ پل اسان مان ڪيترن پنھنجي ملڪ ۾ رهي تصويرن ۾ ضرور ڏٺي هوندي، جو هيءَ پل نيويارڪ جي پسمنظر ۾ ٺھيل ڪيترين ئي فلمن ۾ نظر اچي ٿي، جهڙوڪ 1941ع جي فلم ’Ball of Fire‘ ۽ ٻي 1948ع جي فلم ’Force of Evil‘. اهي ٻئي فلمون ڏسڻ وارن ۾ سنڌ ۾ هاڻ توهان کي مون کان علاوه امداد حسيني، غلام نبي مغل، نعيم بروهي، وليرام ولڀ، ادي ماهتاب محبوب ۽ پروفيسر قاضي خادم جھڙا ڪي چند ماڻھو ملندا. ان بعد 1953ع جي فلم ’How to marry a Millionaire‘، 1976ع جي ’Network‘ ۽ تازو ويجهڙائي واري 2016ع جي فلم ’Sully‘ ۾ پڻ هيءَ هڊسن نديءَ واري پُل ’جارج واشنگٽن برج‘ ڏيکاري وئي آهي. ٻه فلمون جيڪي اسان مان ڪيترن ئي ڏٺيون هونديون، جن ۾ پڻ هيءَ پل آهي، هن ريت آهن: ’دي گاڊ فادر‘ ۽ ’ڪاپ لئنڊ.‘
بھرحال هڊسن ندي ڪيترن ئي هنڌن تان پلين (Bridges) ۽ سرنگهن(Tunnels) ذريعي ٽپي سگهجي ٿي. نيويارڪ کان هڊسن درياءَ رستي منصور ٿلھو صاحب جي ڳوٺ (شھر) البني تائين ڪيتريون ئي پليون نظر اينديون، جن جي هيٺان فيري يا اسٽيمر مسافر کڻي لنگهي ٿو. ’لِونگسٽن ايوينيو برج‘، جيڪا ريل روڊ برج آهي، اها البني شھر کي هڊسن نديءَ جي ٻئي پاسي ’رين سير‘ شھر سان ڳنڍي ٿي ۽ مشھور پل آهي. اسان جي ليکڪ منصور صاحب کي گهر کان آفيس يا مارڪيٽ ويندي هڊسن ندي مٿان هيءَ پل پري کان ضرور نظر ايندي هوندي. خريد و فروخت واري علائقي يعني ’بزنيس ڊسٽرڪٽ‘ ۾ ايندي ’پرل اسٽريٽ‘، ’براڊوي‘، ’مونٽگمري اسٽريٽ‘ تان لنگهندي هُو هڊسن نديءَ کي وهندو ڏسي سگهندو هوندو. ’Quay اسٽريٽ‘ ته بس سمجهو ته هڊسن نديءَ جو ڪنارو آهي. هڊسن نديءَ لاءِ جيتوڻيڪ چون ٿا ته ايڏي صاف ناهي پر آئون جڏهن پنھنجي پاسي وارين ندين، ’سنڌو‘، ’گنگا‘، ’برهمپترا‘ يا ’برما‘ (ميانمار) جي ’اراوادي نديءَ‘ سان ڀيٽيان ٿو ته هڊسن هڪ صاف سٿري ۽ رونق واري ندي نظر اچي ٿي، جيڪا هر وقت پاڻيءَ سان تار ڏسي مون کي پيٽارو وارن ڏينھن (1960ع) جي انڊس ياد اچي ٿي، جنھن جي لھرن ۽ ڪُنن کان خوف ٿيندو هو. پڪ اٿم ته اسان جو محترم ليکڪ ڊاڪٽر منصور ٿلھو، هڊسن درياءَ کي ڏسي پنھنجو سنڌو درياهه ياد ڪندو هوندو، جنھن کي ننڍي هوندي ڏسڻ لاءِ هن کي پنھنجي ڳوٺ نصيرآباد/ آڏيءَ کان ويهه کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ’محسن شاهه‘ يا ’ٻلھڙيجي‘ پتڻ تي وڃڻو پوندو هو.
باقي يارو! هڊسن ندي ڏسي منھنجو اندر سڙي وڃي ٿو. شروع جي سالن يعني 1960ع واري ڏهاڪي جي سالن ۾ نه پر هاڻ، نيويارڪ جھاز کي پھچائڻ لاءِ اسان کي ائٽلانٽڪ سمنڊ جهاڳي نيويارڪ جي ’مٿين خليج‘ ۾ اچي لنگر ڪيرائڻو پوي ٿو، جنھن ۾ هڊسن ندي ڇنڍ جي اڳيان ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ خارج ٿئي ٿو. هي هنڌ بيحد خوبصورت لڳي ٿو. سامھون مئن هٽن جون اوچيون عمارتون، ساڄي پاسي بروڪلن جي اڳيان لبرٽي آئلنڊ جنھن تي آزاديءَ جو مجسمو آهي. اسان پنھنجي جھاز کي هڊسن نديءَ جي ڇوڙ وٽ لنگر انداز ڪرائيندا آهيون، جنھن جي هڪ پاسي نيويارڪ رياست هوندي آهي ته ٻئي پاسي نيوجرسي. مئن هٽن يا برونڪس ۾ جيٽي خالي نه هوندي آهي ته اسان کي نيوجرسي جي ’نيو ارڪ‘ بندرگاهه ۾ داخل ٿي سامان لاهڻ لاءِ چيو ويندو آهي. جتان سامان بارجن يا مال گاڏين ذريعي نيويارڪ پھچايو ويندو آهي. هڊسن نديءَ جي منھن وٽ هر وقت خوبصورت فيريون يعني مسافر جھاز ۽ اسٽيمر نظر ايندا آهن، جيڪي هڊسن نديءَ ۾ اڳيان مختلف بندرگاهن ڏي مسافر کڻي پيا ويندا آهن. انڊس جھڙي هيءَ هڊسن ندي ۽ ان جو نظارو ڏسي، اڄ ڪلهه منھنجو اندر سڙندو آهي، جو هاڻ اسان جي سنڌو پاڻيءَ کان خالي هوندي آهي. سامونڊي وير چڙهڻ تي سمنڊ جو کارو پاڻي ترجي مھاڻن ۽ انهن جي آباديءَ کي تباهه ڪندو آهي. سنڌو نديءَ جا بچيل بندر ۽ بازاريون ويران ٿي ويون آهن! ڪنھن جي هن ڌرتي ۽ درياهه کي نظر لڳي جو سنڌو نديءَ جو حال ’نرمادا‘، ’ماهي‘، ’سبرا متي‘، ’ميگهنا‘، ’پدما‘، ’سورما‘، ’هوگلي‘، ’گهاگهرا‘، ’ڀاڳڙاٿي‘ جھڙين ڪوچڙين ندين جھڙو به نه رهيو آهي! سنڌو نديءَ جو ڇوڙ وارو يعني ڊيلٽا (ٽڪور) وارو علائقو ته ڇا پر گهڻو اندر تائين ماڻھو مٺي پاڻي پيئڻ لاءِ پيا سِڪن. ان بعد درياهه سُڪو پيو آهي، جنھن جي پيٽ تي ٻار پيا ڪرڪيٽ کيڏن يا سائيڪلون هلائين. نه ته 1960ع واري ڏهاڪي تائين به اسان جي انڊس، هڊسن وانگر تارو تار وهي ٿي، پر هاڻي جڏهن ماڻھن ۽ وهٽن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونھي ته هڊسن نديءَ وانگر ڪھڙا اسٽيمر ۽ فيري جھاز هلي سگهندا، پر هيڏانھن هڊسن ندي جنھن ۾ اسٽيمر ذريعي منصور ٿلھي جي ڳوٺ البني ءَ تائين وڃبو هو، اڄ به اها ٽرانسپورٽ ۽ تڙ پتڻ قائم آهن، بلڪ پھرين کان به خوبصورت.
هي سفرنامو پڙهڻ وارن جو نيويارڪ وڃڻ ٿئي ته منھنجي هنن کي اها ئي صلاح آهي ته هو منصور ٿلھو جو هي نئون شھر البني ضرور گهمڻ وڃن ۽ البني ٽرين يا ڪار ذريعي نه پر هڊسن نديءَ ذريعي ڪنھن مسافر جھاز ۾ وڃن. توهان کي اها ڳالھه يعني سفر ضرور وڻندو.
نيويارڪ کان البني هوائي جھاز جي سڌو وڃڻ ڪري ٻه سؤ سورنهن ڪلوميٽر فاصلو آهي، پر باءِ روڊ يا هڊسن ندي ذريعي سفر ڪرڻ ۾ ٻه سؤ پنجاهه ڪلوميٽر فاصلو آهي ۽ مختلف ڪمپنين جا فيري جھاز ۽ اسٽيمر هڊسن نديءَ ۾ هلن ٿا، جن جي ٽڪيٽ پنجاهه کان ستر ڊالر آهي. سفر جو ٽائيم اڍائي ٽي ڪلاڪ ٿين ٿا. اڄ ڪلھه هنن ڪمپنين جا جھاز هلن ٿا:
• ڊچ ائپل ڪروزا ۽ ٽوئرس ڪمپني
• ليڪ جارج اسٽيم بوٽ ڪمپني
• ڪئپٽن JP ڪروزا ڪمپني.
هڊسن ندي ڪٿي ڏيڍ ڪلوميٽر ته ڪٿي پنج ڪلوميٽر به ويڪري آهي. گذريل دفعي مون فيري جھاز ذريعي نيويارڪ کان البني سفر ڪيو هو. نيويارڪ وٽ جارج واشنگٽن برج ٽپڻ بعد البنيءَ تائين ڪيتريون ئي پليون اچن ٿيون، جهڙوڪ:
• گورنر ماريو ڪومو برج
• بيئر مائونٽين برج
• نيوبرگ بيڪن برج
• مڊ هڊسن برج
• ڪنگسٽن رائين ڪِلف برج
• رپ وان ونڪل برج
• البني وٽ البني رين سيلر برج
نيويارڪ کان البني تائين، هڊسن نديءَ جو سفر نھايت خوبصورت نظارن جو سفر آهي ۽ رستي تي جيڪي بندرگاهه اچن ٿا اهي ڊچ ۽ انگريز راڄ جي تاريخ ۽ عمارت سازيءَ بابت ٻڌائين ٿا. ڪئپٽن JP ڪمپنيءَ جا جھاز بيحد خوبصورت ۽ چئن ڊيڪن وارا آهن. نيويارڪ شھر ڇڏڻ بعد ’Sleepy Hallow‘ نالي شھر اچي ٿو، جنھن کي هن پاسي جي ليکڪ ’واشنگٽن ارونگ‘ امر بڻايو آهي. ليکڪ کي هيءَ هڊسن نديءَ واري ماٿريءَ اهڙو موهت ڪيو هو، جو هن پنھنجي زندگي هن شھر ’سليپي هالو‘ ۾ گذاري ڇڏي. هُن، هِن علائقي جو ذڪر پنھنجي ٻن ناولن ۾ ڪيو آهي:
• The Legend of Sleepy
• Rip Van Winkle
ان بعد ’West Point‘ ۽ ’Hyde Park‘ شھر اچن ٿا. انھن کان پوءِ ’ڪنگسٽن‘ شھر اچي ٿو، جيڪو ’مئريٽائيم ميوزيم‘ کان مشھور آهي ۽ پوءِ البني اچي ٿو. هڪ ڳالھه لکندو هلان ته هڊسن نديءَ جي منھن وٽ هڪ پاسي نيويارڪ رياست آهي ته ٻئي پاسي نيوجرسي رياست، پر پوءِ هڊسن ندي نيويارڪ رياست مان ئي گذري ٿي ۽ نديءَ جي ٻنھي ڪنارن وارا شھر نيويارڪ رياست ۾ اچن ٿا، جيئن سنڌو ندي، سنڌ صوبي جي وچ مان لنگهي ٿي ۽ نديءَ جي ٻنھي پاسن وارا شھر ڪوٽڙي، حيدرآباد، ڄامشورو، هالا، مورو، دادو يا سکر ۽ روهڙي سنڌ جا ئي شھر آهن. ڪن ملڪن ۾ ڪي نديون ٻن صوبن يا ٻن ملڪن جي وچ ۾ بارڊر ٺاهين ٿيون، جيئن ’برهمپترا ندي‘ انڊيا ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ بارڊر ٺاهي ٿي، ’گولو ڪندي‘، ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا جي وچ ۾، ’هيرمند ندي‘ افغانستان ۽ ايران جي وچ ۾، ’آرديلا ندي‘ پوروچوگال ۽ اسپين جي وچ ۾ بارڊر ٺاهي ٿي. پوءِ اهڙين ندين جي هڪ پاسي هڪ ملڪ جا پتڻ هوندا آهن ته ٻئي پاسي ٻئي ملڪ جا. جيئن ملاڪا ڳچي سمنڊ مان لنگهڻ مھل هڪ پاسي ملائيشيا جا بندرگاهه: پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور)، ملاڪا، جوهوربارو وغيره آهن ته ٻئي پاسي انڊونيشيا جي سماترا ٻيٽ جا پتڻ اچن ٿا.
هتي ٻه ٽي سٽون هتي جي سنڌو ندي يعني ’هڊسن نديءَ‘ بابت لکندو هلان. هڊسن ندي پنج سؤ ڪلوميٽر ڊگهي آهي، جيڪا نيويارڪ رياست جي اتراهين شھر ’نيوڪومب‘ وٽ جبلن ۾ ’هينڊرسن ڍنڍ‘ کان شروع ٿي نيويارڪ شھر وٽ ’اپر نيويارڪ خليج‘ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، جتي اسان بندرگاهه ۾ اندر داخل ٿيڻ کان اڳ لنگر ڪيرائي انتظار ڪندا آهيون. هڊسن نديءَ جو پاڻي اپر خليج بعد ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. هيءَ ندي، هڊسن ندي هڪ انگريز ’Explorer‘ ۽ ’نيويگيٽر هينري هڊسن‘ جي نالي آهي، جنھن کي ’ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني‘ لاءِ هن پاسي جھاز هلائيندي 1609ع ۾ هيءَ ندي نظر آئي هئي. ان بعد ڪئناڊا وارو خليج هڊسن Hudson Bay به هن نالي ٿيو. 1807ع ۾ پھريون اسٽيمر نيويارڪ شھر مان مسافر کڻي البني آيو هو.
آمريڪا جي 50 رياستن مان هڪ ’نيويارڪ رياست‘ جنھن جي اڀرندي ڪناري کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ٿو ڇھي، ان جي منھن وٽ نيويارڪ سٽي يعني نيويارڪ نالي شھر آهي، جنھن کان ٻه سؤ پنجاهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر ۾ اسان جي سنڌ ڄائي، آمريڪن ليکڪ ڊاڪٽر منصور ٿلھي جو ڳوٺ البني (Albany) آهي، جنھن جو مٿي ذڪر ڪيوسين. البني کان وري وڌيڪ اتر اولهه ۾ اڍائي سؤ ڪلوميٽرن تي نيويارڪ رياست جو هڪ ٻيو مشھور شھر ’اِٿاڪا‘ (Ithaca) آهي، جنھن ۾ 1969ع يا 1970ع ۾ منھنجو وڃڻ ٿيو هو. ان بعد وڏي عرصي کان پوءِ جڏهن آئون باءِ ايئر نيو جرسي ويو هوس، ته هڪ دفعو وري ويو هوس. منھنجو هن شھر سان ننڍپڻ جو ناتو رهيو آهي. اسان ننڍا هئاسين ته آمريڪا جي هن شھر اٿاڪا جو نالو ٻڌوسين. منھنجي والد ’گل محمد شيخ‘ هن شھر جي ’ڪارنيل يونيورسٽيءَ‘ مان ’ائگريڪلچر‘ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ اتان هُو جيڪو خط ’ايئروگرام‘ لکندو هو، ان تي اِٿاڪا لکيل هوندو. بعد ۾ اسان جي ڳوٺ جي هڪ نوجوان ’سائين عبدالقدوس علويءَ‘ کي ’سول انجيئرنگ‘ جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ’ڪارنيل يونيورسٽي‘ جي اسڪالرشپ ملي هئي. اوڏ فئملين سان آئون انڊيا ويو هوس ته ’دادا وسواڻي سنڌي اسڪول‘ دهليءَ ۾ اتي جي ائڊوائيزر ’پروفيسر چندر ڏاسواڻيءَ‘ سان ملاقات ٿي هئي، ته هن به اهو ئي ٻڌايو ته هو ڪارنيل يونيورسٽيءَ جو گرئجوئيٽ آهي. ان ڪري ٻيو دفعو جڏهن اٿاڪا جي ڪارنيل يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيس ته اهو ئي سوچيندو رهيس ته هن ڌرتيءَ تي نه فقط منھنجو والد پر NED يونيورسٽيءَ جو سابق وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقدوس علوي ۽ پروفيسر چندر ڏاسواڻي جهڙا انسان هليا چليا. هي لکڻ دوران خبر ملي اٿم ته گذريل هفتي اسان جو پيارو ڳوٺائي ۽ محنتي سائين عبدالقدوس علوي گذاري ويو.
اٿاڪا، ڪاليجن جو شھر سڏجي ٿو. اهو ’ڪارنيل يونيورسٽي‘، ’اٿاڪا ڪاليج‘ ۽ ’ٽومپڪنس ڪارٽلنڊ ڪاليج‘ جھڙن تعليمي ادارن جو گهر سڏيو وڃي ٿو. ڪارنيل يونيورسٽي جو 1865ع ۾ مسٽر ’عذرا ڪارنيل‘ نالي هڪ آمريڪي بزنيس مئن، سياستدان ۽ سخي مرد بنياد رکيو. هي ئي شخص آهي جنھن ويسٽرن مرد بنياد رکيو. هي ئي شخص آهي جنھن ’ويسٽرن يونين ڪمپني‘ ٺاهي، جنھن لاءِ مٿي نصيرآباد جي زاهد ابڙو صاحب لاءِ لکي چڪو آهيان ته آمريڪا جي هڪ سؤ کان مٿي ’ويسٽرن يونين آفيسن‘ جو انچارج آهي.
هن شھر اٿاڪا سان ڪيترن ئي اهم ماڻھن جو واسطو رهيو آهي، جهڙوڪ:
• ’الونزو ڪارنيل‘، جيڪو 1880ع ۾ نيويارڪ جو گورنر هو، هو عذرا ڪارنيل جو پٽ هو.
• ’اليڪس هيلي‘. غلام شيدين بابت ڪتابThe Roots-The Saga of American Family جو مصنف.
• ’ولادمير نابوڪوو‘، ڪارنيل يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ۽ مشھور ليکڪ، لوليتا ۽ ٻين ڪتابن جو مصنف.
• ’بينجمن نيتن ياهُو‘ اسرائيل جو وزيراعظم.
هتي اهو به لکندو هلان ته ڪارنيل يونيورسٽي، دنيا جي پھرين يونيورسٽي آهي، جنھن ’Veterinary Medicine‘ جي ڊگري جاري ڪئي.
مون کي لڳي ٿو ته منصور ٿلھو صاحب طرفان مون کي آزادي ڏيڻ ڪري آئون ڪجهه وڌيڪ ئي لکي ويو آهيان ۽ هاڻ پنھنجي قلم کي پاسيرو رکي پڙهندڙن کي ڊاڪٽر صاحب جي هن نرالي ۽ دلچسپ سفرنامي کي غور سان پڙهڻ لاءِ چوندس. آئون شروع ۾ لکي چڪو آهيان هي سفر نامو ٻين سفرنامن کان نرالو آهي. اهو ان خيال کان ته هڪڙا هوائي سفرناما هوندا آهن، جيڪي مختلف گهمڻ وارا مخلتف ملڪن ۾ مختصر وقت گذاري لکندا آهن. ٻيا ملائيشيا، جپان يا سمنڊ تي ڪجهه وقت رهي لکندا آهن، پر هي سفرنامو ڪاماري شريف جي پير تاج محمد قريشيءَ جي سفرنامي وانگر هڪ آمريڪن جو پنھنجي نئين ملڪ آمريڪا بابت آهي.
پڙهندڙ شايد اهو چون ته هي ته آمريڪن نه پر سنڌي آهن. هرگز نه. هر اهو ماڻھو جنھن کي آمريڪن پاسپورٽ آهي، اهو آمريڪن به ٿيو. جيڪڏهن هي آمريڪن ناهي ته پوءِ آمريڪا ۾ توهان کي ڪوبه آمريڪن نه ملندو. ائين ته پوءِ اصلي آمريڪي فقط ريڊ انڊين ئي ٿيندا. ٻيا سڀ ماڻھو آفريڪا، يورپ، ايشيا کان آيل آهن. ان سلسلي ۾ ڪنھن هنڌ آئون لکي آيو آهيان ته اسان جا ماڻھو، جڏهن آمريڪن کي ڪافر ٿا سڏين يا گهٽ وڌ ٿا ڳالھائين ته اهو غلط آهي. ڇو جو آمريڪن ۾ اسان جا مسلمان به آهن، ڏيپلائي ميمڻ به ته شڪارپور جا صديقي ۽ سومرا به آهن، ملائيشيا جا ملئي مسلمان آهن ته فلسطين، عراق ۽ شام جا عرب به آهن، ايران ۽ ترڪي جا مسلمان به آهن، جن جي ڪري يورپي گورن نو مسلم جي ڪري آمريڪا ۽ ڪئناڊا جون مسجدون آباد آهن. اڄ کان پنجاهه سالن بعد آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهندڙ شڪارپور جا شيخ ۽ ميمڻ پاڻ کي آمريڪن ئي سڏائيندا ۽ شڪارپوري ٽون ۾ ڳالھائڻ بدران هُو آمريڪن ٽون ۾ ڳالهائيندي ٻُڌبا. شايد ڪيترن کي ته اهو به ياد نه رهي ته هنن جا ڏاڏا پڙڏاڏا سنڌ جي ڪھڙي شھر مان آيا! هُو شايد جهڏو ۽ سنجهورو يا ميهڙ ۽ مانجهند به صحيح طرح اُچاري نه سگهن ۽ انڊين ڇوڪريءَ وانگر ’شڪارپور‘ بدران چون ته سنڌ جي شھر ’شڪاگو‘ کان آيا.
ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر دوران هڪ شاگردياڻيءَ کان جڏهن پڇيو ويو ته، ”تنھنجو ڏاڏو يا پڙڏاڏو سنڌ جي ڪھڙي شھر کان آيا؟“ ته هن چيو ته ”اٽليءَ کان“.
”بيبي، اٽلي ته سنڌ ۾ نه پر يورپ ۾ آهي!“
بھرحال بعد ۾ خبر پئي ته اهي اٽليءَ کان نه، پر ’ٽلٽيءَ‘ کان آيا هئا. اهڙي طرح هڪ ٻي ڇوڪري پنھنجي وڏن لاءِ جيڪي ’ڦلجيءَ‘ کان آيا، ٻڌايو ته ’فجيءَ‘ کان ممبئي آيا هئا! سو اهو حال اڄ جي ولايت ۾ رهندڙن جي پوٽاڻ ڏوهٽاڻ جو وڃي ٿيندو.
هن سفرنامي جي ليکڪ سائين منصور ٿلھي جي هڪ ٻي ڳالھه قابلِ داد آهي ته هُو انگريزيءَ کان علاوه اسپيني ٻوليءَ کان به چڱي طرح واقف آهي، جيڪا هن جي شھر البنيءَ ۾ ڪيترائي ماڻھو ڳالھائين ٿا ۽ هو هنن سان خبر چار ڪري احوال وٺندو رهي ٿو. آئون هميشه ان ڳالھه جي وڪالت ڪندو رهان ٿو ته ولايت ۾ رهڻ واري کي اتي جي مڪاني يا ٻي زبان: ملئي، جپاني، عربي، فارسي، اسپيني يا پورچوگالي وغيره سکڻ کپي. ان سان توهان جي ولايت ۾ نه رڳو زندگي سوَلي ٿيندي پر مقامي ماڻھن ۾ توهان پنھنجائپ جو احساس به محسوس ڪندائو.
منصور ٿلھو صاحب، هي سفرنامو مختلف بابن ۾ لکيو آهي، جن ۾ هن نه فقط پنھنجي شھر البني بابت لکيو آهي، پر اتي جي رهندڙ پراڻن سنڌي هندو ماڻهن ۽ اسپيني ماڻھن بابت، هنن جي ڪلچر ۽ ثقافت جون ڳالھيون پڻ لکيون آهن. ادب جو شاگرد هجڻ جي ناتي هن سنڌي ۽ اسپيني لفظن ۾ هڪ جھڙائي بابت لکيو آهي. البني ۾ رهندڙ پراڻن سنڌي آمريڪن جون دلچسپ ڪھاڻيون به لکيون آهن، جيڪي پڙهڻ سان تعلق رکن ٿيون. مون کي پڪ آهي ته پڙهندڙ منصور ٿلھو صاحب جو جڳ کان نرالو هي سفرنامو پڙهي حِظ حاصل ڪندا. ان سان گڏ اها به اميد رکان ٿو ته منصور صاحب پنھنجي پڙهندڙن کي ٻيا به سفرناما ۽ تحقيق جا ڪتاب ڏيندو رهندو.
الطاف شيخ
18 جنوري 2022ع
ڪراچي