پرل نديءَ جي ڪناري تي ڪئنٽين
ڪامارو شريف کان ڪئليفورنيا ۽ مشيگن...
هُو ڇا چوندا آهن انگريزيءَ ۾ ته، ’This world is very small‘ يعني هيءَ دنيا جيڪا هُونءَ ته کڻي تمام وڏي آهي، جنھن ۾ انيڪ ملڪ آهن ۽ هر ملڪ تمام وڏو آهي پر ان متل ميلي ۾ ڪڏهن وڏو عرصو گم ٿي ويل ماڻھن سان ملاقات ٿيو وڃي يا ڪي اهڙيون ڳالھيون رونما ٿيو پون جو حيرت ٿئي ٿي.
مون کي 1960ع واري ڏهاڪي جا آخري سال ياد ٿا اچن، جڏهن مون تعليم ختم ڪري سامونڊي نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. جنھن پھرين جھاز تي مون کي رکيو ويو اهو ڏور اوڀر جي ملڪن جي ڪجهه بندرگاهن مان ٿي وري هوم پورٽ يعني ڪراچيءَ موٽي آيو. انھن ڏينھن ۾ اڄ وارو بنگلاديش پاڪستان جو اوڀر وارو حصو هو ۽ اتي جو بندرگاهه چٽاگانگ ۽ مغربي پاڪستان جو بندرگاهه ڪراچي اسان جي جھاز لاءِ هوم پورٽ هئا. ڪنھن به پاسي ويندا هئاسين ته اسان جي جھازران ڪمپنيءَ جي اها ڪوشش هوندي هئي ته واپسيءَ تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هوم پورٽ لاءِ ڪارگو (سامان) ملي، جيئن هوم پورٽ ۾ پھچڻ يا موڪلن تي وڃڻ وارا گهر وڃي سگهن. پھرين جهاز جي ننڍڙي ۽ ويجهن بندرگاهن واري سامونڊي سفرن بعد منھنجي جنھن جھاز تي بدلي ٿي، اهو يورپ روٽ تي هليو ٿي يا آمريڪا ۽ ڪئناڊا واري روٽ تي.
گهر کان پري ٻاهرن ملڪن ۾ پنھنجي هم وطنين سان ملڻ تي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. ويتر جي ڪو سنڌي ڳالھائڻ وارو ملي ويندو هو ته مون کي اڃا به وڌيڪ خوشي ٿيندي هئي، جو سڄي جھاز تي سنڌي ڳالھائڻ وارو آئون اڪيلو هوندو هوس. انگلنڊ جا ئي بندرگاهه هوندا هئا، جتي اردو ۽ پنجابي ڳالھائڻ وارن سان گڏ ڪو ڪو سنڌي ڳالھائڻ وارو به ملي ويندو هو. هي اهو زمانو هو جو عام طور اسان جي ملڪ جا سنڌي ته بنهه نظر نه ايندا هئا، البت پنجاب جا ماڻھو ۽ ڪجهه پٺاڻ پڻ، انگلنڊ کان علاوه يورپ جي ملڪن ۾ نظر ايندا هئا سي به ڏکڻ يورپ جي ملڪن فرانس، جرمني، اٽلي، بيلجم ۽ اسپين جهڙن ملڪن ۾. اتراهن ملڪن سئيڊن، فنلينڊ، ناروي جھڙن ٿڌن ملڪن ۾ ته ڄڻ ’ڪُڪڙون ڪُون‘ لڳي پئي هوندي هئي. اتي هجن به ڇو؟ جڏهن انگلنڊ ۽ ٻين ڏاکڻن ملڪن ۾ آسانيءَ سان نوڪريون ۽ شھريت (پاسپورٽ) ملي ويو ٿي ته ناروي ۽ سئيڊن جھڙن برفاني ٿڌن ملڪن ڏي ڪهڙو چريو ويندو؟
اهڙي طرح آمريڪا جي بندرگاهن، نِيُواورليَنس، بالٽِيمور، فلاڊلفيا، هيُوسٽن، پورٽ آرٿر ۾ ڳولڻ سان ڪو سنڌي ته نه، پر پاڪستان جي ڪنھن ٻئي صوبي جو به ورلي ڪو نظر آيو ٿَي. مون کي ٽي چار سال انھن جھازن تي رهڻو پيو جيڪي ڪئناڊا جي ’سينٽ جان‘ کان هيٺ ڪيوبا، ٽباگو، ٽرنيڊاڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ٻين ٻيٽن ڏي ويا ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ڏکڻ آمريڪا جي برازيل، ڪولمبيا، وينزوئلا جھڙن ملڪن جي بندر گاهن ڏي پڻ ويا ٿي.
آمريڪا کنڊ جي اوڀر واري سڄي ڪناري تي هڪ نيويارڪ اهڙو بندرگاهه هو جتي اسان جا پاڪستاني مليا ٿي ۽ ڪجهه سنڌي پڻ جن ۾ منھنجو پيٽارو جو دوست، ٽنڊو قيصر جو نُور احمد نظاماڻي پڻ هو، جنھن جي معرفت ٻين سان به ڄاڻ سڃاڻ ٿي. نظاماڻي وارا هڪ فلئٽ ۾ رهندا هئا. ساڻس گڏ جُهڏي جو مير مبارڪ ٽالپر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي وي سي نذير مغل جو ڀاءُ بشير مغل پڻ رهيا ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ٽنڊو جان محمد جو يوسف ڏاهري ۽ بابو ڏاهري به اتي ايندا هئا. اڄ ڪلهه ٽنڊو جان محمد جي ڏاهرين جو اولاد ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي ٽيڪساس رياست جي شھر هيُوسٽن ۾ رهن ٿا، پر انھن ڏينھن ۾ يعني 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ايڏانھن ٽيڪساس، فلوريڊا، ليوزيانا پاسي ڪو نظر نٿي آيو. مون کي نيويارڪ گهمڻ کان وڌيڪ پنھنجي هم زبان وارن سان ڪچھري ڪرڻ ۽ حال احوال وٺڻ ۾ مزو ايندو هو.
انھن ڏينھن ۾ آمريڪا ۾ اڄ وانگر پاڪستاني کاڌن جون هوٽلون نه هيون. ان ڪري جيترا ڏينھن اسان جو جھاز نيويارڪ يا ڀرواري بندرگاهه ’نيوارڪ‘ (نيوجرسي) ۾ لنگر انداز هوندو هو ته سڀني يارن جي مانيءَ جو بندوبست اسان جي جھاز تي هوندو هو. اسان جي جھاز تي پاڪستاني بورچي هجڻ ڪري، هر وقت پنھنجي ملڪ جا کاڌا ويندي چپاتيون ۽ نانَ به ٺھندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن آئون، نُور احمد نظاماڻيءَ وارن جي فلئٽ ۾ رهي پوندو هوس ته نُور احمد پاڻ يا اسان وارو مائٽ (منھنجي نانيءَ جو ڀائٽيو بشير مغل) ڪنھن يھوديءَ جي دڪان تان گوشت وٺي ٻوڙ يا قيمون ٺاهيندو هو. انھن ڏينھن ۾ عرب، ايراني، اسان ۽ ٻيا مسلمان يھودين جي ذبح ڪيل ڍڳي، ٻڪري جي گوشت کي حلال سمجهندا هئاسين، جيڪو ’ڪوشر‘ سڏجي ٿو. ان وقت جي مقامي مُلن توڙي مصر جي مولوين کان مليل فتوائن موجب يھودين جي دڪانن تي ملندڙ ڪوشر گوشت حلال سمجهيو ويو ٿي، پر پوءِ اختلافِ راءِ ٿي پئي ۽ هاڻ ته مسلمانن جا دنيا جي هر شھر ۾ ايترا حلال گوشت جا دڪان ٿي پيا آهن جو ’ڪوشر‘ جي ڪو ڳالھ نٿو ڪري.
اتي ئي نيويارڪ ۾ حيدرآباد جي ’عبدالرزاق شيخ‘ جو ’شالامار‘ نالي دڪان هو. ’مير مبارڪ ٽالپر‘ ۽ بعد ۾ حيدرآباد کان آيل ’سھڻي‘ رسالي جي ايڊيٽر ’طارق اشرف‘ جي هڪ مائٽ ’سليم شاهه‘ ۽ ان جي گهرواري پروين شاهه، ان دڪان تي ڪم ڪيو ٿَي. شالامار دڪان ڀرسان ڪولمبيا يونيورسٽي هئي ۽ هن دڪان تان گهڻو ڪري يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻين خريداري ڪئي ٿي خاص ڪري سنڌي ۽ بلوچي ڊريسون. وچ ۾ پاڪستاني فلم ائڪٽر ڪمال جون موڪليل جئڪيٽون به رکيون ويون هيون ۽ پاڻ به چڪر تي ايندو هو. ان کان علاوه 1970ع واري ڏهاڪي ۾ هالا جو وڪيل عبداللطيف انصاري به نيويارڪ ۾ اچي رهيو ۽ شالامار دڪان تي مچيل ڪچھريءَ ۾ شامل هوندو هو. هُو نوڪري ڪنھن عطر جي ڪمپنيءَ ۾ ڪندو هو.
نور احمد نظاماڻيءَ وارن جو فلئٽ نه فقط سھڻو هو پر نيويارڪ جي اُوچي علائقي ۾ هو، جتي گهمڻ لاءِ ايندڙ ڪيتريون ئي سنڌ جون وڏيون شخصيتون مھمان طور اچي رهيون ٿي. پير جهنڊي جي پير فضل الحق راشدي، مخدوم امين فھيم ۽ ٻين ڪيترن سان منھنجيون اتي ملاقاتون ٿيون. مھمان نوازيءَ جا فرض گهڻو ڪري شالامار دڪان جو مالڪ عبدالرزاق شيخ ادا ڪندو هو. هڪ شخص جنھن جي مون سڀني واتان تعريف ٻڌي پر ان وقت ملاقات نه ٿي سگهي، اهو ڪامارو شريف جو پير عبدالحميد قريشي هو. بس اتفاق اهڙو ٿيو جو هن جي نيويارڪ ۾ هجڻ وارن ڏينھن ۾ منھنجو جھاز ڪئناڊا پاسي يا ويسٽ انڊيز هليو ويندو هو يا ته وري يورپ کان وڃي نڪرندو هو. نه فقط نُور احمد نظاماڻي ۽ مير مبارڪ ٽالپر پر انھن کان به وڌيڪ عبدالرزاق شيخ، پير عبدالحميد قرشي ۽ پير فضل الحق راشدي جي تعريف ڪندو هو. مون کي پير عبدالحميد صاحب سندن ڳوٺ ’ڪامارو شريف‘ جي ڪري اڄ به ياد رهندو اچي.
جيسين ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي عمارت ٺھي راس ٿئي، تيسين اسان شروع جي ٻن بئچن ميرپورخاص جي هڪ ڪاليج جي عمارت جي هڪ حصي ۾ تعليم حاصل ڪئي. حيدرآباد کان ميرپورخاص ويندي ٽنڊوالھيار بعد ڪامارو شريف ريلوي اسٽيشن اڄ به ياد آهي. ٽنڊوالھيار ۾ رهندڙ منھنجي ڪئڊٽ ڪاليج جي دوستن محمد عالم هاليپوٽي ۽ عبداللطيف دائودپوٽي وارن سان ڪامارو شريف ۾ هنن پيرن جي درگاهه تي به گهمڻ لاءِ آيا هئاسين. هتي اهو به لکندو هلان ته سنڌ جي پيرن ۾ ڪجهه اهڙا به آهن جن پنھنجي اولاد پٽن توڙي ڌيئرن کي تعليم ڏياري، جيئن مٽيارن جا ڄاموٽ آهن جن مان ڪيترا ته ڪئڊٽ ڪاليج مان به پڙهيا، بلڪ ’ڪئڊٽ ڪاليج‘ پيٽارو ۽ حسن ابدال نه ٺھيو هو ته ان کان اڳ هُو لاهور جي ’ايچيسن ڪاليج‘ مان پڙهيا. اهڙي طرح هي ڪامارو شريف جا پير آهن، جن اڄ جي دستور موجب اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ جھڙي تھڙي بي اي سا به ٻين جي معرفت ڊگري حاصل نه ڪئي، پر علم خاطر صحيح طرح تعليم حاصل ڪئي. ڪامارو شريف جي پيرن ۾ توهان کي ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر، پوليس آفيسر ۽ اعليٰ تعليم يافته ملندا. اها اهڙي شئي آهي، جيڪا اسان جي ٻين پيرن، ميرن، وڏيرن، سردارن کي فالو ڪرڻ کپي... بلڪ ڪوشش ڪري هنن کي فوج ۾ وڃڻ لاءِ به ترغيب ڏيڻ کپي، جيئن هُو سخت جان ۽ ڊسيپلينڊ ٿين. جيئن پنجاب ۽ سرحد ۾ آهي، جيئن انگلنڊ ۽ فرانس ۾ شاهي خاندان پنھنجي ٻارن تي ان معاملي ۾ ڌيان ڏين ٿا.
ڪامارو شريف جي پيرن مان پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن مان ڪجهه جا نالا جيڪي هن وقت ڌيان ۾ اٿم، سي آهن: ڊاڪٽر پير محمد علي قريشي، ڊاڪٽر محمد غوث قريشي، ڊاڪٽر پير عبدالحفيظ قريشي، ڊاڪٽر پير عبداللطيف قريشي جيڪو اسريٰ يونيورسٽي ۾ هڏن جو ماھر ڊاڪٽر آھي، سندن والد مرحوم ڊاڪٽر پير عبدالجليل قريشي صاحب وڏو نالو ڇڏي ويو، جڏهن ته سندن هڪ ڀيڻ ڊاڪٽر مصباح بِيبِي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي ۽ ’وومين اسٽڊيز ڊولپمينٽ سينٽر‘ جي ڊائريڪٽر پڻ آهي. ڊاڪٽر پير عبدالحي قريشي، ڊاڪٽر پير اويس ۽ ڊاڪٽر پير معروف قريشي... ايڊيوڪيشن ۾ ڪم ڪندڙ پير محمد بشير، پوليس کاتي ۾ پير عبدالوحيد قريشي ۽ سندس ننڍو ڀاءُ پير عبدالمجيد قريشي، ويندي عبدالرزاق شيخ جو دوست ۽ 1960ع جي ڏهاڪي ۾ هن وٽ نيويارڪ ايندڙ پير عبدالحميد قريشي، جنهن بعد ۾ پوليس مان ائڊيشنل آءِ جي ٿي رٽائرڊ ڪيو. هُو اڄ ڪلهه 87 کن ورهين جو ٿيندو ۽ حيدرآباد جي حسين آباد واري علائقي ۾ رهي ٿو. بھرحال جتي اسان جي ڪيترن ئي پيرن جا ٻار تعليم ۾ دلچسپي نٿا وٺن، اتي ڪامارو شريف جا پير انھن چند گادين مان آهن، جن وٽ تعليم کي اهميت ڏني وڃي ٿِي ۽ نه فقط مرد پر عورتون به تعليم يافته ۽ وڏين نوڪرين ۾ آهن. اسان جي ڳوٺ جو اديب و شاعر، سوشل ورڪر ’نظام ڪاڪا‘ جي، جنھن جو مرحوم ڀاءُ لکمير ڪاڪا صاحب ٽنڊو الھيار ۾ 22 سال ٽيچر ٿي رهيو ۽ نظام ڪاڪا جو به تقريبن هر هفتي ٽنڊو الهيار وڃڻ ٿئي ٿو، ڪامارو شريف جي پيرن بابت ڳالھائيندي چيو ته، ”هي اهي پير آهن جيڪي سياست کان پري آهن. ڪامارو شريف جا پير شرافت جا مڪمل مجسما آهن. هنن کي هر وقت پنھنجي اوڙي پاڙي جي ماڻھن جو خيال رهي ٿو... هُو نيڪ ۽ پرهيزگار آهن.“
اهي ئي ڳالھيون مون 50 سال اڳ نيويارڪ ۾ سائين عبدالرزاق شيخ، جهڏي جي مير مبارڪ ٽالپر، ٽنڊو جان محمد جي ڏاهري ڀائرن ۽ ٽنڊو قيصر جي نُور احمد نظاماڻي، جيڪي آمريڪا ۾ رهيل هئا، انھن کان ٻُڌيون ۽ منھنجي هميشه اها حسرت رهي ٿي ته پڙهندڙن جي اتساهه ۽ ڄاڻ لاءِ ’ڪامارو شريف‘ جي پيرن بابت ڪجهه سِٽُون لکان. مٿي لکي آيو آهيان ته هيءَ دنيا مختصر آهي، جتي ميلي ۾ گم ٿيل وري مليو وڃن... جتي هڪ عرصي بعد ڌيان ۾ آيل ڳالھيون وري اچيو وڃن. ٿورو سوچيو ته مٿين ڳالهه مون اڌ صدي اڳ نيويارڪ ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ جھاز هلائيندي سوچي هئي. وقت جي کٽراڳن ۽ مشغولين ۾ ان قسم جي ڳالهه وسري به وئي. ڪامارو شريف جي پير عبدالحميد قريشيءَ جي دوست پير جهنڊي واري پير فضل الحق شاهه راشديءَ تي ته ڪنھن ڪتاب ۾ لکي ڇڏيم، پر ڪامارو شريف جو پير عبدالحميد قريشي ڌيان تان لھي ويو.
مون کي حيرت ٿي ٿئي ته اڄ اڌ صديءَ بعد مون کي هڪ سفرنامو ’پيش لفظ‘ لکڻ لاءِ ٿو ملي، جنھن جو مصنف ٻيو ڪو نه پر ’پير عبدالحميد قريشي‘ صاحب جو ڀائٽيو ۽ ناٺي ’پير تاج محمد قريشي‘ آهي. ڪتاب پڙهان ٿو ته ان جي پھرين ئي چئپٽر ۾ هن پنھنجي چاچي پير عبدالحميد قريشيءَ جو آمريڪا ۾ رهڻ ۽ 1963ع ۾ واپسيءَ تي اتان ڪار وٺي موٽڻ جو ذڪر لکيو آهي. سائينءَ جو نالو پڙهي مون کي حيرت ٿي ان سان گڏ خوشي پڻ. مون يڪدم هن سفرنامي جي ليکڪ پير تاج محمد قريشيءَ کي فون ڪري سائين جو نيويارڪ ۾ رهڻ جي حوالي کان پڇيو. مون کي سائينءَ بابت ائين ٻڌائڻ لڳو ڄڻ هُو منھنجي سائينءَ سان پھريون ڀيرو واقفيت ڪرائي رهيو هجي. پير تاج محمد قريشي (ليکڪ) جو ڄم جو سال 1966ع آهي. مون کيس کِلندي چيو ته، ”توهان ٻن سالن جا هئا ته مون توهان جي چاچي بابت ٻڌو ۽ دوستن کان ايڏي تعريف ٻڌي، جو هن تي مون write up لکڻ چاهيو ٿَي. ان وقت نيويارڪ جي دوستن جي ٽولي جا نالا ورتم ته هُو وائڙو ٿي ويو.“ افسوس جو عبدالرزاق شيخ ٻه سال اڳ، نُور احمد نظاماڻي ٽي سال اڳ ۽ انھن کان اڳ مير مبارڪ ٽالپر، يوسف ڏاهري ۽ بابو ڏاهري، پير فضل الحق، ويندي مخدوم امين فھيم هي جھان ڇڏي ويا آهن. نيويارڪ واري ٽولي مان هڪ پير صاحب حيدرآباد ۾ ۽ ٻيو آئون ڪراچيءَ ۾ زندگيءَ جا آخري ڏينھن گذاري رهيا آهيون. مون ۾ هاڻ لکڻ جي به اها همت نه رهي آهي، پر خبر ناهي ڪيئن سائين تاج محمد جي پھرئين فون جي پھرئين جملي تي هائوڪار ڪري ويٺس ۽ سفرنامو پڙهي پراڻا ڏينھن ياد ڪرڻ ۾ لڳي ويو آهيان.
شروع جي ڏينھن ۾ ائين هوندو هو يعني گذريل صديءَ ۾ اسان ٻاهرين ملڪن مان ٿي، پوءِ اتي جو حال احوال سفرنامي جي صورت ۾ لکندا هئاسين. ڪنھن ڏورانھين ملڪ ۾ ڪو هم وطني ڏسندا هئاسين ته حيرت مان هن بابت لکندا هئاسين. اسان جا هم زبان سنڌي ته بلڪل نه برابر ملندا هئا، جيڪي هئا سي سنڌي هندو واپاري نظر ايندا هئا، جن لاءِ آئون هميشه چوندو آهيان ته وڏا مھم جُو(adventurous) هئا، جيڪي ننڍي کنڊَ جي ورهاڱي کان به گهڻو گهڻو اڳ نه فقط خشڪي رستي بَصري، بَلخ ۽ بُخارا کان وڃي نڪتا پر ڏورانھن ٻيٽن ۽ ملڪن برمودا، بھاما، برازيل ان وقت جي ڪمزور ٻيڙين ۾ پھچي ويا. ڪئناڊا، آئسلينڊ، ناروي ۽ چلي جھڙن قُطبي ۽ ٿڌن ملڪن ۾ ته ڪو سنڌي ڇا پاڪستان جي ڪنھن ٻئي صوبي جو به نظر نٿي آيو، جيتوڻيڪ پنجابي مسلمان، سک ۽ هندو ۽ پٺاڻ انگريزن جي فوج ۽ پوليس ۾ هجڻ ڪري ملايا، هانگ ڪانگ، سري لنڪا، برما، ڪينيا، يوگنڊا جھڙن ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن ۾ جام نظر آيا ٿي.
1970ع واري ڏهاڪي کان پوءِ آهستي آهستي پنجابي ۽ پٺاڻن کان علاوه عرب، ايراني، عراقي، سومالي، چيني، ويٽنامي، اٿوپين، ٿائي ۽ فلپينو دنيا جي مختلف بندرگاهن ۾ نظر اچڻ لڳا ۽ گذريل صديءَ جي آخري ڏهاڪي 1990ع کان اسان جا سنڌي مسلمان نه فقط ويجهن ملڪن ملائئشيا، سعودي عرب، ٿائلنڊ، مالديپ، سري لنڪا ۽ انگلنڊ ۽ فرانس تائين پر آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ به جام نظر اچڻ لڳا. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ به ڪئناڊا اسان جي ماڻھن کان خالي خالي هوندو هو. اسان چوندا هئاسين ته هھڙن ويران، سنسان، ٿڌن ۽ ٿر جھڙن خاموش ملڪن ۾ ڪير رهندو؟ اسان پنھنجي ملڪ ۾ خوش هئاسين، جتي هر قسم جي ڀاڄي ۽ ميوو ٿي مليو. اناج ۽ ڪپڙو لَٽو سستو هو، امن امان هو... رات جو ٻارهين بجي جھاز ڪراچيءَ ۾ لنگر ڪيرائيندو هو ته به نه فقط اسين پر ڌارين ملڪن جا جھازران به صدر، کارادر ۽ ڪياماڙي ڏي نڪري پوندا هئا. رات جو ٽين بجي تائين هوٽلون کُليل هونديون هيون، امن امان هوندو هو ۽ جڏهن امن امان هجي، صفائي سٿرائي هجي، دوا درمل ۽ اسپتالون هجن، تعليمي درسگاهه اهڙا سٺا هجن جو ڌارين ملڪن جا شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ جي NED ۽ DOW ڪاليجن ۾ ڇا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اچن. کاڌي پيتي جون شيون بنا ملاوٽ جي ۽ سستيون هجن.
1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مون سامونڊي نوڪري شروع ڪئي ته ڊالر جي قيمت 4 روپيه يعني اسان جو روپيو مضبوط هو. اسان جي روپئي سان گڏ اسان جي ماڻھوءَ جو مانُ به مٿاهون هو، پر پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اسان جي ملڪ جي ترقيءَ جو گراف ويو هيٺ ڪرندو... تعليم توڙي روزگار لاءِ ماڻھن کي مجبورن پنھنجو ملڪ ڇڏڻو پيو. هُونءَ اسان سنڌي خاص ڪري مسلمان، ٻاهر نڪرڻ جي معاملي ۾ سست ثابت ٿيا آهيون پر اسان به اهو ئي ڏٺو ته ’ڦول وه سر چڙها، جو چمن سي نڪل گيا‘، يا کڻي چئجي ته اهو محسوس ڪيو ته حرڪت ۾ برڪت آهي. اڄ ڪئناڊا جھڙن ڏکين ملڪن ۾ به اسان جا ماڻھو نظر اچن ٿا ۽ فقط اهو چوڻ ته سنڌي رهن ٿا ڪافي نه ٿيندو... ڪير آهي جيڪي نٿا رهن؟ توهان کي ڏيپلي جي ميمڻن ۽ پاٽ ۽ بوبڪن جي قريشين، جوڻيجن، انصارين ۽ قاضين کان وٺي ڏاهري، نظاماڻي، ٽالپر، جتوئي، خاصخيلي، ڳاهوٺي، عباسي ۽ چنا ملندا. هاڻ اسان وٽان ٻاهر وڃي اتي جو سفرنامو لکڻ بدران اتي رهندڙ اسان جا سنڌي، اتي رهي اتي جو سفرنامو لکي رهيا آهن. جيڪي سنڌي اتي رهيل آهن تن جي لکيل سفرنامن ۽ هتان جي چند ڏينھن لاءِ ويندڙن جي سفرنامن ۾ اهو فرق ٿئي ٿو، جو اتي جا رهاڪو وڌيڪ ڄاڻ رکن ٿا، هُو وڌيڪ تفصيل سان لکن ٿا. بھرحال هتي پاڻ ڪامارو شريف جي پير تاج محمد قريشي جي سفرنامي بابت ڳالھائينداسين، هُو اٽڪل ستاويهه سالن کان ٻارن سان آمريڪا ۾ رهي ٿو.
پير تاج محمد 1966ع ۾ حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر پير عبدالجليل قريشيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر پير عبدالجليل قريشي صاحب 1961ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان MBBS ڪري ميرپورخاص ۾ پرئڪٽس ڪئي. ڊاڪٽر صاحب جي وڏي پٽ پير غلام محمد قريشي زولاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ کان علاوه وڪالت به پڙهي ۽ ھاڻ مائٽاڻيُون زمينون سنڀالي ٿو. ڊاڪٽر پيرعبدالجليل جا ٽي ٻيا پٽ ڊاڪٽر آهن، جن مان ھڪ ڊاڪٽر پير عبدالحفيظ قريشي، آمريڪا جي رياست ’وِسڪِنسن‘ ۾ نوڪري ڪري ٿو، ڊاڪٽر پير عبداللطيف قريشي، اسريٰ يونيورسٽي ۾ ھڏين جو اسپيشلسٽ آھي. پير عبدالجليل جو ننڍو پٽ ’ڊاڪٽر پير عبدالحي قريشي‘ ميرپورخاص جي ’محمدي ميڊيڪل ڪاليج‘ ۾ آهي. مٿي لکي آيو آهيان ته ڪامارو شريف جي پيرن ۾ تعليم عام آهي ۽ نه فقط مرد پر عورتون به اعليٰ تعليم يافته آهن. پير عبدالجليل جي نه فقط فرزندن يعني اسان جي ليکڪ پير تاج محمد جا نه فقط ڀائر پر ڀينرون به پڙهيل ڳڙهيل آهن، جن مان ٻه ماشاءَالله ڊاڪٽر آهن. هڪ گائناڪالاجسٽ آهي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پروفيسر جي عھدي تي ريٽائر ٿي آهي ۽ ٻي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وومين ڊيولمپينٽ سينٽر جي ڊائريڪٽر آهي.
هن سفرنامي جو ليکڪ پير تاج محمد قريشي، پرائمري تائين پنھنجي ڳوٺ ڪاماروشريف ۾ پڙھيو. ھن ’ماڊل اسڪول اولڊ ڪئمپس‘ مان 1983ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1985ع ۾ انٽر ڪئي. ان بعد ’سنڌ ڪامرس ڪاليج حيدرآباد‘ مان 1987 ۾ بي ڪام ڪرڻ کان پوءِ ’سنڌ يونيورسٽيءَ‘ مان M.A (ماسٽرس آف آرٽس ان ايڪنامڪس) ۽ MPA (ماسٽرس ان پبلڪ ايڊمنسٽريشن) ڪئي.
پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪرڻ بعد پير تاج محمد قريشي ھڪ ٻه سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي ’پبلڪ ائڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ‘ ۾ ريسرچ فيلو طور پڙھائڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ 1994ع ۾ پنھنجي خرچ تي بنا ڪنھن سرڪاري يا غيرسڪاري اسڪالرشپ وغيره جي آسري آمريڪا هليو آيو ۽ ڪئليفورنيا رياست جي شھر برڪلي جي يونيورسٽيءَ مان MBA فائننس ۾ ڪئي. جنھن کان پوءِ بزنس ائڊمنسٽريشن جي فيلڊ مارڪيٽينگ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما ڪيو. ڪجھ سال مختليف ادارن ۾ نوڪري ڪرڻ کان پوءِ 2004ع کان بزنس ٽئڪس ۽ اڪائونٽنگ جي ڪنسلٽينگ جو پنھنجو ڪاروبار ’مشيگن‘ ۾ ڪيو ۽ اڄ تائين هُو ٻارن سان هن رياست (Michigan) جي هڪ شھر ’وارن‘ (Warren) ۾ رهي ٿو. ’وارن‘ ڪو وڏو شھر ناهي. ان جي آدمشماري ٻه لک مس آهي، پر بيحد خوبصورت آهي. هُونءَ به مِشيگن، وِسڪنسن، الينوئس وچ مغربي آمريڪن رياستن جي سونھن پنھنجي نموني جي آهي. هي رياستون اتر ۾ ڪئناڊا جي بارڊر وٽ آهن، جنھن ڪري هتي ڪافي ٿڌ رهي ٿي. ٿڌ کان ڀڄڻ وارا گهڻو ڪري ٽيڪساس جھڙين ڏاکڻين رياستن ۾ رهن ٿا، جتي جي موسم ملتان ۽ بھاولپور جھڙي آهي يا وري اسان جي ملڪ جا گهڻا ماڻھو توهان کي نيويارڪ ۽ ان جي ڀر وارين رياستن ۾ ملندا، ڇو جو شروع جي ڏينھن ۾ ڪراچيءَ کان هوائي جهاز جون اڏامون نيويارڪ ئي آيون ٿي يا ڪئليفورنيا. ان ڪري توهان کي ڪيترائي پاڪستاني، انھن ڏينھن ۾ ڪئليفورنيا رياست جي وڏي شھر لاس اينجلس ۽ گادي واري شھر ’ساڪرامينٽو‘ (Sacramento) ۾ ملندا. ڪيترا ته نيويارڪ پاسي جا رهندڙ بشير مغل جھڙا بعد ۾ ساڪرامينٽو (ڪئليفورنيا) لڏي ويا، جو هنن کي روزگار لاءِ اتي بھتر حالتون لڳيون. هاڻ ته اسان جي ملڪ جا آمريڪا جي هر رياست ۾ نظر اچن ٿا، پر شروع ۾ نيويارڪ ۽ لاس اينجلس جو PIA جو ساڳيو ڀاڙو ۽ پاڪستان سان ملندڙ موسم هجڻ ڪري، اسان جي ماڻھن جو رخ ان طرف وڌيڪ رهيو ٿي. هُونءَ ڪو نيويارڪ ۽ لاس اينجلس، شھدداپور ۽ ٽنڊو آدم وانگر ويجها شھر يا ريلوي اسٽيشنون نه آهن. نيويارڪ کان لاس اينجلس 2800 ميل يعني 4000 کن ڪلوميٽر آهي ۽ باءِ ڪار 50 ڪلاڪ لڳن ٿا. نيويارڪ آمريڪا (USA) جو اوڀر وارو شھر ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهي ته لاس اينجلس بلڪل اولهه طرف پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهي.
اسان پاڻيءَ واري جھاز ذريعي آفريڪا يا يورپ کان آمريڪا ايندا هئاسين ته اسان کي نيويارڪ، بالٽيمور، فلاڊلفيا، نِيُواورلينس، ميامي جھڙا شھر ويجها لڳا ٿَي، جيڪي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهن. باقي جپان جيڪو پئسفڪ سمنڊ ۾ آهي، اتان آمريڪا لاءِ سامان کڻندا هئاسين ته پوءِ لاس اينجلس، وئنڪوئر، ٽاڪوما، سيئٽل، اوڪ لئنڊ، سان ڊياگو، سان فرانسسڪو ۽ پرنس روپرٽ جھڙا آمريڪي ۽ ڪئناڊين بندرگاهه ويجها پيا ٿَي، جو اسان کي ٻيا سمنڊ لتاڙڻ بدران هڪ ئي سمنڊ پئسفڪ اُڪرڻو پيو ٿَي، جنھن جي هڪ ڇيڙي تي جپان جا بندرگاهه آهن ته ٻئي تي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جا مٿيان بندرگاهه.
جپان کان آمريڪا جي مٿئين ڪنھن بندرگاهه تي پھچڻ جو ٻيو به رستو آهي. اهو آهي جپان کان پاڪستان ڏي اچي ’ڪيپ آف گُڊ هوپ‘ وٽ پھچي، هندي وڏي سمنڊ مان ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ. آمريڪا کنڊ جي پاناما ملڪ وٽ پھچي ان ملڪ ۾ کوٽايل پاناما ڪئنال مان آمريڪا جي ٻئي پاسي يعني پئسفڪ وڏي سمنڊ ۾ پھچي، اسان لاس اينجلس يا وَئنڪُوئر وغيره پھچي سگهون ٿا، پر ظاهر آهي اهو وڏو رستو ٿيندو ۽ رستي تي ڏکڻ چيني سمنڊ، هندي سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ پنھنجي بگڙيل فطرت ڪري جھازن ۽ انھن کي هلائڻ وارن جي بَيخَ ڪڍيو ڇڏين.
اسان جي ليکڪ پير تاج محمد قريشيءَ جو هي آمريڪا (USA) ۽ ڪئناڊا بابت احوال وڌيڪ Enjoy ڪرڻ لاءِ پڙهندڙن لاءِ آمريڪا کنڊَ جي ٿوري گهڻي ڄاڻ رکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪي ماڻھو آمريڪا ۾ رهن ٿا اهي ته ڀلي ڀت واقف آهن پر آمريڪا کان اڻ واقف ان بابت مونجهاري جو شڪار رهن ٿا. ان ڪري هتي آئون مختصر طور آمريڪا بابت ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو.
دراصل اسان جي ملڪ ۾ جڏهن اسان آمريڪا جي ڳالهه ڪريون ٿا ته هڪ عام ماڻھو ان جو مطلب USA سمجهي ٿو، پر ائين ناهي! آمريڪا يڪي کنڊَ جو نالو آهي، جنھن ۾ اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊَ اچي وڃن ٿا، جيڪي وچ تي ڌرتيءَ جي هڪ سنھي پٽيءَ ذريعي ملن ٿا. اها زمين جي پٽي وچ آمريڪا سڏجي ٿي. ان پٽيءَ ۾ به ڪيترائي ملڪ اچيو وڃن، جيئن ته ميڪسيڪو، گئاٽمالا، هونڊرس، نڪراگئا، ايلسَلواڊور، ڪاسٽاريڪا، بيليز ۽ پاناما. انھن سڀني ملڪن جي پکيڙ 5,22,000 چورس ڪلوميٽر آهي.
آمريڪا کنڊ جو هيٺيون حصو يعني ڏکڻ آمريڪا 18 کن ملين چورس ڪلوميٽر آهي جنھن ۾ برازيل، ڪولمبيا، ارجنٽائنا، پيرو، وينزوئلا، چلي، اڪئڊار، بوليويا وغيره ملڪ اچي وڃن ٿا. اسان وٽ جڏهن آمريڪا جي ڳالهه نڪري ٿي ته اسان جو مطلب هميشه اتر آمريڪا سان رهي ٿو جنھن ۾ يو ايس اي ۽ ڪئناڊا ملڪ آهن. جيئن سنڌين جي ائسوسيئيشن SANA جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان ۾ نه فقط USA پر ڪئناڊا جا سنڌي به اچي وڃن ٿا يا پانا پيٽارين ائسوسئيشن آهي. هُونءَ ڪئناڊا ۽ USA اهڙا ملڪ آهن جن ۾ ڪافي هڪجھڙايون آهن ۽ انھن ملڪن جي رهاڪن جو هڪ ٻئي ڏي اچڻ وڃڻ گهڻو آهي. ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا جي ملڪن ۾ گهڻي ڀاڱي اسپيني ۽ پورچوگالي ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيو ۽ نارٿ آمريڪا (يو ايس اي ۽ ڪئناڊا) ۾ انگريزيءَ کان علاوه ڪجهه هنڌن تي اسپيني ۽ فرينچ به هلي ٿي.
پڙهندڙن کي اها ڳالهه سمجهڻ کپي ته يو ايس اي جنھن ۾ 50 رياستون آهن ڪو ننڍو ملڪ ناهي. ڪڏهن آمريڪا جي ڪنھن شھر ۾ ٻوڏ يا باهه لڳندي آهي يا قتل جي واردات ٿيندي آهي ته اسان جون پوڙهيون اڪثر چونديون آهن ته، ”نه فقط اسان جي ملڪ ۾ پر آمريڪا ۾ به اهي مصيبتون لڳيون پيون آهن.“ پر نه اها سوچ غلط آهي. آمريڪا ان هوندي به بھتر ملڪ سمجهيو وڃي ٿو. آمريڪا کي ان جي ڪا پرواهه ناهي. ڇو؟ اهو ان ڪري جو اسان جي ملڪ ۾ ان قسم جون مصيبتون عام لڳيون رهن ٿين ۽ ملڪ جي ايڪانامي اهڙي خراب آهي جو ٻوڏ يا زلزلو اچڻ تي آمريڪا جھڙن ملڪن کان پنڻو پوي ٿو ۽ جيڪا ڪجهه مدد ملي ٿي، اها غريبن کي ملڻ بدران اسان جا ڪرپٽ حاڪم ۽ بيوروڪرئيٽ کايو وڃن. هوڏانھن آمريڪا جي ڪنھن رياست ۾ ڪا مصيبت اچي ٿي ته حڪومت ماڻھن کي ٿيل سندن نقصان يڪدم ڀريو ڏئي. ٻي ڳالهه ته اسان وٽ مثال جي ڳالهه سال ۾ هڪ دفعو ٻوڏ آئي آهي ته اهو نقصان ان وقت آمريڪا USA جي برابر سمجهڻ کپي، جڏهن اتي اها ٻوڏ يو ايس اي (USA) ۾ پنجاهه دفعا اچي. ڇو جو USA جي هر رياست سمجهو ته هڪ ملڪ آهي. بلڪ ڪي ڪي رياستون ته پاڪستان کان به وڏيون آهن. مثال طور پاڪستان جي ايراضي (پکيڙ) 8,82,000 چورس ڪلوميٽر آهي، پر يو ايس اي جون ڪئليفورنيا، مونٽانا، نيوميڪسيڪو جھڙيون رياستون اڌ پاڪستان جيڏيون آهن ۽ ٽيڪساس ته ذري گهٽ پاڪستان جيڏي آهي ۽ الاسڪا، پاڪستان کان به ٻيڻ جيڏي رياست آهي. سڄي USA جي ايراضي 98 لک چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ڪئناڊا جي ايراضي ته ان کان به وڌيڪ 99 لک چورس ڪلوميٽر آهي، پر ڪئناڊا جي آدمشماري گهٽ آهي، جو سندس اتراهون وڏو حصو اونھاري ۾ به برف ٿيو پيو آهي. بھرحال USA ۽ ڪئناڊا کي ملائجي ته اسان جھڙا 22 ملڪ ٿين.
پڙهندڙن کي هڪ ٻي ڳالهه سمجهڻ کپي ته آمريڪا کنڊَ جا ٻئي حصا اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا يعني ڪئناڊا کان وٺي چليءَ تائين ڌرتيءَ جو هڪ ئي يڪو ٽڪرو آهي ۽ اهو ايڏو وڏو آهي جو اتر ۾ ته تقريبن اتر قطب سان وڃيو لڳي، پر ڏکڻ ۾ به ڏکڻ قطب جي ويجهو آهي. آفريڪا کنڊَ وڏو آهي پر ايڏو وڏو ناهي سندس پاسن کان ته هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي، پر مٿان ۽ هيٺان ميڊِيٽِرَينِيَن ۽ ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ آهي، جنھن مان پاڻيءَ جا جھاز اونھاري توڙي سياري ۾ پيا هلن.
آمريڪا کنڊَ جو مٿيون حصو يعني ڪئناڊا کان مٿي جيتوڻيڪ سمنڊ آهي پر اتر قطب جي ويجهو هجڻ ڪري اونھاري ۾ به اهو برف ٿيو پيو آهي ۽ مٿانئس برفاني ڀُورا رڇ پيا هلن. بھرحال پاڻيءَ جو جھاز نيويارڪ (ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري) کان ٻئي پاسي لاس اينجلس يا وئنڪوئر ڪيئن پهچي؟ مٿان اتر کان ته برف ڄمي پئي آهي. ان لاءِ هن کي ڏکڻ آمريڪا جي آخري ملڪ چليءَ جي پوڇڙ تي پھچي، ٻئي پاسي پئسفڪ سمنڊ ۾ داخل ٿي، لاس اينجلس لاءِ وري اتر طرف ساڳيو فاصلو ڪري پھچڻو پوي ٿو، پر اهو سفر به فقط اونھاري جي ٻن اڍائي مھينن لاءِ ممڪن رهي ٿو، جو پوءِ ڏکڻ طرف به برف ڄمڻ شروع ٿئي ٿي. اهي ٻه مھينا کن جنھن ۾ ڏکڻ آمريڪا هيٺان جھاز هلي سگهي ٿو، سمنڊ هڪ طرف بگڙيل رهي ٿو ته طوفان ۽ سائڪلون ٻئي طرف لڳا رهن ٿا ۽ هر وقت جھاز جي ٻڏڻ جو خطرو رهي ٿو. چڱو جو انجنيئرن کي اها ڳالهه دماغ ۾ اچي وئي ته وچ آمريڪا جي ملڪ پاناما جي ويڪر گهٽ آهي، جتي کوٽائي ڪري پاناما ڪئنال ٺاهيو ويو، جيڪو هاڻ آمريڪا جي ٻنھي پاسن وارن سمنڊن ’ائٽلانٽڪ‘ ۽ ’پئسفڪ‘ کي ملائي ٿو يعني نيويارڪ کان لاس اينجلس پھچڻ آسان ڪم ٿي پيو آهي. هاڻ سائوٿ آمريڪا جي ڇيڙي تائين ڊگهو سفر ڪري خطرناڪ سمنڊ جي حصي مان ڦيرو ڪرڻ بدران پاناما ڪئنال ذريعي ٻئي پاسي پھچي سگهجي ٿو. ڪارگو (سامان) کان علاوه سياح به مسافر جھازن ذريعي پاناما ڪئنال جو لطف هڪ طرف وٺن ٿا ته آمريڪا جي مغربي ڪناري جي شھرن ڪئليفورنيا جھڙين رياستن جي سونھن الڳ پسن ٿا.
آمريڪا جي پئسفڪ سمنڊ واري پاسي بنا شڪ جي ڪئليفورنيا رياست بيحد خوبصورت آهي، جنھن جا لاس اينجلس، سَئِن ڊِياگو، سئن جوز، سئن فرانسسڪو، لانگ بيچ، اوڪ لئنڊ، ساڪرامينٽو جھڙا شھر ڏسڻ وٽان آهن. انھن انيڪ شھرن مان هڪ ننڍڙو ڳوٺ نما ’برڪلي‘ شھر به آهي، جتي يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا آهي، جنھن مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جو ليکڪ پير تاج محمد قريشي 1994ع ۾ پنھنجي ڳوٺ ڪامارو شريف کان پھتو ۽ پوءِ نوڪري روزگار خاطر آمريڪا ۾ ئي ٽِڪي پيو... سٺو ڪيائين.
اڄ ڪلهه سڄي دنيا هڪ ڳوٺ آهي. ٻاهر جي ملڪن ۾ نوڪري ملڻ ڪو آسان ڪم ناهي. ان کان ڏکيو ڪم نوڪري ڪرڻ آهي. پير تاج محمد يا ان جو ڊاڪٽر ڀاءُ پير حفيظ وسڪنسن رياست ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن... خوشيءَ جي ڳالھ آهي. اسان جي سرندي وارن وڏن ماڻهن پيرن، ميرن، سردارن کي کپي ته هُو پنھنجي ٻارن کي سٺي تعليم لاءِ ٻاهر موڪلين ۽ کين ٻاهر نوڪري ڪري انھن ملڪن جي شھريت حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏين. هنن کي پير تاج محمد يا ميرپور خاص جي ڊاڪٽر مير عطا ٽالپر جي نقش قدم تي هلڻ کپي جيڪي پنھنجي ڳوٺ ۾ رهي آرام جي زندگي گذارڻ بدران ٻاهر ولايت ۾ پورهيو ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا، دراصل Quality of Life ان ۾ آهي. اهو ئي سبب آهي جو آئون پنھنجي وطن جي پئسي وارن کي اها نصيحت ڪندو رهان ٿو ته ٻين ڳالھين ۽ اجاين شوبازين تي پئسو وڃائڻ بدران پنھنجن ٻارن کي پنھنجي خرچ تي ئي ولايت موڪليو، جيئن هُو به سڌري وڃن ته توهان جو به نالو ٿئي.
هتي پير تاج محمد جي تعليمي اداري ’يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا‘ جي ڳالھ نڪتي آهي ته ان بابت ٻه ٽي سِٽُون لکندو هلان.
هيءَ يونيورسٽي 1868ع ۾ پهرين ڪئليفورنيا رياست جي بندرگاهه ’اوڪ لئنڊ‘ ۾ کولي وئي. هي اهي ڏينھن هئا، 1850ع واري ڏهاڪي جي شروعات وارا جڏهن ڪئليفورنيا ۾ سونُ لڌو ويو هو. هن علائقي ۾ سونُ ملڻ ڪري زمين جا اگهه چڙهي ويا هئا ۽ خوشحالي صاف نظر اچي رهي هئي. هوڏانھن چين ۾ پھرين ۽ ٻي آفيمي لڙائي ڪري ماڻھن جي معاشي حالت خراب ٿي وئي هئي. اهو ئي سبب آهي جو روزگار خاطر چينين، اوڪ لئنڊ جو رخ رکيو ۽ هتي ريل جي ڪم ۾ لڳي ويا. سو هن پاسي جيڪي چائنا ٽائون ڏسو ٿا، انھن جا رهواسي چيني يعني انھن جا وڏا ان وقت جا آيل آهن.
اوڪلئنڊ ۾ يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا کلڻ بعد پنج سال رکي، 1873ع ۾ اها برڪلي شفٽ ڪئي وئي. اڄ ڪلهه هن يونيورسٽيءَ جا ڏهه ڪئمپس آهن، جن ۾ ٽوٽل ٽي لک کن شاگرد پڙهن ٿا ۽ پنجويهه هزار فئڪلٽي ميمبر ۽ ڏيڍ لک کن اسٽاف ميمبر آهن. توهان کي حيرت ٿيندي ته هن يونيورسٽيءَ جي مختلف ڪئمپسن جي فئڪلٽي ۽ ريسرچرن مان ايڪهتر ڄڻن کي ’نوبل پرائيز‘ ملي چڪا آهن. پير تاج محمد جي هن يونيورسٽي ۽ برڪلي شھر سان واسطو رکندڙن ۾ هڪ پاڪستاني اهم شخصيت ’محمد وصي الله خان‘ به آهي، جنهن کي ’الينوئس‘ رياست جي شھر شڪاگو ۾ 1980ع ۾ ’ايسٽ ويسٽ يونيورسٽي‘ نالي هڪ پرائيويٽ يونيورسٽي کُلي ته هن کي ان جو پھريون چانسلر مقرر ڪيو ويو هو. هي صاحب 1950ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ ’گورنمينٽ ڪاليج سکر‘ ۾ تعليمدان هو. هن M.A ۽ M.Ed. ’پنجاب يونيورسٽيءَ‘ مان ڪئي. 1970ع ۾ پاڪستان ڇڏڻ بعد، هُو هتي برڪلي ۾ رهي پيو.
دنيا جي مشھور Chef (بورچياڻي) ۽ کاڌن تي ڪتاب لکندڙ ’ثمين نصرت‘ به برڪلي جي رهاڪو آهي. هن جا والدين جن جو واسطو ’بَھائي مذهب‘ سان هو، اهي 1976ع ۾ ايران کان لڏي، هتي برڪلي ۾ اچي رهيا هئا. هُونءِ به سڄي آمريڪا ۾ توهان کي جتي ڪٿي ايراني جام نظر ايندا، جن جون عورتون سھڻيون ٿين ٿيون ۽ توهان کي اهي بنا پڙدي جي ميڪ اپ ۽ مغربي ڪپڙن ۾ ڏسي حيرت ٿيندي. اهي شھنشاهه ايران جي ڏينھن جون آهن يا بَھَائي ۽ زرتشت (آتش پرست) مذهب جون، جن کي پاڻ پارسي سڏيون ٿا. بَھائي مذهب جا اهي ايراني آهن، جن جون ڪراچي توڙي ممبئيءَ ۾ ڪنڊ واريون چانهه جون هوٽلون آهن. صدر ۾ بَهائين جي ’پرشين بيڪري‘ اڄ به ان حالت ۾ آهي، جنھن ۾ سٺ سال اڳ ڏٺوسين. حڪيم سعيد جي ڪلينڪ واري گهٽي جيڪا ڊائو ميڊيڪل (سول اسپتال) ڏي وڃي ٿي ۽ لائٽ هائوس سئنيما جي سامھون واري ڪنڊ واري چانهه، بسڪيٽ ۽ مَسڪا بَن واريون ريسٽورنٽون ’بَھائي‘ ايرانين جون آهن.
منھنجي خيال ۾ برڪلي ۽ اوڪ لئنڊ جي خاص ماڻھن جو ذڪر ڪرڻ دوران هڪ وڌيڪ عورت بابت ٻه ٽي سِٽُون پڻ لکندو هلان، جنھن کان نه فقط توهان، پر سڄي دنيا واقف آهي. اها آهي آمريڪا جي اڄ ڪلهه نائب صدر ’ڪاملا ديوي هيرس‘. هُوءَ آمريڪا جي تاريخ ۾ پھرين عورت نائب صدر آهي. ان کان اڳ هُوءَ رياست ڪئليفورنيا جي ڇهه سال اٽارني جنرل رهي هئي. ڪاملا ديوي 1964ع ۾ اوڪ لئنڊ ۾ ڄائي. هتي جي يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا مان قانون جي ڊگري حاصل ڪري وڪيل ٿي. هن جي ماءُ ’شيامالا گوپلان‘ هندستان جي تامل (سائوٿ انڊين) هئي، جيڪا 19 سالن جي ڄمار ۾ 1958ع ۾ آئي ۽ برڪلي جي يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا مان ’Endocrinology‘ ۾ گرئجوئيشن ڪئي ۽ بعد ۾ 1964ع ۾ Ph.D ڪئي. ڪاملا ديوي جو پيءُ ’ڊونالڊ هيرس‘ 1961ع ۾ ’جئميڪا‘ کان آمريڪا آيو ۽ ساڳي يونيورسٽي مان ’ايڪنامڪس‘ ۾ Ph.D ڪري پروفيسر ٿيو. ڪاملا جي ڀيڻ ’مايا لڪشمي‘ به هتان ئي پڙهي ۽ وڪالت ڪري ٿي. ڪاملا ديوي، ليکڪ به آهي. سندس ڇپيل ٽن ڪتابن مان ٻه گهڻا مشھور آهن:
• Superheroes Are Everywhere.
• The Truths we Hold: An American Journey.
هُونءَ پير تاج محمد قريشيءَ جو يا ڪنھن ٻئي جو آمريڪا يعني USA ۽ ڪئناڊا جو سفرنامو يا انھن ملڪن جو احوال پڙهڻو هجي ته هنن ملڪن بابت هي ٻه چار جاگرافيءَ جون ڳالھيون ضرور ڌيان ۾ رکڻ کپن. ان بعد پڙهندڙ کي وڌيڪ مزو ايندو ۽ سندس دماغ ۾ ڳالهه وهندي ته مسافر يو ايس اي ۽ ڪئناڊا جي ڪھڙن هنڌن تي گهمي ڦري پيو. ڪي ملڪ آهن مثال طور مالديپ، مالٽا، بارباڊوس، سنگاپور، برونائي، لبنان، ڪويت، اسرائيل، جبوتي وغيره جيڪي تمام ننڍا آهن. ٻئي طرف انھن جي مقابلي ۾ اسان جو ملڪ پاڪستان يا ايران، افغانستان، ٿائلنڊ، برما، فلپين وغيره وڏا ملڪ سمجهيا وڃن ٿا. ايتري قدر جو اسان جي ملڪ جو ننڍو صوبو سنڌ به مٿين ملڪن کان وڏو آهي، پر اسان جي ماڻھن کي اهو ڌيان ۾ رکڻ کپي ته اسان جڏهن USA ۽ ڪئناڊا جي ڳالهه ٿا ڪريون ته اهي اسان جي وڏن ملڪن کان به گهڻو وڏا آهن. ڪو ماڻھو ڪراچي جي علائقي ملير ۾ ايندو هجي ان کي ڪو دوست سامان ڏئي ته يار هي منھنجي مائٽ کي ڏجانءِ جيڪو پڻ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو، جنھن علائقي جو نالو ’سچل ڳوٺ‘ يا ’ماڙيپور‘ آهي ته هن لاءِ اهو ڪم ڪو اهڙو ڏکيو ناهي، ويندي ٺٽي يا حيدرآباد تائين به هُو پھچائي اچي سگهي ٿو، جو اهي هنڌ وڌ ۾ وڌ کڻي ٻه سئو ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هوندا، پر USA هڪ وڏو ملڪ آهي. تمام گهڻو وڏو ملڪ. مثال طور ڪو نيويارڪ پيو وڃي ۽ ان جو دوست هن جي آمريڪا وڃڻ جو ٻڌي چوي ته يار ان ملڪ ۾ منھنجو هڪ دوست لاس اينجلس شھر ۾ رهي ٿو... هي آچار جون ٻه شيشيون ته هن کي پھچائجانءِ ته اهو ٻڌي هن جو ته سِرُ هليو ويندو، جو نيويارڪ کان لاس اينجلس يا هيوسٽن يا لاس ويگاس ڪو سئو يا ٻه سئو ڪلوميٽرن جي نه پر هزارين ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهن. نيويارڪ کان لاس اينجلس کان ته ڪوالالمپور کان ٽوڪيو ويجهو آهي. ان ڪري ته آئون چوندو آهيان ته آمريڪا يعني USA جون 50 رياستون اسان جي بھاولپور، خيرپور، ڪڇ، گجرات يا بھار، بنگال، يُو پِي نه پر سڄا سڄا ملڪ سمجهڻ کپن.
آمريڪا کنڊ جي ساڄي پاسي کان يعني اوڀر ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي ۽ کاٻي پاسي کان پئسفڪ آهي. هوائي جھاز ۽ ٽرين رستي هڪ ٽوئرسٽ جي حيثيت ۾ منھنجو آمريڪا جي اندرين رياستن ۾ به وڃڻ ٿيو آهي، پر سامونڊي نوڪري دوران جنھن به جھاز تي بدلي ٿِي ٿَي ۽ اهو آمريڪا آيو ٿَي ته ان آمريڪا جي ڪناري وارين رياستن جي بندرگاهن ۾ لنگر ڪيرايو ٿَي. آمريڪا ويندڙ جھازران کان جڏهن پڇندائو ته هُو توهان کي اهو ئي چوندو ته ايسٽ ڪوسٽ پيو وڃان يا ويسٽ ڪوسٽ. ايسٽ ڪوسٽ معنيٰ آمريڪا جو اوڀر وارو ڪنارو جنھن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇھي ٿو ۽ ان جا مشھور بندرگاهه آهن: بوسٽن (ميساچوسيٽس)، نيويارڪ، نيوارڪ (نيوجرسي)، فلاڊلفيا (پينسلوانيا)، بالٽيمور (ميري لئنڊ)، نورفوڪ (ورجينيا)، رچمنڊ، چارلسٽن (سائوٿ ڪئرولينا)، سواناهه (جارجيا)، جئڪسن وائيل (فلوريڊا) ۽ هيوسٽن (ٽيڪساز) وغيره ۽ هوڏانھن جپان کان پئسفڪ سمنڊ لتاڙي آمريڪا جي ڪناري کي ڇھبو هو ته جن بندرگاهن ۾ اسان جو گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو يعني اسان جو جھاز سامان لاهيندو هو يا کڻندو هو ته انھي پاسي جا بندرگاهه هوندا هئا: لاس اينجلس، سان ڊياگو، سان هوزي، سئن فرانسسڪو، پورٽ لئنڊ (اوريگان)، ٽاڪوما، اوڪلئنڊ ۽ سيئٽل وغيره. ڪئناڊا جا بندرگاهه هوندا هئا: وئنڪوئر ۽ پرنس رُوپرٽ. اهي سڀ بندرگاهه پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهن. ڪئناڊا جا بندرگاهه جيڪي اوڀر ڪناري تي آهن، جن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇھي ٿو اهي هئا: هئليفيڪس، سينٽ جان، مانٽريل وغيره.
جيئن ڪراچي وڏو هجڻ ڪري ستن ضلعن ۾ ورهايل آهي، جهڙوڪ سينٽرل، ايسٽ، ويسٽ، سائوٿ، ڪياماڙي، ڪورنگي ۽ ملير وغيره يا سنڌ صوبو اتر، لاڙ ۽ وچولي حصي ۾ ورهايل آهي، تيئن آمريڪا (USA) کي به سھوليت موجب مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي. بلڪ هيٺين حصي جا ٻه ڀاڱا ڪيا ويا آهن. جيڪي سائوٿ ايسٽ ۽ سائوٿ ويسٽ سڏجن ٿا جو اهي ڏکڻ ۾ آهن ۽ هڪ اوڀر طرف آهي ته ٻيو اولھه طرف جيئن ٽيڪساس، نيوميڪسيڪو ۽ اريزونا رياستون ’سائوٿ ويسٽ‘ ريجن جون رياستون سڏجن ٿيون. هتي اها ڳالهه به لکندو هلان جيڪا پڙهندڙن لاءِ يا هن پاسي ايندڙ نوَن ماڻھن لاءِ اڪثر مونجهاري جو سبب ٿئي ٿي، اها هي ته نيوميڪسيڪو، آمريڪا جي ڏاکڻي رياست جو نالو آهي جنھن جي مٿان ڪولوراڊو رياست آهي. نيوميڪسيڪو رياست جي هيٺان ئي وچ آمريڪا جا ملڪ شروع ٿين ٿا ۽ پھرئين ملڪ جو نالو ڪو ٻيو هجڻ بدران ان جو نالو به ميڪسيڪو آهي. آمريڪي رياست نيوميڪسيڪو، افغانستان وانگر لئنڊ لاڪڊ رياست آهي يعني هن کي سمنڊ نٿو ڇھي. باقي هن جي ڀر واريون رياستون ٽيڪساس، لوزيانا، مسيسپي، الباما ۽ فلوريڊا جن جي بندرگاهن ۾ منھنجو اڪثر وڃڻ ٿيو ٿَي، انھن جي چوڌاري جيڪو سمنڊ آهي اهو خليجِ ميڪسيڪو (Gulf of Mexico) سڏجي ٿو. فلوريڊا رياست جتي ڏکڻ ۾ ختم ٿئي ٿي، اتي ڪيوبا ٻيٽ آهي. ڪيوبا ۽ فلوريڊا جي وچ ۾ جيڪا سمنڊ جي پٽي آهي، اها ’اسٽرئٽ آف فلوريڊا‘ (فلوريڊا ڳچي سمنڊ) سڏجي ٿو. ڳچي سمنڊ اهو مختصر سامونڊي درياهه ٿئي ٿو، جيڪو ٻن وڏن سمنڊن کي ملائي، جيئن ملاڪا ڳچي سمنڊ ’هندي وڏي سمنڊ‘ ۽ ’ڏکڻ چيني سمنڊ‘ کي ملائي ٿو، جبرالٽر ڳچي سمنڊ ’ائٽلانٽڪ‘ ۽ ’ميڊيٽرينين‘ سمنڊ کي ملائي ٿو، تيئن فلوريڊا ڳچي سمنڊ ’خليج ميڪسيڪو‘ ۽ ’ائٽلانٽڪ سمنڊ‘ کي ملائي ٿو. اسان جڏهن آفريڪا يا يورپ کنڊ کي ڪنھن بندرگاهه کان هيوسٽن يا نيواورلينس جھڙي آمريڪي بندرگاهه ڏي روانا ٿيندا آهيون ته سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي، بھاما ٻيٽن جو رخ ڪندا آهيون، جتان فلوريڊا ڳچي سمنڊ شروع ٿئي ٿو، جنھن مان لنگهي خليجِ ميڪسيڪو سمنڊ ۾ داخل ٿيندا آهيون، جنھن ۾ تمپا، هيوسٽن ۽ نيو اورلينس جھڙا بندر گاھ آهن.
هُونءَ هي ڳچي سمنڊَ سوڙهيون سامونڊي گهٽيون آهن، پر سوڙهيون هجڻ جي باوجود به ڪافي ويڪريون ٿين ٿيون. هي فلوريڊا ڳچي سمنڊ، جيڪو عربيءَ ۾ ’مضيق فلوريڊا‘ ۽ فارسيءَ ۾ ’تنگه فلوريڊا‘ سڏجي ٿو، سوڙهائيءَ واري هنڌ تي به 150 ڪلوميٽر ويڪرو آهي ۽ 1800 ميٽر يعني تقريبن پوڻا ٻه ڪلوميٽر اونھو آهي.
بھرحال پاڻ ڳالهه پئي ڪئي ته USA جنھن کي پاڻ آمريڪا ٿا سڏيون، جيتوڻيڪ آمريڪا سڄي کنڊ جو نالو آهي، جنھن ۾ ڪئناڊا کان وٺي ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ برازيل، چلي ۽ ارجنٽائن اچي وڃن ٿا، پر هتي پاڻ USA لاءِ ئي آمريڪا ٿا استعمال ڪريون. اهو USA ايڏو وڏو آهي جو ضروري ناهي ته آمريڪا جي هر باشندي کي اتي جي هر رياست جي لوڪيشن جي ڄاڻ هجي. ان ڪري آمريڪا کي ڇهن ستن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جيئن ڪو نئون ماڻھو پنھنجي رهائش واري رياست ٻڌائي ۽ توهان کي سمجهه ۾ نه اچي ته هُو توهان کي اهو ريجن ٻڌائي سگهي ۽ توهان سمجهي سگهو. مثال طور اسلام آباد ۾ توهان کي ڪو همراهه ملي ۽ ٻڌائي ته هُو ٽنڊو مستي کان يا پيارو لنڊ کان آيو آهي ۽ توهان کي ان شھر جي خبر نه هوندي ته هُو اهو ئي چوندو ته اهو شھر سنڌ ۾ آهي ته توهان يڪدم سمجهي ويندائو ته هي پاڪستان جي ڏاکڻي حصي کان آيو آهي.
اسان جي جھاز جي آمريڪا وڃڻ جو ٻڌي، جھاز وارا دوست اهو ئي پڇندا هئا ته ايسٽ ڪوسٽ يا ويسٽ ڪوسٽ؟ ايسٽ ڪوسٽ ٻڌائڻ تي هُو سمجهي ويندا هئا ته اسان جو جھاز نيويارڪ، بالٽيمور يا هيوسٽن، نيو اورلينس پيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي جھازران ڪمپنيءَ جو ٻيو جھاز به آمريڪا ڏي روانو ٿي رهيو هوندو. پڇڻ تي جي هُو ٻڌائيندو ته هُو ويسٽ ڪوسٽ (آمريڪا جي مغربي ڪناري) ڏي پيو وڃي، معنيٰ اهو پاناما تائين اسان سان گڏ ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪندو، ان بعد اسان ته مٿي اتر طرف نيويارڪ يا فلاڊلفيا هليا وينداسين، پر اهو ٻيو جھاز پاناما ملڪ جي پاناما ڪئنال مان لنگهي، آمريڪا کنڊ جي ٻئي پاسي پئسفڪ سمنڊ ڏي هليو ويندو، جتان وڻيس ته لاس اينجلس، اوڪلينڊ يا ٽاڪوما وڃي يا اڃا مٿي ڪئناڊا اچي بندرگاهه وئنڪوئر يا پرنس روپرٽ بندرگاهه ڏي وڃي. سو جھازين لاءِ ته آمريڪا جا اهي ئي ٻه حصا آهن: ايسٽ ڪوسٽ ۽ ويسٽ ڪوسٽ، جتي هنن جو وڃڻ اچڻ ٿئي ٿو، پر آمريڪا جي رهاڪن لاءِ آمريڪا (USA) ڪجهه وڌيڪ حصن ۾ ئي ورهايو ويو آهي. جيئن ڏکڻ وارا ٻه حصا ’سائوٿ ايسٽ‘ ۽ ’سائوٿ ويسٽ‘ جنھن جو مٿي ذڪر ڪيوسين. ان کان علاوه USA جا مٿاهان (اتراهان) حصا نارٿ ايسٽ، جنھن ۾ مائين، ڪنيڪٽيڪٽ، ورجينيا ۽ نيويارڪ جھڙيون رياستون اچن ٿيون ۽ کاٻي پاسي يعني اولهه ۾ اتراهون حصو ’نارٿ ويسٽ‘ ريجن سڏيو وڃي ٿو، جنھن ۾ واشنگٽن، اوريگان، اداهو ۽ مونٽانا جھڙيون رياستون اچن ٿيون.
هتي اهو به لکندو هلان ته هي واشنگٽن ’رياست‘ جو نالو آهي، جنھن جي گاديءَ جو شھر ’اولمپيا‘ آهي. سڄي آمريڪا (USA) جي گاديءَ جي شھر جو نالو به ’واشنگٽن‘ آهي، جيڪو شھر ’واشنگٽن ڊي سي‘ سڏجي ٿو ۽ ورجينيا ۽ مئري لئنڊ رياستن جي وچ ۾ آهي. جارج واشنگٽن 1789ع ۾ جڏهن آمريڪا جو صدر ٿيو ته ان وقت آمريڪا جي گاديءَ جو شھر نيويارڪ هو، پر پوءِ ٻئي سال واشنگٽن مقرر ڪيو ويو جيئن ملڪ جي وچ ۾ هجي. انھن ڏينھن ۾ آمريڪا (USA) فقط اوڀر ڪناري وارين رياستن تي مشتمل هو. هن شھر جو نالو صدر جارج واشنگٽن پويان آهي ۽ DC معنيٰ ’ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا‘ جيڪو هن کنڊ کي ڳولڻ واري ڪرسٽافر ڪولمبس پٺيان آهي. هڪ ٻي ڳالهه ڌيان ۾ پئي اچي، هت پورن هڪ سئو سالن بعد 1888ع ۾ هن شھر ۾، نئشنل جاگرافڪ سوسائٽيءَ جو بنياد رکيو ويو، جنھن جي آفيس اڄ تائين اتي آهي. بھرحال مٿين اتراهيِن رياستن: نارٿ ايسٽ ۽ نارٿ ويسٽ ريجن جي وچ وارو حصو ’مڊويسٽ ريجن‘ سڏجي ٿو، جنھن ۾ نارٿ ڊڪوٽا، سائوٿ ڊڪوٽا، منيسوٽا، ڪنساس ۽ ميسوري جھڙين رياستن کان علاوه اهي رياستون جن ۾ هن سفرنامي جو مصنف ’پير تاج محمد قريشي‘ رهي ٿو يعني مِشيگن رياست ۽ وسڪنسن رياست پڻ اچي وڃي ٿي، جنھن ۾ پير تاج محمد جو ڊاڪٽر ڀاءُ پير عبدالحفيظ قريشي رهي ٿو، جنھن ميڊيڪل جي فيلڊ ’Intensive Care‘ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي آهي.
مٿين علائقن (Regions) کان علاوه هڪ علائقو مِڊ ائٽلانٽڪ سڏجي ٿو، جيڪو ’نارٿ ايسٽ‘ ۽ ’سائوٿ ايسٽ‘ جي وچ وارو آهي. مِڊ ائٽلانٽڪ ريجن ۾ پينسلوانيا، ويسٽ ورجينيا ۽ ورجينيا جھڙيون رياستون اچيو وڃن. اهڙي طرح ستون علائقو بلڪل اوڀر ۾ آمريڪا (USA) جون هيٺيون حصو آهي، جيڪو فقط ’ويسٽ‘ سڏجي ٿو. هن ريجن ۾ فقط ٻه رياستون: ڪئليفورنيا ۽ نيواڊا اچن ٿيون، جيڪي ايراضيءَ ۾ ڪافي وڏيون آهن. ڪئليفورنيا آمريڪا جي رياستن ۾ ٽيون نمبر وڏي آهي. پھرين نمبر تي الاسڪا آهي ۽ ٻئي نمبر تي ٽيڪساس آهي. آمريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي جيئن نيويارڪ رياست وڌيڪ پسند ڪئي وڃي ٿي، تيئن اولهه واري ڪناري تي ڪئليفورنيا رياست آمريڪن توڙي ڌارين لاءِ دلپسند رياست سمجهي وڃي ٿي. ڪئليفورنيا، خاص ڪري ان جي شھر لاس اينجلس کي فلمي دنيا ڪري به مشھوري ملي آهي. اسان جي زندگيءَ ۾ آمريڪن فلمون ئي وڏي وندر هونديون هيون ۽ اسان کي خبر هئي ته انھن جي ٺھڻ جو گهر لاس اينجلس (ڪئليفورنيا) آهي. ان ڪري ان شھر کان اسان ننڍي هوندي کان واقف هئاسين.
هالي ووڊ وارو علائقو ۽ باقي لاس اينجلس دنيا لاءِ ميوزڪ ۽ وندر جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. آمريڪا جا پنج وڏا فلم اسٽوڊيو هن شھر ۾ آهن جهڙوڪ ’ڪولمبيا‘، ’ڊزني‘، ’پيرامائونٽ‘، ’يونيورسل‘ ۽ ’وارنر برادرس‘. چئن وڏن ٽي وي چينلن: ABC، CBS، فاڪس ۽ NBC جا براڊ ڪاسٽنگ نيٽ ورڪ ۽ انھن جون آفيسون هن رياست (ڪئليفورنيا) ۾ آهن. ان کان علاوه هسپانوي ٻوليءَ جا ٻه وڏا نيٽ ورڪ Telemundo ۽ Univision پڻ هتي آهن.
دنيا جون ڪيتريون ئي انٽرنيٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا هن رياست جي ’خليجِ سان فرانسسڪو‘ واري علائقي ۾ آهن، جهڙوڪ ’ائپل‘، ’فيسبڪ‘، ’گوگل‘، ’نيٽفلسڪ‘، ’پئنڊورا ريڊيو‘، ’Twitter‘، ’Yahoo‘ ۽ ’يوٽيوب‘ وغيره. ڊزني لئنڊ ۽ هالي ووڊ کان علاوه ڪئليفورنيا رياست ’گولڊن گيٽ برج‘ کان به مشھور آهي، جنھن کي پڻ ڏسڻ لاءِ دنيا جا سياح اچن ٿا. ڪئليفورنيا رياست کي لاڏ مان ’گولڊن اسٽيٽ‘ به سڏيو وڃي ٿو، جنھن جو سبب مٿي لکي آيو آهيان ته اوڻھين صديءَ ۾ هتي سونَ جي هلندڙ ڳولا ۾ ڪاميابي حاصل ٿي هئي ۽ هن رياست جي خوشحالي اچڻ تي ڏورانھن ڏيھن کان ماڻھن جي روزگار ڪمائڻ ڪارڻ لڏ پلاڻ ٿي هئي، خاص ڪري چين ۽ جپان کان به. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻي جنگِ عظيم ۾ هتي درپيش آيل هنگامن ۽ فسادن ڪري گهڻا تڻا جپاني موٽي ويا هئا.
اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻھو، سکن کان علاوه، گهڻو گهڻو پوءِ آيا. منھنجو جڏهن 1960ع واري ڏهاڪي کان هن پاسي اچڻ ٿيو ته سنڌي مسلمان ته ڇا پر پنجابي ۽ پٺاڻن مان به ڪو ورلي ٿَي نظر آيو. اسان جي ماڻھن جو گهڻو زور انگلنڊ طرف هو يا ملايا، سنگاپور، هانگ ڪانگ ڏي. جيڪي ٿورا گهڻا سنڌ جا ماڻھو مون کي نظر آيا اهي نيويارڪ ۾. پوءِ 1970ع ۽ 1980ع وارن ڏهاڪن ۾ ڪئليفورنيا رياست ڏي اچڻ لڳا. خاص ڪري لاس اينجلس ۾ جيڪو هن رياست جو وڏو شھر آهي ۽ ساڪرامينٽو ۾، جيڪو ڪئليفورنيا جي گاديءَ جو شھر آهي. هاڻ ته ان کي پنجاهه سال ٿي ويا آهن ۽ اسان جا ماڻھو جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. ٻه چار جيڪي هن وقت ذهن تي اچي رهيا آهن انھن ۾ اسان جي ناناڻي خاندان جو بشير مغل ۽ سندس زال روبينا آهي، جيڪي نيويارڪ کان لڏي آيا، منھنجي ناني جون ڀاڻيجيون آپا تاج صديقي ۽ آپا افروز چانڊيو ۽ انھن جو اولاد ڊاڪٽر فھيما قلباڻي ۽ شفيق صديقي وارا، SANA جا سينئر ميمبر مالڪ ڏنو ۽ سَني پنوهر... ان کان علاوه نثار مھر، عليم بروهي ۽ مھراڻ يونيورسٽي جو گرئجوئيٽ نثار شاهه آهي. شڪارپور جو سليم سومرو جيڪو انفارميشن ٽيڪنالوجيءَ ۾ اڄ ڪلهه ٽيڪساس ۾ رهي ٿو، اهو به ڪئليفورنيا جي شھر ’اوڪ لئنڊ‘ ۾ اٺ سال کن رهي ويو آهي. نديم جوڻيجو صاحب جيڪو گذريل دفعي USA ويو هوس ته نيوجرسيءَ ۾ هو، هاڻ ڏهن سالن کان ڪئليفورنيا رياست ۾ آهي. ان کان علاوه نذير ڀرڳڙي، عبدالرحمان لغاري ۽ اعجاز ميمڻ جن به ڪئليفورنيا رياست جي مختلف شھرن ۾ آهن. ’مھراڻ يونيورسٽيءَ‘ جو پروفيسر شوڪت انصاري به منھنجي خيال ۾ ڪئليفورنيا ۾ آهي. ٻيا به انيڪ هوندا، جن کان آئون اڻ واقف هجان، جو مون کي ان پاسي وئي هاڻ وڏو عرصو ٿي ويو آهي.
هن وقت ڪامارو شريف جي پير تاج محمد قريشيءَ جي هن رياست مان تعليم حاصل ڪرڻ جي ڳالهه نڪتي ته مٿيان پراڻا ماڻھو به ياد اچي ويا. پير تاج محمد قريشي صاحب ٻڌايو ته ڪليفورنيا جي رھائش دوران اعجاز ميمڻ ۽ شوڪت انصاري سان سندس ملاقت سندس مامي جي پٽ شاھ فاروق قريشي جي گھر ٿيندي رھي ھئي. پير تاج محمد قريشيءَ مطابق سندس ماروٽ شاھ فاروق قريشي ڪليفورنيا جي شھر سينٽا ڪالارا شھر ۾ رھي ٿو، جيڪو پڻ 1971 يا 1972 ڌاري پاڪستان کان آمريڪا ’ايروناٽيڪل انجنيئرنگ‘ جي شعبي ۾ پڙھڻ لاءِ آيو ھو. شاھ فاروق قريشي صاحب ايروناٽيڪل جي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا جي ھڪ مشھور ايئرلائين ’يونائٽيڊ ايئر‘ ۾ ڪم ڪري ريٽائر ٿيو آھي.
جوانيءَ جي ڏينھن ۾ ڪئليفورنيا رياست مون کي ڏاڍو Fascinate ڪندي هئي. جھاز ڦرِي گهرِي نيويارڪ ايندو هو ته اتي رهندڙ سنڌين، نُور احمد نظاماڻي، مبارڪ ٽالپر، عبدالرزاق شيخ، ڏاهري ڀائرن... ويندي بعد ۾ آيل سليم شاهه ۽ هالا جي وڪيل عبداللطيف انصاريءَ جن کي چوندو هوس ته لاس اينجلس، سان ڊياگو، اوڪ لئنڊ، ساڪر يعني ڪئليفورنيا رياست ڏي ڇو نٿا شفٽ ٿيو، ته سڀ اهو ئي چوندا هئا ته هتي نيويارڪ ۾ پنھنجي سنڌين جي ميلي ۾ بھتر آهيون يعني ان وقت 1970ع ۾ نيويارڪ ۾ رهندڙ ڏهن کان به گهٽ سنڌي هڪ ميلو هو... واقعي ڪئليفورنيا يا ڪئناڊا جي بندرگاهن ۾ ته ڪو هڪڙو سنڌي به نه ملندو هو. اڄ اڌ صديءَ بعد ٿر جھڙي سنسان ۽ ويران ڪئناڊا ۾ به جتي ڪٿي ڏيپلائين، شڪارپورين، ميمڻن، ڏاهرين، سومرن، شيخن، ناريجن، هاليپوٽن ۽ ڳاهوٽين جا هڪ ٻن کان وڌيڪ گهر ملن ٿا. اڌ صدي گذرڻ بعد توهان کي ڏيپلائين يا شڪارپورين جو جيڪو مخصوص ٽون آهي، اهو ئي تبديل ٿيندي ٻڌڻ ۾ ايندو. هوسٽن (ڏکڻ) ۾ رهندڙ شڪارپورين جو ٽون ٽورنٽو ۾ رهندڙ اترادي شڪارپورين يا ڏيپلائين جو لھجو مختلف لڳندو.
پيش لفظ لکڻ لاءِ ڪامارو شريف جي پير تاج محمد قريشيءَ جڏهن سندس لکيل سفرنامي جي ڊمي ڪاپي ڏني ته چيومانس، ”پير صاحب! برڪلي مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد نوڪري ۽ رهائش ڪئليفورنيا ۾ اختيار ڪئي هوندانوَ؟“
”نه سائين“ پير تاج محمد وراڻيو.
”سائين ڪمال ٿا ڪريو. هھڙي سھڻي رياست ڇڏي ڪيڏانهن ويائو؟“
جواب ڏنائين ته، ”سائين هن سفرنامي ۾ لکيو اٿم.“
”پر تڏهن به جيسين پڙهان، تيسين تصور ڪري سگهان ته توهان ڪھڙي تر ۾ رهو ٿا؟“ دل ۾ مون سوچيو ته ڪئليفورنيا کان اڳتي ٻئي ڪنھن علائقي ۾ رهڻ اُوڻٽيھين جي اونداهي آهي.
”سائين آئون وارن (Warren) شھر ۾ رهان ٿو.“
”وارن؟ يعني ڪھڙي رياست ۾؟“ مون پڇيو.
”مِشيگن رياست ۾ ڊيٽرائٽ شھر ڀرسان.“ پير تاج محمد جواب ڏنو.
مِشيگن رياست جو ٻڌي پاڻيءَ سان پيار ڪندڙ هڪ جھازيءَ وانگر مون به واهه واهه ڪئي. ”پير صاحب واهه جو هنڌ چونڊيو اٿانوَ. اسان جا جھازران چوندا آهن ته مِشيگن هن ڌرتيءَ تي جنت جو ٽڪرو آهي ۽ جَي توهان وارو شھر وارن (Warren)، ڊيٽرائٽ (Detroit) ڀرسان آهي ته معنيٰ هڪ ئي وقت تي توهان آمريڪا ۾ به آهيو، ته ڪئناڊا ۾ به. ناگرا آبشار ۽ دنيا جي خوبصورت ڍنڍن جا پاڙيسري آهيو.“
دل ۾ چيم ته، پير صاحب رهڻ لاءِ سٺو هنڌ چونڊيو. اسان وارن ڏينھن ۾ يعني اڄ کان اڌ صدي اڳ اسان جي نيويارڪ وارن سنڌين کي ڪئليفورنيا جھڙي ڏورانھين رياست ته ڇا پر هن پاڙيسري رياست مشيگن ۾ به رهڻ جو نه خيال ٿي آيو نه همت!
”ڀلا توهان ئي اڪيلا سنڌي مشيگن ۾ آهيو يا ٻيا به ڪي؟“ مون پير صاحب کان پڇيو.
”نه سائين. آئون اڪيلو ته نه آهيان. ٻيا به ڪيترائي سنڌي مشيگن جي مختلف شھرن ۾ نظر اچن ٿا جيئن ته سرفراز ڳاهوٺي، اعجاز ترڪ، پير مڪرم، جيڪو پي پي واري منسٽر پير مظھر جو ڀاءُ آھي، نثار صديقي، ڊاڪٽر ستار شيخ وغيره به مشيگن ۾ رھن ٿا.“
پير صاحب جي نالن کڻڻ تي سرفراز ڳاهوٽي ۽ مشيگن جي شھر ڪالامازو ۾ رهندڙ اعجاز ترڪ ياد آيا، جيڪي آمريڪا جا پراڻا رهاڪو آهن. پير تاج صاحب ٻڌايو ته ڪجھ سنڌي جن ۾ نصرپور وارو سبحان دائودپوٽو پڻ آھي، جيڪي جيتوڻيڪ رهن ڪئناڊا جي شھر ونڊسر ۾ ٿا پر نوڪريءَ لاءِ هُو روزانو مشيگن اچن ٿا، جيئن راولپنڊيءَ جا رهاڪو اسلام آباد ويندا آهن يا روهڙيءَ ۽ سکر جا خيرپور ايندا ويندا رهن ٿا.
هُونءَ ته پير صاحب پنھنجي سفرنامي ۾ پنھنجي رياست، ناگرافالز، ڍنڍن ۽ تعليمي ادارن جو دلچسپ نموني بيان ڪيو آهي. هتي آئون انھن بابت فقط مختصر تاريخي ۽ جاگرافيائي ڄاڻ لکان ٿو، جيڪا پڻ پڙهندڙن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندي.
آمريڪا (USA) لاءِ لکي چڪو آهيان ته هڪ تمام وڏو ملڪ آهي، جنھن جون پنجاهه رياستون سمجهو ته پنجاهه ملڪ آهن. جنھن جي هڪ شھر اولمپيا (واشنگٽن) کان ميامي (فلوريڊا) يا بئٽن روگ (لوزيانا) وڃڻ ائين آهي، جيئن ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور وڃڻ... ٻنھي جي وچ ۾ فاصلو 5400 ڪلوميٽر آهي ۽ هوائي جھاز ڇهه ڪلاڪ ٿو وٺي. سنگاپور کان ٽوڪيو پھچڻ ۾ به جھاز ڇهه ڪلاڪ ٿو وٺي ۽ فاصلو تقريبن اوترو ئي 5300 ڪلوميٽر آهي. ڪراچيءَ کان جدو 2900 ڪلوميٽر آهي ۽ ڪراچيءَ کان ڍاڪا 2400 ڪلوميٽر آهي. ان مان اندازو لڳايو ته USA ڪيڏو وڏو ملڪ آهي، جنھن جي هڪ ڪنڊ واري شھر کان ٻي ڪنڊ تي پھچڻ ائين آهي، ڄڻ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۾ پيو وڃجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا جا پڪا رستا لاجواب آهن. اهڙا هاڻ ايران، سعودي عرب ۽ ملائيشيا ۾ به نظر اچن ٿا. بارش هجي يا برفباري، ماڻھو فل رفتار سان پيو وڃي. آمريڪا ۾ ماڻھن وٽ گاڏيون به وڏيون ۽ طاقتور آهن، پر فاصلا به وڏا آهن. مٿيون فاصلو، اولمپيا کان ميامي وارو ڪار ذريعي 51 ڪلاڪ وٺي ٿو.
آمريڪا (USA) پنجاهه رياستن ۾ ورهايل هجڻ کان علاوه ست ريجنن ۾ ورهايل آهي، جيئن مٿي لکي چڪو آهيان. ان حساب سان اسان وارو ليکڪ ڪاماري وارو پير تاج محمد قريشي تعليم دورانwest ريجن ۾ رهيو. پير صاحب هاڻ نوڪري ۽ رهائش لاءِ مشيگن رياست ۾ رهي ٿو، جيڪو مڊويسٽ (Mid west) ريجن سڏجي ٿو. هُونءَ مشيگن رياست نيويارڪ رياست کان پري ناهي. نيويارڪ، مشيگن، منيسوٽا، نارٿ ڊڪوٽا، مونٽانا، اڊاهو ۽ واشنگٽن اهي رياستون آهن، جيڪي قطار ۾ اتر ۾ آهن ۽ ڪئناڊا سان بارڊر ٺاهين ٿيون. انھن رياستن ۾ رهندڙن لاءِ ڪئناڊا اچڻ وڃڻ ڪو پري ناهي. ان معاملي ۾ ته مشيگن رياست ته اڃا به سڻائي آهي، جنھن ۾ موجود وڏين ڍنڍن جو ڪجهه حصو مشيگن (USA) ۾ اچي ٿو ته ڪجهه حصو ڪئناڊا جي صوبي اونٽاريو ۾ آهي. ان معاملي ۾ هن پاسي جا ماڻھو خوش نصيب آهن، جو هنن وٽ پاڻيءَ جي کوٽ جو تصور ئي ناهي، جو اهي ڍنڍون مٺي پاڻيءَ جون آهن ۽ اهي ڍنڍون ايڏيون وڏيون آهن، جو انھن ۾ جھاز هلن ٿا. اهي ڍنڍون، درياهن رستي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ته کُلئي سمنڊ سان به.
هن پاسي جي پنجن وڏين ڍنڍن مان فقط هڪڙي ’اونٽاريو ڍنڍ‘ بارڊر جي ٻئي پاسي ڪئناڊا ۾ آهي، باقي چار ’مشيگن ڍنڍ‘، ’ايري ڍنڍ‘، ’سپيريئر ڍنڍ‘ ۽ ’هوران (Huron) ڍنڍ‘، ’مشيگن رياست‘ اندر اچن ٿيون. ان ريت مشيگن رياست جو ڪنارو 5210 ڪلوميٽر ٿئي ٿو ۽ ٻئي نمبر تي آهي، پر جي مٺي پاڻيءَ جو ڪنارو ڏٺو وڃي ته مشيگن دنيا ۾ پھرئين نمبر تي آهي. مٿين وڏين ڍنڍن کان علاوه مشيگن رياست ۾ ننڍيون ننڍيون ته هزارين (11000) ڍنڍون آهن. اهي درياهه ۽ شاخون جيڪي هنن ڍنڍن تائين پاڻي پھچائين ٿيون يا ٻين ڍنڍن کي ڳنڍين ٿيون، انھن جي جملي ڊيگهه ڇهه هزار ڪلوميٽر ٿئي ٿي. دنيا جي مٿان جيڪو مٺو پاڻي موجود آهي، ان جو پنجون حصو 20 سيڪڙو، هنن پنج ڍنڍن ۾ آهي، جيڪي ’The Great Lakes‘ سڏجن ٿيو. مشيگن ۾ اهو مشھور آهي ته ڪنھن جو به گهر، دڪان، آفيس وڏين ڍنڍن کان 85 ميل (141 ڪلوميٽر) پري ناهي ۽ هزارين ڍنڍون ته سڄي رياست ۾ ائين پکڙيل آهن، جو مشيگن ۾ ڪا به جاءِ ڪنھن ننڍي ڍنڍ کان 6 ميل يعني 10 ڪلوميٽر پري ناهي. مشيگن رياست جي ڍنڍن ۾ هلندڙ جھازن ۽ ٻيڙين جي سلامتي ۽ سھولت لاءِ 116 لائيٽ هائوس ۽ نيويگيشن جون بتيون لڳل آهن. هن رياست جو نالو هتي جي اصلوڪي رهاڪن جي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معني ئي آهي ’گهڻو پاڻي‘ يا ’وڏي ڍنڍ‘.
هُونءَ به مشيگن رياست ۾ پھريون دفعو اچڻ وارن کي هوائي جھاز مان يا هن رياست جي نقشي مان ٻين رياستن وانگر هيءَ رياست ڌرتي بدران چوڌاري پاڻي نظر ايندو ۽ توهان کي هتي جا رهاڪو اهو ئي چوندا ته مشيگن رياست ٻن Peninsulasتي مشتمل آهي يعني ٻن ٻيٽ نما زمين جي ٽڪرن تي آهي. جنھن لاءِ اردو، عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڪو به الڳ لفظ ناهي. ان کي ’جزيره نما‘ يعني ٻيٽ جھڙي ڌرتي چون ٿا، پر مون کي حيرت آهي ته اسان وٽ ان لاءِ الڳ لفظ ’اپ ٻيٽ‘ آهي، جيئن ميڊيٽرينين سمنڊ لاءِ ’ڀونچ سمنڊ‘ يعني ڀونءَ (ڌرتي) جي وچ تي سمنڊ. مون به هالا جي اسڪول ۾ محمد صديق ’مسافر‘ زنجبار واري جي جاگرافيءَ جي ڪتاب ۾ پڙهيو. محمد صديق جو والد بلال (گلاب) ڇھن سالن جو هو ته هن کي زنجبار (Zanzibar) ٻيٽ تان اغوا ڪري ٺٽي ۾ وڪرو ڪيو ويو هو، بعد ۾ هُو ٽنڊي باگي ۾ وڪرو ٿيو هو.
ٻيٽ، زمين جو اهو ٽڪرو آهي، جنھن جي چوڌاري پاڻي هجي، جيئن اسان وٽ ڪراچي ۽ ٿورو پرٻھرو ’بابا ڀٽ‘، ’شمس پير‘، ’چرنا‘، ’بنڊل‘ ۽ ’ٻڍو ٻيٽ‘ آهن يا سنگاپور، هانگ ڪانگ، مالديپ وغيره ٻيٽ آهن. اُپَ ٻيٽ، زمين جو اهو ٽڪرو آهي جنھن جي ٽن پاسن کان پاڻي هجي ۽ هڪ پاسي کان زمين. يعني هن جي چوڌاري پاڻي هجي، پر هڪ پاسي کان ڪنھن سنھي يا ويڪري پٽيءَ ذريعي مرڪزي ڌرتيءَ سان ڳنڍيل هجي. ’منھوڙي‘ کي اسان ٻيٽ چئون ٿا، پر اهو ٻيٽ ناهي. اهو هڪ پاسي کان ڪراچي شھر سان ڳنڍيل آهي ۽ توهان منھوڙي تي نه رڳو ڪياماڙي ۽ ٻين هنڌن تان لانچ ذريعي پھچي سگهو ٿا، پر باءِ روڊ گل ٻائي واري چوواٽي وٽان ماڙيپور ۽ سئنڊس پِٽ وارو رستو ڏئي منھوڙي پھچي سگهو ٿا. ان ڪري حقيقت ۾ منھوڙو اُپ ٻيٽ (Peninsula) آهي جيئن اسپين ۽ پورچوگال ’آئبيريا پيننشولا‘ سڏجي ٿو، جنھن جي چوڌاري ائٽلانٽڪ ۽ ميڊيٽرينين سمنڊن جو پاڻي آهي. فقط هڪ طرف کان اهو يورپ کنڊ جي ملڪ فرانس سان ڳنڍيل آهي. پورچوگال ۽ اسپين هڪ ئي ملڪ (Iberia) سمجهڻ کپي، جو اتي جو ڪلچر توڙي ٻولي، تقريبن ساڳي آهي ۽ ڀرواري ملڪ فرانس کان گهڻي ڀاڱي مختلف. پورچوگالي ۽ هسپانوي ٻوليون ائين آهن جيئن پنجابي ۽ سرائڪي.
ٻيٽ ۽ اُپ ٻيٽ سان ملندڙ هڪ ٻيو لفظ، جيڪو اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ عام آهي، اهو آهي ٿُٻيٽ. ڪنھن چيو ته ٿُٻيٽ ڌرتيءَ جو اهو ٽڪرو آهي، جنھن جي ٻن پاسن کان سمنڊ هجي. ٿُٻيٽ دراصل تبت جو آڳاٽو نالو آهي جيئن ٿائلينڊ جو سيام آهي. اسان جي سنڌو ندي، ٿُٻيٽ ملڪ جي ’سِنگي ڪباب‘ وٽان نڪري ٿي، جنھن نالي جي معنيٰ آهي ’شينھن جو منھن‘. ان ڪري ٿٻيٽ (تبت) جا ماڻھو سنڌو درياه کي ’سنگي درياهه‘ يعني ’شينھن درياهه‘ سڏين ٿا. جيئن سنگاپور شينھن جو شھر سڏيو وڃي ٿو ۽ سنگاپور جي نشاني ’Merlion‘ (مڇيءَ جي ڌڙ وارو شينھن) آهي. هي جانور به ائين خيالي آهي، جيئن ’Mermaid‘ مڇيءَ جي ڌڙ واري ڇوڪري يعني ’جل پري‘.
بھرحال آمريڪا (USA) جي 50 رياستن ۾ مِشيگن جنهن ۾ اسان جو ڪامارو شريف جو ليکڪ، پير تاج محمد رهي ٿو. هڪ نرالي رياست آهي، جنھن جي نقشي ۾ توهان کي گهڻي ڀاڱي پاڻي ئي نظر ايندو، جنھن ۾ زمين جا ٻه ٽڪرا اپ ٻيٽ (Peninsula) هڪ اتر ۾ ته ٻيو ڏکڻ ۾ آهن. اپٻيٽ لاءِ لکي چڪو آهيان ته زمين جي باقي حصي کان ته پاڻي ٿئي، پر هڪ پاسي کان اهو زمين جو ٽڪرو (اپ ٻيٽ) مرڪزي ڌرتيءَ سان ڳنڍيل رهي ٿو. مشيگن جو ڏکڻ وارو اپ ٻيٽ يعني هيٺيون اپ ٻيٽ ھٿ جي دستاني(Mitten) جي شڪل جو آهي، جيڪو مشيگن کان هيٺ وارين رياستن اوهايو ۽ انڊيانا سان ڳنڍيل آهي، جيئن اسان وارو ’منھوڙو‘ سئنڊس پٽ ۽ ماڙيپور سان ڳنڍيل آهي. مشيگن جو مٿيون اپ ٻيٽ اولهه ۾ وسڪنسن رياست سان ڳنڍيل آهي. انھن ٻنھي اپ ٻيٽن جي وچ ۾ اَٺ ڪلوميٽر ويڪرو ’Straits of Mackinac‘ (مئڪيناڪ جو ڳچي سمنڊ) آهي، جيڪو ٻن وڏن پاڻيءَ جي حصن (ڍنڍن): هورون ۽ مشيگان ڍنڍ کي ملائي ٿو.
مٿين ٻن اپ ٻيٽن جي وچ ۾ فيري به هلي ٿي ته مئڪنڪ برج نالي دنيا جي وڏي ۾ وڏيSuspension پل به آهي، جيڪا هنن ٻن اپ ٻيٽن کي ڳنڍي ٿي. اها اَٺ کن ڪلوميٽر ٿيندي. 1957ع ۾ هن پل ٺھي راس ٿيڻ تي مٿانس ٽرئفڪ هلڻ شروع ٿي هئي. منھنجا جھاز هلائڻ وارا دوستَ ۽ شاگردَ، جن جو هن پاسي اچڻ نه ٿيو آهي، تن کي مشيگن رياست کي سمجهڻ لاءِ هانگ ڪانگ جو مثال ڏيندو آهيان. هانگ ڪانگ ملڪ دراصل هڪ ٻيٽ ۽ هڪ اپ ٻيٽ تي مشتمل آهي. ٻيٽ جو نالو ’وڪٽوريا‘ آهي، جنھن تي رهڻ وارا ٽوئرسٽ هن وڪٽوريا ٻيٽ کي ئي هانگ ڪانگ سمجهن ٿا. دراصل وڪٽوريا ٻيٽ سان گڏ ’ڪولون‘ به آهي، جيڪو پڻ ٻيٽ وانگر سمجهيو وڃي ٿو، پر ٻيٽ نه پر اپ ٻيٽ آهي، جنھن جو هڪ پاسو چين جي سرزمين سان مليل آهي جتي چين جو شھر ’ڪئنٽن‘ آهي. ڪولون کان باءِ روڊ يا ٽرين ڪئنٽن (چين) وڃي سگهجي ٿو.
مِشيگن رياست، آمريڪا جي يارهون نمبر وڏي رياست آهي، جنھن جي جملي پکيڙ 2,50,000 چورس ڪلوميٽر آهي. سڄي سنڌ جي 1,41,000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ پنجاب جي 2,05,344 چورس ڪلوميٽر. آدمشماري سنڌ جي پنج ڪروڙ آهي ۽ پنجاب جي يارنهن ڪروڙ، پر مشيگن رياست جي فقط هڪ ڪروڙ. مشيگن رياست جو وڏي ۾ وڏو شھر ڊيٽرائٽ (Detroit) آهي ۽ ٻئي نمبر تي ’گرانڊ رئپڊس‘ آهي، ٽئي نمبر تي پير تاج وارو شھر ’وارن‘ آھي. مشيگن جي گاديءَ جو شھر لانسنگ(Lansing) آهي.
ڪئناڊا جي بارڊر تي جيڪي آمريڪي رياستون آهن، تن ۾ وچ اوڀر ۾ اڊاهو، مونٽانا، نارٿ ڊڪوٽا، منيسوٽا ۽ مشيگن وغيره. انھن جي شھرن ۾ سڀ کان وڏو شھر ڊيٽرائٽ آهي. اهو گاڏين (آٽو موبائلن) جي ڪارخانن کان پڻ مشھور آهي ۽ آمريڪا جي ٽن وڏين ڪمپنين: جنرل موٽرس، فورڊ ۽ Stellantis جو گهر آهي. ڊيٽرائٽ هن پاسي جو وڏو بندرگاهه پڻ آهي، جيڪو ڊيٽرائٽ نديءَ تي آهي. ڊيٽرائٽ ندي، انھن چئن ڳچي سمنڊن مان هڪ آهي، جيڪي هن پاسي جي وڏين ڍنڍن(Great Lakes) کي ’سينٽ لارينس سي وي‘ سان ڳنڍين ٿا، جيڪو اڳيان وڃي ائٽلانٽڪ سمنڊ سان ملي ٿو. يورپ کان يا USA جي بندرگاهن فلاڊلفيا يا نيويارڪ کان اسان ڊيٽرائٽ روانا ٿيندا آهيون ته جھاز کي اتر ائٽلانٽڪ سمند ۾ بوسٽن وٽان ئي ’گلف آف سينٽ لارينس‘ ۾ اچي لنگر ڪيرائيندا آهيون. پوءِ اتان مقامي پائليٽ (پاڻيءَ جي جھازن جو ڪئپٽن) اسان جي جھاز کي سينٽ لارينس نديءَ مان وٺي هيٺ ڏکڻ ڏي ايندو آهي. هي سامونڊي رستو St.Lawrence Sea way به سڏجي ٿو. رستي تي ڪئناڊا جا مشھور شھر ڪيوبيڪ، Bacancour، سوريل، مانٽريل اچن ٿا، پوءِ نيويارڪ، پينسلوانيا ۽ اوهيو آمريڪي رياستن جي شھرن، بفئلو، Erie، ڪليو لئنڊ، لورين ۽ توليدو وٽان ٿيندا ايري (Erie) ڍنڍ ۾ پھچون ٿا، جتي ڊيٽرائٽ نديءَ جي هڪ پاسي مشيگن رياست جو شھر ’ڊيٽرائٽ‘ آهي ته ٻئي طرف ڪئناڊا جي اونٽاريو صوبي جو شھر ’ونڊسر‘ آهي. بس سمجهو ته ونڊسر ۽ ڊيٽرائٽ شھر ائين آهن جيئن مورو دادو، بلڪ ان کان به ويجها سکر - روهڙي، يا حيدرآباد - ڪوٽڙي. اسان جي ڪامارو شريف جي ليکڪ جي مشيگن رياست جي جنھن شھر ’وارن‘ ۾ رهائش آهي، اهو ڊيٽرائٽ شھر کان ائين آهي، جيئن موري کان نوشھرو فيروز.
جيڪي آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهن ٿا خاص ڪري مِشيگن رياست ۽ اونٽاريو صوبي ۾، انھن جي يادداشت لاءِ لکندو هلان ته ڊيٽرائٽ ندي چوئيتاليهه ڪلوميٽر آهي، جيڪا سينٽ ڪلئر (St. Clair) ڍنڍ مان شروع ٿي ايري (Erie) ۾ داخل ٿئي ٿي. هن نديءَ جي خاص ڳالهه اها آهي ته اها مشيگن رياست جي ڊيٽرائٽ شھر کي ڪئناڊا جي صوبي اونٽاريو جي شھر ونڊسر کي الڳ ڪري ٿي. ٻين لفظن ۾ USA ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ بارڊر ٺاهي ٿي. مٿين ملڪن جي ٻن شھرن کي ڳنڍڻ لاءِ يعني انھن شھرن ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ ڊيٽرائٽ نديءَ جي مٿان ائمبيسڊر پل آهي، جيڪا Suspension قسم جي پل آهي ۽ 2300 ميٽر يعني سوا ٻه ڪلوميٽر کن ڊگهي آهي ۽ ڇائيتاليهه ڪلوميٽر اتاهين آهي يعني ان کان ننڍي اوچائي وارا جھاز پل هيٺان لنگهي سگهن ٿا. هن پل کي ٻيانوي سال ٿي ويا آهن. بارڊر ڪراس ڪرڻ لا هن پل تي وڏي رش رهي ٿي. اسان جي ماڻھن کي حيرت ٿيندي ته ٻين ڪيترين شين (پڪن رستن، ريل گاڏين، بندرگاهن) وانگر هيءَ پل به هتي خانگي آهي يعني سرڪار جي ملڪيت ناهي، پر هتي جي امير ماڻھن ٺھرائي آهي ۽ هاڻ ٽول ٽئڪس ذريعي ڪمائي رهيا آهن.
ائمبيسڊر پل کان علاوه هيءَ ندي ٽپڻ لاءِ ’ڊيٽرائٽ- ونڊسر سرنگهه‘ استعمال ڪئي وڃي ٿي. Detroit-windsor Tunnel’ڊيٽرائٽ ڪئناڊا ٽنل‘ به سڏجي ٿو، جيڪو بين الاقوامي هاءِ وي آهي ۽ ٻن ملڪن جي شھرن ڊيٽرائٽ ۽ ونڊسر کي ملائي ٿو. ايمبيسيڊر پل بعد هي رستو (ٽنل) بارڊر ڪراس ڪرڻ جو مشغول رستو آهي. هيءَ سرنگهه به 1930ع کان استعمال ۾ آهي. هن ٽنل مان لنگهڻ جي في ساڍا چار آمريڪن ڊالر آهن ۽ روزانو 12000 کن ڪارون بسون ڪراس ڪن ٿيون.
مٿين ٻن بين الاقوامي رستن کان علاوه ’مشيگن سينٽرل ريلوي ٽنل‘ آهي، جيڪو هنن ٻن شھرن ڊيٽرائٽ ۽ ونڊسر کي ڳنڍي ٿو. هي ٽنل 1910ع ۾ شروع ٿيو هو ۽ هن جي ڊيگهه اڍائي ڪلوميٽر آهي يعني هي سرنگ ڊيٽرائٽ نديءَ جي هيٺان کوٽائي ڪري ٺاهي وئي آهي. آئون اهو ئي سوچيندو آهيان ته پير تاج محمد جو شھر ’وارن‘ ڊيٽرائٽ جي ويجهو هجڻ ڪري هن لاءِ ’آمريڪا ۽ ڪئناڊا‘ بارڊر ڪراس ڪرڻ ڪو مسئلو ئي ناهي. لاهور کان امرتسر پھچڻ ۾ به اڌ ڪلاڪ لڳيو وڃي، پر ڊيٽرائٽ کان ونڊسر پھچڻ ۾ ته ڏهه منٽ به نٿا لڳن. هُو پنھنجن مھمانن کي نه فقط مشيگن رياست جون مٺي پاڻيءَ جون ڍنڍون گهمائيندو هوندو پر نياگرا آبشار به، سو به آمريڪا (USA) واري پاسي کان به ته ڪئناڊا واري پاسي کان به.
مشيگن رياست ۾ رهڻ وارن خاص ڪري ڊيٽرائٽ، وارن، لانسنگ شھرن جي رهاڪن لاءِ نه فقط ڪئناڊا جو بارڊر ڪراس ڪري نديءَ جي ٻئي پاسي وارو شھر ونڊسر سڏ پنڌ تي آهي، پر اوشاوا، هئملٽن، ٽورنٽو، اوٽاوا يعني ڪئناڊا جي اونٽاريو صوبي جا شھر، ويندي ڀر واري ڪيوبيڪ صوبي جا شھر ’مانٽريل‘ ۽ ’ڪيوبيڪ‘ وغيره به ويجها آهن. ڪئناڊا جي انھن شھرن ۾ اسان جا پاڪستاني جام رهن ٿا، جو هڪ ته اهي ڪئناڊا جي ڏکڻ ۾ هجڻ ڪري، اتي وري به سيءُ گهٽ پوي ٿي ۽ ٻيو ته ڪئناڊا جا هي ٻه صوبا ڪيوبيڪ ۽ اونٽاريو ڏکڻ ۾ USA جي نيويارڪ رياست سان ڳنڍيا پيا آهن، جتي پڻ اسان جي ملڪ جا گهڻا رهن ٿا ۽ ٻنھي پاسي جي ڌرين جو هڪ ٻئي ڏي اچڻ وڃڻ لڳو رهي ٿو. نيويارڪ جو شھر بُفئلو ته بلڪل ڪئناڊا جي بارڊر وٽ، ڪئناڊا جي صوبي اونٽاريو جي شھر نياگرافالس وٽ آهي، جيڪو نِياگرا نديءَ جي اولهه واري ڪَپ تي آهي. نائيگرا فالز شھر جو نالو آهي ته آبشار جو به، جيڪو اونٽاريو (ڪئنيڊا) ۽ نيويارڪ (USA) جي بارڊر تي آهي.
پير تاج محمد قريشيءَ جو سفرنامو شروع ڪرڻ کان اڳ پڙهندڙن لاءِ ڪجهه وڌيڪ شيون جاگرافيءَ جون پڻ يعني USA ۽ ڪئناڊا جي بيھڪ جون سمجهائڻ ضروري سمجهان ٿو.
آمريڪا (USA) پنجاهه حصن ۾ ورهايل آهي، جيڪي رياستون سڏجن ٿيون. اسان جڏهن يورپ يا آفريڪا کنڊَ کان آمريڪا کنڊَ ڏي اچون ٿاته اسان کي اهي رياستون منھن ۾ اچن ٿيون، جيڪي آمريڪا جي اوڀر ڪناري تي آهن يعني جن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇھي ٿو. اسان جو يورپ يا آفريڪا کان جڏهن به آمريڪا وڃڻ ٿيو ته اسان پورچوگال، جبرالٽر يا ڪيپ آف گڊ هوپ ڪراس ڪرڻ بعد هميشه ويسٽ انڊيز ڏي رخ رکيو ٿي يعني ڪيوبا، ٽرنيڊاڊ، ٽُوباگو، بھاما ٻيٽن ڏي. اتي پهچي، اتي جو سامان لاهي، پوءِ اتر طرف روانا ٿياسين ٿَي يعني USA ۽ ڪئناڊا جي بندرگاهن ڏانھن. ڪيوبا بعد يڪدمUSA جي فلوريڊا رياست اچي ٿي. اتي جي ڪنھن بندرگاهه ۾ ترسي پوءِ ڪڏهن اولهه طرف USA جي ڏاکڻن بندرگاهن نيو اورلينس ۽ هيوسٽن ڏي ويندا هئاسين، نه ته فلوريڊا پھچي اتر جو رخ ڪندا هئاسين جو ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي اٽڪل پندرهن کن آمريڪا جون رياستون آهن، جن بعد ڪئناڊا شروع ٿئي ٿو. آمريڪا جون اهي رياستون اتر طرف وڌڻ سان هڪ ٻئي پويان هن ريت آهن: فلوريڊا جارجيا، سائوٿ ڪئرولينا، نارٿ ڪئرولينا، ورجينيا، ميري لئنڊ، نيوجرسي، ديلاور، پينسلوانيا، نيويارڪ، ڪنيڪٽيڪٽ، رهوڊ آئلنڊ، مساچوسيٽس، نيو همسفائر، ۽ آخر ۾، بلڪل اتر ۾ مائين (Maine) آهي.
هڪ ٻي ڳالهه ته ڏکڻ کان توهان اتر طرف ويندائو ته سِيءُ وڌي ٿو. ان ڪري اسان جي ملڪ جا ماڻھو فلوريڊا، ٽڪساز، ميڪسيڪو ۽ لوزيانا جھڙين ڏاکڻين رياستن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. هُو اتراهين رياستن ۾ گهٽ رهن ٿا. بھرحال اڄ ڪلهه ته روزگار خاطر هر هڪ کي هر هنڌ رهڻو پوي ٿو. آمريڪا کان مٿي ڪئناڊا جي ٿڌ ۾ به اسان جا ماڻھو هاڻ سڪون سان رهيا پيا آهن. هُونءَ جيترو اتر ۾ وڃبو اوترو سيءُ وڌندو. ڪراچيءَ کان سکر فقط 470 ڪلوميٽر مٿي يعني اتر ۾ آهي ته اتي ڪيترو وڌيڪ سيءُ ٿئي ٿو؟ لاهور ۾ ته اڃا به گهڻو، جو لاهور ڪراچيءَ کان 1200 ڪلوميٽر اتر ۾ آهي. اهو ئي حال مياميءَ (فلوريڊا) جي مقابلي ۾ نيويارڪ جو آهي، جيڪو مياميءَ کان 1250 ڪلوميٽر اتر ۾ آهي. آمريڪا جي اتر واري رياست مائين (Maine) جو آخري شھر يعني ڪئناڊا جي بارڊر وارو ’ڪئريبو‘ (Caribou) ته نيويارڪ کان اڃا به ڇهه سئو ڪلوميٽر پري اتر ۾ آهي. ڪئناڊا اتان شروع ٿئي ٿو.
آمريڪا جي هن اتراهين رياست ’مائِين‘ جي ساڄي پاسي ڪئناڊا جو پرڳڻو / صوبو ’نيوبرنسوِڪ‘ آهي جنھن جي بندرگاهه سينٽ جان ۾ اسان جو 1960ع ۽ 1970ع وارن ڏهاڪن ۾ ڏاڍو وڃڻ ٿيندو هو ۽ انھن ڏينھن ۾ اسان کي اتي ورلي ڪو پاڪستاني نظر ايندو هو. مقامي ماڻھو به ٿورا هئا. سياري ۾ ته سنسان ۽ ويران ماحول جو احساس ٿيندو هو. اڃان به مائين رياست سان ڳنڍيل ڪئناڊا جو کاٻي پاسي وارو صوبو ڪيوبيڪ ڪجهه رونق وارو لڳو ٿي جنھن جا مانٽريل، ڪيوبيڪ، اوٽاوا ۽ شربروڪ اهم شھر آهن.
آمريڪا USA جي اتراهين رياستن ڏي ويندڙن کي (جيئن پير تاج محمد ان رياست مشيگن ۾ رهي ٿو، جيڪا ڪئناڊا جي بلڪل بارڊر تي آهي ۽ٻئي پاسي ڪئناڊا شروع ٿئي ٿو). ڪئناڊا جي بارڊر واريون اتراهون آمريڪي رياستون ڌيان ۾ رکڻ کپن جتان اڪثر بارڊر ٽپي ماڻھو ڪئناڊا وڃن اچن ٿا ائٽلانٽڪ سمنڊ واري پاسي کان. اولهه طرف پئسفڪ سمنڊ ڏي ڏسبو ته آمريڪا جون رياستون هن ريت آهن: مائين، نيويارڪ (ياد رکڻ کپي ته نيويارڪ شھر جو نالو به آهي ته رياست جو به)، مِشيگن (جنھن ۾ اسان جو ڪامارو جو پير تاج محمد رهي ٿو)، منيسوٽا، نارٿ ڊڪوٽا، مونٽانا، اڊاهو ۽ آخر ۾ واشنگٽن رياست آهي.
اهڙي طرح ڌارئين مسافر يا آمريڪا جي رهاڪوءَ کي ’USA ڪئناڊا‘ بارڊر وارا ڪئناڊا جا صوبا ڌيان ۾ رکڻ کپن.
ائٽلانٽڪ سمنڊ کان اولهه ڏي هلجي ته ڪئناڊا جا صوبا هن ريت آهن: نوواسڪوشا، نيوبرنسوڪ، (انھن ٻن صوبن جي وچ ۾ پرنس ايڊورڊ ٻيٽ به اچي ٿو)، ان بعد ڪيوبيڪ، اونٽاريو، مانيتوبا، Saskatchewan، البرٽا ۽ آخر ۾ پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري وٽ برٽش ڪولمبيا صوبو آهي. جپان کان اسان جو جھاز جڏهن به ڪئناڊا يا آمريڪا ڏي ايندو هوته برٽش ڪولمبيا جي وڏي بندرگاهه وئنڪوئر ۾ اچي لنگر انداز ٿيندو هو. انبعد لاس اينجلس به ويندو هو.اهي بندرگاهه پئسفڪ سمنڊ ۾ آهن. باقي ائٽلانٽڪ سمنڊ پاسي بالٽيمور يا نيويارڪ يا اڃا مٿي اتر طرف ڪئناڊا وڃڻو هوندو هو ته ڪئناڊا جي اڪثر سينٽ جان، هئليفئڪس، پرنس روپرٽ ۽ مانٽريل جھڙن بندرگاهن ۾ ويندا هئاسين.
ڪئناڊا جي مٿين صوبن کان علاوه ڪئناڊا جا ڪجهه وڌيڪ علائقا اڃا به اتر ۾ آهن. جيڪي Territoriesسڏجن ٿيون، هن ريت آهن: پئسفڪ سمنڊ پاسي يوڪان آهي، ان بعد اڀرندي پاسي نارٿ ويسٽ ۽ ان بعد Naunavut. ان پاسي ايڏو سيءُ ۽ سمنڊ ڄميل رهي ٿو جو اسان جو ڪڏهن وڃڻ نه ٿيو. ان کان مٿي اڃان به ڪئناڊا جا علائقا آهن جيڪي ويران آهن ۽ اتر قطب سان وڃيو ملن. ڪئناڊا جي اتر ۾ بئفن بي، beaufortSea ۽ برنگ نالي سمنڊ آهي. اهي سمنڊ سال جو وڏو حصو ڄميل رهن ٿا. ڪئناڊا جي اتر ۾ ساڄي پاسي گرين لئنڊ ۽ آئسلينڊ آهي.
ٻين ڳالھين سان گڏ نيويارڪ رياست جي هڪ شھر بفئلو (Buffalo) بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪڏهن توهان نِياگرا فالس آبشار جي ڳالهه ٿا ڪريو. منھنجي خيال ۾ ته انشھر (بُفئلو) جو نالو ۽ ان سان گڏ پوني، اٿاڪا (نيو يارڪ جو هڪ ٻيو شھر) ۽ ڪارنيل يونيورسٽيءَ جا نالا اسان سکر، روهڙي ۽ ڊوميڊيڪل ڪاليج جي نالن کان اڳ پنھنجي اڻ پڙهيل ڏاڏيءَ کان تڏهن ٻڌا هئا جڏهن آئون پرائمري اسڪول ۾ هوس. اسان جيئن ئي هوش سنڀاليو ته پوني جو نالو ٻڌوسين، جتي جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻي يونيورسٽيءَ) مان منھنجو والد گل محمد شيخ ائگريڪلچر سائنس ۾ B.Sc. ڪري آيو هو. ان بعد نيويارڪ رياست جي شھر اٿاڪا (Ithaka)جو ٻڌوسين جتي جي ’ڪارنيل يونيورسٽيءَ‘ ۾ منھنجي والد ساڳئي سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس ڪئي ٿي. بفئلو شھر اِٿاڪا ۽ نيويارڪ کان پري آهي پر شايد منھنجي والد جو اتي گهڻو رهڻ ٿيو، جو سندس هر خط جڏهن اسان جي ڏاڏيءَ جو پرائمري اسڪول جو ماستر ڀاءُ پڙهي ٻڌائيندو هو ته، هُو اهو ئي چوندو هو ته هي خط بفئلو مان لکيل آهي.
بھرحال اٿيڪا شھر اڄ به ڪارنيل يونيورسٽيءَ کان مشھور آهي جيڪا ’عذرا ڪارنيل‘ نالي هڪ شخص 1865ع ۾ ٺھرائي، جنھن ۾ اڄ ڪلهه 26 هزار شاگرد تعليم وٺن ٿا ۽ 4800 ايڪڙن تي آهي. هن يونيورسٽيءَ جا ٻه ٻيا به ڪئمپس آهن: هڪ نيويارڪ شھر ۾ ۽ ٻيو قطر جي ’ايڊيوڪيشن سٽي‘ ۾. ڪئناڊا وڃڻ وارن لاءِ خاص ڪري ’نياگرا آبشار‘ ڏسڻ وارن لاءِ نيويارڪ رياست جي هن شھر بفئلو (Buffalo) جي بيھڪ سمجهائڻ تمام ضروري سمجهان ٿو. بفئلو نيويارڪ رياست جو ٻيو نمبر وڏو شھر آهي. پھرين نمبر تي نيويارڪ سٽي آهي جنھن جا مئن هٽن، برانڪس، بروڪلن، ڪئينس ۽ اسٽيٽن ٻيٽ پنج ضلعا (Boroughs) آهن. بئفلو شھر نياگرا نديءَ جي بلڪل منھن وٽ ڪئناڊا جي بارڊر وٽ آهي. نياگرا ندي ’ايري (Erie) ڍنڍ‘ کان اتر طرف ’اونٽاريو ڍنڍ‘ ڏي وهي ٿي. نيا گرانڊي ڪئناڊا جي اونٽاريو صوبي ۽ نيويارڪ رياست (USA) جي وچ ۾ بارڊر ٺاهي ٿي يعني نياگرا نديءَ جي هڪ پاسي ڪئناڊا آهي ته ٻئي پاسي USA. هي ائين آهي جيئن سنڌو نديءَ جي هڪ پاسي دادو ضلعو آهي ته ٻئي پاسي نوشھرو فيروز ضلعو.
ڪئناڊا توڙي آمريڪا ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون نديون آهن. ننڍي هوندي يعني 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سامونڊي نوڪريءَ ۾ آيس ته مون کي جاگرافي يا تاريخ جي ايتري ڄاڻ نه هئي ۽ نه ڪو اسان جو ان سان ڪو واسطو هو. اسان مئرين انجنيئرن جو ڪم ته جھاز هلائڻ ۽ انجڻ جي وقت سر ٺاهه جوڙ ڪرڻ، خراب ٿي پوڻ يا ڀڄي پوڻ تي ان جي مرمت ڪرڻ يا نوَن پرزن سان تبديل ڪرڻ آهي. بھرحال اسان جو ڏاکڻن بندرگاهن ۾ اچڻ وڃڻ گهڻو هو. خاص ڪري ’لوئيزيانا رياست‘ جي ’نيو اورلينس‘ بندرگاهه ۾ جنھن لاءِ اسان کي مِسِيسِپي نديءَ ۾ سئو ميل کن اندر وڃڻو پوندو هو يعني ڪراچيءَ بعد جھاز کي سنڌو نديءَ اندر ڪوٽڙي وٺي وڃڻو پيو ٿي. مون سمجهيو ته هيءَ ندي وڌ ۾ وڌ هڪ ٻن رياستن تائين آهي. بعد ۾ پير تاج محمد جي رياست مِشيگن ۽ ان جي ڀر واري ڪئناڊا بارڊر واري رياست ’منيسوٽا‘ ۾ باءِ روڊ وڃڻ ٿيو ته اتي مِسِيسِپي نديءَ جي هجڻ جو ٻڌي، يقين ئي نه پيو اچي ته آيا اها ساڳي نيو اورلينس واري آهي يا هيءَ ٻي ڪا مِسِيسِپي ندي آهي. آخرڪار آمريڪا جو ڏاکڻو شھر نيو اورلينس ۽ اتراهون ميناپولوس (Minneapolis) جيڪو پڻ مِسِيسِپي جي ٻنھي ڪنارن تي آهي، هڪ ٻئي جي ويجها شھر ته نه آهن! سندن وچ ۾ ٻه هزار ڪلوميٽرن جو فاصلو آهي ۽ ڪار رستي 18 ڪلاڪ لڳن ٿا.
ان بعد خبر پئي ته اميزان بعد مِسِيسِپي آمريڪا جي ڊگهي ندي آهي، جنھن جي ڊيگهه 6300 کن ڪلوميٽر آهي. (سنڌو ندي ته 3610 ڪلوميٽر آهي يعني وولگا کان ٿوري ننڍي). مِسِيسِپي ندي ڪئناڊا واري بارڊر جي آمريڪي رياست منيسوٽا کان شروع ٿئي ٿي ۽ وسڪنسن، آيووا، اليناس، مسوري، ڪينٽڪي، ٽيننسي، ارڪانساس، مِسِيسِپي ۽ لوئيزيانا رياست مان ٿيندي خليجِ ميڪسيڪو (Gulf of Mexico) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، جتان هن جو پاڻي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ خارج ٿئي ٿو.
سو آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ڪي ڊگهيون نديون آهن، ته ڪي نائيگرا نديءَ جھڙيون ننڍيون، جيڪا ڊيگهه ۾ 60 ڪلوميٽر مس آهي ۽ ايري ڍنڍ مان نڪري اونٽاريو ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هي ٻئي ڍنڍون ڪئناڊا ۽ آمريڪن بارڊر تي آهن يعني هنن ڍنڍن جي هڪ پاسي ڪئناڊا آهي ته ٻئي پاسي آمريڪا (USA). هنن ڍنڍن جي وچ ۾ جيڪا هيءَ نياگرا ندي وهي ٿي اها ڪا خاص ڊگهي ناهي. هالا کان حيدرآباد تائين مس آهي يا کڻي چئجي ته سکر کان گمبٽ تائين آهي، پر هن جي اهميت ان ڪري آهي ته اها ڪئناڊا ۽ USA جي وچ ۾ بارڊر ٺاهي ٿي. نديءَ جي هڪ ڪناري تي آمريڪي سپاهي ۽ اميگريشن وارا آهن ته ٻئي پاسي ڪئناڊا جا رائفلون تاڻيو بيٺا آهن، ته متان ڪا سھڻي ٻئي پاسي ميھار ڏي هلي وڃي.
پڙهندڙن لاءِ هڪ ٻي ڳالھه به لکندو هلان متان انھن کي يا هن پاسي ايندڙ شاگردن يا ٽورسٽن کي مونجهارو ٿئي. اها هيءَ ته ساڳيا نالا مختلف شين جا به آهن. جيئن ’اونٽاريو‘، ڪئناڊا جي صوبي جو نالو آهي ته شھر جو پڻ. ساڳئي وقت ڪئناڊا ۽ USA جي وچ ۾ اونٽاريو نالي ڍنڍ به آهي. اهڙي طرح نياگرا نديءَ جو، شھر جو ۽ آبشار جو نالو آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته آمريڪا جي مِيشگن جي کاٻي پاسي واري رياست وسڪنسن جيتوڻيڪ ڪئناڊا جي بارڊر وارين ٻين آمريڪي رياستن کان ٿورو هيٺ ڀري آهي، پر ڏٺو وڃي ته اها رياست به ڪئناڊا سان ملي پئي آهي جو ٻنهي جي وچ ۾ سپيريئر ڍنڍ آهي. وسڪنسن رياست جي گاديءَ جو شھر مئڊيسن آهي، پر ان کان وڏا شھر ’مِلِواڪي‘، ’گرين بي‘ ۽ ’ڪينوشا‘ آهي. هتي وسڪنسن رياست جو ذڪر ان ڪري کنيو اٿم ته اسان جي ليکڪ پير تاج محمد قريشيءَ جو هڪ ڀاءُ پير عبدالحفيظ قريشي سندس هڪ پاڙي واري رياست ۾ ڊاڪٽر آهي. وسڪنسن رياست جي جنھن شھر ۾ ڊاڪٽر صاحب رهي ٿو اليانوس رياست جو شھر شڪاگو به اتي ئي ڀر ۾ آهي. پير تاج محمد جو هڪ دوست سُھيل جروار به شڪاگو ۾ رهي ٿو. هُو ڪمپيوٽر امپورٽ ايڪسپورٽ جو ڪم ڪري ٿو. پير تاج محمد جا ٻه ٻيا دوست، هن جي ئي رياست مشيگن ۾ رهن ٿا. هڪ خالد ڏيپلائي ميمڻ، جنھن کي اتي گئس اسٽيشن يعني ’پيٽرول پمپ‘ ۽ ’سيون اليون‘ جا دڪان آهن ۽ ٻيو جان محمد رند ٻروچ، جيڪو حيدرآباد جي ٽيو نمبر تلاءُ تي رهيو ٿي، اهو پڻ مِشيگن ۾ ’سيون اليون‘ دڪان جو مالڪ آهي.
اليناس (Illinois) رياست جي وڏي شھر شڪاگو ۾ اسان جي ننڍي کنڊ جا ڪيترائي رهن ٿا. سنڌ جا مسلمان شاگرد، نوڪريون ۽ واپار ڪرڻ وارا به ڪافي آهن. جهڙوڪ اسحاق تنيو، منور جتوئي، رفيق ميمڻ ۽ ٻيا به ڪيترائي. پير تاج محمد قريشي جي ڳوٺ Warren کان سندس ڀاءُ ڊاڪٽر پير عبدالحفيظ جو وسڪنسن ۾ ڳوٺ يا الينئاس جو شڪاگو جيتوڻيڪ پنج سئو ڪلوميٽر آهي، شڪاگو کان فلڊالفيا چارسئو ڪلوميٽر ۽ شڪاگو کان نيويارڪ اَٺ سئو ڪلوميٽر آهي پر آمريڪا ۾ اهي فاصلا وڏا نٿا سمجهيا وڃن.
وسڪنسن رياست ۾ پنھل سنجراڻي ۽ سريش لوهاڻي به رهن ٿا ۽ اليناس رياست ۾ سعيد عباسي، ارشد انصاري، فيروز، سھيل انصاري ۽ ظھور شاهه وارا به رهن ٿا. اليوناس جي ڀر واري رياست مسوريءَ ۾ ڪاشف ڀٽو، اعجازالحق شيخ، حيدر قلباڻي، اسد ۽ مھدي وارا به رهن ٿا. هُونءَ پير تاج محمد جي شھر Warren کان نيويارڪ رياست جو شھر بفئلو چار سئو ڪلوميٽر مس آهي، جتان نياگرا فالس واري شھر ۾ پھچڻ سڀ کان سوَلو آهي. ٽوئرزم، گهمڻ ۽ قدرتي نظارا ڏسڻ کان اها روٽ سڀني ۾ بھترين آهي. بفئلو شھر ايري (Erie) ڍنڍ جي ڪناري تي آهي. بُفئلو کان نِياگرا فالس پنجٽيهه ڪلوميٽر آهي يعني باءِ ڪار اڌ ڪلاڪ جو رستو آهي. بُفئلو کان نياگرا فالس توهان ٽرين ۽ بس ذريعي به وڃي سگهو ٿا. ٽرين جو ڀاڙو ٽيهه کن ڊالر آهي ۽ بس فقط ٻه ڊالر وٺي ٿي.
پير تاج محمد قريشي جنھن شھر ’وارن‘ ۾ رهي ٿو، ان جي ڀٽ شاهه يا بائو ديري جيتري ڏيڍ لک آدمشماريءَ جو ٻُڌي اسان ان کي کڻي ڳوٺ سمجهون، پر اهو هڪ خوبصورت شھر آهي ۽ مشيگن رياست جو ٽيون نمبر وڏو شھر چئي سگهون ٿا. ڌنڌي ڌاڙي جو مرڪز آهي خاص ڪري ’جنرل موٽرس‘ جو ٽيڪنيڪل سينٽر آهي. ان کان علاوه ’بگ بُئاءِ ريسٽورنٽس‘ جو هيڊڪوارٽر آهي. هُونءَ به سڌريل ملڪن جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ صحت توڙي تعليم جون سھولتون جام آهن. اڄ ڪلھه ته آمريڪا توڙي يورپ ۽ جپان ۾ نه فقط مسجدون ۽ حلال کاڌن جا دڪان آهن، پر اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ’اسلامڪ سينٽر‘ به آهن. هُونءَ به اسان مسلمان اتي رهڻ کي ترجيح ڏيون ٿا، جتي مسجد ۽ مسلم ڪميونٽي هجي.
منھنجي خيال ۾ ٽي ويءَ جو مزاحيه اداڪار ’انور مقصود‘ چرچي طور چوندو آهي ته، ”اسان مسلمان به عجيب آهيون. پاڪستان ۾ هونداسين ته آمريڪن اسڪولن جي ڳولا ڪنداسين. آمريڪا ۾ هونداسين ته مدرسن ۽ اسلامڪ سينٽرن جي.“ ڏٺو وڃي ته اهو سڀ ڪجهه ضروري آهي. معاشي حالتون بھتر بڻائڻ لاءِ نوڪريءَ جي ضرورت آهي، جنھن لاءِ بين الاقوامي ٻولي انگريزيءَ ۾ ڀڙ هجڻ ضروري آهي. اسان جي مقابلي ۾ سري لنڪا، فلپينو، بنگلاديش ۽ انڊيا وغيره جا انجنيئر ڊاڪٽر ولايتن ۾ جلدي نوڪري حاصل ڪريو وڃن، جو هنن جي انگريزي سٺي آهي. هُو پنھنجو پاڻ ۾ به انگريزي ڳالھائيندا رهن ٿا. هنن کي هَٻَڪَ يا شرم محسوس نٿو ٿئي. هنن کي ڦَر ڦَر انگريزي ڳالھائيندو ٻُڌي عرب، ملئي يا ٻين امير ملڪن جا ماڻھو سمجهن ٿا، ته هُو ڪي وڏا قابل آهن. هاڻ اسان وٽ به ماڻھن ۾ اهو احساس جاڳيو آهي ته ڪو زمانو هو جو ’فارسي گهوڙي چاڙهسي‘ هئي، پر هاڻ انگريزي آهي. ويندي ايران، جپان ۽ عرب ملڪن ۾ به انگريزيءَ تي زور ڏنو پيو وڃي. سو اسان جا ماڻھو به چاهين ٿا ته سندن ٻار انگريزي سٺي سکن ۽ ڳالھائين، جو انگريزي ڳالھائڻ واري جو جرمني فرانس ته ڇا ناروي سئيڊن ۾ به گذارو ٿيو وڃي.
ساڳئي وقت، جيڪي اسان جا هم وطن ولايت ۾ رهن ٿا، اهي اهو پڻ ضروري سمجهن ٿا ته ٻار کي پنھنجي ڪلچر ۽ ثقافت جي ته ڄاڻ ڏجي پر مذهب ۽ اخلاق به سيکارجي، جيئن هُو وڏا ٿي پنھنجي زندگي بهتر نموني سان گذاري سگهن ۽ وڏي عمر ۾ پنھنجي والدين جو خيال رکن ۽ عزت سان پيش اچن.
مشيگن ۾ رهندڙ اسان جي ليکڪ پير تاج محمد قريشيءَ جي شادي 1993ع سندس چاچي پير عبدالحميد قريشيءَ جي نياڻي سان ٿي. پير عبدالحميد صاحب، جيڪو ڪامارو شريف جي درگاهه جو گادي نشين به آهي، سنڌ پوليس ۾ AIG جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو. پير عبدالحميد صاحب نيويارڪ مان آٽو انجنيئرنگ ڪئي. هي 1960ع واري ڏهاڪي جا اهي سال آهن جڏهن عبدالرزاق شيخ، مبارڪ ٽالپر، ڏاهري ڀائر، بشير مغل ۽ اسان جو پيٽارين رئيس نُور احمد نظاماڻي پڻ اتي رهيا ٿي، جيڪي ڪامارو شريف جي هن پير جي ڏاڍي تعريف ڪندا هئا، ته هي پِيرَ اسان جي روايتي پِيرن کان بلڪل مختلف آهي. اڄ مٿيان يارَ حيات نه آهن، نه ته هُو مون کي پير صاحب بابت لکڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڳالھيون ٻڌائين ها. پير عبدالحميد صاحب هن وقت 87 سالن جا ٿيندا ۽ حيدرآباد جي حسين آباد واري علائقي ۾ رهن ٿا.
اسان واري پير تاج محمد جو نالو سندس ڏاڏي تان رکيو ويو، جنھن کي پُٽن ۾ پير مرتضيٰ حسن ۽ پير غلام مصطفيٰ کان علاوه پير حميد قريشي AIG صاحب ۽ اسان واري پير تاج محمد جو والد پير عبدالجليل به هئا. ڏاڏي جي نالي هجڻ ڪري پير تاج محمد کي ’ڏاڏا سائين‘ به سڏين ٿا. پير تاج محمد قريشيءَ کي ست ڀاءُ آھن. وڏي ڀاءُ پير غلام محمد، زولاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ وڪالت به پڙهي ۽ ھاڻ زمينون سنڀالي ٿو. سندن ٻيو ڀاءُ پير منظورقادر زمينداري ڪري ٿو. ٽئين نمبر تي پاڻ آهن ۽ چوٿون نمبر ڀاءُ ڊاڪٽر پير عبدالحفيظ لاءِ لکي چڪو آهيان ته هُو مشيگن رياست جي ڀر واري رياست وسڪنسن ۾ ڊاڪٽري ڪري ٿو. سندس ھڪ ڀاءُ پير عبداللطيف ھڏين جو ماھر آرٿوپيڊڪ سرجن ۽ حيدرآباد جي اسريٰ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيچنگ پروفيسر پڻ آھي. جنھن کان پوءِ سندن ڀاءُ پير عبدالسميع ھو، جيڪو نومبر 2020ع ۾ ڪرونا جي وبا ۾ گذاري ويو. سندس ڀاءُ پير عبدالبديع قريشي ڀائرن سان گڏ زمينداريءَ ۾ ھٿ ونڊائي ٿو. پير عبدالبديع قريشي ھڪ يار ويس، سادو سودو ۽ کِلڻو مِلڻو انسان آھي. پير تاج محمد جو سڀ کان ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر پير عبدالحي ميرپورخاص جي ’محمدي ميڊيڪل ڪاليج‘ سان وابسته آهي ۽ ان سان گڏ پنھنجون زمينون پڻ سنڀالي ٿو.
هن سفرنامي جي مصنف پير تاج محمد ٻڌايو ته هن جي ڌيءَ State Wayneيونورسٽي مان ميڊيڪل جي برانچ پبلڪ ھيلٿ ۾B.Sc. ڪري رهي آهي. اها يونيورسٽي مشيگن رياست جي هڪ اهم ۽ مشھور يونيورسٽي آهي، جنھن جو بنيادي طرح واسطو ميڊيڪل سان آهي. هيءَ يونيورسٽي 1868ع ۾ ٺھي ۽ ڊيٽرائٽ شھر جي وچ ۾ آهي. مشيگن يونيورسٽيءَ ۾ هيءَ ٽيون نمبر وڏي يونيورسٽي آهي، جنھن ۾ ڇويهه هزار شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا. ڪيترائي شاگرد اسان جي پاسي (ايشيا ۽ آفريڪا) جا به آهن. هن يونيورسٽي وين (Wayne State University) جا ٻه گرئجوئيٽ ٿا ياد اچن. هڪ عبدي محمد کوسو. هي کوسو صاحب اسان جي ٻروچن مان ناهي، پر صوماليا جو شيدي مسلمان آهي. هن 1998ع ۾ Wayne يونيورسٽيءَ مان Ph.D ڪئي. هن ڪيترائي ڪتاب ۽ پنھنجي ملڪ جي ماڻھن پاران روزگار خاطر يورپ ڏي لڏپلاڻ تي مضمون پڻ لکيا آهن. هن جي مون سان سُئيڊن ۾ رهندڙ صوماليه جي ماڻهن بابت ڳالھه ٻولھه ٿي هئي. عبدي کوسي جي ڊائسرٽيشن جو عنوان هو:“Migration & Identity Process Among Somali Immigrants in Canada”. کوسو (Kusow) صاحب اڄ ڪلهه آمريڪا جي آيووا(Iowa) رياست ۾ سوشالاجي جو پروفيسر آهي.
هنState Wayneيونيورسٽيءَ جي هڪ بنگلاديشي سائنسدان ’سلطانه نورن نھار‘ به ڌيان ۾ اچي رهي آهي، جنھن ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد مِشيگن رياست جي هن يونيورسٽي Wayne مان پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ هاڻ ’اوهايو يونيورسٽيءَ‘ جي ائسٽرانامي ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪري ٿي. اميد آهي ته پير تاج محمد جي ڌيءَ به هن يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري بنگلاديش جي سلطانه وانگر نالو روشن ڪندي.
”ھئيثم کي ته مون قرآن حفظ ڪرڻ تي لڳايو آهي.“ پير تاج محمد ٻڌايو.
”تمام سٺو“، جواب ڏنومانس، ”ان جھڙو ته ٻيو بھتر ڪم آهي ئي ڪونه.“
ھئيثم، پير تاج محمد جو ننڍو پٽ آهي. اسان سان گڏ هڪ ٻيو به دوست هو تنھن مون کان يڪدم پڇيو ته آئون اها ڳالهه ڪھڙي خيال کان ٿو ڪريان؟... ڇا ثواب جي خيال کان؟
”ثواب پنھنجي جاءِ تي. اهو ته ضرور آهي“، مون هنن کي پنھنجو تجربو ٻڌايو، ”هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ مون ڏٺو آهي ته اهي شاگرد جيڪي قرآن جا حافظ آهن، انھن جو يادگيرو وڌيڪ تيز رهي ٿو ۽ هُو اڪيڊمڪس ۾ به نمبر کڻن ٿا.“
ڪراچيءَ جي جنھن علائقي ۾ آئون رهان ٿو، اتي گجراتي بزنيس مين رهن ٿا. هنن کي مون ڏٺو آهي ته پنھنجن ٻارن کي پھرين قرآن حفظ ڪرائين ٿا، ان بعد اسڪول ۾ داخل ڪرائين ٿا يا اسڪول سان گڏ قرآن به حفظ ڪرائين ٿا، پوءِ اهي ٻار ڏکئي کان ڏکيا امتحان پاس ڪريو وڃن ۽ هاڻ ته جڏهن کان اسان جي پاڙي فيز 4 ۾ ’بيت السلام مسجد‘ ٺھي آهي ۽ جتي قرآن حفظ ڪرڻ جو بندوبست رکيو ويو آهي ته تقريبن هر گهر جو ٻار قرآن حفظ ڪري ٿو. اسان جي گهر جي سامھون وارو حافظ ڇوڪرو محمد اڪبر زبيري، آغا خان مان نه فقط سٺي پوزيشن ۾ ڊاڪٽر ٿيو پر آرٿو پيڊڪس ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي ۽ هاڻ فقط ڪرنگهي جي سرجريءَ ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ انگلنڊ مان اسڪالر ملي اٿس.
دادو جو منير شيخ به اسان جي پاڙي ۾ رهي ٿو. هن جي پٽ به قرآن حفظ ڪيو. ان بعد ڊاڪٽري پڙهيو. بھرحال ان بابت ضرور بحث هلندو آهي ته ٻار کي قرآن حفظ ڪرائجي يا معنيٰ ۽ تفسير سان پڙهائجي، جيئن هُو ٻين کي به سمجهائي سگهي. بھرحال ٻار جي يادداشت وڌائڻ لاءِ هن کي قرآن جون ننڍيون صُورون، شاهه جا بيت يا ٻيون ڳالھيون طوطي وانگر ياد ڪرائڻ ۾ به فائدو آهي. ان ڳالهه جي فئور ۾ سنگاپور جو سابق وزير اعظم ’لي ڪُئان يُو‘ پڻ هوندو هو. جپاني يا چيني پڙهڻ وارن کي ڏسو ته هُو پنهنجي الفابيٽ تي ڪيڏو رَٽَو هڻن ٿا. هُونءَ جو ٻار خالي دماغ ويٺو هجي ۽ اوٽ پٽانگ جون گاريون ۽ ڊائلاگ ويٺو ٻڌي، ان کان بھتر آهي ته هن کي ڪا ڪم جي شئي ياد ڪرڻ ۾ لڳائجي جيئن هندو، ٻُڌ يا چيني پنھنجن ٻارن کي پنھنجي ڌرم جون شيون ياد ڪرائين ٿا.
هُونءَ مشيگن رياست ۾ رهندڙ مسلمان خوش نصيب آهن جو اتي ’مشيگن اسلامڪ انسٽيٽيوٽ‘ نالي ادارو آهي، جيڪو ان شھر Warren ۾ آهي، جتي ڪامارو شريف جو پير تاج محمد فئمليءَ سان رهي ٿو. وارن شھر جي هن اداريMichigan Islamic Institute ۾ هيٺيان پروگرام آهن:
• فل ٽائيم حفظ القرآن.
• فل ٽائيم عالم ڪورس.
• ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ضروري علم.
• 5 کان 12 درجي تائين تعليم.
هن اسلامي اداري ۾ سومر کان جمعي تائين صبح جو اَٺين کان شام جو ساڍي چئين تائين ڪلاس ٿين ٿا. اهي ٻار جيڪي قرآن حفظ ڪن ٿا يا عالم مفتي ٿيڻ چاھين ٿا، انھن جا ڪلاس اَٺين کان ٻارهين تائين رهن ٿا. ٻارن کي چئن سالن جي عرصي ۾ قرآن حفظ ڪرايو وڃي ٿو. پھرين سال ۾ هنن کي ناظره ۽ تجويد ۽ قرآن پاڪ جا ٻه سيپارا ياد ڪرايا وڃن ٿا. ٻئي ۽ ٽئين سال ۾ قرآن جا ستاويهه سيپارا ياد ڪرايا وڃن ٿا. آخري سال ۾ مڪمل قرآن شريف ۽ قرآن جو ٽي دفعا دَور ڪرايو وڃي ٿو. ڪورس ختم ٿيڻ تي شاگردن کي اسلامڪ مشيگن انسٽيٽيوٽ طرفان ’حفظ القرآن‘ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي ٿو. جنھن بعد هُو ٻين کي قرآن پڙهائي سگهن ٿا ۽ امامت به ڪري سگهن ٿا. شاگردن کي ڏهه ڏهه ڄڻن جي گروپ ۾ وهاريو وڃي ٿو، جنھن لاءِ الڳ الڳ ٽيچر رکيو وڃي ٿو. اسلامي اداري کي هاسٽل به آهي. پير تاج محمد اهو ٻڌائي رهيو هو ته، ”هن جو پٽ ھئيثم قريشي، جيڪو قرآن حفظ ڪرڻ سان گڏ انگريزي تعليم به حاصل ڪري رهيو آهي ۽ يارهين گريڊ ۾ آهي، اتي ھاسٽل ۾ رهي ٿو. ھئيثم قريشي، قرآن حفظ ڪرڻ کان پوءِ اڳتي مڪينيڪل انجنيئر ٿيڻ چاھي ٿو.“
’مشيگن اسلامڪ انسٽيٽيوٽ‘ جي نالي سان هي ادارو مشيگن جي ’مسجد عثمان بن عفان‘ سان لاڳاپيل آهي. ان کان علاوه يعني مشيگن اسلامڪ انسٽيٽيوٽ کان علاوه ڪجهه ٻيا اسلامي ادارا پڻ مسجد عثمان بن عفان سان Affiliated آهن، جتي اسلامي تعليم سان گڏ قرآن پڻ حفظ ڪرايو وڃي ٿو، جهڙوڪ:
• مفتاح انسٽيٽيوٽ ۽
• منير اڪيڊمي.
هتي اهو به لکندو هلان ته آمريڪا جي مشيگن رياست ۾ فقط مٿين مسجد عثمان بن عفان ناهي. مشيگن جي رڳو ڊيٽرائٽ شھر ۾ ٽيٽيهه کن مسجدون آهن. هڪ مسجد ’ڊيربورن‘ ته 1937ع ۾ ٺھي هئي. جيڪا آمريڪا جي ٻيو نمبر پراڻي مسجد آهي. هيءَ مسجد لبنان کان لڏي آيل مسلمانن ٺھرائي هئي. مون کي ياد آهي ته ڪنھن زماني ۾ 1980ع ۾ هن مسجد جي پاڙي وارن ٻانگ جي آواز تي اعتراض ڪيو هو. پوءِ ڪيس هليو. جج، مسلمانن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ چيو ته، ”ٻانگ ائين آهي، جيئن گرجا گهر جا گهنڊ. ان ڪري هتي جي ماڻھن کي اعتراض نه هئڻ کپي.“
آمريڪا جي پھرين مسجد به هن رياست مشيگن جي شھر ھائيلينڊ پارڪ ۾ آهي ۽ 1921ع ۾ ٺھي هئي. هيءَ مسجد دمشق کان آيل هڪ سخي عرب واپاريءَ ٺھرائي هئي. مِشيگن جي هڪ ٻي مشھور مسجد ’الاصلاح مسجد‘ آهي، جيڪا بنگلاديش کان لڏي آيل بنگالين 2000ع ۾ ٺھرائي.
بھرحال هن ڪتاب جي ليکڪ پير تاج محمد قريشي، جنھن جي خاندان جو واسطو ڪامارو شريف جي پيرن سان آهي، جيڪي وڏيرا، داداگير يا سياستدان نه پر مذهب جي ڄاڻ رکندڙ، انسان ذات جو ڀلو چاهيندڙ ۽ تعليم جي حيثيت سمجهندڙ آهن، انھن لاءِ مون کي پڪ آهي ته آمريڪا جي هيءَ رياست مشيگن بيسٽ آهي. هن خاندان جي پِيرن کي آئون سنڌ جي ڪيترن پيرن کان مختلف ۽ مثالي ٿو ڏسان. آئون به اڌ صديءَ کان جڏهن کان 1968ع ۽ 1969ع کان آمريڪا وڃڻ ٿيو، آئون پنھنجن سنڌي آمريڪن دوستن کان ڪاماري وارن پِيرن بابت ٻڌندو اچان، خاص ڪري پير عبدالحميد قريشي بابت، جيڪو انھن ڏينھن ۾ يعني 1960ع واري ڏهاڪي ۾ نيويارڪ ۾ هو. سندس ڀائٽي پير تاج محمد جي ڪتاب جي پيش لفظ لکڻ جي بھاني مون کي هن فئمليءَ بابت ڪجهه لکڻ جو موقعو ملي ويو آهي، جيئن اسان جي ماڻهن جي ڄاڻ ۾ اچي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ۾ خانقاهن جو وجود عام و خاص ماڻھن جي ديني رهنمائيءَ جو وسيلو رهيو آهي. خانقاهن جي سرپرستن عوام الناس جي اخلاق ۽ معاشري جي اصلاح جو ڪم ڪيو آهي. ’درگاهه پير اشرف شاهه رح ڪامارو شريف‘ جو سرپرست پير محمد اشرف قريشي ڪاماري وارو به اهڙن عظيم روحاني رهنمائن مان هو، جنھن خدا جي عشق ۽ ماڻھن جي محبت ۾ پنھنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي. پير صاحب ٽالپرن جي حڪومت ڌاري ’ڳوٺ ڪرم خان جمالي ٽنڊي باگي‘ کان ھجرت ڪري ’ڪامارو تعلقو ٽنڊوالهيار‘ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. سندن خاندان ’شيخ بھاءُ الدين ذڪريا ملتاني‘ جي نسب مان هو ۽ سنڌ ۾ هن خاندان جي اڳ ۾ ئي ڪافي اچ وڃ هوندي هئي.
پير محمد اشرف جي ولادت 1799ع ۾ ڳوٺ ڪرم خان جمالي تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ٿي هئي. ڪاماري شريف ۾ سندس آمد آسپاس جي عام و خاص ماڻھن لاءِ رحمت ۽ برڪت جو باعث ٿي ۽ هي ننڍڙو ڳوٺ شھرت ماڻڻ لڳو. هُونءَ به هي ڳوٺ صديون اڳ آباد هو، جيئن شاهه لطيف هن کي سر سارنگ ۾ ڄاڻايو آهي:
ڍٽ ڍري پٽ پيئون، آيون ڪاهي ڪاماري،
وٺا پٽ پراڻ جا، وٺيون ساماري،
ڪڪر ۾ ڪري، وڄڙين پسو ويس ڪيا.
اها ئي سِڪائتي ڇڪ هئي، جنھن پير محمد اشرف جھڙي عظيم شخصيت کي ڪاماري ڪَھِي اچڻ لاءِ مائل ڪيو. پاڻ به انھيءَ سڪ سان ۽ ساڳئي سر سارنگ ۾ ڪاماري جي سار سنڀال لھي رهيو آهي.
جمعي ڏينھن جوڙ، ڪي مانڊاڻا مينھن جا،
قادر ڪاماري جا، اچي ٻنا ٻوڙ،
صاحب سنڌو سائين، ڇڏ گسر ڪر گوڙ،
اوهيرا آب جا، مٿي ڇنن ڇوڙ،
پکا پراڻ ڪنڌئين، آڻي کٿيرن جا کوڙ،
پکا تن جا ٽوڙ، جن سانڍيون اشرف چوي.
ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
ڪر کڻي ڪاماري تي، ڪر وسڻ سان وس
جي ڏوگاهي ڏٻريون ڪيون، تن جو ڪر ترس.
پير صاحب جي توڪل بابت ڪيئي روايتون ماڻھن ۾ مشھور آهن. پاڻ صاحب طب جي علم ۽ فن ۾ به صاحب ڪمال هو. ڪيئي لاعلاج مريض وٽانئس شفاياب ٿيندا رهيا ٿي.
پير محمد اشرف قريشي 1860ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبري جي ڪتبي تي هيٺيون فارسيءَ جو قطعو ڪاشيءَ جي سِرُن تي نقش ٿيل آهي:
فغان از وفات ولي خدا،
که مثلث نبوده دارين شش جھات.
محمد علم اشرف اثر شد خطاب،
چو اسم و خطابش برابر صفات.
نبايد به تحرير و صفش اگر،
شود خانه اشجار و دريا دوات.
خلف ماند زو در جھان نام نيک،
که نيڪي ز نيڪان جود باقيات.
کلامش جود عاشقان را چو قوت،
بيانش جود طالبان را برات.
دلم گفت سال و صالش بحق،
محمد جود اشرف ڪائنات.
(1277هه)
پير تاج محمد جي سفرنامي تي پيش لفظ لکڻ بھاني مون کي سندس ڪتاب ۽ فئمليءَ تي لکڻ جو هڪ سٺو موقعو ملي ويو آهي ۽ مضمون ڪجهه وڏو ٿي ويو آهي، جيتوڻيڪ اڃا ڪيتريون ڳالھيون لکڻ تي دل چوي پئي. هن فئملي، ڪاماري شريف جي پيرن جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جستجو، طبيعت جي سادگي، ضرورتمند جي ڪم اچڻ، هر وقت ٻئي جي ڀلي جو سوچڻ... سندن وڏن کان هلندو اچي. هنن روايتي پيري مريدي ۽ پئسي ڏوڪڙ جي لالچ کان هٽي ڪري ماڻھن جي خدمت ڪئي آهي. سڀ کان وڏي ڳالھه ته هنن پاڻ به تعليم حاصل ڪرڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ وارن جي مدد ڪئي ۽ هنن جي خوشحال زندگي بڻائي ۽ اهو ئي ميسيج هن ’پيش لفظ‘ ذريعي پنھنجي سرندي وارن سردارن، اميرن، پيرن، وڏيرن، وزيرن، سياستدانن کي ڏيڻ ٿو چاهيان ته هُو نه رڳو پنھنجي ٻارن تي سختي ڪن ته هُو صحيح طرح تعليم حاصل ڪن، پر پنھنجي تر جي غريب ذهين ٻارن جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪن ته هُو ڪنھن منزل تي پھچي پنھنجي خاندان ۽ پنھنجي ملڪ جي خذمت ڪن. جنھن جي مدد ڪندائو اهو ۽ ان جو اولاد توهان کي سڄي زندگي دعائون ڏيندو رهندو. ان جو فقط هڪ ننڍڙو مثال هتي ڏيان ٿو... ٿي سگهي ٿو ڪنھن کي منھنجي ڳالھه سمجهه ۾ اچي وڃي ۽ هُو محسوس ڪري سگهي ته اصل خوشي ڇا ۾ آهي. اڄ کان ٽيھارو سال کن اڳ ورجينيا آمريڪا ۾ رهندڙ لاڙڪاڻي جي علي نواز ميمڻ کان موڪلائڻ وقت هن مون کي چيو ته مقبول هاليپوٽو، ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، حنيف سانگي ۽ ٻه ٽي ٻيا دوست چندو گڏ ڪري انھن غريب ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ چاهين ٿا، جيڪي هوشيار هوندي پڙهي نٿيون سگهن. اسان مختلف شھرن جي استادن معرفت هر سال چار پنج لائق ڇوڪريون ڳولي انھن جي مالي مدد شروع ڪئي. مون کي حيرت ٿي ته اسان جي ڳوٺن ۾ سخت غربت جي باوجود ڪيتريون ئي ڇوڪريون اهڙيون مليون جن بورڊ ۾ پھريون، ٻيو يا ٽيو نمبر کنيو ٿي. هُو غربت ڪري هاڻ بِي اَي به نٿي ڪري سگهيون. هنن کي ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ خرچ ڏنو ويو. جيتوڻيڪ اهو ڪو گهڻو پئسو نه هو. هنن جو في کان علاوه مانيءَ جو هڪ ويلو مس ٿَي ٿيو. هنن ڏاڍي محنت ڪئي ۽ هر سال سٺي پوزيشن سان پاس ٿينديون رهيون ۽ هي سلسلو هلندو رهيو. منھنجو ڪم انھن تائين پئسو موڪلڻ ۽ هنن جي پروفيسرن کان هنن جي تعليمي پروگريس جي معلومات حاصل ڪري علي نواز ميمڻ صاحب کيUSA رپورٽ موڪلڻ هو، جيئن پئسا ڏيڻ وارن کي خبر پوي ته هنن جو پئسو صحيح استعمال ٿي رهيو آهي. پنج سال اڳ تائين اها ڊيوٽي منھنجي حوالي هئي ۽ پوءِ طبيعت صحيح نه رهڻ ڪري مون معذرت ڪئي ۽ هاڻ اهو ڪم ’سھارو‘ وارا ڪري رهيا آهن. بھرحال منھنجي هوندي هڪ سئو کن ڇوڪريون ڊاڪٽرياڻيون ٿيون، جيڪي هُونءَ غربت جي ڪري پڙهائي قائم نه رکي سگهن ها. ساڳئي وقت اسان جي آمريڪن سنڌي دوستن لاءِ اهو پئسو ڪو وڏي ڳالهه نه هو، پر ڏسو هنن ڪيڏو وڏو خير جو ڪم ڪيو ۽ اڃان ڪندا اچن ۽ غريبن جا ٻار اڄ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن.
هڪ دعوت ۾ روينيو جو آفيسر زال سان گڏ مليو. هُو منھنجو نالو ٻڌي مون کي ۽ منھنجي آمريڪن دوستن کي دعائون ڏيڻ لڳا. خبر پئي ته هن جي زال نه فقط ڊاڪٽر آهي پر گائناڪالاجسٽ پڻ، جنھن جي ننڍپڻ ۾ ماءُ پيءُ گذاري وڃڻ ڪري، هن جي ڀيڻ جيڪا ڳوٺ جي اسپتال ۾ هڪ نرس هئي، جيڪا پاڻ به غريب ۽ ٻچڙيوال هئي تنھن نپايو. هن لاءِ انٽر بعد پڙهڻ ناممڪن هو، جيتوڻيڪ هُوءَ بيحد هوشيار ۽ محنتي هئي، پر اسان جي پيٽارو جي اقبال جماڻيءَ جي ڏنل اسڪالر مان هُوءَ نه فقط ڊاڪٽر ٿي وئي، پر ماهر امراضِ زنانه پڻ. ڪنھن ٿي سوچيو ته ڏورانهين ڳوٺ جي هڪ يتيم ۽ غريب ڇوڪري پڙهي سگهندي. اقبال جماڻي ۽ سندس گهرواري ادي فھميده چوندي آهي ته اسان جي ٻي ڪا انويسٽمينٽ ناهي سواءِ غريب ڇوڪرين کي پڙهائڻ ۽ مالي مدد ڪرڻ جي.
اهڙي طرح هڪ دفعي سول اسپتال ۾ پرهه نالي لاڙڪاڻي جي هڪ ڊاڪٽرياڻي اچي ملي. هن منھنجي صحت جو پڇي چيو ته، ”سر! تڪلف نه ڪريو، آئون هتي ڪافي سينئر ڊاڪٽرياڻي آهيان، منھنجي لائق خذمت هجي ته ٻڌايو. آئون توهان ۽ توهان جي دوستن جي ٿورائتي آهيان.“
منھنجي نه سڃاڻڻ تي هن ٻڌايو ته ڏهه سال اڳ هن ۽ هن جي سؤٽِ بورڊ ۾ پوزيشن کنئي هئي، پوءِ آمريڪا ۾ رهندڙ علي نواز ۽ ان جي ڪزن سرفراز ميمڻ کي چئي، مون هنن کي پنجن سالن لاءِ اسڪالر وٺرائي ڏني هئي ۽ هُو ٻئي چانڊڪا مان نه فقط سٺي پوزيشن ۾ ڊاڪٽر ٿيون، پر ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ پڙهي اڄ وڏيون ڊاڪٽرياڻيون آهن. مون کي ياد آيو ته هُو هڪ اهڙي ڳوٺ جون هيون، جن جي گهر ۾ بلب به نه هو. رات جو پڙهڻ لاءِ هنن کي موڪل جي ڏينھن ۾ به هاسٽل ۾ رهڻو پيو ٿَي ۽ هڪ ويلي تي گذارو ڪرڻو پيو ٿَي. آئون پنھنجي خاندان جي ڇوڪرين کي هميشه هن پرهه ۽ سندس ڪزن سان فون تي ڳالھائڻ لاءِ چوندو هوس، ته هُو ڪيئن ڏکين حالتن ۾ رهي تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. اڄ انھن مان هڪ کي اعليٰ پوسٽ تي ڏسي ۽ هن کي آمريڪا جي دوستن کي دل سان دعائون ڏيندو ڏسي خوشي ٿي.
ان ڏينھن هڪ ٻئي ڊاڪٽر سان ملاقات ٿي. مون کي SIUT ۾ ’ڊاڪٽر اديب رضويءَ‘ سان ملي فوٽو ڪڍرائڻو هو. ان لاءِ مون کي پيٽارو جي شھيد دوست ’ڊاڪٽر سرفراز شاهه‘ ENT جي ماهر، جو پٽ آرٿوپيڊڪ ’سرجن غضنفر شاهه‘ وٺي آيو. ڊاڪٽر اديب رضويءَ کي ڪير نه سڃاڻي. هُو نه فقط پنھنجي فيلڊ جو ماهر ڊاڪٽر آهي، پر سخي مرد پڻ. هن پنھنجي زندگي انسان ذات جي ڀلي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي ۽ هن جي اداري جي ڪارڪردگي دنيا ۾ مشھور آهي. 83 ورهن جي ڄمار جي ڊاڪٽر اديب الحسن رضويءَ جو چوڻ آهي ته هن جي مري وڃڻ بعد به هي ادارو اهڙو ئي بھتر رهندو، جو هن ڊاڪٽرن کي ان يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽيشن جي ڪم ۾ ماهر ڪري ڇڏيو آهي ۽ انھن مان بھترين ڊاڪٽر هن سان گڏ ڪم ڪن ٿا.
اسان جي ملاقات وقت ڊاڪٽر اديب سان گڏ جيڪو نمبر ون يعني بھترين ۽ ماهر ترين ڊاڪٽر هو، ان سان هن ملائيندي چيو ته، ”ڊاڪٽر مبارڪ، سنڌ جي ٿر واري علائقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو آهي. ڪيترن ئي سالن کان هي مون سان ڪم ڪري رهيو آهي. سندس بھترين ڪم، ڄاڻ، محنت ۽ ايمانداريءَ جي ڪري آئون هن کي ڇڏي نٿو سگهان. آئون ۽ هڏن جو ماهر نوجوان ڊاڪٽر غضنفر ڪي لمحا ٿورائتين نظرن سان ڊاڪٽر اديب رضويءَ کي ڏسندا رهياسين ته هي ڪيڏو عظيم انسان آهي، جيڪو مذهب، ذات پات، زبان، فرقي، غريب امير جو فرق نه ڪندي انسان ذات جي خذمت ڪندو رهي ٿو.
ڊاڪٽر محمد مبارڪ نوهڙيءَ سان ملڻ جو مون کي به شوق هو. مون هن بابت ٻڌو هو پر ڏٺو نه هو. ڊاڪٽر غضنفر شاهه کي هن بابت ڪا خبر نه هئي. ڊاڪٽر مبارڪ سنڌيءَ ۾ اسان کي کيڪاريو ته کِلي چيومانس ته، ”سائين مون ته توهان کي آمريڪا جي رياستن مِشيگن ۽ وِسڪنسن ۾ پئي ڳولھيو.“ پاڻ سمجهي ويو ۽ کيس اطلاع به ٿيل لڳو ٿي ته آئون ڪنھن جو حوالو ڏئي رهيو آهيان. يڪدم چيائين، ”آئون ڪاماري شريف جي پِيرن جو ٿورائتو آهيان، جن جي ڪري آئون هن منزل تي آهيان نه ته اسان ٿر جي ڳوٺ جي غريب ڀائرن کي ڪٿي هئي ڄاڻ! ڪٿي هو پئسو جو ڊاڪٽر ٿيون. آئون ۽ منھنجا ٻار ٻچا اهڙن پِيرن لاءِ هر وقت دعائون گهرندا رهون ٿا. هُو عظيم انسان آهن.“
مون ڏٺو ته مون سان گڏ ڊاڪٽر غضنفر، ڊاڪٽر مبارڪ جون ڳالھيون حيرت سان ٻڌندو رهيو ته ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي ڳالھه مان هيءَ ڪاماري شريف جي پِيرن جي ڳالھه ڪيئن نڪتي! ۽ مبارڪ جو مطلب ڇا آهي؟ غضنفر کي چيم ته، ”ٻاهر نڪري توکي سڄي ڪھاڻي ٿو ٻڌايان.“
ڊاڪٽر اديب ۽ ڊاڪٽر مبارڪ نوھڙي سان گڏ چانھه پي، ڪتاب لاءِ فوٽو ڪڍي موڪلايوسين. ٻاهر نڪري غضنفر کي چيم ته، ”مون سان به موجوده ڪامارو شريف جي پڳ واري سائين پير عبدالحميد قريشي جي فرزند پير عبدالمجيد، ڊاڪٽر مبارڪ ۽ سندس ڀاءُ اکين جي ماهر ڊاڪٽر محمد سالم جي ڳالھه ڪئي هئي. سائين پير عبدالحميد کان اڳ پير ابراهيم خليل ولد پير خان محمد گادي نشين هو. پير ابراهيم خليل 1922ع ۾ مڪي شريف ۾ ڄائو هو. هُو وڏو پڙهيل ڳڙهيل هو. ممبئيءَ مان مئٽرڪ ڪيائين ۽ پوءِ 1947ع ۾ ممبئيءَ مان ئي مڪينيڪل انجنيئرنگ ڪيائين. ان بعد هن کي ڊاڪٽريءَ جو شوق ٿيو ۽ انٽر پري ميڊيڪل ۾ ڪري 1967ع ۾ ’ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج‘ مان ڊاڪٽري پڙهي. ان کان علاوه B.Sc. انگريزي سبجيڪٽ ۾ به ڪئي هئائين. هُو واپس ڪاماري آيو. سروس نه ڪيائون. پنھنجي گاديءَ جو خيال رکيائين ۽ ماڻھن جو مفت علاج ڪندا رهيا. سندن والد جون زمينون مسڻ وڏي ۾ جيڪي هيون، انھن کي سندن ڀاءُ پير اسماعيل صادق سنڀالڻ لڳو. هتي هڪ دفعو وري ياد ڏياريندو هلان ته پير خليل ۽ پير اسماعيل اسان جي ليکڪ پير تاج محمد قريشيءَ جا ماما ٿيا. بھرحال ڳالھه ٿا ڪن ته ڳوٺ جي اسڪول ۾ پير اسماعيل صادق جي ڪمدار جو پٽ به پڙهيو ٿي، جيڪو امتحان ۾ هر سال ٽيون نمبر آيو ٿي.
”ڇو ڀلا پھريون نمبر نٿو اچي؟“ پير صاحب، ڪمدار کان پڇيو.
ڪمدار ٻڌايو ته زمينن تي جيڪي ٿري هاري ڪم ڪن ٿا، انھن مان هڪ جا ٻه پٽ هر سال پھريون ۽ ٻيو نمبر کڻيو وڃن. پير صاحب کي حيرت به ٿي ته خوشي به. هن انھن ٻنھي ڀائرن کي گهرائي پڇيو ته، ”توهان وڌيڪ پڙهڻ چاهيو ٿا؟“ هنن جي هائوڪار تي پِير صاحب سندن رهائش ۽ کاڌي پيتي جي خرچ جو حيدرآباد بندوبست ڪيو. هنن مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئي، ان بعد MBBS ڪري ڊاڪٽر ٿيا ۽ انگلنڊ مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪري ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر محمد سالم اکين جو ماهر ڊاڪٽر ٿيو ۽ وڏو ڊاڪٽر محمد مبارڪ جنھن سان پاڻ هاڻ ملياسين نه فقط بورڊ جي امتحان ۾ پھريون نمبر آيو، پر ڊاڪٽريءَ جي امتحانن ۾ به. اڄ هُو ڊاڪٽر اديب رضويءَ سان ڪم ڪري ٿو ۽ يورولاجيءَ جو ماهر ڊاڪٽر آهي.“
ڊاڪٽر مبارڪ تي ڪنھن ٻئي هنڌ تفصيل سان لکڻ چاهيان ٿو. هتي هن لاءِ فقط ايترو لکندس ته لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي آخري سال جي ڪانووڪيشن ۾ کيس اٺ گولڊ ميڊل ۽ يارنهن ميرٽ سرٽيفڪيٽ مليا ۽ هُو ’بيسٽ گرئجوئيٽ‘ مڃيو ويو. اهڙي طرح هن کي FCPS جي امتحان ۾ به ٽي گولڊ ميڊل مليا. ڊاڪٽر صاحب کي شروع کان ريسرچ سان شوق رهيو آهي ۽ سندس تقريبن ٽي سئو پيپر ڇپيل آهن.
بھرحال مٿيون ڳالھيون لکڻ مان منھنجو مقصد يا کڻي چئجي ته انھن ڳالھين جي باٽم لائين اها آهي ته سنڌ جي ٻھراڙي توڙي شھرن ۾ هر قسم جو Talent تمام گهڻو آهي، بس هنن کي موقعو نٿو ڏنو وڃي... توهان موقعو ڏئي ڏسو ته ڪيترائي بھترين ڳائڻا، ڪرڪيٽر ۽ هاڪي پليئر، ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ۽ جھاز هلائڻ وارا ملندا... مرد توڙي عورتون. منھنجا آمريڪا جا سنڌي دوست، جيڪي اسڪالرون ڏيندا هئا اهي سڀ ڳوٺن جون ڇوڪريون هيون. سڀني MBBS ۽ پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي ۽ اڄ هُو ملڪ جون ناليريون ڊاڪٽرياڻيون آهن، جيڪي غربت ۽ سھوليت نه ملڻ جي حالت ۾ هرگز پڙهي نه سگهن ها. ٻي ڳالھه اها ته توهان پنھنجي اوسي پاسي ڪو ذهين ۽ محنتي شاگرد ڏسو ٿا ته هن جي تعليم جو بندوبست ڪري، خير جو ڪم ڪريو ۽ دعا کٽيو. ٻيو نه ته ذوالفقار هاليپوٽي ۽ ذوالفقار قادريءَ وانگر هنن کي ريڙهو ٺھرائي ڏيو ته هُو ڀاڄي يا ميوو وڪڻي روزگار کي لڳي سگهي. آخري ڳالھه اها ته توهان جنھن به ضرورتمند جي مدد ڪندائو، هُو سڄي عمر توهان کي ياد رکندو. ڊاڪٽر مبارڪ (۽ هاڻ هن جو پٽ بلاول به هيڏو وڏو ڊاڪٽر ٿي ويو آهي پر ان هوندي به) اهو ٻڌائيندي پنھنجي بي عزتي نٿو محسوس ڪري ته هُو مسڪين هاريءَ جو ٻار هو. هُو ٻھراڙيءَ ۾ رهيو ٿي. اڄ هُو جيڪي ڪجهه آهي، اهو ڪاماري شريف جي پِيرن جي ڪري آهي، جيڪي غريب شاگردن جي مدد ڪندا رهن ٿا. هُو پاڻ به تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته غريب غربي لاءِ به تعليم عام ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا. توهان کي ميڊيڪل فيلڊ ۾ ئي ڪاماري شريف جي پِيرن جون ڪيتريون ئي عورتون ۽ مرد نظرايندا. جن محنت ڪري اعليٰ رتبا حاصل ڪيا آهن، نه ته اسان وٽ اهڙن وڏن ماڻھن جا ٻار B.A جي ڊگري به پاڻ پڙهي حاصل ڪرڻ بدران ٻين ذريعي حاصل ڪن ٿا.
الطاف شيخ
16 ڊسمبر 2021ع
ڪراچي