آمريڪا ۾ هلندڙ غلاميءَ جي زندگي...
غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙجي جيڪي آفريڪا جا شيدي، وهٽن وانگر اتان پاڻيءَ جي جھازن ۾ چاڙهي، وڪري لاءِ آمريڪا کنڊ ڏي موڪليا ويا ٿي، ان جو سلسلو 1619ع کان شروع ٿي ويو هو. آفريڪا کان ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپي، ڍور ڍڳن جيان وڪري لاءِ آمريڪا کنڊ جي ڌرتي تي جيڪي پھتا، انهن ۾ ڏيڍ ڪروڙ اهي انسان هئا جن کي مڪاني سردارن ذريعي اغوا ڪري هتي پھچايو ويو هو. اهو سلسلو ٻه اڍائي صديون هلندو رهيو. ان جو تفصيلي احوال پنھنجي آفريڪي سفرنامي ’زنجبار جھنگٻار‘ ۾ ڏئي چڪو آهيان.
1860ع تائين آمريڪا ۾ شيدي غلامن جو تعداد چاليھه لکن جي لڳ ڀڳ هو، جن مان گهڻا تڻا آمريڪا جي ڏاکڻين رياستن ۾ هئا، جن کان يورپي جاگيردارن ۽ ڪارخانيدارن ڳَنَي، ڪپھه ۽ تماڪ جي پوک جو ڪم مفت ۾ ورتو ٿي. انهن شيدي غلامن ئي آمريڪا جي گاديءَ وارو شھر واشنگٽن ۽ وائيٽ هائوس ٺاهيو.
جڏهن ابراهام لنڪن 1861ع ۾ آمريڪا جو صدر ٿيو ته قوم کي اهو بحث ڪندي وڏو عرصو ٿي چڪو هو ته آيا آمريڪا ۾ غلامي قائم رکجي يا ان تي بندش لڳائڻ کپي. لنڪن غلاميءَ کي ٻنجو ڏيڻ چاهيو ٿي. اتراهن رياستن ۾ رهندڙ ماڻهن جي وڏي انگ لنڪن جي راءِ کي مڃيو ٿي ته غلامي بند ٿيڻ کپي. پر ڏاکڻين رياستن جي ڪيترن ماڻهن ان جي مخالفت ڪئي، جو هنن جي پوک ۽ ان سان وابسته ڪارخانن جو دارومدار انهن مفت جو پورهيو ڪندڙ غلامن تي هو. آخرڪار جيئن مٿي لکي چڪو آهيان ته يارهن ڏاکڻين رياستن جن ’ڪنفيڊريشن اسٽيٽس آف آمريڪا‘ نالي الڳ ملڪ ٺاهيو، انهن اتراهن 23 رياستن جي مخالفت ڪئي، جن Union ۾ قائم رهڻ چاهيو ٿي. نتيجي ۾ 12 اپريل 1861ع تي خانه جنگي ’آمريڪن سول وار‘ شروع ٿي. هن لڙائيءَ ۾ اتر وارين رياستن جي سوڀ ٿي ۽ 250 سالن کان قائم ٿيل غلاميءَ جو خاتمو ٿيو.
غلاميءَ جو خاتمو ته ضرور ٿيو، پر اڄ تائين نسل پرستيءَ (Racism) جو خاتمو ٿي نه سگهيو آهي. اڄ به ڪارو ماڻهو احساس ڪمتريءَ ۾ رهي ٿو ۽ هن کي اهي سھولتون نٿيون ملن، جيڪي گَورَن کي ملن ٿيون. ڪالهه جي غلامن جو اولاد اڄ به برابريءَ جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪندو رهي ٿو.
آمريڪا جي خانه جنگيءَ بعد، يو ايس اي اولھه وارين رياستن ڏي وڌڻ شروع ڪيو ۽ 1890ع تائين مغربي حصي جون سڀئي رياستون USA ۾ اچي ويون. آمريڪا جي هن وڌڻ واري دور ۾ آمريڪا (USA) جي آدمشماري 1800ع ۾ پنج ملين (يعني اڌ ڪروڙ) مان وڌي 1900ع ۾ 80 ملين يعني 8 ڪروڙ ٿي وئي. 1900ع وارا شروع جا سال آمريڪا جي ترقي جا ساريا وڃن ٿا. 1900ع ۽ 1915ع جي وچ ۾ اٽلي، روس ۽ پولينڊ کان اٽڪل 15 ملين اميگرنٽ مختلف پورهين ۽ ڌنڌن ذريعي روزگار ڪمائڻ لاءِ آمريڪا کنڊ جي هن ملڪ USA ۾ رهائش لاءِ آيا. هي جيڪي نوان شھري ٿيا انهن گهڻو تڻو سون جي کاڻين ۽ گارمينٽ (ڪپڙن ٺاهڻ جي فئڪٽرين) ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏني ٿي. ان کان علاوه يورپ کان آيل ڪيترن اميگرنٽن هن نئين ملڪ جي ريلوي ۽ ڪئنالن تي پڻ ڪم ڪيو ٿي. ان کان علاوه يورپ جي مختلف ملڪن کان آيل نوجوان اميگرنٽ هن نئين ملڪ ۾ نيون Ideas ۽ ثقافت آندي.
ويھين صدي انڊسٽريءَ جي واڌاري جي به ضامن آهي. موٽرڪارن ۽ هوائي جھازن جي ٺھڻ تي ماڻهن کي انهن جي ڪارخانن ۾ نوڪريون مليون. انهن کي ڏسي يورپ کان ٻيا به اچڻ لڳا ۽ ڪيترا اڳ جا آيل جيڪي پوک جي ڪم پٺيان ٻھراڙيءَ ۾ رهيل هئا، انهن شھرن ڏي رخ رکيو، جتي فئڪٽريون ۽ ڪارخانا هئا.
ترقيءَ سان گڏ گڏ آمريڪا ۾ ڏکيا ڏينھن به آيا. يو ايس اي برطانيا، فرانس، روس، اٽلي، رومانيا ۽ جپان سان گڏجي جرمني، آسٽريا، هنگاري، بلغاريا ۽ سلطنتِ عثمانيا (ترڪي) وارن سان جنگِ عظيم اول ۾ مقابلو ڪيو. ان بعد آمريڪا کي گريٽ ڊپريشن جي شڪل ۾ ڇيھو رسيو ۽ 1930ع ۾ سندس ايڪانامي وڃي تري سان لڳي.
1940ع ۾، ان وقت جي صدر ’فرئنڪلن روزويلٽ‘ ملڪ کي معاشي مشڪل مان ڪڍي مٿڀرو ڪيو، ته ٻي جنگ عظيم شروع ٿي وئي. آمريڪا پاڻ کي هن جنگ کان پري رکڻ ٿي چاهيو، پر جپانين جي ’پرل هاربر‘ تي حملي ڪرڻ تي، آمريڪا به هن لڙائيءَ ۾ ٽپي پيو. ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي بم ڪيرائڻ تي نه رڳو جنگ ختم ٿي وئي پر دنيا آمريڪا جي طاقت ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي حيرت کائڻ لڳي!