سفرناما

آمريڪا ڙي آمريڪا

هن ڪتاب ’آمريڪا ڙي آمريڪا‘ ۾ سائين الطاف شيخ، آمريڪا ۽ ان جي شھرن، ندين نالن، سمنڊن، آمريڪا جي تاريخ، آمريڪا ۾ ھلندڙ غلاميءَ، ماڻھن جي طبيعتن، سوچ و فڪر سميت هر پھلوءَ تي قلم کنيو آهي ۽ ڪتاب کي هڪ وڻندڙ سفرنامو هئڻ سان گڏ  تحقيق نامو يا تاريخ نامو بڻائڻ ۾ ڪا ڪَسَر ڪونھي ڇڏي. ڪتاب ۾ آمريڪا بابت لکيل ٻن تازن سفرنامن پير تاج محمد قريشيءَ جي” پرديس ٿيو ديس پنھنجو“ ۽ منصور ٿلھي جي ”آڏيءَ کان البني تائين“ تي لکيل مھاڳ پڻ شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 25
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آمريڪا ڙي آمريڪا

سندن زالون واپس هلڻ نٿيون چاهين

سندن زالون واپس هلڻ نٿيون چاهين

هڪ بلغاريا جو مزدور جيڪو اسان جي دوست فلڪ شير جي گهر جي ٻاهران، هڪ عراقيءَ سان گڏ، ڇٻر (Lawn) ۽ هلڻ لاءِ کُوري جي سرن جو رستو ٺاهي رهيو هو، تنهن ٻڌايو ته هُو ويهه سال اڳ هِتي نيو جرسي (آمريڪا) ۾ آيو ۽ هاڻ پنهنجي زالَ ۽ ماءُ پيءُ کي به هِتي گهرائڻ چاهي ٿو.
”هِتي جي ۽ ورنا جي زندگيءَ ۾ توهان کي ڪهڙو فرق محسوس ٿئي ٿو؟“ پڇيومانس. ’ورنا‘، بلغاريا جو وڏو شهر ۽ گاديءَ جو هنڌُ آهي.
”ورنا يا دنيا جي ٻين انيڪ شهرن ۽ آمريڪا جي شهرن ۾ اهو فرق آهي ته آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ غريب به سک جي زندگي گذاري ٿو،“ هن ٻڌايو، ”هڪ امير ماڻهو ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ رهي ته هن کي آرام جي زندگي ملي سگهي ٿي پر آمريڪا اهو ملڪ آهي جتي هڪ غريب به اعليٰ معيار جي زندگي بسر ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي ٿو.“
مون ان نقطي تي غور ڪيو ته حقيقت محسوس ٿي! اهو ڪهڙو ملڪ آهي جِتي هڪ رازو، واڍو يا ڪمي ڪاسبي روزانو چئن ڊالرن (اڍائي سؤ رپين) جي لنچ باڪس گهرائي کائي سگهندو، جِتي گهرن ۾ ڪم ڪندڙ آيائون/ماسيون پنهنجي عاليشان ڪار ۾ سفر ڪري سگهن ٿيون. نيويارڪ ۾ رهندڙ سکر پاسي جي ڊاڪٽر راڄپر ٻُڌايو ته سندن سائوٿ انڊين ماسيءَ (گهر جو ڪم ڪرڻ واري نوڪرياڻيءَ) نئين ٽويوٽا ڪار خريد ڪئي آهي ۽ هن کي سڄي ڏينهن جي ڪم جا هڪ سؤ کن ڊالر (ڇهه هزار رپيا) مليو وڃن. آمريڪا اهو ملڪ آهي جِتي پلمبر (نلڪن جو ڪم ڪرڻ وارا)، ويلڊر، ڪاسائي، وئڪيشن گذارڻ لاءِ پنهنجي ٻارن کي يورپ وٺيو ٿا وڃن. هڪ دفعي نيويارڪ جي ’پارڪ ايونيو‘ جي هڪ سگنل وٽ اسان جي ڀر ۾ هڪ مرسيڊيز ڪار اچي بيٺي، جيڪا هڪ بنگالي هلائي رهيو هو. وقت پاس ڪرڻ ۽ تعليم دوران چٽگانگ (بنگلاديش) ۾ سکيل بنگاليءَ کي تيز ڪرڻ لاءِ، ساڻس خوش خير عافيت ڪيم.
”تُمي ڪيمن آڇو ـــ آمريڪا تي تُمي ڪوتو بوسر سيڪِي آڇو؟“ (تون ڪيئن آهين؟ آمريڪا ۾ ڪيترن سالن کان رهين ٿو؟)
”آٺ برسو ڇي ٿيڪي، بيسي آڇو“ (آمريڪا ۾ رهندي مون کي اٺن سالن کان به مٿي ٿي ويا آهن) هن ٻڌايو. هن ٻڌايو ته هو ڍاڪا جي ڀر سان هڪ شهر نارائڻ گنج کان هِتي آيو آهي.
”تُمي ايڪني ڪِي ڪاج ڪورو؟“ (تون هِتي ڪهڙو ڪم ڪرين ٿو؟) پڇيومانس.
”امار ايڪٽا ڇوٽو آئيس ڪريم ڪئبن آسي“ (منهنجو هِتي هڪ آئيس ڪريم جو گاڏو آهي) هن ٻڌايو. آمريڪا ۾جِتي ڪٿي ريلوي اسٽيشنن، اسڪولن ۽ آفيسن ٻاهران رستي جي ڪناري تي گاڏن (ريڙهن) جي صورت ۾ ننڍڙي ڪئبن وارا دڪان ٿين جن ۾ گهڻو ڪري اسان جي ايشيا پاسي جا ماڻهو اخبارون، چپس، Nuts، بسڪٽس، سگريٽ يا آئيس ڪريم جهڙيون شيون رکي وڪڻن. هن همراهه بروڪلن (نيويارڪ) ۾ ڪنهن اهڙي سڻائي هنڌ تي، پَڪَ ڪنهن اسڪول وٽ، آئيس ڪريم ۽ ان سان رابطو رکندڙ شيون: ڪون، ڪلفي، ڪئنڊي، ڪوڪ جهڙيون شيون وڪيون ٿي. جيئن ئي سگنل سائو ٿيو ته هُو اڳيان نڪري ويو. اسان سندس ڪار جي پوئين شيشي تي چنبڙايل ڀالوءَ کي ڏسندا رهياسين. مون سان گڏ ويٺل منهنجي ڀاڻيجي ثمير وسطڙو چيو: ”ماما! آمريڪا اهو ملڪ آهي جِتي بنگالي مرسيڊيز ڪارون هلائين ٿا ٻيو ڪو دنيا جو اهڙو ملڪ سجھانوَ جتي مڊل يا لوور مڊل ڪلاس جا بنگالي اهڙي ٺاٺ سان رهندا هجن.“ هن بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي.
آمريڪا اهو ملڪ آهي، جِتي هڪ غريب لاءِ به ڪيتريون ئي سهوليتون ۽ سک آهن. آمريڪا ۾ هر نئون آيل هتي جي عام شهري ماڻهن جي زندگيءَ جو بهتر معيار ڏسيو وائڙو ٿيو وڃي. ان تي هڪ دلچسپ ڳالهه ياد ٿي اچي ته 1980ع ۾ آمريڪا ۾ مهانگائيءَ جي لهر اچڻ ڪري هِتي جي هڪ ٽي وي چئنل CBS هِتي جي ماڻهن کي احتجاج ڪندي ڏيکاريو ته ڪيئن گهرن ۾ عورتون پٽاٽن، بصرن يا آئيس ڪريم جي قيمت وڌڻ تي حڪومت کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيون هيون. هُونءَ عام طرح آمريڪا جا ٽي وي پروگرام روس (USSR) ۾ نه ڏيکاريا ويا ٿي جيئن اسان وٽ انڊيا جا نٿا ڏيکاريا وڃن. پر CBS جو هي پروگرام روس وارن اهو سوچي پنهنجي ملڪ ۾ ڏيکاريو ته جيئن روس وارا اهو ڏسي پنهنجي حڪومت مان خوش ٿين ۽ آمريڪا لاءِ نفرت ڪن ته اتي جي حڪومت ڪيڏي خراب آهي جو بصر ۽ پٽاٽا مهانگا ٿيڻ ڪري ماڻهو ان کي گهٽ وڌ پيا ڳالهائين، پر ان پروپئگنڊا جو روس جي عوام تي ماڳهين ابتو اثر ٿيو جڏهن هنن آمريڪا جي غريب عوام جا گهر ڏٺا ته هن کي انهن ۾ ٽي وي، مائڪرو ويو اوون کان فرج ۽ ايئرڪنڊيشنر تائين هر سک موجود نظر آيو. ان قسم جي ڊاڪيومينٽري ڏسي روس جي چڱن چوکن ماڻهن به اهو ئي چيو ته روس جي ههڙي زندگي کان ته آمريڪا جي غريب ماڻهن جي بهتر آهي.
اها مٿين ڳالهه جڏهن مون هِتي نيويارڪ ۾ هڪ محفل ۾ ڪئي ته اسان ۾ موجود بمبئي جي هڪ سنڌي بزنيس مئن به ان قسم جي ڳالهه ڪئي ته هُنَ بمبئي ۾ سندس آفيس جي هڪ ڪلارڪ کي آمريڪا اچڻ لاءِ ناڪام ڪوششون ڪندي ڏٺو ته آخر هن کان پڇيائين ”تون آمريڪا وڃڻ لاءِ ايڏو بي چين ڇو آهين؟“
هن وراڻيو: ”آئون دراصل اهڙي ملڪ ۾ رهڻ ٿو چاهيان جنهن جا غريب به ٿُلها هجن.“
بمبئي جي مٿين ڪلارڪ آمريڪا جي غريب عوام کي ضرور فلمن ۾ ڏٺو هوندو. آئون به پهريون دفعو نيويارڪ يا شايد بالٽيمور جي بندرگاهه ۾ آمريڪا جي ٿلهن متارن ۽ صحتمند مزدورن کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو هوس. هن کان اڳ چٽگانگ (بنگلاديش)، ڪولمبو (سري لنڪا) ۽ رومانيا، بلغاريا جهڙن ملڪن ۾ اتي جي ڏٻرن ۽ غريب مزدورن کي ڏسي چڪو هوس جيڪي ويچارا جهاز جي بورچيخاني جي بچيل سچيل ماني کائي ويلو ٽاريندا وتندا هئا ۽ هيڏانهن آمريڪا ۾ مزدورن چانهه به جهاز جي پيئڻ بدران، بندرگاهه جي ريسٽورنٽ مان پنهنجي لاءِ ايڪسپريسو ڪافيءَ جو آرڊر ڏنو ٿي. لنچ تي پنجن پيسز واري ڪينٽڪي چڪن جي باڪس ۽ ٺونٺ جيڏو ملڪ شيڪ گهرايو ٿي. ٻه ٽي دفعا اچڻ بعد آخر سندن پگهار جي پڇا ڪرايم ته خبر پيئي ته هِتي جي مزدورن جو پگهار به هِتي جي چڱي خاصي آفيسر برابر آهي ۽ هتي اسان جي ملڪن وانگر هر گهر جو فقط هڪ فرد نه پر هر ڀاتي ڪمائي ٿو ۽ ڪيترا ته ٻه ٻه نوڪريون به ڪن ٿا. اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ گهٽ پگهار واري مزدور، هيلپر، ڪلارڪ جو به اڍائي کان ٽي هزار ڊالر يعني (اٽڪل ٽي لک رپيا) پگهار آهي.
آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جا به ڪيترائي هم وطني جيڪو ڪم ملين ٿو اهو ڪن ٿا. ڪيترا ته ٻه ٻه نوڪريون به ڪن. هڪ مزدوريءَ جهڙي ته ٻي هڪ هنڌ ويهي ڪلارڪي ٽائيپ جي. ڪيترن ئي جون زالون به نوڪريون يا پورهيو ڪن ٿيون. ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۾، دڪانن ۾، ريسٽورنٽن ۾. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا ۾ مهانگائي آهي پر ايتري ناهي جيتري ڪمائي آهي. خاص ڪري کاڌي پيتي ۽ روز مرهه جون شيون: صابڻ، ٽُٿ پيسٽ، مختلف مشروب، بوٽ ڪپڙا وغيره ايترا مهانگا نه آهن ۽ ڪو خيال سان هلي ته هو وڏي بچت ڪري سگهي ٿو ۽ اسان جي ملڪ جهڙا ڪيترائي سمجھدار ۽ ضرورت مند ماڻهو هِتي اچي اڃان به وڌيڪَ سادگيءَ ۾ رهي، پنهنجي وطن يا هِتي ئي گهر گھاٽ اَڏرائي پنهنجي آئندي جي زندگي سکي ستابي ۽ خوشحال بنائي رهيا آهن. هو هِتي رهڻ مان فائدو وٺي پنهنجي ٻارن کي پنهنجي نظر هيٺ سٺن تعليمي ادارن مان تعليم ڏياري رهيا آهن، جيئن اڳتي هلي هنن جي ٻارن کي سٺي پگهار واري نوڪري ملي ۽ هنن وانگر گهڻي تڪليف ۽ جدوجهد نه ڪرڻي پوي. ساڳي وقت آمريڪا ۾ ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي ٻارن جي مستقبل يا آئندي جي زندگي جو سوچڻ بعد هو اڄ جي زندگي عيش ۾ گذارڻ چاهين ٿا. هنن لاءِ آمريڪا ۾ رهڻ جو واحد مقصد عيش ڪرڻ آهي ۽ هنن لاءِ عيش شراب، جوا، گهمڻ ڦرڻ ۽ عورت آهي. ۽ پوءِ اهڙي عياشيءَ لاءِ ته خزاني جا کوهه به کٽيو وڃن. اولاد تي ڌيان نه ڏيڻ تي اهي غلط راهه تي هليا وڃن ۽ اڳتي هلي اهي ٻار پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي والدين لاءِ مسئلن جا انبار ٿا پئدا ڪن.
آمريڪا جِتي مسجدون آهن، مندر آهن، مذهب آهي، اخلاق آهي، اعليٰ تعليمي ادارا آهن ته هنر سکڻ جا اسڪول آهن، اتي بداخلاقي ۽ ڇڙواڳي به آهي، برائي ۽ بڇڙائي به آهي، خرچڻ ۽ وقت برباد ڪرڻ جا به چشڪا آهن.
هُونءَ به چوندا آهن ته بدڪاري ۽ بڇڙائيءَ ۾ ڪشش آهي ۽ ويترا ڪيترا ٻار پنهنجي والدين کي غلط راهه تي هلندو ڏسي پاڻ به ان منزل جا مسافر ٿيو پون ۽ پوءِ جڏهن هڪ عمر اچي ٿي، جڏهن والدين وڏي عمر تي پهچي پنهنجي غلطي محسوس ڪن ٿا ته پوءِ هو ان وقت چاهين ٿا ته هنن ته پنهنجي زندگي برباد ڪري ورتي گهٽ ۾ گهٽ سندن اولاد ان راهه تي اڳتي وڌڻ بدران پٺيان موٽي. پر افسوس جو هنن کي اهو ئي نياپو ملي ٿو ته: It is too late!
آمريڪا Land of Opportunities فقط مردن لاءِ نه پر عورتن ۽ ٻارن لاءِ به آهي. ڪو به مرد پنهنجي زال کي گار گند يا مار موچڙو نٿو ڪري سگهي. اهو قانون اسان جي ملڪ ۾ به آهي پر ڪيتريون زالون آهن جن کي ان قانون جي خبر آهي؟ ۽ جن عورتن کي خبر آهي انهن مان ڪيتريون آهن جيڪي مڙسن جي ڏاڍ ظلم جي دانهن پوليس يا ڪورٽن ۾ پهچائين ٿيون؟ ۽ جيڪي پهچائين ٿيون انهن مان ڪيتريون آهن جن کي انصاف ملي ٿو؟ پر هِتي آمريڪا ۾ ٻي ڪهاڻي آهي. هتي غريب ۽ ڪمزور کي به انصاف نه فقط ملي ٿو پر ترت ملي ٿو. آمريڪا ۾ رهندڙ عورت کي فقط پوليس اسٽيشن تي هڪ فون ڪرڻو پوي ٿو يا سندس رڙيون ٻڌي پاڙي واري عورت به پوليس کي اطلاع ڪري سگهي ٿي. اسان جي هڪ موري پاسي جي همراهه پنهنجي زال سان گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ صحيح طرح نه هلڻ تي سندس زال جيڪا سندس ڳوٺ جي ۽ سوٽ ٿئي پوليس کي فون ڪيو ته پوليس مڙس کي کنڀي وئي. ٻئي ڏينهن هن کي ڪورٽ آڏو پيش ڪيو ويو ۽ ٽئين ڏينهن اسان ساڻس ملڻ لاءِ جيل ۾ وياسين. توهان سوچيندا هوندائو ته ڪهڙي ته زال آهي! ڇو جو اسان جنهن ماحول ۾ رهون ٿا، ان ۾ اسان جي دماغ ۾ اها ئي ڳالهه وهاري وئي آهي ته مڙس صاحب کي جيڪي وڻي اهو ڪري، زال ذات کي ٻڙڪ به ٻولڻو ناهي پر هِتي (آمريڪا) جو ماحول ٻيو آهي. مرد حضرات پاڻ ۾ تبديلي نه آڻيندو ته پوءِ اسان جهڙا هن جا دوست ساڻس ڇنڇر يا آچر ڏينهن جيل ۾ ئي ملڻ ويندا. توهان شايد اهو به سوچي رهيا هجو ته زال ماڻهو ٿي ڊِنِي به ناهي، سڀان مڙس جيل ڪاٽي اچي بدلو وٺيس ته ڇا ڪندي؟ پر اهو اسان وٽ ٿيندو آهي جِتي انصاف ڏکيو ٿو ملي ۽ پوليس حفاظت بدران ظلم ٿي ڪري. ”توکي ڏسي رهندس“ جهڙا ڊائلاگ ڪمزورن کي ڏڪائين ٿا. هِتي جيل وڃڻ کان اڳ يا پوءِ ڪو هٿ کڻڻ ته ڇا ان قسم جا ڊائلاگ به هڻي نٿو سگهي ڇو جو ان تي ڌمڪي ڏيڻ جو ڪيس ٿي سگهي ٿو ۽ ’مڙس پهلوان‘ جو وڌيڪَ سر وڃي سگهي ٿو.
پنهنجي ملڪ ۾ ته انصاف جي بالادستي نه هجڻ ڪري ۽ پوليس طرفان حفاظت نه ملڻ ڪري ڪو به ماڻهو اهو معلوم ڪرڻ جي به تڪليف نٿو وٺي ته هڪ عورت توڙي مرد کي ڪهڙا حق مليل آهن ۽ بنيادي حق کسجڻ تي هوءَ حڪومت خلاف به دانهين سگهي ٿي پر هِتي آمريڪا ۾، سنڌ ۽ پنجاب جي ڏورانهين ڳوٺن کان آيل عورتن کي به ٿورن ئي ڏينهن ۾ سندن هم زبان، هم وطن ۽ هم مذهب عورتون حقن بابت ٻڌايو ڇڏين ۽ هو اهڙو هوشيار ٿيو وڃن جو سندن مڙس حضرات پريشان ٿيو وڃن ته هي ته ڳوٺن جون رڍون هيون ۽ جن ٽنڊي ٺوڙهي يا راڻيپور گمبٽ ۾ ته پنهنجي شرابي مڙس جا موچڙا کائي به صبر ٿي ڪيو ۽ ان مڙس جي مار موچڙي ۽ گار گند کي به پنهنجو نصيب ٿي سمجھيو سي هاڻ هِتي اچي دڙڪا ڏيڻ لڳيون آهن ته ”خبردار جو عورت ذات تي هٿ کنيو اٿئي“، ۽ ”هي گهر آهي يا بار يا پب ناهي جو تون نشي ۾ ڌت ٿي اچين ٿو.“
اهو ئي سبب آهي جو ڪيترا ڏنگا مڙس اهو ئي چاهين ٿا ته سندن زالون هِتي آمريڪا ۾ رهڻ بدران ڳوٺ هلي رهن ۽ آمريڪا ۾ عورتن جي حقن جي پوئواري ۽ انصاف ملڻ ڪري ورلي ڪا عورت پنهنجي وطن ورڻ جو نالو وٺي ٿي. ڪن حالتن ۾ ته مرد حضرات نيڪ نيتي سان وطن واپسي هلڻ چاهين ٿا ته به سندن زالون چون ٿيون ته، ”اسين هِتي ئي رهنديونسين.“
هڪ ٻه نه پر ڪيترن ئي هم وطني مرد صاحبن کان اهو ٻڌم ته هاڻ هنن کي آمريڪن پاسپورٽ ملي ويو آهي، هنن آمريڪا ۾ ڏهه يا ويهه سال گذاري خوب ڪمايو آهي ۽ هاڻ هُو پنهنجي وطن هلي سڪون جي زندگي گذارڻ چاهين ٿا. اتي هلي ڪاروبار ڪرڻ چاهيون ٿا، اولاد به وڏو ٿي ويو اٿن خاص ڪري نياڻي ٻارن جي پريشاني اٿن جو آمريڪا جو ماحول ڇوڪرين لاءِ سٺو ناهي وغيره وغيره ۽ پوءِ منهنجي پڇڻ تي ته، ”هو وڃن ڇو نٿا؟“، ته تقريباً سڀني ساڳيو جواب ڏنو ٿي ته سندن زالون ۽ ٻار وطن واپس نٿا هلڻ چاهين. هو آمريڪا ۾ ئي رهڻ پسند ڪن ٿا ۽ اسان سندن مٿان زور زبردستي به نٿا ڪري سگهون جو هو به اسان وانگر آمريڪا جو پاسپورٽ رکندڙ آهن ۽ هو به هن ملڪ جا شهري آهن ۽ ساڳيا حق رکن ٿا ۽ اسان خلاف رپورٽ ڪرڻ تي حڪومت هنن جي ٻڌندي ۽ ويتر اسان جي هٿن مان نڪري ويندا.