هُوءَ اڄ رات دير سان موٽندي
عورتن وانگر آمريڪا ۾ ٻارن جا به حق آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪوبه پنهنجي ٻار کي مار يا دڙڪو نٿو ڏئي سگهي. ان لاءِ نه فقط ٻار يا پاڙي واري پوليس کا اطلاع ڪري سگهي ٿو پر اسڪول جي ٽيچر به ان ظلم خلاف ٻار جي مدد ڪري سگهي ٿي. بلڪه هر ٽيچر کي پڙهائڻ کان علاوه اها به ڊيوٽي ڏنل آهي ته هُوءَ ٻارن کان پڇندي رهي ته هنن جا والدين يا گارجِيَن هنن کي تڪليف ته نٿا ڏين. 18 سالن بعد ته هر ٻار خود مختيار آهي. جيڪڏهن هو سڄي رات ڪنهن پب ۾ ويهي شراب پيئي يا گرل فرينڊ سان ڪنهن هوٽل ۾ رات گذاري ته هن جا والدين هن کي ڪجهه به چئي نٿا سگهن. ذرا انهن پيئرن جو سوچيو جن پاڻ اهي ڌنڌا ڪيا اهي ته پنهنجي اولاد کي نصيحت طور به سمجھايو نٿا سگهن جو هنن کي اولاد طرفان ــــ پٽ هجي يا ڌيءَ، اها ئي ورندي ملي ٿي ته:
“Papa this is my life. You enjoyed your life. Now let me enjoy my life.”
ان جو مطلب اهو به ناهي ته آمريڪا ۾ جيڪي ماڻهو رهن ٿا انهن جا ٻار اهڙا آهن. ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي آمريڪا جهڙي مغربي سوسائِٽيءَ ۾ رهي به پنهنجو مذهب پنهنجو ڪلچر ۽ پنهنجا قدر قائم رکندا اچن. هو پاڻ به صاف سٿري زندگي گذاري رهيا آهن ته پنهنجن ٻارن کي به پنهنجي نظرن هيٺ رکي هنن کي ننڍي هوندي کان سٺائيءَ ۽ برائيءَ جو فرق سمجھائي رهيا آهن. هو پنهنجو وقت ۽ ڌيان ٻارن ڏي ڌرين ٿا ۽ هنن کي مغربي ماحول ۾ رکي جِتي مغرب جي سٺائين مان فائدو وٺڻ جي تلقين ڪن ٿا اتي پنهنجي وطن جي اعليٰ قدرن کان به آگاهه ڪندا رهن ٿا، پوءِ اهي چاهي اسان جي ملڪ جا مسلمان هجن يا هندو، عيسائي هجن يا پارسي.
آمريڪا ۾ ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن موڪل ٿئي ٿو. اهو ڏسي مون کي تعجب لڳو ته اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ماڻهو اهي ٻه ڏينهن آرام ڪرڻ بدران پنهنجي ٻارن کي ڀر واري مسجد يا اسلامڪ سينٽر ۾ وٺي وڃن ٿا، جِتي هو ديني تعليم حاصل ڪن ٿا. هُو ٻارن کي ڇڙواڳ ڇڏڻ بدران موڪل وارن ڏينهن تي هنن کي پاڻ سان گڏ پڪنڪ يا ٻي ٽرپ تي وٺي وڃن ٿا. ڪيتريون ئي هِتي وڏيون توڙي ننڍيون ڇوڪريون حجاب اوڍين ٿيون ۽ هو اهڙن سان شادي ڪرڻ چاهين ٿيون، جيڪي مذهبي خيالن جا آهن، جيڪي اخلاقي قدرن جي پيروي ڪن ٿا، پر ڪي ٻار ته وري هيڪاندو ڇڙواڳ ٿي ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي هڪ دوست جي پٽ جو ڪنهن هم وطني جي ڌيءَ سان رشتو طئه ٿيڻ وارو هو. ڇوڪريءَ جي والدين پنهنجي ڌيءَ کان ان بابت راءِ ورتي. هن فون کڻي سنئون سڌو اميدوار گھوٽ کي چيو: ”ڳالهه ٻڌ! نماز وغيره مون کان نه پڙهي ٿيندي، متان شاديءَ بعد مون لاءِ مولوي بنجڻ جي ڪوشش ڪرين. ۽ نمبر ٽُو... آئون هينئر به ٽائيٽ جينز پايان ٿي شادي بعد به اهي ڪپڙا پائيندس متان اهو سمجھين ته آئون شلوار پائينديس.“
بهرحال ان قسم جي ڳالهه کي توهان ڪڻو سمجھي باقي ان قسم جي آمريڪا ۾ رهندڙ ڇوڪرين جي ديڳ جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. ڪيتريون اسان جون ديسي ڇوڪريون، ويندي عرب ملڪن ۽ ايران جون، ڊرنڪ به ڪن ٿيون، جنهن کي هو عيب نٿيون سمجھن. ڪجهه اهڙين ڇوڪرين جي والدين مون سان دل جو حال ونڊيندي بيحد ڏک جو اظهار ڪيو ته هنن جو اندر ڪٽجيو وڃي جڏهن هو پنهنجين نياڻين کي بئاءِ فرينڊس سان گڏ اڪيلو ويندو ڏسن ٿا. مائٽن جي سمجھائڻ تي هو ويتر ناراض ٿيو وڃن. اهڙي طرح اسان جي ڪجهه ديسي همراهن جا پٽ به هٿن مان نڪري ويا آهن. آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ جِتي هڪ کان هڪ اعليٰ تعليمي ادارا آهن، ان ملڪ ۾ رهي ڪري به هو ڪا تعليم حاصل ڪري سٺي نوڪري نه وٺي سگهيا آهن. ماءُ پيءُ جي بي ڌيانيءَ ڪري هنن ۾ خراب عادتون پئجي ويون آهن ۽ هاڻ هُو پنهنجي ماءُ پيءُ لاءِ به آزاد بڻجي چُڪا آهن ۽ ڪن مائٽن هاڻ انهن پنهنجن کريل ٻارن کي سڌارڻ لاءِ اهو طريقو ڪڍيو آهي، بلڪه انوکو طريقو ڪڍيو آهي ته انهن جي شادي پاڪستان مان ڪنهن امير گهر مان ڪرائي اهو نڪمو ڇوڪرو انهن جي مٿي ۾ هڻي ڇڏجي. پاڪستان ۾ رهندڙ همراهه ته اهو ئي سوچيندو ته آمريڪن سٽيزن ڇوڪرو الائي ڇا هوندو؟! پر پوءِ شادي بعد ڄاڻ پوي ٿي ته اهو نه پڙهيل آهي نه ڪمائي ٿو، نه پنهنجو گهر اٿس نه ڪو ڌنڌو ڌاڙي ۽ کين ئي پنهنجي ڇوڪريءَ کي هر مهيني خرچ لاءِ پئسو موڪلڻو پوي ٿو. پر هاڻ ان قسم جا ڪيترائي ڪيس ٿيڻ بعد وطن جا ماڻهو به هوشيار ٿي ويا آهن ۽ هو سمجھڻ لڳا آهن ته آمريڪا ۾ رهندڙ هر ماڻهو پڙهيل ڳڙهيل، وڏي نوڪري وارو ۽ امير نه آهي.
اهڙي طرح هڪ ٻيو فراڊ به عام آهي. آمريڪا ۾ ڪيترائي اهڙا ديسي همراهه آهن جن کي اٺ ڏهه سال رهڻ جي باوجود پاسپورٽ ته ڇا پر گرين ڪارڊ به نه ملي سگهيو آهي. هو غير قانوني طرح هِتي لڪ ڇپ ۾ رهيا پيا آهن. پر هاڻ نائن اليون کانپوءِ هنن لاءِ هِتي وڌيڪَ رهڻ ڏکيو ٿيندو وڃي. اهي ڪي پڙهيل يا سٺي نوڪري ۾ به نه آهن ۽ پنهنجي وطن موٽڻ تي هنن کي ٽن چئن هزار روپين واري ڪا ڪلارڪي به نه ملي سگهندي. سو پنهنجو مستقبل روشن ڪرڻ لاءِ ۽ ٻين تي بار ٿيڻ لاءِ، هو پنهنجي وطن مان شادي ڪن ٿا جن جي بندوبست لاءِ ڪراچي، حيدرآباد کان سکر ملتان تائين ڪيتريون ئي شادي ڪرائڻ جون ايجنسيون ٺهي پيون آهن ۽ ڪيتريون ئي عورتون آمريڪا جي ڇوڪرن جي واکاڻ ڪري امير گهرن مان شادي ڪرائين ٿيون ۽ پوءِ شاديءَ بعد ڇوڪرو ڇوڪريءَ کي آمريڪا وٺي وڃڻ بدران پاڻ ڇوڪريءَ جي گهر اچيو ٺڪاءُ ڪري.
پر سڀ کان ڏکوئيندڙ ڳالهه انهن والدين جي آهي جيڪي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجي گهر جو سک چين وڃايو ڇڏين. اسان جا ڪيترائي ماڻهو آمريڪا يا ڪئناڊا ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. هو هر طرح سان پنهنجي قسمت آزمائين ٿا جيئن هنن کي Immigrant ويزا ملي وڃي. هونءَ ته آمريڪا لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هو پر هاڻ ته لاٽري سسٽم به بند ٿي ويو آهي. بهرحال ست اٺ سالن تائين ڪئناڊا ۾ رهڻ تي ويزا سولائيءَ سان ملي وئي ٿي ۽ ڪيترائي پاڪستاني آمريڪا جي ويزا نه ملڻ تي ڪئناڊا جي ئي وٺندا رهيا، جيئن ڪجهه سال اتي رهڻ بعد سولائي سان آمريڪا ۾ رهائش جي ويزا ملي وئي ٿي. پر پوءِ پاڪستانين کي پاڪستان مان apply ڪرڻ تي نٿي ملي يا ڪنهن ڪنهن کي ٿي ملي تنهن تي هو ٻين ملڪن مان، خاص ڪري سريلنڪا مان apply ڪرڻ لڳا. هاڻ ته اهڙي حالت ٿي وئي آهي جو ڪئناڊا جي ويزا ملڻ تي ڪئناڊا ۾ چار چار پنج پنج سال رهڻ بعد مس مس ڪئناڊا جو پاسپورٽ (citizenship) ٿو ملي جيڪو هونءَ پهرين سال اندر ملي ويو ٿَي ۽ جن کي ڪئناڊا جو پاسپورٽ ملي ٿو انهن لاءِ آمريڪا ۾ هاڻ اچڻ يا رهائش اختيار ڪرڻ آسان نه رهيو آهي. بهرحال هو ان کي به خوش قسمتي سمجھن ٿا ته هنن وٽ ڪئناڊا جو ته پاسپورٽ آهي ۽ هو ٻاهر جي دنيا ۾ پاڪستاني سڏجرائڻ بدران ڪئناڊين سڏرائين ٿا.
”ان جا ڪيترائي فائدا آهن“. آمريڪن يا ڪئناڊين پاسپورٽ رکندڙ پاڪستاني ٻڌائين ٿا. انهن فائدن مان ڪجهه هِتي لکندو هلان:
• هو ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ آساني سان وڃي سگهن ٿا. جنهن وقت هنن کي وڻي ته هو سنگاپور، انڊيا ۽ جپان ويندي ڪويت، سعودي عرب، دبئي ۽ ٻين عرب ۽ يورپي ملڪن ۾ وڃي سگهن ٿا. هڪ پاڪستاني جي صورت ۾ هن کي انڊيا ۽ بنگلاديش جهڙي ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ به ويزا لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي.
• ڊگري کڻي پاڪستاني هجي پر ڪئناڊا يا آمريڪا جي پاسپورٽ تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ نه فقط سٺيون نوڪريون پر وڌيڪ پگهار سان مليو وڃن.
• ڌارئين ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف درپيش اچي ٿي ته نه فقط آمريڪا يا ڪئناڊا جي ان ملڪ ۾ موجود ايمبسي مدد ڪري ٿي پر مقامي حڪومت به واهر ڪري ٿي. هڪ پاڪستاني پاسپورٽ واري کي نه پنهنجا مدد ڪن ٿا نه پراوا ـــ بلڪه هن کي هرڪو شڪ جي نِگاهه سان ڏسي ٿو.
• ڪئناڊا يا آمريڪا جهڙي ملڪ جو پاسپورٽ حاصل ڪري پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ رهڻ ۾ وڏو رعب آهي. ان جو وڏو خيال ڪيو وڃي ٿو جو پاڪستان جهڙن ملڪن جون حڪومتون ۽ انهن جا ادارا آمريڪا جهڙن ملڪن کان ڊڄن ٿا ۽ کين هر وقت خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ رهن ٿا ۽ هو نٿا چاهين ته ان پاڪستانيءَ کي هروڀرو تنگ ڪجي جنهن وٽ ڪئناڊا يا آمريڪا جهڙي ملڪ جو پاسپورٽ آهي..... وغيره وغيره
آمريڪا يا ڪئناڊا ۾ جيڪي اسان جي ملڪ جا رهن ٿا انهن ۾ گهڻائي انهن جي آهي جيڪي روزگار جي ڪري آيا آهن. هنن کي پنهنجي تعليم ۽ هنر مطابق پنهنجي ملڪ ۾ سٺي نوڪري يا پورهيو نه ملي سگهيو جنهن مان هو پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالي سگهن. هو هِتي محنت ڪري ڪمايل پئسو بچائين ٿا. ڪيترا ته ٻه ٻه نوڪريون يا اوور ٽائيم به ڪن ٿا جيئن گهڻي کان گهڻو پئسو بچائي پنهنجي وطن سک جي زندگي گذاري سگهن. انهن مان ڪي اڪيلا هِتي رهن ٿا ۽ ٻارن کي پاڪستان ۾ ئي رکيو اٿن جيئن خرچ بچي سگهي. ڪي ٻارن ٻچن سان گڏ رهن ٿا ۽ سندن زالون به ڪم ڪن ٿيون. هنن کي پنهنجي گهر ٻار ۽ مستقبل جو فڪر رهي ٿو. هو اجايو سجايو پئسو وڃائڻ ۽ دعوتن پٺيان خرچ ڪرڻ بدران، خيال سان خرچ ڪن ٿا ۽ ٻارن تي به نظر رکن ٿا جيئن هنن کي پنهنجي مذهب ۽ ڪلچر سان لڳاءُ رهي ۽ سڀاڻي وطن موٽي هلجي ته به هنن جا ٻار adjust ٿي سگهن.
آمريڪا ۾ باقي رهندڙ پاڪستانين ۾ ڪجهه اهڙا آهن جيڪي ڪمائين به چـڱو ٿا پر سڀ خرچ ڪريو ڇڏين. هو مستقبل جي باري ۾ گهڻو غور ويچار نٿا ڪن ۽ نه پنهنجن ٻارن تي ڌيان ڌرين ٿا. هو سمجھن ٿا ته هو آمريڪا اچي ويا آهن اهو ئي ڪافي آهي. ٻار پاڻ ئي پيا پڙهندا. جيئن پاڪستان ۾ به ڪيترا والدين پنهنجي ٻارن جي پڙهائيءَ جو خيال نٿا ڪن. سندن پيءَ ته کڻي نوڪرين پٺيان مشغول ٿيا پر مائرون هائوس وائيف هوندي به کانئن ايترو نٿو پڄي ته هُو روز جو روز پنهنجي ٻارن کان پڇن ته اسڪول ۾ ڇا ڪيانوَ، ڪهڙو هوم ورڪ مليو، ٻارن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيانوَ.... وغيره وغيره. تيئن هِتي آمريڪا ۾ به ڪجهه مائرن جو ڪم فقط فون تي ڪچهري ڪرڻ، ٽي وي ڏسڻ، شاپنگ ڪرڻ ۽ دعوتون ڪرڻ آهي باقي پنهنجن ٻارن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ هڪ منٽ به فرصت ناهي.
هنن کي اها توفيق ناهي جو هو کڻي پنهنجي ٻارن کي سٺائي ۽ خرابي بابت آگاهه ڪن. هو پاڻ به آمريڪا اچي پنهنجو پراڻو ڪلچر ۽ خانداني قدر وساري چڪا آهن. وقت گذرندي ويرم نٿي لڳي. هڪ ڏينهن هنن جا ٻار جوان ٿيو وڃن ۽ پوءِ هنن جون وايون بتال ٿيو وڃن جڏهن هڪ سهاني ۽ ٿڌڪار واري شامَ جو سندن ڪو ٻارُ، خاص ڪري جوان ڌيءَ، هنن کي اطلاع طور اهو ٻڌائي گهر کان ٻاهر نڪري ٿي ته هُوءَ اڄ رات دير سان موٽندي جو هن جو بُئاءِ فرينڊ هن کي ڀر وارو شهر گهمائڻ پيو وڃي.