سفرناما

آمريڪا ڙي آمريڪا

هن ڪتاب ’آمريڪا ڙي آمريڪا‘ ۾ سائين الطاف شيخ، آمريڪا ۽ ان جي شھرن، ندين نالن، سمنڊن، آمريڪا جي تاريخ، آمريڪا ۾ ھلندڙ غلاميءَ، ماڻھن جي طبيعتن، سوچ و فڪر سميت هر پھلوءَ تي قلم کنيو آهي ۽ ڪتاب کي هڪ وڻندڙ سفرنامو هئڻ سان گڏ  تحقيق نامو يا تاريخ نامو بڻائڻ ۾ ڪا ڪَسَر ڪونھي ڇڏي. ڪتاب ۾ آمريڪا بابت لکيل ٻن تازن سفرنامن پير تاج محمد قريشيءَ جي” پرديس ٿيو ديس پنھنجو“ ۽ منصور ٿلھي جي ”آڏيءَ کان البني تائين“ تي لکيل مھاڳ پڻ شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آمريڪا ڙي آمريڪا

آمريڪا جي ٻولي ۽ نديون نالا

آمريڪا جي ٻولي ۽ نديون نالا

بھرحال هي سڀ ڳالهيون ان تان نڪتيون ته ڏور ولايت جا ٻيا ملڪ به آهن: سعودي، ڪويت، ويٽنام، ترڪي، برما وغيره پر يارو آمريڪا واقعي ڏور آهي ۽ ان ڏي سفر ٿڪائي ٿو. پاڻيءَ جو جھاز هلائڻ مھل ائٽلانٽڪ سمنڊ مٿان ڪنھن هوائي جھاز کي اڏامندو ڏسندو هوس ته چوندو هوس ته هوائي جھاز هلائڻ وارا توڙي ان ۾ سوار مسافر خوش نصيب آهن جو جلد ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي آمريڪا پھچيو وڃن. پر پوءِ نوڪري ڇڏڻ بعد هوائي جھاز ۾ آمريڪا يا ويندي جپان وڃڻ ٿيو ته احساس ٿيو ته هوائي سفر به کائي ٿو. پاڻي واري جھاز ۾ ته وري به گهر وانگر هلجي چلجي ٿو، ۽ وقت پاس ٿيو وڃي، پر هوائي جھاز ۾ جيڪو ٻارهن ڪلاڪ ڪلفيءَ وانگر ان جي سيٽ جي سانچي ۾ سُڪ ٿي وهڻو پوي ٿو، سو توبنھن ڪرايو ڇڏي!
آمريڪا مان هتي منھنجو مطلب فقط USA يا ڪئناڊا نه آهي پر سڄو اتر ۽ ڏکڻ کنڊ آهي، جنھن ۾ برازيل، ڪولمبيا، چلي، وئنزوئلا، اِڪئيڊار جھڙا ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ به اچن. ٿا، ته گئاٽمالا، پاناما، ميڪسيڪو، نڪراگئا، جھڙا وچ آمريڪا جا ملڪ به اچي وڃن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هتي اسان اتر آمريڪا کنڊ جي فقط هڪ ملڪ USA (يونائٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا) جي ئي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ۽ هتي آمريڪا لکڻ مان منھنجو مطلب فقط USA (متحده رياستھاءِ آمريڪا) آهي، جنھن جون 50 رياستون آهن، جيئن ته :فلوريڊا، ٽيڪساز، نيو ميڪسيڪو، جارجيا، مِشيگان، ڪولوراڊو، ڪئليفورنيا وغيره. سچ ته اهو آهي ته اهي رياستون خيرپور ميرس جيڏيون نه آهن، پر هرهڪ سنڌ صوبي کان به وڏي آهي. هوائي (Hawaii)، ٽيڪساز ۽ ڪئليفورنيا جھڙيون رياستون ته تقريبن اسان جي ملڪ پاڪستان جيڏيون آهن.
روس ۽ ڪئناڊا بعد آمريڪا (USA) دنيا ۾ ٽيون نمبر وڏو ملڪ آهي. سندس پکيڙ 37,94,080 چورس ميل يعني 98,26,630 چورس ڪلوميٽر آهي. اسان جو ملڪ پاڪستان ته ڇا پر ان جو ننڍو صوبو سنڌ به هُونءَ ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن: جارڊن، آسٽريا، ڊئنمارڪ، اسرائيل، بيلجم، لبنان، البانيا ۽ سئٽزرلئنڊ وغيره کان گهڻو وڏو آهي، پر آمريڪا سان ٿو ڀيٽجي ته پاڪستان جي ايراضي 8،82،000 چورس ڪلوميٽر هجڻ جي باوجود اهو يارهن ملڪن برابر آهي ۽ سنڌ جي پکيڙ 1،41،000 چورس ڪلوميٽر هجڻ ڪري آمريڪا (USA) مان سنڌ صوبي جيڏا 70 صوبا ٺھي سگهن. سو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته USA ڪيڏو وڏو ملڪ آهي. نه رڳو وڏو آهي پر پاڪستان وانگر منجهس جبل، ماٿريون، سڌا پٽ، ريگستان، نديون، ڍنڍون، سامونڊي ڪنارا ۽ مختلف موسمون هجڻ ڪري هتي هر قسم جو اناج ۽ ميوا ڀاڄيون ٿيون ٿيون. سندس زمين معدني ڌاتن سان مالامال آهي. سندس بھترين سياسي ۽ انتظاميا گورننس، تعليمي نظام، صحت جون سھولتون ۽ عدل انصاف ۽ مذهب جي آزادي هجڻ ڪري دنيا جي هر ملڪ جو ماڻهو هتي رهڻ چاهي ٿو. ويندي اسان جي ملڪ جا مُلان ۽ ڪٽر ايراني جيڪي ڏينھن رات آمريڪا کي گاريون ڏين ٿا، اهي به پنھنجي اولاد جي تعليم، روزگار، پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۽ پنھنجي علاج لاءِ لاٽري سسٽم ذريعي يا ٻين طريقن سان آمريڪا ۾ اچن ٿا.
آمريڪا، ايراضيءَ ۾ اسان جي ملڪ کان يارهن دفعا وڏو آهي، پر آدمشماري اسان جي ملڪ جي لڳ ڀڳ اٿس. پاڪستان جي آدمشماري 227 ملين آهي ۽ آمريڪا جي 330 ملين آهي.
آمريڪا (يو ايس اي) جي سرڪاري طرح قومي ٻولي انگريزي ۽ ٻئي نمبر تي اسپيني آهي. اسڪولن ۾ انگريزيءَ سان گڏ هسپانوي (Spanish) به پڙهائي وڃي ٿي، جيئن ڪئناڊا ۾ انگريزيءَ سان گڏ فرينچ آهي. باقي آمريڪا، وچ ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۾، سرڪاري زبان هسپانوي آهي سواءِ برازيل جي، جتي پورچوگالي آهي ۽ سرينام ۾ انگريزي ۽ ڊَچ آهي.
هر ملڪ ۾ ندين کي وڏي اهميت ٿئي ٿي. آمريڪا ندين سان ڀريو پيو آهي. ڪي ته ايڏيون ڊگهيون ۽ تار وهن ٿيون جو انهن مان اڄ جا وڏا جھاز لنگهيو وڃن، جيئن ’نِيُواورلِيَنس‘ جھڙن بندرگاهن ۾ پھچڻ لاءِ اسان کي هڪ سؤ کن ڪلوميٽر ’مسِيسِپي نديءَ‘ ۾ اندر داخل ٿيڻو پوي ٿو، سمجهو ته جيئن اسان جي سنڌو نديءَ ۾ جڏهن پاڻي هو ۽ بئراجون ۽ پليون نه ٺھيون هيون ته ولايت کان ايندڙ ٻيڙا عربي سمنڊ لتاڙي ڪوٽڙي ۽ سکر جھڙن بندرگاهن ۾ پھچڻ لاءِ هنن کي سنڌو نديءَ ۾ داخل ٿيڻو پيو ٿي.
سنڌو ندي 3180 ڪلوميٽر يعني 1980 ميل ڊگهي آهي، جيڪا تبت مان شروع ٿي، ڪشمير جي لداخ ۽ گلگت، بلتستان صوبن مان ٿيندي، ننگا پربت (ديامير) جيڪو دنيا ۾ نائين نمبر تي وڏو جبل آهي، ان وٽان ڦيرو کائيندي پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ سڄو ملڪ لتاڙي ڪراچيءَ جي ويجهو عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
آمريڪا جي ننڍين ندين کي ڇڏي ڏجي ته به چاليھه کن وڏيون نديون آهن، جن مان ست نديون بين الاقوامي بارڊر ٽپن ٿيون، جيئن ته ’يوڪان‘ ۽ ’ڪولمبيا‘ نديون ڪئناڊا مان شروع ٿي، آمريڪا ۾ داخل ٿين ٿيون. يوڪان ندي ڊيگهه ۾ 3190 ڪلوميٽر ٿيندي يعني اسان جي سنڌو نديءَ جيڏي ٿئي، جيڪا ڪئناڊا کان آمريڪا جي الاسڪا رياست ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ برنگ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ڪولمبيا ندي 2000 ڪلوميٽر (1243 ميل) ڊگهي ٿيندي، جيڪا ڪئناڊا جي راڪي جبلن جي سلسلي مان نڪري آمريڪا جي واشنگٽن رياست ۾ داخل ٿئي ٿي، جتان پوءِ اوريگان رياست مان لنگهي پئسفڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
اهڙي طرح ٽي اهڙيون نديون آهن، جيڪي USA مان شروع ٿي ڪئناڊا ۾ داخل ٿين ٿيون، جيئن ته ’مِلڪ ندي‘ (آمريڪا جي مونٽانا رياست مان شروع ٿي ڪئناڊا جي صوبي البرٽا ۾ اچي ٿي)، ’سينٽ لارينس ندي‘ ۽ ’ڳاڙهي (Red) ندي‘.
ٻه اهڙيون نديون آهن جيڪي آمريڪا مان شروع ٿين ٿيون ۽ ميڪسيڪو وٽ ڇوڙ ڪن ٿيون ۽ بارڊر به ٺاهين ٿيون. انهن مان هڪ 2330 ڪلوميٽر (1450 ميل) ڊگهي ’ڪولوراڊو ندي‘ آهي، جيڪا ڪولوراڊو رياست جي راڪي جبلن مان شروع ٿي، آمريڪا جي ستن رياستن مان گذري، وچ آمريڪا جي ميڪسيڪو وٽ پھچي ٿي. ٻي ’رِيَوگرانده‘ (Rio Grandee) آهي، جيڪا 3051 ڪلوميٽر (1896 ميل) ٿيندي. هيءَ ندي ڪولوراڊو رياست مان شروع ٿي ’ميڪسيڪو نار‘ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اهڙي طرح ’مسِيسِپي‘ ۽ ’مسوري‘ نديون آهن، جن جي ڊيلٽا جو ڪجهه حصو ڪئناڊا ۾ پڻ آهي ۽ ’گيلا‘ (Gila) ندي جيڪا پڻ آمريڪا ۾ وهي ٿي پر هن جي ڊيلٽا جو ڪجهه حصو وري ميڪسيڪو ۾ اچي ٿو.
مسِيسِپي ندي 3770 ڪلوميٽر (2340 ميل) ڊگهي ندي آهي، جيڪا آمريڪا جي اتراهين رياست منيسوٽا مان شروع ٿي، ڪيترين ئي رياستن مان لنگهي ڏکڻ ۾ گلف آف ميڪسيڪو (ميڪسيو نار) سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. نيو اورلينس، بئٽن روگ، وڪسبرگ، گرين وائيل جھڙن شھرن لاءِ اسان کي جھاز هن نديءَ اندر وٺي اچڻو پوي ٿو.
آمريڪا جي مسوري ندي اتر آمريڪا کنڊ ۾ ڊگهي ۾ ڊگهي ندي آهي ۽ 3767 ڪلوميٽر (2341 ميل) ٿيندي، هيءَ ندي مسوري رياست جي شھر سينٽ لوئيس وٽ مسي سپي نديءَ سان ملي ٿي، جيئن الھه آباد وٽ جمنا ندي گنگا سان ملي ٿي.
اهڙي طرح آمريڪا جي ’هڊسن ندي‘ آهي، خاص ڪري اسان جھاز هلائڻ وارن جي دلپسند ندي. نيويارڪ يا نيوجرسي رياست جي ڪنھن بندرگاهه ۾ وڃڻو هوندو آهي ته ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي هن نديءَ جي منھن وٽ يعني جتي اها ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿي، اسان پنھنجي جھاز جو لنگر اچي اتي ڪيرائيندا آهيون، جنھن جي هڪ پاسي نيويارڪ آهي ته ٻئي پاسي نيوجرسيءَ جو بندرگاهه نيوارڪ. هڊسن نديءَ ۾ داخل ٿيڻ سان نيويارڪ رياست جا ٻيا بندرگاهه اچن ٿا. هڊسن ندي 510 کن ڪلوميٽر يعني 315 ميل ڊگهي آهي.
1609ع ۾ ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ هينري هڊسن نالي هڪ انگريز ناکئي (Navigator) کي آمريڪا جي نون علائقن جي کوجنائن ۽ قبضي ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. هو هن نديءَ اندر جھاز کي وٺي ويو، جنھن تي بعد ۾ هن جو نالو هڊسن پيو. هڊسن نديءَ جي ڇوڙ وٽ جيڪي ٻيٽ هئا، ان جو هن ڊَچن جي يورپ واري شھر ائمبسٽرڊام تان ’نيو ائمسٽرڊام‘ نالو رکيو، جيڪو پوءِ نيو يارڪ سڏجڻ لڳو. مٿين وڏين ندين کان علاوه آمريڪا ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون نديون آهن، جن جو تعداد 25 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي، جيئن اسان وٽ سنڌو نديءَ کان علاوه ٻيون به ڪيتريون نديون آهن، جيئن ته پنجند، ستلج، جھلم، پونڇ، ڪنهڙ، نيلم، تاوي، گومل، ذهوب، قنڌار، ڪرم، ٽوچي، سون، سوات، پنجڪورا، بارا، ڪنار، هنزه وغيره وغيره. ڪي ته بارش جي موسم ۾ وهن ٿيون. جيئن ته دشت، ڪيچ، هنگول، حب، اورنگي جو نالو، لياري وغيره.