يورپي ماڻهو، مذهبي ظلمن کان ڀڄي به آمريڪا آيا
آمريڪا (USA) جي گادي جو شھر ’واشنگٽن‘ آهي. آمريڪا جي 50 رياستن ۾ هڪ واشنگٽن نالي رياست پڻ آهي، پر هي گادي وارو شھر ’واشنگٽن D.C‘ سڏجي ٿو، يعني ’ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا‘. هي شهر ’پوٽو مئڪ نديءَ‘ جي ڪناري تي ورجينيا ۽ مئري لئنڊ رياستن ڀرسان آهي. آمريڪا جي پھرين صدر جارج واشنگٽن نالي هي شھر آهي ۽ فيڊرل ضلعو ڪولمبيا نالي آهي.
آمريڪا جي سڄي تواريخ ۾ هي ملڪ ٻاهران آيل ماڻهن جو گهر سمجهيو وڃي ٿو جتي دنيا جي مختلف ملڪن جا ماڻهو سٺي روزگار ۽ خوشحال زندگيءَ جي آسري ۾ اچن ٿا.
آمريڪا_يعني يو ايس اي ڇھن حصن (Regions) ۾ ورهايل آهي: ’نيو انگلينڊ‘، ’مڊ ائٽلانٽڪ‘، ’سائوٿ‘، ’مڊويسٽ‘، ’سائوٿ ويسٽ‘ ۽ ’ويسٽ.‘
يورپي ماڻهو مذهبي آزاديءَ خاطر نيو انگلنڊ وارين رياستن: ڪنيڪٽيڪٽ، مائين، ماساچوسيٽس، نيو همپشائر، رهوڊي آئلنڊ ۽ ورمانٽ ۾ اچي رهيا. پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته آمريڪا کنڊ جي ڳولا بعد يورپ جي ماڻهن آمريڪا جو رخ ڪيو هو پوءِ ڪن نئين دنيا جي معلومات (Exploration) ته ڪن زمينن تي قبضو ڪري ڳني (ڪماند)، ڪپهه ۽ تماڪ جھڙين پوکن خاطر ته ڪن معدني شيون خاص ڪري سونَ ۽ چاندي حاصل ڪرڻ لاءِ. آمريڪا لڏي اچڻ وارن ۾ ڪي اهڙا به هئا خاص ڪري انگلنڊ پاسي جا جيڪي پنھنجي مذهب جي بچاءَ خاطر پنھنجو وطن ڇڏي آمريڪا آيا، جيئن هُو آزاديءَ سان پنھنجي مذهب جي پيروي ڪري سگهن. انهن ۾ توهان پيوريٽن جو نالو اڪثر ٻڌندا. هُو آمريڪا جي نيو انگلنڊ وارين رياستن ۾ اچي رهائش پذير ٿيا.
دراصل عيسائي مذهب جي ٻن وڏن فرقن ’پروٽيسٽنٽ‘ ۽ ’رومن ڪئٿولڪ‘ کان علاوه ٻيون به انهن جون ڪيتريون ئي شاخون آهن، جيئن ته ’سيونٿ ڊي ايڊوينٽسٽ‘، ’ائنگليڪن‘، ’پريسبائيٽيريا‘، ’ڪُئيڪرس‘ (جيڪي فلاڊلفيا ۾ رهن ٿا)، ’سيڪرس‘، ’ڪئلونسٽ‘، ’رئنٽرس‘، ’ليولرس‘ وغيره. اهڙي طرح هڪڙا ’پورينٽس‘ به آهن. 1500ع ۾ انگلنڊ وارن رومن ڪئٿولڪ چرچ (ڪليسا گهر) کان علحدگي اختيار ڪئي ۽ پنھنجو گرجا گهر ”چرچ آف انگلنڊ“ قائم ڪيو. ان وقت جي بادشاهه جي حڪم موجب انگلنڊ جي هر رهاڪو کي هن چرچ جو ميمبر ٿيڻ ضروري قرار ڏنو ويو. انهن ۾ اهڙو ٽولو به هو جن چرچ آف انگلنڊ کان علحدگي اختيار ڪئي. اهي ’عليحدگي پسند‘ (Separatists) سڏجڻ لڳا. هنن انگلينڊ ڇڏي آمريڪا لڏڻ ٿي چاهيو، جنھن لاءِ ورجينيا ڪمپنيءَ هنن کي 1620ع ۾ مي فلور (May Flower) جھاز تي موڪلڻ جو بندوبست ڪيو.
1630ع ۾ پيوريٽن (Puritans) جو ٻيو ٽولو ان وقت جي بادشاهه چارلس اول جي ظلم کان ڀڄي آمريڪا آيو. پيوريٽنس دراصل پروٽيسٽنٽ هئا. هنن چرچ آف انگلنڊ کي رومن ڪئٿولڪ رسمن رواجن کان آجو ڏسڻ ٿي چاهيو، پر انهن ڏينھن ۾ ان قسم جي مذهبي ڳالهه کي به ملڪي بغاوت يعني بادشاهه خلاف بغاوت سمجهي وئي ٿي، ڇو جو ملڪ ۽ ڪليسا جو هيڊ بادشاهه کي تسليم ڪيو ويو ٿي. يعني چرچ (مذهب) ۽ رياست (انگلنڊ) کي هڪ سمجهيو ويو ٿي. بھرحال مذهب جي آزاديءَ ڪارڻ ۽ انگلنڊ جي حاڪمن جي ظلمن کان بچڻ خاطر هي پيوريٽن آمريڪا جي ان حصي ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، جنھن لاءِ مٿي لکي آيو آهيان ته اهو ’نيو انگلئنڊ‘ سڏيو ويو ٿَي. آمريڪا ۾ ايندڙ ٻين ماڻهن وانگر هي اڻ پڙهيل ۽ بي هنر نه هئا. يورپ کان ٻيا جيڪي آيا ٿي اهي غريب هوندا هئا ۽ ڇڙا پڻ، پر هي پئسي وارا ۽ فئملين سان هئا.
پنھنجي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ، خاص ڪري اهي جيڪي آمريڪا ۾ رهن ٿا يا آمريڪا وڃڻ جو ارادو رکن ٿا، هتي ٻه ڳالهيون لکڻ ضروري سمجهان ٿو. هڪ سترهين صديءَ جي شروعات واري انگلنڊ جي بادشاهه ’چارلس اول‘ بابت، جنھن جي ڏينھن ۾ انگلنڊ جھڙي ملڪ جا ماڻهو مذهب جي معاملي ۾ رياستي ڏاڍ ۽ ظلم کان بچڻ لاءِ پنھنجو وطن ڇڏي هڪ ڏورانھين ۽ ڌارئين ملڪ جو رخ رکيائون، جيئن هُو آزاديءَ سان پنھنجي مذهب ۽ عقيدي موجب عبادت ڪري سگهن. ساڳي وقت اسان لاءِ عبرت جو مقام آهي ته انگلنڊ جھڙي ملڪ جو طاقتور بادشاهه، جيڪو نه فقط رياست جو سربراهه هو پر انهن ڏينھن ۾ بادشاهه سلامت مذهب جو به سرپرست سمجهيو ويو ٿَي يعني بادشاهه چارلس اول ڪو جھڙو تھڙو بادشاهه نه پر هڪ طاقتور بادشاهه هو، جنھن کان هر هڪ ڊنو ٿَي پر پوءِ جڏهن عوام بگڙي ۽ هن جي ظلمن جي حد پوري ٿي ته اهڙي بادشاهه کي به ٽنگيو ويو، نيست نابود ڪيو ويو. ان قسم جي طاقتور هستين جا توهان کي تاريخ ۾ ڪيترائي مثال نظر ايندا. فرانس جي حاڪم کان عباسي گهراڻي جي آخري حاڪم تائين. مطلب ته وڏائي ۽ گهمنڊ ڪنھن بادشاهه ۽ حاڪم کي به نٿو جڳائي ۽ اسان جي اڄ جي حاڪمن کي تواريخ مان سبق حاصل ڪرڻ کپي.
مَي فلاور (May Flower)، جيڪو هڪ مشھور ۽ تواريخي جھاز جو نالو آهي ۽ جنھن انگلنڊ کان آمريڪا مسافر ڍوئيا ٿي ۽ هن جھاز جي نالي تان آمريڪا ۾ ٿيندڙ معاهدن تي پڻ نالا رکيا ويا ۽ توهان کي آمريڪا ۾ جتي ڪٿي مي فلارو، مي فلاور لفظ ٻڌڻ ۾ ايندو. سمنڊن ۽ جھازن سان واسطو هجڻ ڪري هتي May Flower جھاز جو احوال پڻ لکان ٿو.