ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامور اديب منگهارام اوجها جي تحقيق تي آڌاريل ڪتاب ”پراڻو پارڪر“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
ھن ڪتاب ۾ تاريخي ۽ روايتي ٻنھي طريقن سان بھتر انداز ۾ پارڪر خطي کي پيش ڪرڻ سان گڏ پارڪر جي علائقائي ۽ جاگرافيائي حالتن، ثقافت، ريتن رسمن ۽ تاريخ کان سواءِ اتان جي گاهن، ٻوٽن، جانورن ۽ ماڳن مڪانن جو بہ تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب پارڪر جي تاريخ جو هڪ جزوي اڀياس آهي، جيڪو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ ڪارائتو آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1966ع ۾ ۽ چوٿون ڇاپو 1998ع ۾  سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر  جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ