ڪالم / مضمون

سياست، سماج ۽ آزادي

مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سياست، سماج ۽ آزادي“ جو ليکڪ خالد چانڊيو صاحب آهي.
استاد خالد چانڊيو گهڻ طرف لکيو پڙهيو ماڻهو آهي، جنهن جو سماج جي مختلف رخن ڏانهن ڏسڻ ۽ سوچڻ جو انداز فڪري استاد وارو رهيو آهي. هن جي لکڻي ۾ ڏاهپ، سنجيدگي ۽ برجستگي توهان کي جهلڪندي نظر ايندي.
Title Cover of book سياست، سماج ۽ آزادي

مهاڳ

خالد چانڊيو، اسي واري ڏهاڪي کان مون سان رابطي ۾ آهي. هن جو واسطو، شروعات يعني ننڍپڻ کان ئي جي ايم سيد جي جيئي سنڌ واري قومپرست لڏي سان آهي. خالد چانڊيو اڪثر مون سان بحث ڪرڻ ۽ سکڻ ايندو آهي. سوال ڪرڻ، خاموشيءَ سان جواب ٻڌڻ ۽ وري ٻيهر سوال اڇلي ڏيڻ سندس پراڻي عادت آهي. هر ڀيري ڪونه ڪو نئون مسئلو کڻي ايندو آهي ۽ سوال ڪري وڌيڪ سمجهڻ گهرندو آهي. سندس مطالعو اونهو آهي، مون کان سدائين ڪتاب کڻي ويندو آهي ۽ وقت سر موٽائي ڏيندو آهي، ٻين اديبن ۽ شاعرن وانگر بي ايمان ۽ چور ناهي.
ڪجهه وقت اڳ گجرات يونيورسٽي جي هڪ اسسٽنٽ پروفيسر ”اسما يونس“ کي مون وٽ وٺي آيو، جيڪا ايم فل ڪري رهي هئي ۽ خالد چانڊيو سندس مدد ڪري رهيو هئو. ان ڇوڪري جو ريسرچ وارو موضوع به ڇرڪائيندڙ هيو. ”لاڙڪاڻي جون هندو عورتون ۽ انهن جا بلوغت سان لاڳاپيل مسئلا.“ مائي ڏاڍي هوشيار هئي ۽ سندس گفتگو مان مونکي شدت سان محسوس ٿيو ته پنجاب جي يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن جو تحقيق ۽ تعليم جو معيار، اسان جي يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن کان گهڻو مٿي آهي.
شروعات ۾ مان خالد چانڊئي کي ٺلهو جيئي سنڌ جو هڪ پڙهيل لکيل، قومپرست نوجوان سمجهندو هيس، پر مونکي هدايت منگي ۽ شمشيرالحيدري ٻڌايو ته ”خالد چانڊيو سنڌ جي مشهور مذهبي عالم ۽ محقق علامه غلام مصطفى قاسمي جي خاندان مان آهي ۽ خالد چانڊئي جو والد به نهايت هوشيار صحافي رهيو آهي. شروعاتي دور ۾ سنڌي صحافت ۾ ٻه صحافي اهڙا هيا، جن جي انگريزي شاندار هئي. هڪڙو هيو سومار علي سومرو ۽ ٻيو خالد چانڊئي جو والد جنهن مولوي عبدالغفور سيتائي، محمد عثمان ڏيپلائي، شيخ علي محمد، شمشير الحيدري، سردار علي شاهه ذاڪر ۽ مولانا غلام غلام محمد گرامي سان گڏ صحافت ڪئي.“
مون جڏهن خالد چانڊئي جي والد جو نالو پڇيو ته منهنجي حيرت جي حد ئي نه رهي ته خالد جو پيءُ ”امان الله بلوچ“ ته اسان سان گڏ نئين سنڌ پريس ۾ به ڪجهه مهينا ڪم ڪري چڪو آهي ۽ جي ايم سيد سان سندس واسطو هيو، پر اها ڳالهه گهڻن ماڻهن کي خبر ناهي، ان کان اڳ ۾ ڪجهه وقت ڪراچي واري روسي سفارتخاني ۽ پوءِ آمريڪي سفارتخاني ۾ انگريزي مان فارسي ۽ مقامي ٻولين جي مترجم طور ملازم به رهيو. ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي جي چوڻ مطابق امان الله بلوچ ڪجهه وقت ته ڪميونسٽ پارٽي ۽ روسي سفارتخاني جي خط و ڪتابت ۽ رابطي جو ذريعو به رهيو، جيڪا سندس ٽفن باڪس وسيلي ٿيندي هئي. اصل ۾ ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي، امان الله بلوچ جو ذاتي دوست به هيو ته ان وٽ انگريزي ۽ فارسي به سکندو هيو. ڪامريڊ امام علي نازش به سندس دوست هيو ۽ سندس چاڪيواڙي واري جاءِ تي کوڙ سارا روپوش ڪامريڊ به ترسندا هيا. اها وري جدا ڳالهه آهي ته مارڪسزم جي مطالعي ۽ سوشلسٽ خيالن جي اثر باوجود به امان الله بلوچ صاحب اول کان آخر تائين قومپرست رهيو ۽ سدائين قومپرستن جي حمايت ڪندو هيو. ان کان گهڻو اڳ امان الله بلوچ، شھدادڪوٽ ۾ انگريزي استاد طور پڙهائيندو رهيو هو.
ايوب جي دور ۾ خالد چانڊئي جي والد ڪراچي ڇڏي حيدرآباد ۾ صحافت جي شروعات ڪئي ته سندس گهر روپوش ڪامريڊن ۽ قومپرستن سان گڏ ادبي حلقي سان واسطو رکندڙ ماڻهن جو مرڪز بڻجي ويو. سندس فليٽ ڀرسان نياز همايوني جو فليٽ به هوندو هيو ۽ ان وٽ ايندڙ مهمان به امان الله بلوچ جي فليٽ تي ترسندا هيا. اصل ۾ امان الله بلوچ وٽ ٻه فليٽ هوندا هيا، جن مان هڪ فيملي جي رهائش ۽ ٻيو اوطاق جو ڪم ڏيندو هيو. ڀٽي جي دور واري روپوشي ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ شايد ته عبدالواحد آريسر به اتي اچي ترسندا هئا.
خالد چانڊيو خوش نصيب آهي جو هن کي اهڙو ادبي ۽ سياسي ماحول مليو جنهن ۾ سندس سياسي تربيت ۽ ذهني اوسر ٿي. شايد ان ڪري ئي هو گهڻي وقت کان سنڌ جي سياسي ڪارڪنن ۾ ”استاد خالد“ طور سڃاتو وڃي ٿو. اسي واري ڏهاڪي ۾ هن سڄي سنڌ ۾ جيئي سنڌ جي ڪارڪنن جي تربيت لاءِ ڪيترائي اسٽڊي سرڪل قائم ڪيا، جن ۾ ڪارڪنن جي ذهني اوسر لاءِ جي ايم سيد جي فڪر کان وٺي مارڪسي فلسفي ۽ ٻين علمن بابت ليڪچر ۽ ڪچهريون ڪيون وينديون هيون. ان سلسلي ۾ خالد چانڊيو اڪثر مون وٽ ايندو رهندو هيو ۽ رهنمائي حاصل ڪندو هيو. هڪڙي ڳالهه جيڪا خالد چانڊيو لڪائيندو آهي اها هيءَ آهي ته آئيني قانون (Constitutional Law) جو ماهر هجڻ ڪري ڪيترين ئي نين ۽ پراڻين پارٽين جا آئين به ٺاهي چڪو آهي ۽ تازو به هڪ نئين ٺهندڙ پارٽي جا اصول ۽ ضابطا مرتب ڪيا اٿائين، جنهن جي سربراهه پاڻ اهو ڊرافٽ مون ڏانهن نظرثاني لاءِ موڪليو هو.
خالد چانڊئي جي لکيل مضمونن جو هي ڪتاب، سندس انهن مضمونن تي ٻڌل آهي، جيڪي هن نوي واري ڏهاڪي ۾ لکيا هئا. پر پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته انهن مضمونن جي ڇپائي کي پندرهن ويهه ورهيه گذرڻ کانپوءِ به انهن جي اهميت ۽ افاديت برقرار آهي ۽ هي مضمون سندس علم، مطالعي ۽ مشاهدي جي شاندار جهلڪ آهن.
مان شام جو جڏهن به واڪ تي نڪرندو آهيان ته خالد چانڊئي وٽ ليبر هال تي ويندو آهيان ۽ اسان ٻئي چانهن به پيئندا آهيون ته ڪچهري به ڪندا آهيون. گذريل سال منهنجي سالگره جو پروگرام به خالد چانڊئي ڪيو هيو ۽ ان ۾ مسلم شميم، راحت سعيد سميت ڪيترائي ڪامريڊ ۽ اديب گهرايا هيائين. انجمن ترقي پسند مصنفين لاڙڪاڻي شاخ جو اڳواڻ سيڪريٽري، انٽرنيشنل صوفي فائونڊيشن جو ڪوآرڊينيٽر ۽ رائيٽرس ڪلب جو صدر به آهي. مون وانگر صوفي ڪميونسٽ به آهي ته سنڌ جي آزادي جو به تمنائو آهي. ”نرملا ديش پانڊي“ جي خاڪ جڏهن هندوستان مان سنڌو ۾ وهائڻ لاءِ آندي هيائون ته مان ۽ خالد چانڊيو گڏجي ساڌ ٻيلي ويا هئاسون.
هن ڪتاب کان اڳ ۾ منهنجي استاد عبدالرزاق سومري جي يادگيرين جو ڪتاب به مرتب ڪيو اٿائين. ان کان سواءِ ٽريڊ يونين تحريڪ تي هڪ ڪتاب، منصور حلاج تي يونس اديب جي لکيل ڪتاب جو ترجمو ۽ گانڌي جي قتل تي جسٽس کوسا جي ڪتاب جو ترجمو به ڇپجي چڪا اٿس.
خالد چانڊيو، واپڊا يونين جو عهديدار ۽ عبداللطيف نظاماڻي ليبر هال جو انچارج آهي. ليبر هال جي ذڪر سان گڏ قربان جتوئي جو ذڪر ضرور ايندو، جنهن لاڙڪاڻي ۾ ليبر هال ٺهرائي اهڙو فورم/ پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي جتي هرڪا سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيم پنهنجا پروگرام ڪري سگهي ٿي. اهڙو ڪم ڪنهن وڏيري، جاگيردار يا سياسي اڳواڻ ۽ پارٽي کان نه ٿي سگهيو آهي پر هڪ مزدور اڳواڻ ڪيو آهي. اهڙي ڳالهه تي قربان جتوئي ۽ سندس يونين کي لک شاباس آهي.



سوڀو گيانچنداڻي