ڪالم / مضمون

سياست، سماج ۽ آزادي

مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سياست، سماج ۽ آزادي“ جو ليکڪ خالد چانڊيو صاحب آهي.
استاد خالد چانڊيو گهڻ طرف لکيو پڙهيو ماڻهو آهي، جنهن جو سماج جي مختلف رخن ڏانهن ڏسڻ ۽ سوچڻ جو انداز فڪري استاد وارو رهيو آهي. هن جي لکڻي ۾ ڏاهپ، سنجيدگي ۽ برجستگي توهان کي جهلڪندي نظر ايندي.
Title Cover of book سياست، سماج ۽ آزادي

تعصب هڪ ناڪاري رويو

تعصب جو مطلب آهي (Prejudgment) يعني اڳواٽ ئي فيصلو ڪرڻ يا اندازو لڳائڻ يعني فردن، شين، قومن، قبيلن، نسلن يا نظرين جي باري ۾ اهڙا احساس، رويا ۽ رد عمل جيڪي اڳواٽ قائم ڪيا وڃن ۽ اهي تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل نه هجن. اهي رويا هاڪاري يا ناڪاري هوندا آهن پر تعصب جو بنياد هميشه ناڪاري روين تي هجي ٿو.
تعصب هر شئي متعلق ٿي سگهي ٿو، مثال طور نظرين، قومن، نسلن، مذهبي گروهن، سماجي گروهن، لساني گروهن ۽ اقليتن ۽ فردن جي باري ۾ هوندو آهي ۽ اسان جي عملي زندگي ۾ تعصب جون اهي ئي صورتون آهن.
جڏهن به ٻن مختلف نسلي يا سماجي گروهن جي وچـ۾ ڪو لاڳاپو يا تعلق پيدا ٿيندو آهي ته اتي ڪنهن به قسم جي اڻبرابري يا استحصال ۽ ڏاڍائي جي ڪيفيت تعصب کي پڻ جنم ڏيندي آهي. آمريڪا جھڙي ترقي يافته ملڪ ۾ جنهن جي دعوى آهي ته هو سڄي دنيا ۾ مساوات ۽ انصاف جي حڪمراني چاهي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي انساني حقن جو وڏو علمبردار سمجهي ٿو. انهيءَ ملڪ ۾ اهڙي صورتحال آهي ته اڄ به اتي بيشمار تعليمي ادارا ڪلبون، هوٽل ۽ ٻيا ادارا اهڙا آهن جتي سندن ئي ملڪ جي رهواسين ڪارن کي اچڻ جي اجازت نه آهي. ڪراچي جي شهر ۾ ڪيترائي علائقا اهڙا آهن جتي سنڌي ماڻهو نٿا وڃي سگهن. پنجاب جي شهر جهنگ کي مذهبي تعصب شيعه ۽ سني پاڙن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. ماضي قريب ۾ اولهه بيروت ۽ اوڀر بيروت جي ٻن حصن ۾ ورهايل شهر جو مثال اسان جي اڳيان آهي.
تعصب جا بنيادي سبب چار آهن؛ 1. طبعي، 2. ماحولياتي، 3.نفسياتي، 4. سماجي.

1- طبعي سبب (نسل، رنگ، شڪل ۽ صورت وغيره):
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته تعصب هڪ فطري جذبو آهي ۽ رنگ، نسل يا شڪل صورت جا تعصب جبلتي طور تي انسان ۾ پيدا ٿيندا آهن. ليڪن جديد سائنس ۽ نفسيات جي تحقيق ثابت ڪيو آهي ته ڪابه قوم يا نسل پيدائشي طور تي ڪنهن به قوم يا نسل کان برتر يا وڌيڪ نه هوندا آهن. اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته ٻار خواه ڪنهن به رنگ، نسل، مذهب يا قوم جا هجن انهن ۾ تعصب نه هوندو آهي، اهي پاڻ ۾ هر وقت گڏ اٿيندا ويهندا آهن ۽ رند روند ڪندا رهندا آهن. يعني اهي پاڻ ۾ ڪوبه فرق يا امتياز نه رکندا آهن. جڏهن ته ٻارن ۾ ”پنهنجي“ ۽ ”پرائي“ جي وچـ۾ فرق ڪرڻ جي سمجهه پڻ هوندي آهي. پر اڳتي هلي جڏهن وڏا ٿيندا آهن ته انهن ۾ فرق ۽ امتياز پيدا ٿيندا آهن. جنهن مان پڻ اهو ثابت ٿئي ٿو ته تعصب هڪ فطري، جبلتي يا پيدائشي جذبو نه پر پيدائش کان پوءِ سماج ۽ ماحول مان حاصل ڪيل رويو آهي.

2- ماحولياتي سبب: ذاتي تجربا، آسپاس جي ماڻهن جا رويا ميڊيا جو ڪردار وغيره.
جنهن نموني انسانن ۾ ماحول جي مختلف شين، واقعن فردن يا گروهن جي باري ۾ خوف پيدا ڪري سگهبو آهي. اهڙي نموني مخصوص صورتحال جوڙي انهن ۾ تعصب ۾ پيدا ڪري سگهبو آهي. جيئن بوسنيا ۾ سرب، ڪروٽ ۽ بوسنيائي مسلمانن وچـ۾ خطرناڪ جنگين، قتلام، جبري زنائون ڪرڻ ۽ نسل ڪشي انهن کي هڪٻئي کان ڌڪي ڌار ڪري ڇڏيو. يا وري پنجاب ۾ شيعه سني ويڙهه، قتلام، بم ڌماڪن ۽ ٻين خونريز واقعن جو ٻج ڇٽي ڇڏيو آهي. جنهن سبب جارحيت جي هڪ عمومي ڪيفيت پيدا ٿي وئي آهي. جيڪي رويا اهڙن جارحانه، اڳرائي وارن ۽ خونريز واقعن مان جنم وٺندا آهن، انهن جو اثر سالن تائين هلندو آهي.
اسان ڪيترن ئي قسمن جا تعصب آسپاس جي ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ سبب سکندا آهيون. ان ۾ اسان جا پيءُ ماءُ ۽ استاد پڻ واضح ڪردار ادا ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته ابتدائي طور تي هر ٻار پنهنجي والدين ۽ استادن جو اثر ئي قبول ڪندو آهي. ٻار وري پنهنجي هم عمر دوستن ۽ ساٿين کان به مختلف تعصب سکندا آهن جيڪي وري انهن کي والدين يا استادن کان ئي مليل هوندا آهن.
اخبارون، ريڊيو، ٽي وي، فلمون وغيره به تعصب پيدا ڪندا آهن. مثال طور پاڪستاني فلمن ۾ هندو ڪردارن کي عام طور تي بزدل، شاطر ۽ مڪار ڏيکاريو ويندو آهي، هالي ووڊ جي ويٽنام واري جنگ جي موضوع تي ٺهيل اڪثر فلمن ۾ ويٽنامين کي ظالم ۽ آمريڪي فوجين کي مظلوم ۽ مظلومن جو حامي ڏيکاريو ويندو آهي ۽ تعصب وارا ڪردار پڻ ڏيکاريا ويندا آهن.

3- نفسياتي سبب: جارحيت، خوف، احساس جرم وغيره ۽ وري ڳڻتي يا پريشاني ۾ مبتلا ٿيڻ.
اهو به ضروري نه آهي ته جيستائين ڪنهن سان ڪو تلخ تجربو نه ٿئي اهو تعصب ۾ مبتلا نه ٿئي. تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته تعصب جي پويان هڪ متعصب شخصيت ئي هوندي آهي.
متعصب ماڻهو شڪي مزاج هوندو آهي، ٻين سان تعاون نه ڪندو آهي. تعصب رکندڙ ماڻهو انتهاپسند هوندا آهن. اهي پنهنجي نڪتي نظر ۾ غير لچڪدار ۽ ضدي هوندا آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي سدائين تحفظ جي ڳولها ۽ ڳڻتي ۾ رهندا آهن. متعصب ماڻهن ۾ پاڻ ٻڌائڻ ۽ خوشامد ٻڌڻ جي زبردست خواهش هوندي آهي. اهي سياسي ۽ معاشي اعتبار کان طاقتور ٿيڻ چاهيندا آهن ۽ انهن ۾ برداشت جو مادو گهٽ هوندو آهي. غير جمهوري ۽ نعريباز طبيعت جا مالڪ، لڪير جا فقير، هر اقليت خلاف سوچيندڙ ۽ پاڻ کي حد کان وڌيڪ محب وطن سمجهندڙ هوندا آهن. متعصب ماڻهو پنهنجون غلطيون ۽ گناهه ڪنهن ڪمزور ۽ بيگناهه فرد، گروهه يا قوم جي ڳچي ۾ وجهڻ لاءِ قرباني جا ٻڪرا ڳولهيندا آهن ۽ پنهنجي نفرتن ۽ الزام تراشين جو رخ اهڙن فردن يا گروهن ڏانهن رکندا آهن جن کي سولو نشانو يا محفوظ نشانو تصر ڪيو ويندو آهي.
سڄي انساني تاريخ ۾ اسان گناهه يا الزام ڪنهن ٻئي فرد يا گروهه ڏانهن منتقل ڪرڻ جو رجحان ڏسون ٿا. قرباني جي ٻڪر جي ميڪانيت ۾ جارحيت جا اهم انداز، ناڪاميون، ڊپ ۽ خوف، گناهه جو احساس ۽ پاڻ پڏائڻ جو جذبو وعيره ڪارفرما هوندا آهن.
لڳاتار ناڪامين سان پڻ هڪ نفسياتي ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي ۽ رويا اڪثر جارحانه ۽ چڙ وارا ٿيندا ويندا آهن. اهڙي حالت ۾فرد ذهني ۽ نفسياتي دٻاءُ ۽ ڇڪتاڻ محسوس ڪندا آهن ۽ اهي فرد وري انهيءَ دٻاءَ ۽ ڇڪ کي فردن يا گروهن ڏانهن منتقتل ڪندا آهن. اهڙي نموني تعصب پيدا ٿيندو آهي.
ڊپ ۽ خوف به تعصب کي جنم ڏيندا آهن ۽ خاص طور تي ويڙهه يا جنگ جي حالت ۾، اها حقيقت به تمام چٽي هوندي آهي ۽ جيئن ته تخريبي سرگرمين جو خطرو هوندو آهي، ان لاءِ غير ملڪين ۽ اقليتن کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، جنهن سبب پڻ تعصب پيدا ٿيندو آهي.
جن فردن کي گناهه جو احساس وڌيڪ ستائيندو آهي. مثال طور بدڪردار ماڻهو ٻين جي ڪردار تي تنقيد ڪري ۽ گند اڇلي انهن کي به بدڪردار مشهور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ چور وري ٻين کي چور باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
ڪي ماڻهو پنهنجي وڏائي ۽ پاڻ پڏائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ٻين کي غير اهم ۽ معمولي سمجهندا آهن. جڏهن ته پاڻ کي ٻين کان افضل سمجهندا آهن. انهيءَ سبب پڻ تعصب پيدا ٿيندو آهي.

4- سماجي سبب: معاشي مفاد ۽ سماجي درجيبنديون.
سماجي تعصب انتهائي پيچيدو هوندو آهي. سماجي تعصب سبب هڪ ٻئي خلاف شديد نفرت پيدا ٿيندي آهي ۽ اها نفرت گهڻي ڀاڱي انتهائي شديت اختيار ڪري ويندي آهي.
نسلي تعصب جا ڪجهه تاريخي سبب هوندا آهن، مثال طور تي پاڪستان ۾ هندن کان جيتري نفرت ڪئي وڃي ٿي، اوتري نفرت وري سکن کان نٿي ڪئي وڃي. تعصب ڪرڻ فطري يا ڄائي ڄم کان حاصل ڪيل رويو نه بلڪ ڄمڻ کان پوءِ هن دنيا ۾ مختلف سببن منجهان حاصل ڪيل رويو آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سمورا نسل هڪ جھڙا آهن. انهن ۾ ڪوبه برتر يا ڪمترنه هوندو آهي ۽ انهيءَ حقيقت کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي. مختلف گروهن جي وچـ۾ رابطن وڌائڻ سان انهن گروهن جي وچـ۾ پيدا ٿيل غلط فهمين ۽ شڪ شبهن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي ۽ هڪ ٻئي کي پنهنجي رسمن رواجن ۽ سماجي سرگرمين ۾ شريڪ ڪرڻ سان ئي تعصب گهٽجي سگهندو آهي.
ابلاغ جي سمورن ذريعن ۽ تعليم جي مڙني ذريعن تي زور ڏيڻ گهرجي ته اهي تعصب خلاف جدوجهد ڪن ۽ والدين، استادن، ريڊيو، ٽي وي، فلمون ۽ اخبارون، ٻارن جي تعليم، لطيفن، ڪارٽونن، ڊرامن، شاعري، خبرن ۽ ٻين طريقن ذريعي جدوجھد ڪن ته تعصب ختم ٿي سگهي ٿو. راند جي ميدان ۾، مصوري ۾، تحقيقات ۾ ۽ ٻين تخليقي ڪمن ۾ مختلف گروهن جي فردن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ گڏيل سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ کين گڏائي ڪم ورتو وڃي ته تعصب وارن روين جو خاتمو اچي سگهي ٿو.

(اڻڇپيل ليڪچر– 30 ڊسمبر 1998ع)