ڪالم / مضمون

سياست، سماج ۽ آزادي

مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سياست، سماج ۽ آزادي“ جو ليکڪ خالد چانڊيو صاحب آهي.
استاد خالد چانڊيو گهڻ طرف لکيو پڙهيو ماڻهو آهي، جنهن جو سماج جي مختلف رخن ڏانهن ڏسڻ ۽ سوچڻ جو انداز فڪري استاد وارو رهيو آهي. هن جي لکڻي ۾ ڏاهپ، سنجيدگي ۽ برجستگي توهان کي جهلڪندي نظر ايندي.
Title Cover of book سياست، سماج ۽ آزادي

  ڪجھه اخبارن جي باري ۾

اخبارون پڙهڻ ۽ انهن ۾ شايع ڪيل مواد جي سچائي تي ڀروسو ڪرڻ ٻه مختلف ڳالهيون آهن. ابلاغ جي ذريعن تي ڪنٽرول ۽ اثر وسيلي حڪمران طبقا ۽ ٽولا عوام جي وڏي تعداد تي پنهنجا نظريا، خيال ۽ نڪته نظر مڙهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اڄڪلهه اخبارن کي نه رڳو اقتداري ڌريون يا حڪومت پر سموريون سياسي پارٽيون ۽ اهي ماڻهو به استعمال ڪرڻ گهرن ٿا/ استعمال ڪن ٿا، جيڪي اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ بااثر ماڻهن/صحافين کي خريد ڪرڻ يا دٻاءَ ۾ رکڻ جي قوت رکن ٿا يا ڪوشش ڪن ٿا. وڏا وڏا ادارا ۽ تنظيمون پنهنجي عام لاڳاپن ۽ خصوصي واسطيدارين معرفت يا وري مختلف ذريعن سان پنهنجي مؤقف کي وڌيڪ چٽي نموني اخبارن ۾ شايع ڪرائيندا آهن.
اخبارون پنهنجي موجوده شڪل ۾ جيڪي اطلاع، خبرون يا معلومات عوام تائين پهچائي رهيون آهن. انهن جي حاصل ڪرڻ جا مک ذريعا چار آهن؛ 1. اخباري نمائندا، 2. خبر ايجنسيون، 3. سرڪاري هئنڊ آئوٽ/ پريس نوٽ ۽ 4. پريس رليز.
هر خبر سان گڏ رپورٽر يا نمائندي جو نالو ڏنل هوندو آهي. انهن اخباري نمائندن کي مختلف ماڻهن، تنظيمن، جماعتن، ادارن، ٽريڊ يونينن وغيره سان پنهنجن لاڳاپن وسيلي خبرون حاصل ڪرڻيون پونديون آهن يا وري جلسي جلوس، مظاهري يا ڪنهن ٻئي واقعي يا مامري واري جڳهه تي سندن موجودگي لازمي هوندي آهي ته جيئن درست رپورٽنگ ڪئي وڃي. پر گهڻي ڀاڱي معروضي رپورٽنگ نه ڪئي ويندي آهي جنهن جا ڪيترائي سبب آهن.
مختلف کاتن جي باري ۾ رپورٽرن جون موڪليل خبرون ان کاتي جي آفيسرن پاران ڏنل اطلاعن تي ٻڌل هونديون آهن، جڏهن ته ڏوهن جون خبرون وري عام طور تي ٿاڻن تي ڪٽيل ايف.آءِ.آر يا پوليس پاران فراهم ڪيل اطلاعن تي ٻڌل هونديون آهن، جنهن جي شايع ڪرڻ سبب صحافين ۽ پوليس جا ”خوشگوار لاڳاپا“ برقرار رهندا آهن ڪن هنڌن تي اخباري نمائندا انهن لاڳاپن کي برقرار رکڻ لاءِ ضلع انتظاميه ۽ پوليس آفيسرن جون دعوتون ڪندا ۽ کائيندا رهندا آهن.
رپورٽنگ ۾ ڪنهن به خبر کي بيان ڪرڻ وقت ان جو فوري سبب ته بيان ڪيو ويندو آهي، ليڪن اهڙن حادثن يا واقعن جي پويان جيڪي مختلف سياسي، سماجي، معاشي يا لساني ۽ ثقافتي مامرا لڪل هوندا آهن، اهي بيان نه ڪيا ويندا آهن. رپورٽنگ جي اڌوري، کٽل يا غير معياري هجڻ جو هڪ وڏو سبب ننڍن شهرن جي صحافين ۽ اخباري نمائندن جي اڪثريت جو اڻپڙهيل هجڻ ۽ تربيت نه هجڻ سبب، خبر ٺاهڻ جي فن کان اڻواقفي آهي. ننڍن شهرن ۾ ته گهڻي ڀاڱي ائين ٿيندو آهي ته هڪڙو ماهر ۽ تجربيڪار صحافي خبر ٺاهيندو آهي ۽ بعد ۾ انهيءَ پني جي فوٽو ڪاپي ڪرائي ياري باشي ۾ سڀئي نمائندا ساڳي خبر فيڪس ڪندا آهن.
خبرن جو ٻيو وڏو ذريعو خبر ايجنسيون آهن. پاڪستان ۾ هن وقت اي.پي.پي، پي.پي.آءِ، ڪي.پي.آءِ، اين.اين.آءِ، ايس.پي.آءِ وغيره ڪم ڪري رهيون آهن. جڏهن ته غير ملڪي ايجنسين ۾ رائٽر، اي.ايف.پي، ارنا، پي.ٽي.آءِ، ڊي.پي.اي، يو.اين.آءِ وغيره پڻ آهن جيڪي جديد مواصلاتي ذريعن يعني انٽرنيٽ ۽ ٻين ڪمپيوٽر نيٽ ورڪن تي خبرون موڪلي رهيون آهن. اي.پي.پي پاڪستان جي رياستي نيوز ايجنسي آهي جنهن تي حڪومت جو ڪنٽرول آهي ۽ هيءَ ايجنسي ڪنهن به خبر جو سرڪاري رخ يا مؤقف ئي بيان ڪندي آهي ۽ حڪومت جي پاليسين سان ٽڪرائجندڙ هر خبر کي روڪي وٺندي آهي.
اي.پي.پي کان پوءِ پي.پي.آءِ ۽ ٻيون خبر ايجنسيون آهن جيڪي خانگي ايجنسيون آهن انهن جو حال به ڪو ٺيڪ نه آهي پر وري به اي.پي.پي کان ٺيڪ آهن، ڪجهه ورهيه اڳ خاص طور ضياء واري مارشلا جي دور ۾ پي.پي.آءِ جو عمر ڪوٽ جو نمائندو هر هفتي اهڙي قسم جون خبرون موڪليندو هيو ته ”علحدگي پسند يا ڀارتي دهشتگرد سرحد ٽپي پاڪستان پهچي ويا، وسيع پيماني تي دهشتگرديءَ جو خطرو.“ اهڙي خبر ڇپجڻ کان پوءِ جيئي سنڌ جي ڪارڪنن تي ڇاپا لڳڻ شروع ٿي ويندا هئا. پر ايم.ڪيو.ايم جي سامائجڻ کانپوءِ اهو سلسلو بند ٿي ويو. غير ملڪي ايجنسيون وري پنهنجي ترجيحن تحت خبرون موڪلينديون آهن ۽ گهڻي ڀاڱي بين الاقوامي اهميت جي واقعن کي فوڪس ڪنديون آهن.
اخبارن ۾ خبرن جو ٽيون ذريعو هئنڊ آئوٽ يا پريس نوٽ آهي جيڪو حڪومتي ادارن پاران ڪنهن مامري يا واقعي جي باري ۾ پنهنجو مؤقف پيش ڪرڻ جي لاءِ جاري ڪيو ويندو آهي. اهو طريقو عام طور تي ڪنهن پر تشدد واقعي گڙٻڙ، فساد يا ڪنهن حڪومت مخالف مظاهري يا جلسي ۾ پوليس يا فوج ۽ عوام سان تصادم ۽ ٽڪراءِ جي صورت ۾ اختيار ڪيو ويندو آهي. اهڙي موقعي تي جاري ڪيل پريس نوٽ يا هئنڊ آئوٽ يا ته ڪنهن مئجسٽريٽ يا وري اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيو ويندو آهي.
جنرل ضياء جي دور ۾ وري اخبارن کي ”پريس ايڊوائيز“ جاري ڪئي ويندي هئي جنهن جو موجد، ضياء دور جو مشير اطلاعات ”جنرل مجيب الرحمان“ هيو. انهيءَ جنرل مجيب الرحمان هڪ دفعي مشهور سنڌي صحافي ”هدايت منگي“ کي پنهنجي هٿن سان هلال پاڪستان ڪراچي جي ٻه ماڙ آفيس تان هيٺ پئي اڇلايو، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي آفيس ۾ ايپنيڪ ۽ پي.ايف.يو.جي جو جلسو پئي ڪرايو ۽ پاڻ ان وقت هلال پاڪستان ورڪرز يونين جو جنرل سيڪريٽري پڻ هيو. جنهن به خبر جي باري ۾ مارشلا اختيارين کي شڪ هوندو هيو ته اسٽاف رپورٽر يا ڪنهن ٻئي ذريعي سان اها خبر ڊيسڪ تائين پهچي وئي آهي ته ان کي پريس ايڊوائيز جي معرفت شايع ڪرڻ کان روڪرايو ويندو هيو. ٻيو ته سرڪار کي جيڪا خبر پنهنجي ڪنهن حوالي کان سواءِ شايع ڪرائڻي هوندي آهي ته ”معتبر ذريعن“ جي معرفت شايع ڪرائي ويندي آهي، اها اٽڪل صحافي پڻ ڪندا آهن ته ”معتبر يا باخبر ذريعن“ جي حوالي سان خبر ڇاپي سڄو بار معتبر ذريعن تي ڏئي پنهنجي ذميواري تان هٿ کڻي ويندا آهن.
خبرن جو چوٿون ذريعو آهي پريس رليز، مختلف سياسي، سماجي، مذهبي، ثقافتي، ٽريڊ يونينون، پيشه ور تنظيمون، شاگرد تنظيمون ۽ ادبي تنظيمون پنهنجا بيان، نڪته نظر يا سرگرميون پريس رليز جي صورت ۾ جاري ڪنديون آهن، جن کي اخبارون شايع ڪنديون آهن. ان تي جهڳڙا به ٿيندا آهن، اختلاف به ٿيندا آهن، مختلف اثر رسوخ وارا ماڻهو، سياسي اڳواڻ۽ ڪارڪن، اخباري نمائندن ۽ صحافين کي پريس رليزون شايع ڪرڻ لاءِ لالچون، ڌمڪيون، ڏوڪڙ، سوکڙيون پاکڙيون ويندي مارَ به ڏيندا آهن. دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ پريس رليزن کي شايع نه ڪيو ويندو آهي، ڪنهن به واقعي يا تقريب جي باري ۾ اخبارون پنهنجي رپورٽرن ۽ نمائندن جا مشاهدا شايع ڪنديون آهن. البت انهن کي پريس رليزن کان مدد حاصل ڪرڻ جي اجازت به ڏني ويندي آهي، پر هتي ڪم ابتو آهي.
دنيا جي ٻين ملڪن ۾ سياسي جماعتون ۽ ٻيون تنظيمون پريس بريفنگ معرفت پنهنجو مؤقف عوام ۽ صحافين اڳيان پيش ڪنديون آهن پر اسان وٽ انهيءَ طريقي کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ صحافين يا اخبارن جي انتظاميه سان رابطن جي بنياد تي مختلف تنظيمون ۽ سياستدان پنهنجون پريس رليزون اخبارن ۾ شايع ڪرائيندا آهن.
ڳجهيون سرڪاري ايجنسيون، مختلف سياسي تنظيمون ۽ ادارا پنهنجو مؤقف ۽ نڪته نظر شايع ڪرائڻ، مخالفن کي بدنام ڪرڻ، مختلف افواهه ڦھلائڻ ۽ راءِ عامه جوڙڻ لاءِ مختلف قسمن جون اٽڪلون ڪندا آهن ۽ صحافين کي استعمال ڪندا آهن. ناليوارن صحافين کان مضمون، ڪالم ۽ تجزيا لکرايا ويندا آهن. مخالفن تي اخلاقي حملا ڪرايا ويندا آهن ۽ انهن ڪمن لاءِ صحافين ۽ دانشورن کي ڳرا معاوضا پڻ ڏنا ويندا آهن. ان کان سواءِ ڪيترن ئي طريقن سان عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي مرضي جون خبرون ڏيڻ جا جتن اخبارن معرفت ڪيا ويندا آهن.
ڪنهن به خبر جو تجزيو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته جنهن اخبار ۾ اها خبر ڇپي آهي ان اخبار جي پاليسي ۽ اخبار جي مالڪن جو پسمنظر پڻ ڏٺو وڃي. هيءَ ڳالهه انتهائي اهم آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت تائين هڪ اڌ اخبار کي ڇڏي باقي مڙني اخبارن اهي ئي خبرون شايع پئي ڪيون آهن جن جي شايع ٿيڻ کي وقت جي حڪومتن پڻ موزون سمجهيو آهي. جڏهن ته ٻين اخبارن کي سندن سرڪشي جي سزا اخبارن جي بند ٿيڻ، اشتهارن بند ڪرڻ يا وري ڪاغذ جي ڪوٽا گهٽائڻ جي صورت ۾ ملي آهي.
ڪنهن به خبر جو پسمنظر ڄاڻڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي پر جيڪڏهن اسان کي اها خبر پئجي وڃي ته حڪومت ڪهڙي طريقي سان پنهنجو مؤقف پيش ڪري پئي يا وري اخباري مالڪ ۽ صحافي ڪهڙي نموني سان حڪومتي مفادن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ سرڪار پاران هئنڊ آئوٽن ۽ پريس نوٽن وسيلي ڪهڙا ڪوڙ ڳالهايا پيا وڃن ته پوءِ اسين ان ڳالهه تي هرگز زور نه ڏينداسين ته اخبارن ۾ جيڪو ڪجهه به ڇپجي ٿو اهو واقعي به سمورو سچ آهي.

(روزاني پاڪ– 4 فيبروري 1998ع)