ڪالم / مضمون

سياست، سماج ۽ آزادي

مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سياست، سماج ۽ آزادي“ جو ليکڪ خالد چانڊيو صاحب آهي.
استاد خالد چانڊيو گهڻ طرف لکيو پڙهيو ماڻهو آهي، جنهن جو سماج جي مختلف رخن ڏانهن ڏسڻ ۽ سوچڻ جو انداز فڪري استاد وارو رهيو آهي. هن جي لکڻي ۾ ڏاهپ، سنجيدگي ۽ برجستگي توهان کي جهلڪندي نظر ايندي.
Title Cover of book سياست، سماج ۽ آزادي

  قديم سنڌي سڀيتا : هاڻي ڇا ٿيڻ گھرجي؟

سنڌ ڌرتي جي اڄوڪي صورت جڳن جي پيداوار آهي، صدين جي ان سفر ۾ ڪيترين ئي ارضياتي، نباتاتي ۽ حياتياتي تبديلين سان گڏ سماجي ۽ نفسياتي تبديليون رونما ٿيون آهن ۽ اڻمٽ نشان ڇڏيا آهن. انهن سمورين تبديلين سنڌ جي اڄوڪي شڪل ۽ صورت کي جنم ڏنو آهي. سنڌ ڌرتي ماضي ۾ الڳ ۽ آزاد رياست رهي آهي، تهذيبي ۽ جاگرافيائي وحدت رهي آهي. پر تاريخ جي مختلف دورن ۾ اڄ وانگر غلام ۽ منتشر پڻ رهي آهي. ”ڪنهن به معاشري جي بامقصد تخليقن ۽ سماجي قدرن جي نظام کي تهذيب چئبو آهي.“ هر قوم جي هڪ تهذيبي شخصيت هوندي آهي. ان شخصيت جا ڪجهه پهلو ٻين تهذيبن سان ملندا آهن پر ڪي اهڙيون انفرادي خاصيتون به هونديون آهن جيڪي هڪ قوم جي شخصيت کي ٻي قوم جي شخصيت ۽ تهذيب کان جداگانه ۽ نرالو رکنديون آهن. هر قومي تهذيب پنهنجين انهن ئي خصوصيتن سبب ڄاتي سڃاتي ويندي آهي. سنڌ ڌرتي پڻ پنهنجو انفرادي تهذيبي تشخص ۽ سڃاڻپ رکي ٿي، جيڪو اسان کي موهن جي دڙي جي آثارن مان پڻ ملي ٿو. قديم زماني کان وٺي موهن جي دڙي جي تهذيبي سفر تائين ڇا وهيو واپرايو ۽ ڪهڙيون تبديليون عمل ۾ آيون انهن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
هيٺاهين قديم پٿريلي دور مان مٿاهين قديم پٿريلي دور تائين سفر انسان ذات جي ارتقا ۾ هڪ اهم ترين دور جي ابتدا هئي، ڇاڪاڻ ته مٿاهون قديم پٿريلو دور ئي اهو دور آهي، جنهن ۾ هڪ حياتياتي نسل جي حيثيت ۾ انسان جي تشڪيل ٿي چڪي هئي. انسان ثقافت جي ميدان ۾ ڪاميابين جي شروعات ڪئي. انهن ۾ پٿرن ۽ هڏن جي اوزارن ٺاهڻ ۾ڪجهه بنيادي ڳالهيون ۽ خود پنهنجي نفسياتي جوڙجڪ ۾ ڪجهه اهم تبديليون شامل آهن. مٿانهين قديم پٿريلي دور ۾ ئي فن سنگتراشي جنم ورتو ۽ اهو به چئي سگهجي ٿو ته ان زماني ۾ ئي ابتدائي مذهبي تصورات وجود ۾ آيا. انسانن گروهن جي شڪل ۾ رهڻ شروع ڪيو اها هڪ زبردست تبديلي هئي. اينگلز مطابق نسليات ۽ سماجيات جي عالمن جي جديد تحقيق اهو ثابت ڪري ٿي ته ان دور ۾انساني نسل ۽ جرڳو وجود ۾ آيو.
مٿاهون قديم پٿريلو دور ڪيترائي هزار ورهيه جاري رهيو. ان زماني ۾ جڏهن انسانن پهريون ڀيرو گروهن ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪئي. مختلف حالتن، بدلجندڙ ماحول ۽ حياتياتي جاگرافيائي ماحول مطابق پنهنجو پاڻ کي جوڙڻ لڳا ته بنيادي يا ابتدائي نسلن جي تشڪيل ٿيڻ لڳي. سنڌو ماٿري جي آبادي متعلق علم قديم انسانيات ۽ علم انسانيات جي ثبوتن مان هڪ راءِ اها ملي ٿي ته هن علائقي جا قديم ترين رهاڪو بنيادي طور خط استوائي يا نيگرو آسٽريليائي نسل سان تعلق رکندا هئا. ان نسل جي ارتقا آفريڪي ۽ ايشيائي کنڊن جي وسيع خط استوائي علائقن ۾ ئي هئي. مٿانهين قديم پٿريلي دور ۾ انساني ثقافت جا جيڪي مقامي نمونا سنڌو ماٿري ۾ وجود ۾ آيا، انهن جي خاصيت اها هئي ته اهي آبادي جي وڏن وڏن گروهن جي ڊگهي ۽ ڌار ڌار ارتقا سان مربوط هئا. آثار قديمه جي ماهرن جي دعوى آهي ته مٿانهين قديم پٿريلي دور ۾ سنڌو ماٿري، گنگا جمنا جي ماٿري جو گهڻو حصو آفريقا ۽ مغربي ايشيا هڪ واحد ثقافتي خطي تي مشمتل علائقو هيو. جڏهن ته موجوده اپر پنجاب وري ڪشمير سميت انهي جوڙجڪ کان ڪٽيل هيو، ڇاڪاڻ ته اتي مٿانهين قديم پٿريلي دور جي جوڙجڪ ۾ ڪجهه اهڙيون خاصيتون هيون، جيڪي پامير جي اترين جبلن ۽ اتر اوڀر ۽ ڏور اوڀر ايشيا جي علائقن جي هم عصر پٿريلي دور جي جوڙجڪ سان ملندڙ جلندڙ هيون. مٿاهين قديم پٿريلي دور کان پوءِ وچيون پٿريلو دور اچي ٿو جيڪو پندرهن هزار سال قبل مسيح کان شروع ٿيو ۽ ڇهه هزار سال قبل مسيح ۾ ختم ٿيو. انهيءَ وقت ۾ وري برصغير جي اتر ۾ يعني موجوده تبت، نيپال ۽ چين ۾ وري برفاني دور ختم ٿي رهيو هيو. وچئين پٿريلو دور ۾ پيداواري قوتن ۾ وڌيڪ ترقي ٿي، تير ڪمان ان دور جي ايجاد آهي. پٿر مان نوان اوزار ٺاهيا ويا جن مان نيزو به آهي. وچئين پٿريلي دور جي آخر ۾ پهريون دفعو مٽي مان ٿانوَ ٺهڻ شروع ٿيا. ان دور ۾ ئي جانورن پالڻ جي ابتدا ٿي ۽ زمين تي پوک ڪرڻ جي ڪوشش ٿيڻ لڳي. ان کانسواءِ مڇي جو شڪار به انسان جي معاشي سرگرمي جو هڪ وڏو حصو بنجي ويو. ان دور ۾ پيداواري قوتن جي بيپناهه ترقي ٿيڻ سبب ماڻهن جو هڪ وڏو حصو مستقل طريقي سان آباد ٿيڻ لڳو.
انهيءَ دور جي شڪارين ۽ مهاڻن جون ڪيتريون ئي وسنديون سنڌو ماٿري مان درياهه جي ڪناري تي روهڙي، سکر، آمـري ۽ ٻين هنڌن تان ۽ ماضي ۾ سنڌو ماٿري جي حصن يعني ڪاٺياواڙ، گجرات، ڪڇ ۽ ڀڄ مان پڻ دريافت ٿيون آهن ۽ انساني هڏن جا پنڊ پهڻ پڻ مليا آهن. ليڪن انهن مان ڪوبه اهڙو ٺوس ثبوت نٿو ملي جنهن وسيلي ان دور جي سنڌي ماڻهن جو انساني ڪردار بيان ڪري سگهجي يا سماجي جوڙجڪ جي پڻ خبر پوي، انهيءَ سان گڏ ان دور جي سنڌي ماڻهن جي ٻولي جي به خبر نه ٿي پوي. ننڍي کنڊ جي سرزمين تي نسلي لحاظ کان مخلوط انساني نسلن جي جوڙجڪ جو سبب ڪيترائي اهم تاريخي واقعا آهن، جيڪي قديم معاشري ۾ ظاهر ٿيا، خاص ڪري برفاني دور ختم ٿيڻ سان حياتياتي جاگرافيائي ماحول وڌيڪ موزون ٿيو ۽ آباد علائقن ۾ انساني انگ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ لڳو، جيڪڏهن ان دور جي قديم معيشت جي وسعت ۽ ڦھلاءَ کي نظر ۾ رکون ته آبادي ۾ اضافو اڻٽر لڳي ٿو. وچئين پٿريلي دور ۾ اوزارن جي ترقي سبب انسان نون علائقن ۾ ڦهلجڻ لڳا. ان سبب انساني نسلن ۾ رابطو ٿيڻ لڳو ۽ مخلوط انساني نسل وجود ۾ آيا. وچئين پٿريلي دور کانپوءِ ”جديد پٿريلو دور“ شروع ٿيو، قديم آثارن جي ماهرن جي چوڻ مطابق اهو دور ڇهه هزار سال قبل مسيح ۾ شروع ٿيو. اهو دور برصغير ۾ پٿريلي دور جي تهذيب جي جواني جو دور سڏيو وڃي ٿو. انهن علائقن ۾ جتي قدرتي ماحول موزون هيو، شڪارين ۽ مهاڻن جي گروهن پوک ڪرڻ شروع ڪئي. ان دور جي آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته هتان جا رهاڪو پٿر ۽ ڪچين سرن جا گهر ٺاهيندا هئا، تمام سهڻا مٽيءَ جا ٿانوَ ٺاهيندا هئا، رڍون، ٻڪريون ۽ ڪتا پاليندا هئا. سائنسدانن طرفان ڪيل ڪارباني تجربن ۽ تجزين مان معلوم ٿيو آهي ته اهي آباديون چار هزار سال قبل مسيح جون آهن. سنڌو ماٿري ۾ مٽي جي رنگين ٿانون تيار ڪرڻ واري دور ۾ پيداواري قوتون تيزي سان اڳتي وڌيون. قديم آثارن مان پتو پوي ٿو ته جڏهن قديم جرڳائي تنظيم ٽٽڻ لڳي ته زمين جي پوک ۾ اضافو ٿيو. اندور، ڀڳو ٽوڙهو ۽ آمري مان مٽي جي ٿانون جا جيڪي ٽڪرا مليا آهن، انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته برصغير ۾ ان زماني ۾ ڪنڀارڪو ڪم عروج تي هيو. اهڙي طرح فن تعمير به سنڌو ماٿري ۾ ڪافي ترقي ڪئي هئي. ان دور جي آخر ۾ڪنجهي ۽ ٽامي جون شيون پڻ ٺهڻ لڳيون.
ڪوٽڏيجي ۾ مختلف هنڌن جي کوٽائي کانپوءِ ان دور جي مثالي آبادي جو پتو پيو آهي، سائنسي تجزئي مطابق اها آبادي اٺاويهين صدي قبل مسيح کان ڇويهين صدي قبل مسيح جي دوران هئي. هي اهو ئي دور آهي جنهن کان پوءِ سنڌو ماٿري ۾ طبقاتي تنظيم اڀري هئي. ان آبادي ۾ پٿر ۽ ڪچين سرن جون جايون مليون آهن ۽ انهن جي چوڌاري وڏي ڀت ڏنل آهي جيڪا حملن کان بچاءُ جي نشاني پڻ آهي. ٽي هزار سال قبل مسيح جي ابتدا ۾ سنڌو ماٿري ۾ طبقاتي معاشري جي اڀرڻ جو عمل شروع ٿيو هو ۽ رياست جي ابتدائي جوڙجڪ جو بنياد پوڻ شروع ٿيوهو. سن پنجويهه سئو قبل مسيح ۾ ننڍي کنڊ جي اتر اولهه ۾ هڪ قديم ترين انساني تهذيب اڀري جنهن کي موهن جو دڙو ۽ سنڌو ماٿري جي تهذيب پڻ ڪوٺيو ويو آهي ۽ هڙاپا پڻ ان جو اهڃاڻ آهي. اها تهذيب ڪشمير کان ڪاٺياواڙ تائين ۽ ڪوئيٽا کان وٺي راجپوتاني تائين پکڙيل هئي. سنڌو ماٿر جي سڀيتا ان وقت دنيا جي سڀ کان وڏي تهذيبي وحدت هئي. ڇاڪاڻ ته ان جو دائرو پنهنجي همعصر يعني سهيوڳي مصري، سميري ۽ ايراني تهذيبن کان وسيع هيو. هي تهذيبي دور هڪ هزار سالن جي عرصي تائين اوج ۽ عروج تي رهيو. (2500-1500 ق.م) هن تهذيبي وحدت جا اڄ تائين سٺ کان وڌيڪ آثار دريافت ٿي چڪا آهن جن ۾ ٻه وڏا شهر موهن جود ڙو ۽ هڙاپا اهن. ۽ ٻيا ننڍا ننڍا ڳوٺ ۽ شهر موجوده سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پکڙيل آهن. موهن جو دڙو سنڌو جي ڪناري تي ۽ هڙاپا راوي جي ڪناري تي آهي. چيو وڃي ٿو ته اهي ٻئي شهر سنڌ جا قديم گادي جا هنڌ ٿي گذريا آهن. جن مان موهن جو دڙو تجارتي بندرگاهه پڻ هيو. موهن جي دڙي جي تهذيب هڪ اختلافي مسئلو پڻ بڻيل آهي. ڪجهه ماهرن ۽ تاريخدانن جي چوڻ مطابق اها تهذيب مقامي سرزمين جي پيداوار نه آهي. پر بيروني حملي آور ان کي سنڌو ماٿري م کڻي آيا، انهن جي چوڻ مطابق اها تهذيب هتان جي دراوڙن جي نه بلڪ انهن هند يورپي حملي آورن جي آهي جيڪي ٽي هزار سال قبل مسيح جي شروعات ۾ ننڍي کنڊ جي اتر اولهه علائقن ۾ داخل ٿيا. ڪجه مؤرخن جي خيال ۾ هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي تهذيبن انهن آريائي قبيلن جي جوڙيل آهي جيڪي قديم زماني ۾ سنڌو ماٿري ۾ داخل ٿيا هئا ۽ ڪجهه عالم ته وري ان کي مغربي ايشيا جي قديم تهذيب سميري تهذيب، سان وڃي ڳنڍين ٿا ۽ سنڌي تهذيب کي سميري تهذيب جي شاخ سمجهن ٿا.
پر اهي هڙئي رايا غلط ۽ رڳو مفروضا آهن، سنڌي تهذيب نج سنڌي تهذيب آهي. قديم آثار ثابت ٿا ڪن ته سنڌ جي تهذيب پنهنجي سرزمين تي ئي اوسر ورتي آهي ۽ اها برصغير جي اتر اولهه ۾ اصلي زرعي ثقافتن جي ترقي پسند تاريخي ارتقا جو نتيجو آهي. انهيءَ تهذيب جا اولهه ايشيا جي سهيوڳي ۽ همعصر تهذيبن سان رابطا ۽ لاڳاپا ضرور هئا ۽ سنڌ جي تهذيب ۽ سميري تهذيب ۾ جيڪا هڪجھڙائي ۽ هم آهنگي نظر اچي ٿي اها ان ڪري آهي جو انهن جا معاشي بنياد ساڳيا هئا، ڇاڪاڻ ته سنڌو ماٿري ۽ دجله، فرات ماٿرين جي تهذيبن ۾ معيشيت جو بنياد زراعت ۽ جانورن جي پالنا تي هيو. انهيءَ کانسواءِ سميري تھذيب جي شهرن ۽ سنڌي تهذيبن جي قديم مرڪزن وچ ۾ باقاعده ۽ مسلسل لاڳاپا به هئا. جيڪڏهن اهو تسليم ڪيو به وڃي ته انهن لاڳاپن سبب سنڌي تهذيب سميري تهذيب جون ڪجهه ظاهر ۽ اهم خاصيتون جذب ڪري ورتيون هيون ته به ان سان سنڌي تهذيب جو تابع ڪردار نٿو ثابت ٿئي. ڇاڪاڻ ته تاريخ جي ترقي جو جوهر سماج جي اندروني معاشي ۽ سماجي ارتقا هوندي آهي ۽ اها ئي ارتقا ٻين تهذيبن جي نمايان خصوصيتن کي جذب ڪرڻ ۽ انهن تي پنهنجو اثر وجهڻ جو موقعو فراهم ڪندي آهي. پنهنجي اندروني ارتقا کان سواءِ ٻي تهذيب جي اثرن کي قبول ڪرڻ ممڪن نه آهي.
سنڌو ماٿري جي ابتدائي تهذيب جي مربوط مطالعي مان ظاهر ٿو ٿئي ته اها چار هزار ۽ ٽي هزار سال قبل مسيح جي سميري شهري رياستن کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئي پر جيئن ته اڃا تائين موهن جي دڙي جي ٻولي جو اسڪرپٽ پڙهجي نه سگهيو آهي، ان ڪري مڪمل طور تي سنڌي تهذيب جي سماجي ڍانچي جي جامع ڪردار. رياست جي بنيادي شڪلين جو تجزيو يا ان جي ارتقا کي بيان نٿو ڪري سگهجي، ليڪن جيڪا به تاريخي شهادت ۽ ريسرچ ڪئي وئي آهي، ان جي بنياد تي اها راءِ آهي ته سنڌي تهذيب ابتدائي غلامداري سماج جي تهذيب هئي. سنڌو ماٿري ۾ طبقاتي معاشري جي تشڪيل سان گڏوگڏ ان علائقي جي نسلياتي آبادي جي تاريخي جوڙجڪ ۾ اهم ڪيفيتي تبديليون به ٿيون. سنڌو ماٿري جي تجارت ۽ دستڪاري جي وڏن آباد مرڪزن ۾ قبائلي علحدگي تيزي سان ختم ٿيڻ لڳي. شهرن ۽ پسگردائي جي ڳوٺن جي رهاڪن ۾ رابطو وڌيو واپاري مرڪزن جي قيام سبب ڳوٺن جا ماڻهو شهرن ڏانهن اچڻ وڃڻ لڳا. خون ۽ شادين جي بنياد وارا قبائلي رشتا ناتا، مضبوط علائقائي ناتن جي شڪل وٺڻ لڳا. واپاري مرڪزن تي غلامن جي خريد و فروخت سبب غلام داري نظام واري مخصوص قوميت پڻ ابتدائي دور ۾ تشڪيل ٿيڻ لڳي. ان دور ۾ سنڌي قوميت جي وجود جو اظهار ان مان ٿئي ٿو ته ان جا خالق، علائقائي ۽ ثقافتي فرقي جي شڪل رکندڙ هئا، جن جا پاڻ ۾ مقرر ۽ مستحڪم معاشي لاڳاپا هئا. تاريخدان انهن سببن ڪري سنڌو ماٿري جي رهاڪن کي انفرادي ۽ ڇڙواڳ قبيلن جو هڪ ٻئي کان بي تعلق ۽ ڪٽيل گروهه نه ٿا سمجهن پر انهن کي سميري ۽ قديم مصري قوميت وانگر تصور ڪن ٿا جن وسيع ثقافتون خلقيون، تاريخي ادب ۾ گهڻي وقت کان اهو پڪو خيال آهي ته سنڌو ماٿري ۾ آرين جي اچڻ کان اڳ يعني لڳ ڀڳ ٻه هزار سال قبل مسيح جا رهاڪو دراوڙ هئا ۽ اهي دراوڙي شجري جون مختلف ٻوليون ڳالهائيندا هئا. ان خيال کي تقويت روسي ماهرن جي جديد تحقيق مان پڻ ملي آهي. انهن جي چوڻ مطابق چئن هزارن کان ٻه هزار قبل مسيح تائين ڏکڻ ترڪمانستان ۽ يورال جي ڏاکڻين علائقي جي آبادين ۾ درآويدي (دراوڙ) نسل جا مختلف قسم موجود هئا. دراصل درآويدي نسل مختلف جاگرافيائي حدن ۾ پکڙيل هيو. ڇاڪاڻ ته خوزستان جي علائقي ۾ ڳالهائجندڙ قديم ٻولي خوزيا، دراوڙي ٻولين جي شجري مان هئي. ان کانسواءِ ڏکڻ هندوستان ۾ اڄ به دراوڙي زبان جون شاخون تامل ۽ تلگو موجوده آهن، جيڪي لساني طور هڪ ٻئي کان مختلف هوندي به گهڻن آوازن ۽ اچارن گهه، ڻ، ڃ، ڱ وغيره ۾ هم آهنگ آهن جيڪي دراوڙي ٻولين جي خاصيت آهن. بلوچستان ۾ رهندڙ بروهي قبيلن جي ٻولي به دراوڙي ٻولين جي شجري مان آهي ۽ ان جي نحوي ترڪيب دراوڙي آهي. بروهڪي ٻولي جي علمي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته ان جي ارتقا ڊگهي عرصي تائين ٻين دراوڙي ٻولين کان پري رهڻ دوران ٿي آهي. اهو ئي حال تلگو ۽ تامل جو آهي جيڪي لساني طور تي هڪ ٻئي کان گهڻو مختلف آهن. اصل دراوڙي فرقو جنهن قديم سنڌي تهذيب جو بنياد وڌو، ان جو پيدائشي رشتو سنڌو ماٿري جي ان آبادي سان ملي ٿو جيڪا اتي پٿريلي دور ۾ رهندڙ هئي.
نون نسلياتي عنصرن جي ظاهر ٿيڻ سان هر علائقي ۾ تهذيبي تبديلي ٿيندي آهي ليڪن سنڌو ماٿري ۾ اڳي کان ترقي پسند ۽ مٿاهين تهذيب اڀرڻ جو سبب ٻين علائقن کان آيل حملي آورن يا نسلي گروهن جو اچڻ نه پر مقامي معاشري ۾ پيداواري قوتن جي اوسر هو. ان سلسلي ۾ غذا جمع ڪرڻ کان وٺي غذا پيدا ڪرڻ تائين عبور، بنيادي اهميت رکي ٿو. انهن پيداواري قوتن۽ عملن سبب معاشي زندگي، خاندان، نظرين ۽ فن ۾ تبديليون رونما ٿيون. چار هزار سال ۽ ٽي هزار سال قبل مسيح جي وچ ۾ انهن تبديلين جو مجموعي نتيجو، موهن جي دڙي جي تهذيب جي تبديلي جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. موهن جي دڙي جي تهذيب جو خاتمو سنڌو درياهه جي رخن بدلجڻ، مغربي ايشيا جي ٻين تهذيبن سان تجارتي ناتن ٽٽڻ ۽ آرين جي حملن سبب ٿيو . انهي سان گڏ هڪ ٻيو سبب به هيو. جيڪو آهي ان سماج جو اندروني بحران، جنهن تي تمام گهٽ راءِ ڏني وئي آهي. انهيءَ بحران جي باري ۾ مڪمل طور تي ته ڪجهه نٿو چئي سگهجي پر ان جو ثبوت وچ اوڀر ۽ ڏور اوڀر ۾ غلامي جي معاشرن مان پڻ ملي ٿو، جتي شديد اندروني بحران اتان جي سماج کي لوڏي ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته اتي غلامي جي سماج، غلامي جي واڌاري ۽ زرعي برادرين جي شديد استحصال سماجي تضادن کي وڌائي ڇڏيو هو، ممڪن آهي ته هتي به اهڙي صورتحال هجي. بحران جو ٻيو سبب اهو پئي ٿي سگهيو ته سنڌو ماٿري ۾ قبل مسيح ٻئي هزار سالا دور جي شروعات ۾ پيداواري قوتن جيڪا ارتقا ڪئي انهن مطابق سماج جو مٿيون سياسي ڍانچو تبديل نه ٿيو جيڪو موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي تهذيبي بنيادن تي بيٺل هو. موهن جي دڙي جي تهذيب جيڪا اصل ۾ نج سنڌي سڀيتا آهي ان جو خاتمو، ان جي ثقافتي مرڪزن جو زوال ۽ ويراني، درياهه جو بار بار رخ بدلائڻ، سڄي علائقي جي انفرادي خطن جي وچ ۾ باهمي رابطن جو انتشار ۽ وحشي آريائي قبيلن جون هلائون اهي سڀئي اهڙا واقعا هئا، جن سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ اصل دراوڙي قوميت کي منتشرڪيو ۽ هن سرزمين جي مختلف حصن ۽ برصغير کان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڪيترين ئي نين نسلياتي شڪلين جو روپ ڏنو جن ۾ ڪولهي، ڀيل، باگڙي، مينگهواڙ، موجوده ڀارت جي تامل ناڊو، آنڌرا پرديش جا مختلف قبيلا، ناگالينڊ، برما ۽ بنگلاديش جي سرحدن تي ويٺل چڪما قبائلي، يورپ ۾ رهندڙ جپسي ۽ ٻيا ڪيترائي نسل اچي وڃن ٿا.
موهن جي دڙي جي رياست جي خاتمي کانپوءِ به ڪيتري ئي وقت تائين سنڌي تهذيب، سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪنارن تي پنهنجا مختلف تهذيبي ۽ ثقافتي مرڪز آباد ڪندي رهي آهي. رياست فقط هڪ جاگرافيائي ۽ سياسي حقيقت هوندي آهي پر قوم ۽ قومي تهذيب هڪ سماجي حقيقت هوندي آهي. اهڙي طرح سان رياست جي صورت ۾ سنڌي قوم جيتوڻيڪ تاريخ جي مختلف دورن ۾ مختلف صورتحال ۾ ڦاٿل رهي آهي. پر هڪ تهذيبي وحدت جي صورت ۾ سنڌي قوم پنهنجو پاڻ کي برقرار رکندي آئي آهي. 1843ع ۾ بحيثيت رياست جي چارلس نيپئر کان شڪست کائڻ کانپوءِپنهنجو وجود وڃائي، سنڌ ڌرتي هڪ غلام ڌرتي طور موجود آهي ۽ سنڌي ماڻهو موهن جي دڙي جي رياست جي خاتمي کانپوءِ دراوڙن جي منتشر قبيلن جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ اچن پيا. اهڙي صورتحال ۾ اسان کي ڇا ٿيڻ گهرجي؟ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟؟ اهو سوال به ڪيترن ئي ذهنن ۾ گردش ڪري رهيو آهي!!! اچو ته ان صورتحال کي نئون رخ ڏئي سنڌ کي هڪ جديد ۽ آزاد رياست جي صورت ۾ بحال ڪريون.

(روزاني عوامي آواز– 12 فيبروري 1998ع)