تعليمي نظام، طبقاتي معاشرو ۽ اسان جو خواهشون
اڄڪلهه اعلى تعليم جو حصول، ذهني اوسر لاءِ نه پر سٺي ملازمت جي وسيلي طور ڪيو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ علم کي روزگار جو ذريعو بنائڻ خراب ڳالهه يا گناهه نه آهي پر علم کي روزگار جي حد تائين محدود ڪرڻ هڪ بري علامت آهي. اهو رجحان نئون نه آهي. اهو اسانکي انگريز بھادرکان ورثي ۾ مليو آهي، جنهن هتي هڪ اهڙو تعليمي سرشتو رائج ڪيو جنهن جو مقصد سماجي ترقي نه بلڪ تعليمي ادارن کي اهڙيون فيڪٽريون بنائڻ هيو جن مان ڪلارڪ ۽ منشي ٺهي نڪرن، جن جو ڪم برطانوي راڄ کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڏيڻ هجي ۽ انهن جي ذريعي سامراجي حڪومتي سرشتي کي اطمينان ڀرئي نموني هلايو وڃي.
ننڍي کنڊ جي مسلمانن پاڪستان جي صورت ۾ هڪ نئين رياست جوڙي، جنهن جون پنهنجون گهرجون ۽ نيون ضرورتون پڻ هيون. انهن گهرجن مان هڪ اهم گهرج ”لارڊ ميڪالي“ جي ٺاهيل تعليمي سرشتي بجاءِ نئون تعليمي سرشتو هيو. پر تعليمي نظام ۾ ڪابه تبديلي ڪونه آندي وئي. نصاب جوڙيندڙ ماهرن هڪ سال ۾ ٻه، ٻه نصاب به آندا پر بنيادي تبديلي ڪانه ڪئي وئي. پاڪستان ۾ رهندڙ مختلف قومن جي تهذيبي ۽ ثقافتي ضرورتن کي نظرانداز ڪيو ويو. نصاب ۾ مقامي ڪردار رکندڙ شخصيتن ۽ هيرن کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو اڃان به جاري آهي ۽ نئين بوتل ۾ پراڻو شراب پيش ڪيو پيو وڃي.
گذريل پنجاهه سالن ۾ پاڪستاني سماج ۾ ڪهڙيون تبديليون آيون آهن ۽ ڪهڙا رجحان ۽ لاڙا آيا آهن؟ خيالن ۽ فڪر ۾ ڪهڙي تبديلي آئي آهي؟ پاڪستان ۾ رهندڙ قومن ۽ فردن جون تعليمي گهرجون ڪهڙيون آهن؟ انهن سوالن کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي آهي. نتيجي ۾ تعليم جو معيار ڪِري رهيو آهي، عوام ۾ تعليم جو حصول هڪ ڪاروباري ضرورت بڻجي ويو آهي، نصابي ڪتاب رڳو امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ويا آهن.
هن وقت ملڪ ۾ جيڪو تعليمي سرشتو رائج آهي اهو ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو ۽ انهن ٻنهي حصن ۾ واضح ۽ بنيادي فرق آهي. هڪ طرف اسڪول ڪاليجون ۽ يونيورسٽيون آهن، جن کي عام طور تي جديد تعليمي طريقي سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. جتي انگريزي تعليم مختلف نمونن سان پڙهائي پئي وڃي. ٻئي طرف ديني ۽ مذهبي درسگاهون آهن، جتي روايتي نموني سان عربي، فارسي، مذهبي ۽ قديم منطق ۽ فلسفي جي تعليم ڏني ويندي آهي، جنهن جو تفصيلي ذڪر مان هن کان اڳ پنهنجي ”درسِ نظامي“ تي لکيل مقالي ۾ ڪري چڪو آهيان، (جيڪو پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي-مصنف)
يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ هاءِ اسڪولن ۾ پڙهايو ويندڙ تعليمي طريقو اسان کي انگريزن کان ورثي ۾ مليو آهي ۽ گذريل پنجاهه سالن کان اسين گهاڻي جي ڏاند وانگر ان جي چوڌاري ڦري رهيا آهيون. نتيجي ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان هر سال لکن جي تعداد ۾ بيروزگار ڪلارڪ، ماستر، سپاهي، اڪائونٽنٽ، وڪيل، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر تيار ٿي نڪري رهيا آهن. جن کي رڍن جي ڌڻن وانگر هڪلي اهو چيو ٿو وڃي ته وڃو ۽ شهرن جي چراگاهن ۾ پنهنجو رزق حاصل ڪريو. ٻئي طرف روزگار جا چراگاهه کُٽي ۽ غيرآباد ٿي رهيا آهن پر ڌڻن جو تعداد وڌي رهيو آهي. انهن ڌڻن جي روزگار لاءِ چيو ٿو وڃي ته ميڊيڪل ڪاليجون وڌايون وڃن، انجنيئرنگ ۾ سيٽون وڌايون وڃن، روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا وڃن. پر ڪوبه اهو ڪونه ٿو چئي ته تعليم جو معيار به وڌايو وڃي. موجوده تعليمي سرشتي جو مقصد علم حاصل ڪرڻ نه آهي، ذهني اوسر نه آهي ۽ نه وري سماج کي صحتمند ۽ خوشحال بنائڻ آهي. ان جو بنيادي مقصد روزگار حاصل ڪرڻ بنايو ويو آهي. پر روزگار جا وسيلا ختم ٿي رهيا آهن. اميدوار وڌيڪ آهن، گنجائش گهٽ آهي. بيروزگارن جي پيداوار وڌيڪ آهي، کپت گهٽ آهي.
جڏهن اهڙي صورتحال هجي ته عملي زندگي ۾ داخل ٿيڻ جا حقيقي دروازابند ٿي ويندا آهن ۽ چور دروازا کلي ويندا آهن. اقربا پروري، رشوت ۽ سفارش جو جنم ٿيندو آهي، بدعنوانين جا اڻکٽ ۽ ڊگها سلسلا شروع ٿي ويندا آهن. انهن سلسلن جو آغاز تعليم دوران ئي شروع ٿي ويندو آهي تجربو به اهو ئي ٻڌائي ٿو، ڪاپي ڪلچر ان جو زنده مثال آهي.
هر سال انٽر جا امتحان ٿيندا آهن، پوزيشنون حاصل ڪندڙ اميداورن جا انٽرويو ۽ فوٽو اخبارن ۾ شايع ڪيا ويندا آهن. انهن مان ڪي اميدوار ڊاڪٽر ته ڪي وري انجنيئر، ڪي وڪيل ڪي وري جج يا وڏو آفيسر ٿي ملڪ ۽ قوم جي خدمت جون دعوائون ڪندا آهن. اهي سموريون ڳالهيون، وڏو ماڻهو ٿيڻ ۽ سماج ۾ اهم جاءِ والارڻ جي تمنا ۽ خواهش جي بنياد تي آهن. ٻيو ته ٺهيو پر اهي شاگرد ۽ شاگردياڻيون جيڪي پوزيشنون کڻي نه سگهيا يا وري اهي به جيڪي فيل ٿي پيا، جيڪڏهن انهن کان به پڇيو وڃي ته انهن جي دلين ۾ به اها ئي وڏو ماڻهو ٿيڻ جي خواهش ڪٿي نه ڪٿي موجود هوندي. اهي خواهشون دراصل شاگردن ۽ شاگردياڻين کان وڌيڪ سندن پيءُ ماءُ جون هونديون آهن. دراصل اسان پنهنجن ٻارن کي تعليم ئي ان لاءِ ڏياريون ته اهي ڪو وڏو ۽ طاقتور سرڪاري عهدو حاصل ڪري سگهن، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بڻجن ۽ اعلى عھدن تي رهن. اسان جي هن طبقاتي سماج ۾ زندگي جو ڪارج ئي اهي خواهشون آهن.
ليڪن سوال ته اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن سڀئي ٻار تعليم حاصل ڪري ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ۽ سرڪاري آفيسر بڻجي وڃن ته پوءِ هاري ۽ مزدور ڪير ٿيندو؟ زندگي ۾ ترقي ڪرڻ، جدوجھد ڪري سماج ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهڻ، بهتر ۽ خوشحال زندگي بسر ڪرڻ هڪ فطري خواهش آهي. پر ترقي ۽ خوشحالي جي اها خواهش ان وقت تائين هڪ ناجائز خواهش آهي جيستائين اها خواهش گڏيل خواهش ٿي، عوام جو مجموعي شعور نٿي بڻجي. موجوده حالتن ۾ اها هڪ اهڙي ذاتي ۽ انفرادي خواهش جي حيثيت رکي ٿي، جيڪا سماج ۾ خودعرضي، مفاد پرستي ۽ نفسا نفسي کي جنم ڏئي ٿي. ان خواهش سان نه تعليم جا بنيادي تقاضا پورا ٿين ٿا ۽ نه وري علم حاصل ڪرڻ جو ڪو مقصد نڪري ٿو.
ان ڪري اڄ ڪلهه تعليم حاصل ڪرڻ اعلى عهدن ۽ بهتر زندگي جي حصول جي هڪ اهڙي ڊوڙ بڻجي وئي آهي جنهن ۾ هر شاگرد ۽ اعلى تعليم حاصل ڪندڙ نوجوان بغل ۾ ڊگري کڻي، ٻين کي ٺونٺين سان پوئتي ڌڪيندو منزل ڏانهن اکيون پوري ڊوڙندو نظر اچي ٿو. مٿان وري ظلم اهو آهي ته ان ڊوڙ ۾ هر نوجوان حصو نٿو وٺي سگهي. بلڪ ان ماڻهوءَ جو ٻار حصو وٺي سگهي ٿو، جيڪو کيس تعليمي ادارن جي ڳرن خرچن جي باوجود پڙهائڻ جي سگهه رکندو هجي، امتحانن ويل ڪاپي ڪرائڻ جي سهوليت حاصل ڪري سگهي ۽ بعد ۾ وري امتحاني بورڊ جي سيڪريٽ برانچ مان پوزيشن واريون مارڪون وٺڻ جي به پهچ رکندو هجي.
انهيءَ جو مطلب ئي اهو آهي ته رڳو پهچ وارن ۽ امير ماڻهن جا ٻار ئي معاشري ۾ وڏا ماڻهو بڻجي سگهن ٿا ۽ هاري ۽ مزدور جا ٻار، هاري ۽ مزدور ئي ٿيندا. ان جو اهو به مطلب آهي ته ڏتڙيل ۽ پوئتي پيل ماڻهو ۽ طبقا بدستور پوئتي پيل ۽ پيڙيل ئي رهندا ۽ ملڪ جا پوئتي پيل علائقا به پوئتي پيل ئي رهندا، ۽ جڏهن ڪجهه علائقا ۽ اتان جو عوام لڳاتار پوئتي رکيو ويندو آهي ته محرومين جو احساس وڌڻ لڳندو آهي، ملڪي اتحاد، انتشار ۾ تبديل ٿيڻ لڳندو آهي ۽ صورتحال رياست جي فوت ٿيڻ تائين پهچندي آهي.
اسان جي ملڪ جي تعليمي سرشتي ۾ ڪابه بنيادي تبديلي نه آندي وئي آهي رڳو مٿئين ڍانچي ۾ تبديليون نئين تعليمي پاليسي جي نالي ۾ آنديون وينديون آهن. انگريزن پاران جوڙيل تعليمي سرشتي جو مقصد عوام جي ذهني اوسر نه هيو، عوام کي تعليم جي زيور سان سينگارڻ نه هيو ۽ نه وري انهن کي برصغير جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ ڪارآمد بنائڻ هيو. بلڪ اصل مقصد ته اهڙا ڪمدار ۽ ڪاراوا بنائڻ هيو، جيڪي برطانوي راڄ جا خدمتگار بڻجي انتظامي مشينري جا ڪارآمد پرزا بڻجن.
اڄ پاڪستان ۾ پڻ اها ئي صورتحال آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جڏهن هر شخص اعلى ملازمتن ۽ سرڪاري عهدن جو طلبگار آهي ته مسئلو اڃان به پيچيدو ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪابه رياست رڳو ڊاڪٽرن، انجنيئرن يا آفيسرن جي ڀرتي جو دفتر نه هوندي آهي. پر ڇا اسان جي معاشري ۾، جيڪو هڪ طبقاتي معاشرو آهي، ڪوبه ڊاڪٽر اهو برداشت ڪري سگهندو ته سندس پٽ اسپتال ۾ ڪمپائونڊر يا وارڊ بواءِ بڻجي، يا وري سندس ڌيءُ نرس يا دائي بڻجي، ڀلا ڪو انجنيئر اهو ڏسي سگهندو ته سندس پٽ معمولي مستري يا مڪينڪ بڻجي، ڀلا ڪو آفيسر اهو قبول ڪندو ته سندس پٽ ڪنهن آفيس ۾ پٽيوالو يا دفتري ٿئي. ڪو سرمائيدار اهو برداشت ڪندو ته سندس پٽ مل ۾ مزدور ٿئي يا وري ڪو جاگيردار اهو هضم ڪندو ته سندس اولاد هاري ٿئي، هر هلائي ٻج پوکي ۽ ڳاهه ڳاهي.
يحى خان جي دور جو مشهور واقعو آهي ته سندس وزير تعليم ايئرمارشل نور خان هڪ نئين تعليمي پاليسي جوڙي هئي، جيڪا شديد اختلافن سبب ڪابينه جي اجلاس ۾ رد ڪئي وئي هئي، ان دور جي وزيراطلاعات ۽ نشريات نوابزادي شير علي خان انهيءَ تعليمي پاليسي تي تبصرو ڪندي انتهائي ڪاوڙ مان چيو هيو ته ”نور خان جو دماغ خراب ٿي ويو آهي، ڇا هو اهو چاهي ٿو ته منهنجي ٻارن سان گڏ هارين ۽ مزدورن جا ٻار به تعليم حاصل ڪن؟ اهي حرامزادا منهنجي ٻارن سان گڏجي ويهندا؟ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ اها تعليمي پاليسي هرگز نه هلندي.“ اهو هيو تعليم جي باري ۾هڪ جاگيردار جو جاگيرداراڻو رد عمل. ساڳيو ئي رويو نوڪر شاهي، سرمائيدار ۽ وڏا ماڻهو، تعليم ۽ تعليمي سرشتي جي باري ۾ ظاهر ڪندا آهن.
اڄڪلهه امتحاني نتيجن جي موسم آهي. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ امتحاني بورڊ انٽر ۽ ميٽرڪ جا نتيجا ظاهر ڪندا، پوزيشنون ڊڪليئر ڪيون وينديون، الزامن ۽ جوابي الزامن جو سلسلو جاري ٿيندو، پوءِ ڊگهي ماٺ اچي ويندي. ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي بورڊ ۾ بدعنوانين تي گورنر پاران موڪليل ٽيم جي ڪيل انڪوائري جي نتيجي ۾ بورڊ جي ڪنٽرولر، اسسٽنٽ ڪنٽرولر ۽ سيڪريٽ برانچ جي انچارج کي معطل ڪيو ويو، جڏهن ته بورڊ جو چيئرمين پنهنجي شاندار روايتن کي برقرار رکندي موڪل تي وڃڻ جي سزا ڀوڳي رهيو آهي ۽ انشاء الله جلد ئي ڪنهن سڻڀي سيٽ تي وڃي ويهندو!! جڏهن ته معطل ٿيل عملدار پڻ ”ڪجهه ڀاءُ ڪجهه ڀلائي“ جي بنياد تي بحال ٿي ويندا ۽ توهان اسان کان به ڳالهه وسري ويندي.
حقيقت اها آهي ته تعليم جو مسئلو ڪو الڳ يا جدا مسئلو ڪونه آهي. اهو مسئلو بنيادي سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جو ئي هڪ حصو آهي. جيستائين معاشري ۾ طبقا موجود آهن. امير ۽ غريب وچـ۾ فرق موجود آهي. استحصال ڪرڻ وارا ۽ استحصال جو شڪار ٿيندڙ عوام موجود آهي. ڪنهن به سماجي ۽ اقتصادي مسئلي کي چپٽي ۾ پڪڙي پاسيرو ڪري نٿو سگهجي ۽ نه وري جدا نموني حل ڪري سگهجي ٿو.
انهيءَ مقصد لاءِ اسان سڀني کي سماج جي معروضي اقتصادي ۽ سماجي حالتن جو جائزو وٺڻو پوندو ۽ ان جي روشنيءَ ۾ بنيادي مسئلن کي ڳولهي سندن مستقل حل لاءِ جدوجھد ڪرڻي پوندي.
(روزاني عوامي آواز– 27 آگسٽ 1998ع)