محنت ۽ استحصال جي ڪهاڻي
انتهائي سخت آمرانه راڄ وارن ملڪن کي ڇڏيندي دنيا جي باقي سڀني ملڪن ۾ هر صنعتي شعبي ۾ مزدور تنظيمون به موجود آهن. عالمي سطح تي مزدورن جي اجرتن ۽ ڪم جي حالتن جي حوالي سان مقامي، بين الاقوامي قانون ۽ معيار به موجود آهن. ٻين لفظن ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته پورهيت جا حق عالمي ضمير جو حصو بڻجي چڪا آهن.
ان جي باوجود انهيءَ ڳالهه جي ضرورت اڃان باقي آهي ته مزدورن کي سندن حقن کان آگاهي ڏني وڃي، سندن ماضي ۾ ڪيل جدوجھدن جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن اڳتي لاءِ منزل جو تعين ڪري سگهجي.
عالمي تاريخ استحصال جي مختلف صورتن جي ڪهاڻي آهي. رنگ ۽ نسل جي بنياد تي انسانن جو ۽ قومن جو استحصال، جنس جي بنياد تي عورت جو استحصال، مذهب جي نالي تي فڪر جي آزادي جو استحصال، جھالت ۽ نام نھاد اخلاقيات جي آڙ ۾ انسانن جو جنسي استحصال، جنگ جي ميدانن کان وٺي بورچيخاني تائين، تعليمي ادارن کان وٺي ٻنين ۽ ٻارن تائين، انساني تاريخ، استحصال ۽ ڦرلٽ جي مختلف صورتن ۽ واقعن سان ڀري پئي آهي.
جيڪڏهن اسان ٿورڙو غور ۽ فڪر ڪنداسين ته اها ڳالهه پڌري ٿي پوندي ته استحصال جون اهي مڙئي شڪليون دراصل انسانن جي ٻن گروهن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڇڪتاڻ جون ڪهاڻيون آهن. انهن مان هڪڙو گروهه ڦورن جو آهي جيڪي سواءِ محنت ڪرڻ جي سمورن وسيلن تي قابض ٿيڻ ۽ رهڻ گهرن ٿا. ٻيو گروهه ڦرجندڙن جو آهي جيڪي پنهنجي محنت جي زور تي سموري دنيا کي خوشحال ۽ خوبصورت بنائڻ گهرن ٿا.
محنت دماغي به هوندي آهي ته جسماني به هوندي آهي. هن دنيا جي سموري سونهن ۽ خوبصورتي به محنت سبب ئي آهي. ٻنين ۾ ڪڻڪ جا سونهري سنگ، سرنھن جي ڦولار، مرڪندڙ ٻار، ڪارخانن جو هلڻ ۽ چمنين مان نڪرندڙ دونهين جا منظر، پيهي تي ويهي کانڀاڻي سان جهار هڪلڻ جا منظر، هر قسم جو تجربو ۽ دانشمندي ۽ روشن مستقبل جي آس به محنت جو ئي ڪرشمو آهي.
محنت سان دنيا ۾ نئين سوچ، وڌيڪ وسيلا، نوان امڪان ۽ بهتر لاڙا پيدا ٿين ٿا. ٻئي طرف استحصال سان سوچ جا دروازا بند ٿيندا آهن، انسانيت مٿان غربت ۽ محرومين جا منحوس پاڇا پوندا آهن، سمورا انساني ۽ قدرتي وسيلا، ٻين ماڻهن، مخالف گروهن ۽ قومن کي طاقت وسيلي دٻائڻ تي خرچ ڪيا ويندا آهن.
استحصال خواهه جسماني هجي يا ذهني، جنسي هجي يا مذهبي، اخلاقي هجي يا ثقافتي، سياسي هجي يا سماجي، اقتصادي هجي يا قانوني، ان جو بنياد ڪوڙ، ٺڳي، منافقت، طاقت جي ناجائز استعمال ۽ دوکي تي هوندو آهي. محنت ۽ استحصال ٻه مختلف رويا آهن، جن جو ٽڪراءُ تاريخ جي بنيادي ڪشمڪش تي آهي ۽ انهن جي وچـ۾ ٺهراءُ ٿيڻ ناممڪن آهي.
محنت ۽ استحصال جي انهيءَ ڪشمڪش مختلف زمانن ۾ مختلف صورتون اختيار ڪيون آهن. مثال طور غلامانه دور ۾ طاقت ۽ ظلم جي بنياد تي لکين انسانن کان زبردستي محنت ورتي ويندي هئي. ان ئي دور ۾ جبري محنت جي بنياد تي مصر جا قديم اهرام تعمير ڪيا ويا ۽ چين جي جبلن ۾ هزارين ڪلوميٽر ڊگهي عظيم ڀت تعمير ڪئي وئي، تاج محمد جھڙو شاهڪار جوڙيو ويو.
جاگيرداري دور ۾ زمين جو سينو چيري اناج پيدا ڪندڙ هاري کي مجبور ڪيو ويندو هيو ته هو پنهنجي محنت جو ميوو انهيءَ جاگيردار کي پنهنجي هٿن سان ڏئي اچي جنهن کي پنهنجن ئي ماڻهن سان غداري ۽ حاڪمن سان وفاداري عيوض جاگير عطا ڪئي ويندي هئي.
صنعتي دور جي ابتدا ۾ ڪارخاني جو مالڪ پنهنجو پاڻ کي مزدورن جو مالڪ سمجهندو هيو. هر قسم جي سخت مزدوري، پورهيتن کان ورتي ويندي هئي ۽ سندن تحفظ لاءِ ڪي به قانون موجود نه هئا. مزدورن جي حقن لاءِ اٿندڙ هر آواز کي دٻايو ويندو هيو ۽ ملڪ دشمني قرار ڏنو ويندو هيو.
ان دور ۾ منڊين تي قبضن لاءِ يورپي ملڪ سڄي دنيا تي ڪاهون ڪري رهيا هئا ۽ سرمائيدار هڪ طرف حڪومتن کي يقين ڏياري رهيا هئا ته هو پنهنجي صنعتن اندر رياستي مفادن جو بچاءُ ڪري رهيا آهن ۽ ٻـئي طرف وري مزدورن جو ڀرپور استحصال ڪري رهيا هئا. محنت ۽ ڦرلٽ جي انهيءَ ڪشمڪش ۾ رياستن ۽ حڪومتن، سرمائيدارن جي پشت پناهي پئي ڪئي.
ڪارل مارڪس انساني تاريخ ۾ پهريون ذهن هيو جنهن انساني محنت جي استحصال کي تاريخي پسمنظر، سائنسي حقيقتن ۽ منطقي طريقي جي مدد سان سمجهڻ ۽ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ استحصال کان پاڪ معاشري جو خواب پيش ڪيو.
جيتوڻيڪ انساني تاريخ ۾ غلامن ۽ هارين جون ڪيتريون ئي بغاوتون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، خود مسيحت جي شروعات به غلامن جي بغاوت کان ٿي هئي، پر غلامي جي دور ۽ جاگيرداري سماج ۾ استحصال جو شڪار ٿيندڙ انسان پنهنجي حقن جي جدوجھد جي لاءِ مؤثر ذريعن کان محروم هيا. پر صنعتي دور جا مزدور هڙتال، تالابندين ۽ ٻين ذريعن جي مدد سان سرمائيدار کان پنهنجا مطالبا مڃرائڻ جي حيثيت ۾ اچي پئي ويا، مزدورن جي سرمائيدارن خلاف جدوجھد پڻ هڪ نئين سياسي نظام کي جنم پئي ڏنو ۽ نوان سماجي قدر به جڙڻ لڳا.
صنعتي دور ۾ برطانيه اهو پهريون ملڪ هيو، جتي محنت ۽ استحصال جي وچـ۾ سماجي ڪشمڪش جو به بنياد پيو. برطانيه ۾ ڪوئلي جي کاڻين، ٽيڪسٽائل ۽ ريلوي جي صنعت سڀ کان اڳـ۾ وجود ۾ آئي. ٻاڦ جي انجڻ ايجاد ٿيڻ سبب چرپر جي ذريعن ۾ تيزي آئي ۽ سرمائيداري نظام هڪ بين الاقوامي صورت اختيار ڪرڻ لڳو.
شهرن جي آبادي وڌڻ لڳي، نوان ڪارخانا قائم ٿيڻ لڳا. لکين مرد، عورتون ۽ ٻار انهن ڪارخانن ۾ ڪم لاءِ اچڻ لڳا. شروعات ۾ ڪم جو ڪوبه ٽائيم مقرر ٿيل ڪونه هيو، ڪٿي ارڙهن ڪلاڪ، ڪٿي سورنهن ڪلاڪ ۽ ڪٿي ويهه ڪلاڪ مزدوري ورتي وڃڻ لڳي، ٻئي طرف ساڳئي قسم جي مختلف ڪارخانن ۾ اجرتن جو به واضح تعين نه هوندو هيو. مزدورن کي يونين سازي جو به حق نه هيو ۽ نه وري رٽائرمينٽ يا ٻيون سهوليتون هونديون هيون.
صنعتي انقلاب سبب جتي آمدرفت ۽ مواصلاتي ذريعن ۾ ترقي ۽ واڌارو ٿيو، اتي پورهيتن جو شعور ۽ اتحاد به وڌڻ ۽ قائم ٿيڻ لڳو. 1847ع ۾ پورهيتن جي پهرين بين الاقوامي تنظيم ”ڪميونسٽ ليگ“ جو بنياد وڌو ويو، جيڪا سڄي دنيا جي مزدورن جي عالمي تنظيم طور سڃاتي وڃڻ لڳي.
1860ع کان پوءِ آمريڪا هڪ وڏي صنعتي ملڪ طور اڀرڻ شروع ٿيو. آمريڪي صنعتڪار به وڌيڪ منافعي جي لالچ ۾ ۽ مزدورن جي حقن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ اڳتي هئا. ان ڪري آمريڪا ۾ به مزدورن جي حقن، منصفانه اجرتن، قانوني تحفظ ۽ زندگي جي بهترين معيار جي جدوجھد زور وٺڻ لڳي.
1873ع جي مشهور عالمي اقتصادي بحران ڪروڙين پورهيتن کي بيروزگار ڪري ملڪ ۾ شديد بيچيني ۽ غير يقيني جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي. روزانو هڙتالون ۽ احتجاج ٿيڻ لڳا. جن جو علاج ڪرڻ خاطر آمريڪي سرمائيدارن اٽلي، اسپين، پرتگال ۽ يورپ جي ٻين ملڪن مان سستا مزدور گهرايا ۽ مزدورن جي بدحالي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ لڳو.
ان سلسلي ۾ آمريڪي جي صنعتي شهر ”شڪاگو“ ۾ پهرين مئي 1886ع تي هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪم جو وقت اٺ ڪلاڪ مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. انهيءَ مظاهري ۾ شريڪ مزدورن تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، مزدور اڳواڻن کي گرفتار ڪري ڦاهيون ڏنيون ويون. پر پوءِ اهو سلسلو رڪجي نه سگهيو، 3-مئي تي ٿيندڙ مظاهري ۽ جلوس تي گوليون هلايون ويون، انهيءَ ڏينهن تي ئي ڪنهن مزدور پنهنجي ساٿين جي رت مان پنهنجي قميص ٻوڙي جهنڊو ٺاهيو جيڪو بعد ۾ مزدورن جو ڳاڙهو جهنڊو ۽ انقلاب جي علامت بڻجي ويو، اڳتي هلي پهرين مئي جو ڏينهن مزدورن جي عالمي ڏينهن طور مڃيو ويو ۽ سڄي دنيا اندر ملهائجڻ لڳو.
انهيءَ تحريڪ اڳتي هلي آمريڪي سرمائيدارن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ آخرڪار 1890ع ۾ آمريڪي حڪومت مزدورن جو بنيادي مطالبو اٺ ڪلاڪ محنت مڃي ورتو.
ايندڙ زماني ۾ عالمي مزدور تحريڪ ڪيترائي پاسا بدلايا، روس جو اشتراڪي انقلاب پڻ مزدور تحريڪ جي سياسي شڪل ئي هيو. اڄ جي دنيا ۾ ٽريڊ يونين جي قانوني حيثيت ۽ مزدورن جي فلاح بھبود جا تصور به ماضي جي انهن شاندار ۽ اڻٿڪ جدوجھدن جو ئي نتيجو آهن.
اهو سچ آهي ته تاريخ جو ڦيٿو هڪ هنڌ نه ٿو بيهي، انساني سوچ ۽ انساني محنت جي ترقي سان موجوده صدي جي پوئين اڌ ۾ جيڪو تاريخي مرحلو اڳيان آيو آهي انهيءَ ۾ ٽن ڳالهين کي بنيادي اهميت حاصل آهي.
1.”صنعتن ۾ مزدورن جو تعداد گهٽ ٿيڻ لڳو آهي ۽ جديد مشينري ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي سان سرمائي جي بنيادي حيثيت واريون صنعتون وجود ۾ آيون آهن. پورهيتن جو وڏو تعداد منظم صنعتن بجاءِ سماجي خدمتن جي شعبي سان وابسته ٿيڻ لڳو آهي. ان ڪري جسماني محنت ڪرڻ وارن جي وڏي تعداد جي مفروضي تي قائم سياسي تصورن ۾ تبديلي پڻ لازمي ٿي پئي آهي.“
2. ”مزدورن جي حڪومت جي نالي ۾ قائم ٿيڻ وارو سياسي نظام آمريت جي بدترين شڪل اختيار ڪري ويو. جمھوري شرڪت ۽ فڪري آزادي کان سواءِ هاڪاري سماجي قدرن ۽ منصفانه سماج جو خواب پورو ٿي نه سگهيو، جنهن سبب اشتراڪي نظام پنهنجي ئي بار هيٺ دٻجي واپس موٽي ويو.“
3. ”سڄي دنيا ۾ مزدورن جي ڊگهي جدوجھد صنعتي ملڪن ۾ سماجي بھبود، منصفانه سماجي قدرن، عوام دوست قانونن ۽ بهتر جمهوري ڍانچن کي جنم ڏنو، جنهن سبب استحصال جون بدترين شڪليون آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳيون، عالمي ادارن پاران اهڙا معيار ۽ قانون جوڙيا ويا، جن جي روشني ۾ مزدورن جي حقن جي ضمانت ڏني پئي وئي.“
جديد معاشي ۽ سماجي فڪر جو بنياد محنت جي مڃتا ۽ عظمت تي آهي. محنت انساني وقار کي اڳتي وڌائي ٿي ۽ ٻين جي محنت جو استحصال بدترين برائي سمجهيو ويندو آهي. پر اهو سمجهڻ به غلط ئي هوندو ته ڪو سڄي دنيا ۾ هر هنڌ محنت جي عظمت کي مڃيو ويو آهي يا مزدورن جي حقن جي ضمانت موجود آهي. در اصل ايئن نه آهي دنيا ۾ اڄ به اهڙن ملڪن جو تعداد گهڻو آهي جتي سياسي نظام آمراڻو آهي، جتي معيشيت استحصال ۽ ڦرلٽ جي بنياد تي آهي، جتي مزدورن جا حقن چند پيشه ور ٽريڊ يونين اڳواڻن جي هٿ ۾ آهن، جتي بنيادي صنعتي ڍانچو ئي موجود نه آهي.
ڳالهه رڳو ايتري به نه آهي اڃان ته قومن جي وچـ۾ منصفاڻه لاڳاپا ۽ استحصال کان پاڪ عالمي نظام جو سپنو به ساڀيان ٿي نه سگهيو آهي. امير ۽ غريب جي وچـ۾ فاصلا نه رڳو موجود آهن پر وڌي به رهيا آهن. سموري دنيا اندر اربين انسان بنيادي ضرورتن پاڻي، رهائش، خوراڪ، تعليم ۽ صحت جي سهوليتن کان محروم آهن.اڃان دنيا اندر مزدورن جي حقن جو خواب به اڌورو آهي. انسان ته ان رخ ۾ڪجهه قدم ئي اڳتي وڌايا آهن.
ياد رکڻ گهرجي ته پورهيتن جا حق، اهڙي منصفاڻي عالمي نظام کان سواءِ حاصل نٿا ڪري سگهجن، جنھن ۾ طاقت بجاءِ محنت، ظلم بجاءِ علم، نفرت بجاءِ محبت، هڪ هٽي بجاءِ شرڪت ۽ آمريت بجاءِ جمهوريت کي بنيادي اصولن جي حيثيت حاصل هوندي. انهيءَ جدوجھد ۾ انسانن کي انفرادي، قومي ۽ عالمي سطح تي حصو وٺڻو پوندو. اها جدوجھد سمورن خطن، ملڪن ۽ قومن جي انسانن جي ماضي جي ميراث به آهي ته هڪ روشن مستقبل جي ضمانت پڻ آهي.
(روزاني عوامي آواز– 22 جولاءِ 1998ع)