ڇا هن ملڪ ۾ سڀ ماڻھو چور آهن؟
انساني تاريخ ۾ چوري جي سزا ان کان به وڌيڪ سخت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. آفريڪا جي ڪجهه قبيلن ۾ چوري ڪرڻ تي چور جو ڪن ڪپيو ويندو هيو، ڪٿي وري نڪ ڪپڻ جو رواج هيو. ڪٿي چورن کي وڻ سان ٻڌي سيني ۾ ڪلي ٺوڪي ڇڏيندا هيا ته ڪٿي وري چورن کي باهه جي حوالي ڪيو ويندو هيو. اسلامي شريعت ۾ چور جي سزا هٿ ڪپڻ مقرر ڪيل آهي. پر انهن سمورين عبرتناڪ سزائن جي باوجود چوري جي لعنت ختم نه ٿي آهي.
چوري جون مختلف شڪليون ۽ معنائون آهن، ڪجهه گھرائي ۾ وڃبو ته ڪي دلچسپ حقيقتون اڳيان اينديون. مثال طور گذريل سال 1997ع جي آخري ڇهن مهينن ۾ سڄي سنڌ ۾ چوري جون ڪل 249 وارداتون ٿيون (جن جي ايف.آءِ.آر ڪاٽي وئي) جن جي ڪل ماليت سترهن لک، ايڪٽيهه هزار ۽ ٻاونجاهه روپيا هئي. انهيءَ رپورٽ تي انڪم ٽيڪس کاتي جي هڪ عملدار کلندي تبصرو ڪيو ته ”انهيءَ کان وڌيڪ ماليت جو ٽيڪس هڪ ننڍڙو واپاري سال ۾ چورائي ٿو وڃي.“
وڏا واپاري ۽ صنعتڪار ته حساب ڪتاب ۾ ڦيرگهير ذريعي سرڪاري ٽيڪس ۽ ڊيوٽي چوري ڪري هر سال ڪروڙين، اربين روپيا هضم ڪري ويندا آهن. سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن جا بدعنوان آفيسر به انهيءَ ڊوڙ ۾ ڪنهن کان گهٽ نه آهن. بقول سابق مرڪزي وزير خزانه، مرحوم ڊاڪٽر محبوب الحق جي ته ”ملڪ ۾ ٿيندڙ بدعنوانين جو 25% سيڪڙو کان وڌيڪ حصو بيورو ڪريسي کائي ٿي وڃي، جيڪو ويهه ارب روپين کان به وڌيڪ بيهي ٿو.“
چوري ۽ بدعنواني جا اهڙا ڪيترائي شعبا آهن جن ۾ هزارين ۽ لکين روپيا روزانو کاڄي وڃن ٿا. مگر گذريل سڄي سال ۾ جن چورن سترهن لک، ايڪٽيهه هزار ۽ ٻاونجاهه روپيه چوري ڪيا ۽ پڪڙيا ويا، انهن کي ٿاڻن ۾ بند ڪري مارڪٽ ڪئي وئي هوندي ۽ هٿڪڙيون ۽ ڏنڊا ٻيڙيون هنيون ويون هونديون، ڪيترائي مهينا بلڪ سال انهن حاضريون ڀوڳيون هونديون. ڊگهيون سزائون به ڪاٽيون هونديون ۽ جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ انهن جا سيارا ۽ اونهارا گذريا هوندا.
ٻئي طرف وڏن چورن کي اول ته پڪڙي ئي نه سگهبو آهي پر جيڪڏهن حڪومت تبديل ٿيڻ سبب جهلجن ٿا ته قانونن جي جهول جو فائدو وٺي، بهترين وڪيل ڪري بچي ٿا وڃن ۽ جيل يا لاڪپ جا چند ڏينهن به ”اي“ ڪلاس جو مزو ٿا وٺن. ڇاڪاڻ ته اسان جو سماجي ڍانچو ئي اهڙو آهي جو ننڍا چور ته ڦاسي ٿا پون پر وڏا چور صاف بچي ٿا وڃن.
سوال اهو آهي ته چوري جي جاچ جو آغاز ڪٿان ڪجي؟ مٿان کان يا هيٺان کان؟ ان کان به وڏو سوال اهو آهي ته چوري کي ڪهڙي پيماني سان ماپجي. چورن کي ڪهڙي نموني وڏن ۽ ننڍن خانن ۾ رکجي ۽ ڏوهه جي سنگيني جي اعتبار کان ڪهڙي سزا ڏني وڃي؟ هڪڙيون چوريون ننڍيون هونديون آهن. ٻيون چوريون وڏيون هونديون آهن. ننڍي چوري چند سئو روپين يا ڪجهه هزارن جي هوندي آهي پر وڏي چوري لکن ۽ ڪروڙن جي هوندي آهي. ننڍي چوري مان فقط هڪ فرد يا خاندان متاثر ٿيندو آهي، پر وڏي چوري مان سڄو ملڪ ۽ سڄي قوم متاثر ٿيندي آهي.
”چور ڪک جو هجي يا لک جو، چور آهي.“ ۽ چوري ڪهڙي به شڪل ۾ هجي مڪروهه، غليظ ۽ مذمت لائق عمل آهي. چور ان لاءِ برو آهي ته هو ٻئي انسان جي دولت کسي ٿو وٺي. اها دولت سامان هجي يا روڪ ناڻو يا ڪنهن ٻي شڪل ۾ هجي. پر اها دولت دراصل انساني محنت جي تبديل ٿيل شڪل ئي هوندي آهي. اها دولت ڪنهن جي هڪ ڏينهن، هڪ مهيني، هڪ سال يا ڪيترن ئي سالن جي ڪمائي هوندي آهي. مطلب ته ڪوبه چور ڪا چوري ڪري ٿو ته هو بنيادي طور تي سندس محنت ئي چورائي ٿو.
چوري جيڪڏهن ابتدائي شڪل ۾ هجي يعني اها ننڍي چوري هجي ته ان کي رڳو چوري چئبو، اهڙي چوري رڳو هڪ فرد يا خاندان جي محنت جي چوري هوندي آهي. پر جيڪڏهن چوري گهڻو اڳتي وڌي وڃي ۽ چوري جي سطح بلند ٿي وڃي ته اها چوري نه رهندي پر ان کي استحصال چئبو آهي. استحصال جو مفهوم ۽ مطلب، عام ۽ ننڍي چوري وانگر رڳو ئي محنت جي چوري آهي ۽ اها هڪ معروضي حقيقت آهي. چوري کي سمورين بدعنوانين ۽ ڏوهن جي ماءُ چيو ويندو آهي. جيڪڏهن چوري سمورن ڏوهن جي ماءُ آهي ته استحصال وري چوري جي ماءُ آهي، جنهن جي ڪُک مان سموريون بدعنوانيون ۽ سمورا اخلاقي ۽ سماجي ڏوهه جنم وٺن ٿا.
چوري جي ماءُ استحصال جنم ڪيئن ورتو؟ ان باري ۾ تاريخ خاموش نه آهي. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته ابتدائي انساني معاشري ۾ هڪ مرحلي تي ائين ٿيو ته ڪنهن ماڻهو چند ڍور قبضي ۾ ڪري چيو ته ”هي جانور منهنجا آهن.“ پوءِ ڪنهن ٻئي ماڻهو زمين جي ڪنهن ٽڪري تي قبضو ڪري چيو ته ”هي زمين منهنجي ملڪيت آهي.“ ۽ ڪنهن ٻئي انسان وري ڪجهه جنگي قيدين کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي چيو ته ”هي منهنجا غلام آهن.“ اها بلڪل نئين ۽ نرالي ڳالهه هئي، ان کان اڳ سمورا ڍور ۽ زمين گڏيل ملڪيت هوندا هيا. سڀئي گڏجي محنت ڪندا هيا ۽ محنت مان حاصل ٿيندڙ پيداوار کي پاڻ ۾ هڪجيترو ورهائي ڇڏيندا هيا.
جنهن ڏينهن کان جانور، زمين ۽ غلام، ذاتي ملڪيت بڻيا، ان ڏينهن کان استحصال جو سلسلو شروع ٿي ويو. ان جي شڪل اها هئي ته غلام محنت ڪندا هئا ۽ انهن جا مالڪ سندن محنت تي عيش ڪندا هئا. اهو انساني تاريخ ۾ طبقاتي معاشري جو آغاز هيو. ان ۾ انسان، مالڪ ۽ غلام جي طبقن ۾ ورهائجي ويا ۽ ان سماج کي غلامانه سماج سڏيو ويو. اهو غلامن جي محنت جي استحصال تي بيٺل سماج هيو.
محنت جي انهيءَ استحصال سان گڏ چوري، ڦر ۽ ڌاڙن جي شروعات به ٿي وئي. اها وري ائين ٿيندي هئي ته هڪڙو قبيلو يا گروهه ٻئي قبيلي يا گروهه تي حملو ڪري، زمينن ۽ غلامن تي قبضو ڪري وٺندو هيو، اهڙي طرح چوري جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو، اهو وقت گذرڻ سان گڏ نيون نيون شڪليون ۽ صورتون اختيار ڪندو ويو.
غلام داري سماج ۾ مالڪ، غلامن جي محنت چوري ڪندا هيا، غلامداري سماج ختم ٿيو ته جاگيرداري سندس جڳهه ورتي جاگيردار وري هارين جي محنت چورائڻ لڳا، جاگيرداري ختم ٿي ته سرمائيداراڻي سماج ۾ سرمائيدارن پاران مزدورن جي محنت جي چوري ٿيڻ لڳي. محنت جي چوري جو اهو سلسلو ان وقت تائين جاري رهندو، جيستائين طبقاتي سماج باقي آهي. جيستائين طبقا موجود آهن، چوري وڏي يا ننڍي شڪل ۾ برقرار رهندي.
تاريخ جي ارتقا تي نظر وجهڻ سان انهيءَ بنيادي حقيقت جو پتو پوي ٿو ته ”سمورن ڏوهن جي ماءُ چوري آهي، چوري جي ماءُ استحصال آهي ۽ استحصال جي ماءُ نجي ملڪيت آهي. سموريون ننڍيون ۽ وڏيون چوريون هڪ ئي زهريلي وڻ جون ٽاريون آهن جنهن جي پاڙ نجي ملڪيت آهي.“
”کيسي ڪپڻ وارا ۽ چور ايتريقدر بيحس ۽ سنگدل هوندا آهن جو هو اهو به نه سوچيندا آهن ته هو جنهن شخص کي ڦري رهيا آهن ممڪن آهي ته اهو پنهنجي بکايل ٻارن لاءِ خوراڪ، پنهنجي بيمار پوڙهي ماءُ لاءِ دوا يا ڪنهن مري ويل مائٽ لاءِ انهن پئسن مان ڪفن وٺڻ ويندو هجي.“
چوري هڪ گندو عمل آهي ۽ انهن چورن کي بلاشڪ عبرتناڪ سزا ملڻ گهرجي، پر وڏن چورن جي باري ۾ ڇا ٿو ڪيو وڃي، جيڪي هڪ فرد يا خاندان کي نه بلڪ پوري قوم ۽ ملڪ کي ٻنهي هٿن سان ڦري لٽي رهيا آهن. نه رڳو موجوده نسل بلڪ ايندڙ نسلن کي به غربت، تباهه حالي ۽ جھالت جي اونداهين غارن ۾ ڌڪي رهيا آهن.
افسوس ته اهو آهي جو ننڍا چور ته پنهنجو ڏوهه مڃي ان تي پشيمان به ٿيندا آهن، پر وڏا چور پشيماني بجاءِ چوري کي پنهنجو حق پيا قرار ڏين، انهن جو رويو چوريءَ سان گڏ سينه زوري جو آهي، ڇا انهن کي به عبرتناڪ سزا ملڻ گهرجي؟
جڏهن وڏن چورن کي سزا ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته ملڪ جي سالميت، اسلام، جمھوريت ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون خطري ۾ پئجي وينديون آهن. ملڪ ۾ ڪفر ۽ اسلام، جمهوريت ۽ آمريت، احتساب ۽ حساب ڪتاب جا نعرا شروع ٿي ويندا آهن ۽ مسئلي جو اسلامي حل ڳولهڻ جي نصيحت پڻ ڪئي ويندي آهي. ڇا اسلام ننڍن چورن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ ۽ وڏن چورن کي سڌو سنئون نظرانداز ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري؟؟
نه ڪڏهن به نه! دنيا جو ڪوبه مذهب اهڙي ڳالهه نٿو ڪري، پر اهي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ضرور ٿا ڪن، جيڪي ڦورو ۽ ڦرجندڙ وچـ۾ ڪوبه فرق نٿا رکن يا وري انهن کي اهو فرق ڏسڻ ۾ نٿو اچي. اهي ڀائيچاري ۽ ٺاهه جون ڳالهيون ڪندا ٿا اچن، طبقاتي نفرتون گهٽائڻ جي نالي ۾ طبقاتي نظام کي برقرار رکڻ جون ڳالهيون ٿا ڪن. ڇا ڦورو ۽ ڦرجندڙ وچ ۾ ٺاهه ٿي سگهي ٿو؟ ڇا چور ۽ ڀاڳيو ڪڏهن ٺهيا آهن؟ اهڙو نسخو ته مغربي دنيا جا معاشي ماهر به نه جوڙي سگهيا آهن.
ڳالهه نهايت سڌي ۽ صاف آهي ته جيڪڏهن چوري کي ختم ڪرڻو آهي ته پوءِ ان جي هرشڪل ۽ روپ کي ختم ڪرڻو پوندو، رڳو ڪوڙن ۽ ڦٽڪن هڻن، هٿ ڪپڻ يا عبرتناڪ سزائن ڏيڻ سان ان جي پاڙَ نه پٽي سگهبي.
اڄ جو دور الف ليلوي قصن ڪهاڻين وارو نه آهي ۽ نه وري روايتي انصاف جو دور آهي. اڄ جو دور شعور ۽ سائنس جو دور آهي. اڄ هرهڪ ڳالهه دليل ۽ ثبوت تي پرکي وڃي ٿي، تاريخ ۽ ان جي سماجي عمل جي پسمنظر ۾ ڏٺي وڃي ٿي- ۽ اڄ جو سماجي شعور اهو ئي ٻڌائي ٿو ته چوري جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ محنت جي استحصال جي مڙني صورتن کي ختم ڪرڻو پوندو.
(روزاني عوامي آواز– 19 آگسٽ 1998ع)