ڪالم / مضمون

سياست، سماج ۽ آزادي

مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سياست، سماج ۽ آزادي“ جو ليکڪ خالد چانڊيو صاحب آهي.
استاد خالد چانڊيو گهڻ طرف لکيو پڙهيو ماڻهو آهي، جنهن جو سماج جي مختلف رخن ڏانهن ڏسڻ ۽ سوچڻ جو انداز فڪري استاد وارو رهيو آهي. هن جي لکڻي ۾ ڏاهپ، سنجيدگي ۽ برجستگي توهان کي جهلڪندي نظر ايندي.
Title Cover of book سياست، سماج ۽ آزادي

  اظهار جي آزادي تاريخ جي ورقن ۾

هر باشعور ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو اهو قول ضرور ٻڌو هوندو ته ”انسان هن ڌرتي تي آزاد پيدا ٿيو، ليڪن هن کي هر دور ۾ سنگهرون پارايون ويون آهن.“
مشهور يوناني مفڪر ”ارسطو“ انسان کي ”حيوانِ ناطق“ يعني ”ڳالهائيندڙ جانور“ سڏيو آهين. ارسطو جي خيال ۾ ”ڳالهائڻ يا پنهنجي خيالن ۽ نڪته نظر جو اظهار ڪرڻ جي صلاحيت ئي انسان کي ٻين حيوانن کان مٿانهون رکي ٿي.“ انسان جي اها خاصيت ئي سندس سڃاڻپ آهي ۽ ان خاصيت کان انسان کي جدا ڪرڻ جو تصور به ناممڪن آهي. ان ڪري راءِ جي اظهار جو حق نه رڳو انسان جو پيدائشي حق آهي پر ان حق کان انسان کي محروم ڪرڻ يا ان ۾ گهٽ وڌائي ڪرڻ جي هر ڪوشش پڻ انسان دشمن قدم آهي.
انسان ڌرتي تي پنهجي سفر جي شروعات سماجي زندگي سان ڪئي. سماج جو وجود خيالن جي مٽاسٽا کان سواءِ ناممڪن آهي. انهيءَ سماجي ۽ فطري گهرج سبب انسانن راءِ جي اظھار جا مختلف طريقا ڳولهيا. جهونن آثارن جي کوٽائي مان پتو پيو آهي ته ڌرتي جي گولي تي انسان لڳ ڀڳ چار ارب سالن کان آباد آهي. سماجيات جي مطالعي مان اندازو لڳي ٿو ته شروعات ۾ انسان جانورن وانگر هلڪن ۽ تيز آوازن وسيلي يا جسماني حرڪتن (اشارن) وسيلي هڪٻئي کي پنهنجو نڪته نظر سمجهائيندا هئا ۽ پاڻ ۾ رابطو ڪندا هئا. پر انسانن وٽ هڪ اهڙي شئي هئي جيڪا جانورن وٽ نه هئي. اها شئي آهي دماغ ۽ ان جو استعمال، جنهن جي مدد سان انسان پنهنجي هلڪن ۽ تيز آوازن ۽ جسماني حرڪتن کي هڪ منظم ۽ مربوط شڪل ڏني ۽ پوءِ آوازن، اکرن کي ۽ اکرن وري ٻولي کي لفظن جي شڪل ۾ جنم ڏنو. پر انهيءَ مرحلي کي لکت جي صورت ۾ آڻڻ ۾ انسانن کي تمام گهڻو وقت لڳي ويو. زباني گفتگو جي مقابلي ۾ لفظن کي لکڻ جو سلسلو گهڻو پوءِ يعني اڄ کان پنج يا ست هزار سال اڳ شروع ٿيو. لسانيات جي ماهرن جي راءِ ۾ انساني تھذيب جي ارتقا ۾ اهم ترين خدمت سميرين ۽ سنڌين سرانجام ڏني ۽ تصويري رسم الخط بجاءِ اکرن ۽ لفظن تي ٻڌل منظم رسم الخط ايجاد ڪئي. موهن جي دڙي جو اسڪرپٽ جنهن کي اڃان تائين ڪوبه لسانيات جو عالم پڙهي نه سگهيو آهي دنيا جي قديم ترين اسڪرپٽن ۾ ليکيو وڃي ٿو.
اشارا، تصويرون، تصويري لکتون ۽ انهن جي ترقي يافته شڪل يعني اکرن جو جڙڻ ۽ بعد ۾ صورتخطي جو ٺهڻ وغيره وغيره، اهو سڀ نه رڳو انساني گهرج پر راءِ جي اظھار واري جذبي جي تخليق آهي. اکرن ٺهڻ کانپوءِ انهن اکرن ملي لفظ ٺاهيا. لفظن وري ٻولي ۽ گرامر جي قاعدن قانونن جي صورت اختيار ڪئي. تحرير ۽ لکتن جو آغاز جابلو ڇپن، وڻن جي پنن، ڪاٺ جي ڦرهين ۽ پٿر جي ڪتبن کان ٿيندو ڪاغذ ۽ قلم تائين وڃي پهتو، ڪاغذ ۽ قلم کان اڳتي وڌيو ته سلسلو وڃي ڇاپيخاني ۽ پريس جي ايجاد تائين پهتو ۽ انساني تخيل جو گهوڙو تيزي سان ڊوڙڻ لڳو.
اڄ ويهين صدي جي پڄاڻي وقت سائنسي ترقي، ٽيليفون، ريڊيو، ٽي وي، فلم، اخبارون ۽ اليڪٽرانڪ ڊيٽا ڪميونيڪيشن (Electronic Data Communication) وسـيـلـي، ڌرتــي جــي گــولــي کــي هڪ ڳوٺ (Global Village) جي صورت ڏئي ڇڏي آهي. اڄ جو دؤر انٽرنيٽ جو دور آهي اڄڪلهه سيٽلائيٽ ۽ ٻين مواصلاتي ذريعن معلومات ۽ هر قسم جي اطلاعن کي طوفاني انداز ۾ پهچائڻ شروع ڪيو آهي. اطلاعاتي ٽيڪنالاجي جي ترقي جي نتيجي ۾ درست ۽ ضروري معلومات چند سيڪنڊن جي اندر دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پهچي رهي آهي.
ليڪن اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي مختلف وسيلن ۽ ذريعن جي شاندار ترقي ۽ وسيع تر فراهمي جو اهو نتيجو هرگز نٿو ڪڍي سگهجي ته ڪو انسان کي راءِ جي اظھار جو فطري حق شروع کان وٺي حاصل آهي يا وري اڄ به سمورن انسانن کي اهو حق سواءِ ڪنهن فرق جي حاصل آهي.
تاريخ تي نظر ڊوڙائڻ سان پتو پوندو ته ظالم ۽ غاصب حڪمران ۽ قوتون هميشه انساني فهم ۽ فڪر، سوچ ۽ شعور ۽ سچائي کان ڊنل رهيون آهن. ڪيترائي دفعا وقت جي بادشاهن سچ لکڻ وارن جا هٿ ڪپرائي ڇڏيا، انهن کي مارايو ويو، بندشون وڌيون ويون ۽ جلاوطن ڪيو ويو. انساني تاريخ اهڙن ڪيترن ئي ماڻهن جي رت سان رڱيل آهي جن جو ڏوهه رڳو اهو هيو ته هنن سچ ۽ سچائي کي عوام اڳيان آڻڻ پئي گهريو. نه رڳو لکندڙن سان عقوبتون ٿيون، بلڪ لکتون پڻ تباهه ڪيون ويون.
انساني تاريخ ۾ وڏي پيماني تي لکيتن کي تباهه ڪرڻ جوواقعو قديم چين جي تاريخ مان ملي ٿو. جڏهن 206 ق.م ۾ ”چن“ خاندان جي شهنشاهه“ شي هوانگ ٽي“ حڪم ڏنو ته ”چن خاندان“ جي دستاويزن ۽ لکيتن کان سواءِ ٻيون سڀ لکيتون ساڙيون وڃن ته جيئن تاريخ جي شروعات رڳو ”چن“ خاندان سان ٿئي. ان کان سواءِ ”جوليس سيزر“ جڏهن 47 قبل مسيح ۾ مصر تي حملو ڪري ”اسڪندريه“ تي قبصو ڪيو ته اتان جي مشهور ڪتبخاني کي ساڙائي ڇڏيو. ”هالي ووڊ“ جي مشهور فلم ”ڪلوپيٽرا“ ۾ پڻ ”جوليس سيزر“ جي حڪم تي انهيءَ ڪتب خاني کي سڙندي ڏيکاريو ويو آهي. ان کان سواءِ بغداد تي حملي ۾ ”هلاڪو خان“ طرفان لکين ڪتاب، دجله درياهه ۾ اڇلايا ويا، جن جي مس سبب درياهه جي پاڻي جو رنگ ڪارو ٿي ويو ۽ ٻيا ڪيترائي مثال موجود آهن.
ڪتابن، اخبارن، ٻين لکيتن تي بندشون وجهڻ، ليکڪن دانشورن ۽ صحافين خلاف تشدد ڪرڻ ۽ جيلن ۾ وجهڻ ۽ انهن جي زبان بندي ڪرڻ لاءِ هر دور ۾ ڪڏهن مذهب، ڪڏهن اخلاق ۽ ڪڏهن سياست کي بنياد بنايو ويو آهي ۽ انهن مٿان فحاشي، ڪفر، سازش، ملڪ دشمني ۽ قوم دشمني يا غداري وغيره جھڙا الزام پئي لڳايا ويا آهن پر اها هڪ حقيقت آهي ته جن به انسانن کي سندن لکيتن سبب صليبن تي چاڙهيو ويو، جيئرو ساڙيو ويو، ڦاهين تي لڙڪايو ويو، جلا وطن ڪيو ويو ۽ قيد ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو. پنهنجي موت کان پوءِ اهي انسان دنيا ۾ انتھائي عزت ۽ احترام سان ڏٺا وڃن ٿا ۽ اهي ڪتاب ۽ لکتون جيڪي بندشن ۽ پابندين جو شڪار ٿيون، اڄ جي دور ۾ اهي ڪلاسڪ جو درجو رکن ٿيون.
اڄ وري سنڌ ۾ زوال پذير جاگيرداري جيڪا پنهنجي جوهر ۾ رجعت پرست، فاشسٽ ۽ مدي خارج آهي. سنڌ جي آواز، سنڌي پرنٽ ميڊيا کي ڌونس، ڌمڪي، ڌانڌلي ۽ ڏنڊي جي زور تي خاموش ڪرڻ گهري ٿي. سنڌي صحافين خلاف تشدد ڪيو وڃي ٿو، اخبارن کي ساڙيو وڃي ٿو، بندوق جي نالي تي حڪم ڏنو ٿو وڃي ته فلاڻي خبر هلڻ گهرجي، فلاڻي خبر نه هلڻ گهرجي.
تشدد جي ان رجحان سان صحافت جي آزادي جيڪا دراصل راءِ جي اظھار جي آزادي آهي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڇاڪاڻ ته تاريخ جي هر دؤر ۾ اهڙيون قوتون۽ ٽولا موجود رهيا آهن جن راءِ جي اظھار ۽ ابلاغ جي سمورن وسيلن ۽ ذريعن کي پنهنجي ڪنٽرول ۽ هٿ ۾ رکڻ پئي گهريو ته جيئن پنهنجي حڪمراني ۽ ڦرلٽ کي قائم رکڻ ۽ غلط ڳالهين کي درست ڪري پيش ڪرڻ ۽ ناجائز عملن کي جائز ڪري پيش ڪرڻ لاءِ محڪوم ۽ مظلوم عوام کي غلط ۽ اڌوري ڄاڻ ۽ معلومات فراهم ڪئي وڃي.
پر انهن کان اها ڳالهه شايد وسري وئي آهي ته ”توهان پنهنجي تلوار سان دانشورن، ليکڪن، مصنفن ۽ صحافين کي قتل ته ڪري سگهو ٿا، پر انهن جي فڪر ۽ تحرير جي قوت جو رستو نٿا روکي سگهو.“

(روزاني عوامي آواز 22 آڪٽوبر 1997ع)