تاريخ جي سائنس ۽ سماجي اوسر
عام طور تي انهن لڙائين ۽ ٻين تاريخي واقعن جا سبب اهي ٻڌايا ويندا آهن ته فلاڻي بادشاهه جي دولت جي لالچ کيس ٻئي ملڪ تي چڙهائي تي مجبور ڪيو، سندس اعلى اخلاق يا بداخلاقي کيس هڪ خاص پاليسي اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو. يا وري فلاڻو ڪم، بادشاهه سلامت پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي عزت وڌائڻ/بچائڻ خاطر ڪيو يا وري مذهبي جذبن هيٺ فلاڻو قدم کنيو ويو.
پر تاريخ جو حقيقي مطالعو ان نموني نه ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ جي شاگرد جو پهريون فرض اهو آهي ته اهو جنهن دور جو مطالعو ڪري رهيو آهي ان دور جي عام ماڻهن تي نظر رکي ۽ هڪ شخص جي سرگرمين پويان هزارين ماڻهن جي جيڪا چرپر آهي ان تي پڻ گھري نظر رکي وڃي.
مثال طور: هندوستان جي تاريخ ۾ برطانوي راڄ جي اهم ڳالهه اها نه آهي ته ڪهڙي وائسراءِ کان پوءِ ڪهڙو وائسراءِ آيو، پر اهميت جوڳي ڳالهه آهي ته انگريزن، هندستان تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ هندستان کي عالمي سامراجي نظام جو حصو بنائڻ ۽ مارڪيٽ طوراستعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ان جي نتيجي ۾ هتان جي صديون پراڻي سماجي سرشتي ۾ پڻ مٽاسٽا ٿيڻ لڳي. ان ڳالهه جي به اهميت گهٽ آهي ته انگريزن هتي گهڻيون جنگيون ڪيون يا سندن مذهبي خيال ڪهڙا هيا. پر اصل اهميت جي ڳالهه اها آهي ته انگريزن زمينن جي مستقل بندوبست، تجارت ۽ صنعتن جي باري ۾ ڪهڙيون پاليسيون جوڙيون ۽ هتان جو آبپاشي نظام ڪيئن جوڙيو، ٻين لفظن ۾ انگريزن جي حڪومت برصغير جي معاشي زندگي تي ڪهڙا اثـر وڌا، پيداوار ۽ ان جي ورهاست جي نظام ۾ ڪهڙيون تبديليون آنديون.
اهي تبديليون ۽ انهن جا سبب اصل ۾ اهميت رکن ٿا، اهي اصل ۾ تاريخ جي سائنس جو بنياد آهن. ان قسم جي مطالعي ۽ ٻين زمانن ۽ انهن ۾ رهندڙ انسانن جي اهڙي نموني جي مطالعي سان، اسان اهي قانون دريافت ڪريون ٿا جن جي پابندي اسان جو سماج ڪري ٿو.
اهي قانون به اهڙي طرح حقيقي هوندا آهن، جھڙي طرح ڪيميا، طبعيات ياٻين سائنسن جا قانون هوندا آهن. جڏهن اسين اهي قانون معلوم ڪري وٺون ٿا ته اسين انهن جو به ائين ئي استعمال ڪري سگهون ٿا، جيئن ڪيميا، طب يا ٻيا سائنس جا قانون استعمال ڪندا آهيون ۽ انهن قانونن جي استعمال سان اسين موجوده حالتن جو تجزيو ڪري اهوبه ٻڌائي سگهون ٿا ته سڀاڻي ڇا ٿيندو.
تاريخ جو جائزو وٺڻ لاءِ اهي سمورا قانون معلوم ڪيا ويندا آهن، جن جي پابند انساني تاريخ اڄ تائين رهي آهي ۽ ان لاءِ رڳو چند فردن جي شخصي ڪارنامن جو مطالعو نه بلڪ هر دور جي عوام ۽ انهن جي تحريڪن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي ۽ جڏهن اسين مختلف زمانن تي نظر ٿا وجهون ته معلوم ٿو ٿئي ته هر دور ۾ مختلف طبقاتي ورهاستون رهيون آهن ۽ انهن ۾ ڪشمڪش رهي آهي مثلن امير ۽ غريب، آقا ۽ غلام، جاگيردار ۽ هاري ۽ سرمائيدار ۽ مزدور وغيره.
اهي طبقاتي ورهاستون ڇا آهن؟ انهيءَ ڳالهه کي سادي نموني ائين بيان ڪري سگهجي ٿو ته هڪ طبقو ماڻهن جو اهو حصو آهي جيڪو ساڳئي نموني سان روزي ڪمائي ٿو. مثال طور جاگيرداري نظام ۾ سمورا جاگيردار ۽ وڏيرا پنهنجي زمينن تان هارين جي محنت مان پيدا ٿيندڙ پيداوار جو هڪ حصو وٺندا آهن ۽ گذر سفر ڪندا آهن. اهي سڀئي هڪ ئي طبقي سان لاڳاپو رکندا آهن ۽ سندن مفاد به هڪجھڙا هوندا آهن.
جاگيردار ۽ وڏيرا ڪوشش ڪندا آهن ته هارين کي جيترو به ڦري سگهن ڦري وٺن. ٻئي طرف هاري جيڪي وري هڪ الڳ طبقو آهن ۽ سڀئي هڪ ئي نموني جي محنت سان روزي ڪمائن ٿا. انهن جو مفاد وري اهو هوندو آهي ته اهي جيڪو ڪجهه پيدا ڪندا آهن ان جو وڌ ۾ وڌ حصو سندن خاندان لاءِ رکن. اهي جاگيردارن جي ظلمن ۽ زيادتين کان پريشان هوندا آهن ۽ انهن کان نجات حاصل ڪرڻ گهرندا آهن.
ان ڪري جنهن به ملڪ ۾ جاگيرداري نظام رهيو آهي يا اڃا باقي آهي اتي جاگيردارن ۽ هارين جي ڇڪتاڻ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جاري آهي. ڪڏهن ته اها انفرادي شڪل ۾ ظاهر ٿئي ٿي، ڪڏهن اجتماعي بغاوت جي شڪل ۾ اڀرندي آهي. مثال طور مائي بختاور جي جدوجھد يا شاهه عنايت جي تحريڪ.
يورپ ۾ جاگيرداري دور ۾ هارين کي نه رڳو پنهنجي جاگيردار ۽ آقا جي زمين تي پوک ڪرڻي پوندي هئي ۽ پنهنجي پيداوار جو چڱو خاصو حصو کيس ڏيڻو پوندو هو. بلڪ گهرو صنعتن جي پيداوار جو ڪجهه حصو پڻ سندس حوالي ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ دور ۾ هارين کانسواءِ هٿ جو هنر ڪندڙ پورهيت به هوندا هئا، جيڪي هٿيار، ٿانو، ڪپڙو، بوٽ ۽ ٻيون شيون ٺاهيندا هئا. انهن کانسواءِ واپاري به هئا، جيڪي هڪ هنڌ جي واڌو پيداوار ٻئي هنڌ وڃي وۡڪڻندا هئا. اهو دور تجارتي سرمائيداري (مرڪنٽائيل ڪيپيٽلزم) جو هو.
واپار جو دائرو وڌڻ لڳو ته اها پيداوار اڻپوري ٿيڻ لڳي. ان سبب واپارين پاڻ پنهنجي طور تي ننڍا ننڍا ڪارخانا قائم ڪيا، جتي انهن گهرو هنرمندن ۽ دستڪارن کي رکندا هئا ۽ جاگيردارن جي ظلم سبب ڀڄي آيل هارين پڻ انهن ابتدائي ننڍن ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اجوري تي مختلف شيون ٺاهڻ شروع ڪيون. يعني آزاد هاري شهرن ۾ اچڻ لڳا ۽ اتي مزدوري جو ڌنڌو اختيار ڪري، پنهنجي طور تي ڪپڙو، ڌاتو جا ٿانو يا ٻيون شيون ٺاهي واپارين جي هٿ وڪڻڻ لڳا.
اهڙي طرح ڪيترائي سؤ سالن ۾ انهي جاگيرداري نظام جي معاشي زندگي ۾ اهڙي تبديلي اچڻ لڳي، جو هاڻ زرعي ۽ صنعتي شيون رڳو ذاتي استعمال لاءِ نه بلڪ مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ ٺهڻ لڳيون. اهڙي طرح سورهين صدي ۽ ان کان پوءِ جي يورپ ۾ آهستي آهستي سرمائيدار طبقو پيدا ٿيڻ لڳو ۽ ان سان گڏوگڏ صنعتي مزدور به پيدا ٿيڻ لڳو. مشينن ۽ جديد سائنسي ايجادن انهيءَ عمل کي ويتر تيز ڪيو.
ٻهراڙين ۾ جاگيردارن جي گرفت به ڪمزور ٿيڻ لڳي. پراڻو طريقو به مٽجڻ لڳو. جاگيردار به اجرتن تي پنهنجي زمينن تي پوک ڪرائڻ لڳا. انهن نون طور طريقن ۽ نون طبقن جي اسرڻ وقت بادشاهه، جاگيردارن ۽ مذهبي ادارن (چرچ) اها ڪوشش ڪئي ته انهي نئين سرمائيداري نظام کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو وڃي ۽ پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪيو وڃي.
هاري جيڪي زميندارن جي غلامي کان ڀڄي شهرن ڏانهن لڏي آيا هئا، اهي ظلم کان به محفوظ هئا. بلڪ کين ڪنهن به قسم جو نذرانو به نه ڏيڻو پوندو هيو ۽ اهي هر قسم جي بيگر کان به محفوظ هئا. ليڪن شهرن ۾ اچڻ کانپوءِ انهن جو ڪاروبار وڌيو ۽ ڪجهه مالدار ٿيا ته کين احساس ٿيو ته کين اڃا حقيقي معنى ۾ آزادي نه ملي آهي. بادشاهه، سندس امير جيڪي جاگيردار آهن ۽ چرچ (مذهبي ادارو) انهن تي مختلف ٽيڪس مڙهي رهيا آهن ۽ سندن ڪاروبار ۾ مختلف اٽڪاءُ وجهن ٿا ته پوءِ نئين اسرندڙ سرمائيدار طبقي ۽ جاگيردار وچ ۾ رياست تي ڪنٽرول لاءِ جهيڙو شروع ٿيو.
بادشاهه ۽ جاگيردار انهن ماڻهن تي پنهنجو اقتدار، ان لاءِ استعمال ڪري پئي سگهيا جو انهن جي هٿ ۾ رياست جو ادارو هيو، حڪومت جون واڳون هيون، فوج، قيدخانا ۽ ڪورٽون انهن جي قبضي ۾ هئا. اهي ئي قانون ٺاهيندا ۽ ان تي عمل ڪرائيندا هئا. ان لاءِ سرمائيدار طبقي جي پيدا ٿيڻ ۽ اڳتي وڌڻ سان هڪ نئين طبقاتي ڇڪتاڻ پيد اٿي. سرمائيدار طبقي بادشاهه ۽ جاگيردار طبقي خلاف جنگ شروع ڪئي جيڪا ڪيئي صديون جاري رهي. ڪجهه پوئتي پيل ملڪن ۾ ته اڃا تائين جاگيرداري خلاف جدوجھد جاري آهي.
انهيءَ جدوجھد جو آغاز انگلينڊ ۽ فرانس ۾ ٿيو. اهو سڀ، ڪيئن ٿيو؟ جمھوريت ڪيئن آئي؟؟
اهو عمل ائين ٿيو جو اسرندڙ سرمائيدار طبقي بغاوت ڪئي، انقلاب آيو ۽ جاگيردارن کان اقتدار کسي بادشاهت ختم ڪئي وئي. انگلينڊ ۾ اهو دور سڀ کان اڳ ۾ آيو، جتي سرمائيدار طبقي، مختلف ٽيڪسن ۽ پابندين خلاف جيڪا جدوجھد شروع ڪئي. اها سترهين صدي جي وچ ڌاري پنهنجي جوڀن تي پهچي چڪي هئي. ۽ مختلف پابندين سبب سرمائيداراڻي پيداواري طريقي ۾ رڪاوٽون پيش اچي رهيون هيون.
سرمائيدارن ڪوششون ڪيون ته اهي رڪاوٽون ۽ ڳرا ٽيڪس پرامن طريقي سان هٽي وڃن، انهن ڪيتريون ئي درخواستون ۽ عرض بادشاهه کي پيش ڪيا. ٽيڪس ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ليڪن ڪجهه به نه ٿيو، ان لاءِ سرمائيدارن کي فيصلائتي جنگ ڪرڻي پئي. هنن ماڻهن کي بادشاهه خلاف منظم ڪرڻ شروع ڪيو. ٽيڪسن ۽ تجارتي محصولين ۽ رڪاوٽن خلاف عوام کي متحرڪ ڪرڻ شروع ڪيو، جاگيرداري شڪنجا ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارن کي ڪورٽن پاران جيڪي سزائون ڏنيون ويون هيون، انهن خلاف عوام ۾ ڪاوڙ جا جذبا پيدا ڪيا ويا.
ٻين لفظن ۾ سرمائيدارن هڪ مسلح انقلاب منظم ڪيو ته جيئن ماڻهو، بادشاهه ۽ پراڻي قسم جي ظالماڻي نظام خلاف هٿياربند ٿي، اٿي کڙا ٿين. انهي کان پوءِ ئي اسرندڙ سرمائيدار طبقو، جاگيرداري نظام تي ڪاري ضرب هڻي سگهيو. تجارتي رڪاوٽون ختم ٿيون، اقتدار جاگيردارن کان کسيو ويو، جمهورت نافذ ڪري بادشاهه کان اختيار کسيا ويا ۽ سمورو اقتدار پارليامينٽ جي معرفت عوام حوالي ڪيو ويو.
برطانيه جي انهيءَ سرمائيداراڻي جمهوري انقلاب کي تاريخ جي ڪتابن ۾ ائين پيش ڪيو ويندو آهي ڄڻ اصل جنگ ڪرامويل ۽ بادشاهه چارلس جي وچ ۾ هئي جيڪو جابر حاڪم هيو ۽ رومن ڪيٿولڪ فرقي جي مدد سان پنهنجي حڪمراني قائم رکي رهيو هو. جڏهن ته ڪرامويل انتهائي شريف، چرچ آف انگلينڊ جو حامي ۽ انگلينڊ جي آزادي چاهيندڙ هو. انهي جدوجھد ۽ لڙائي کي هڪ مذهبي ۽ اخلاقي لڙائي ۽ جنگ ڪري پيش ڪيو ويندو آهي.
پر حالتن ۽ واقعن جي گھرائي ۾ وڃبو، فردن ۽ نعرن کان اڳتي وڃي حقيقي بنيادن تائين پهچبو ۽ انهي جدوجھد جي حقيقي جوهر کي ڄاڻبو ته پوءِ پتو پوندو ته اها ڇڪتاڻ اصل ۾ پيش قدمي ڪندڙ سرمائيدار طبقي ۽ زوال پذير جاگيردار طبقي جي ڇڪتاڻ هئي، جنهن ۾ بادشاهه جا اختيار پارليامينٽ کي ڏياري، سرمائيداراڻي سياسي نظام (جمھوريت) جي پيڙهه رکي پئي وئي، دراصل بادشاهه چارلس، جاگيردارن ۽ ڪرامويل، سرمائيدارن جو نمائندو هو.
انگلستان ۾ جيئن ته بلڪل ابتدائي دور ۾ انقلاب آيو، ان لاءِ سرمائيدار طبقي جي فتح مڪمل ۽ آخري نه هئي، ان جو نتيجو اهو نڪتو ته پراڻي جاگيرداري معاشري کي ڌڪ ته وڏو لڳو، پر جاگيردار طبقو وڏي حد تائين باقي رهيو، جيڪو ايندڙ ٻن صدين ۾ سرمائيدار طبقي ۾ ضم ٿي ويو، حڪومت جي ڪل پرزن تي سندس اختيار پڻ باقي رهيو.
فرانس ۾ جيئن ته اهي تبديليون گهڻو پوءِ آيون، سرمائيدار طبقو دير سان پيد اٿيو ۽ انهي دير سان ترقي ڪئي. ان ڪري اتي انقلاب 1789ع ۾ آيو ۽ ان جا اثر به وڌيڪ ڏورانهان پيا. فرانس جي انقلابين، دانشورن يا اديبن ڪتاب لکيا، نظريا ڏنا يا وري انساني حقن جو پرچار ڪيو. يا وري آزادي، برابري ۽ برادري جا انقلابي نعرا ڏنا.
جھڙي طرح انگلينڊ جي جمهوري سرمائيداراڻي انقلاب جي سببن ۽ اثرن جي ڄاڻ لاءِ ان دور جي طبقاتي ڇڪتاڻ جو مطالعو ڪرڻ ضروري آهي، اهڙي طرح فرانس جي انقلاب کي رڳو شخصيتن يا انقلابي نعرن سان نٿو سمجهي سگهجي. بلڪ انهن شخصيتن ۽ نعرن جي پويان جيڪي سماجي ۽ معاشي قوتون عمل ۾ آهن، انهن جو ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ ضروري آهي. خود روسو، والٽيئر ۽ ٻيا دانشور ۽ انهن جا انساني آزادين جا نعرا ۽ نڪته نظر پڻ انهيءَ دور جي حالتن جي پيداوار آهن.
دراصل طبقاتي ڪشمڪش جي تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته هر هنڌ ۽ هر زماني ۾ عقيدا ۽ ادارا انسان جي ضرورتن منجهان پيدا ٿيندا آهن. انسان جي لاءِ سڀ کان اهم شئي پيداوار جا ذريعا آهن جن جي مدد سان اٽو، لٽو ۽ اجهو حاصل ٿئي.
تاريخ جي هر دور ۾ ڀل اهو قبيلائي دور هجي، غلامي وارو دور هجي، جاگيرداري هجي يا هاڻوڪو سرمائيداري سماج هجي، هر دور ۾ انسان جي باهمي لاڳاپن جو دارومدار پيداوار جي ذريعن تي هوندو آهي. ادارا يا عقيدا اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٺهندا آهن، بلڪ هر گروهه جي ضرورتن جي لحاظ کان پيد اٿيندا آهن. مختلف سماجي ادارا، سماجي قانون، اخلاقي قدر ۽ ٻيا عقيدا رسمن مان پيدا ٿيندا آهن ۽ اهي رسمون پيداواري طريقن جون پابند هونديون آهن.
ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته جڏهن پيداوار جو طريقو بدلجندو آهي ته سمورا مذهبي ۽ سماجي ادارا ۽ قانون به بدلجي ويندا آهن. جيڪا شئي ڪنهن زماني ۾ اخلاقي لحاظ کان پري سمجهي ويندي آهي. اها ٻئي زماني ۾ سٺي ٿي ويندي آهي ۽ جيڪا شئي سٺي سمجهي ويندي آهي اها وري غلط ۽ بري سمجهي ويندي آهي مثال طور جاگيرداري سماج ۾ وياج کي غلط سمجهيو ويندو هيو. پر سڄي سرمائيدار معيشت جو بنياد اڄ وياج تي آهي.
سرمائيداري جي ترقي سان نوان عقيدا ۽ نوان ادارا پيدا ٿيا. انهن ۾ تڪرار ٿيڻ لڳو، نئين سرمائيداري نظام مطالبو ڪيو ته ”جيستائين حڪومت ۾ نمائندگي نـٿي ڏني وڃي اوستائين اسان تي ٽيڪس نه لڳايو وڃي ۽ اسان کي آزاد واپار جو حق ڏنو وڃي.“ ان سان گڏ مذهبي آزادي (سيڪيولرازم) جو نعرو لڳايو ويو، فرد جي آزادين جو نعرو به لڳو. اهو چيو ويو ته مذهب شخصي مسئلو آهي، ان لاءِ مذهب جو دخل رياستن ۾ ۽ رياست جو مذهب ۾ دخل نه هجڻ گهرجي. اها جنگ ڏسڻ ۾ ته مذهبي آزادين ۽ شخصي حقن جي جنگ هئي، پر اصل ۾ وڌندڙ سرمائيداري نظام ۽ مٽجندڙ جاگيرداري سماج جي جنگ هئي.
اصل ۾ انساني سماج جي مختلف ڏاڪن ۾ جيڪي نظريا، اصول ۽ عقيدا پيدا ٿين ٿا اهي انهيءَ زماني ۽ انوقت جي سماج جو اولڙو هوندا آهن. مثال طور ”انساني برابري جو تصور جي ڪو هڪ عالمگير تصور آهي ليڪن ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو ته هر دور ۾ انهيءَ جا مختلف مفهوم رهيا آهن.“
ڇهين صدي عيسوي ۾ اسلام انساني برابرين جي علم بردار مذهبي طور اڳتي آيو، پر ان ۾ ٻانهن، ٻانهين ۽ عورتن کي به انساني مساوات ۽ برابري جي لائق نه سمجهيو ويو. ارڙهين صدي جي انقلاب فرانس جو نعرو هيو آزادي، مساوات ۽ برادري، ليڪن اتي آزادي جو مطلب هيو سرمائيدارن جي ٺاهيل مال لاءِ واپار جي آزادي، مساوات جو مطلب هيو سرمائيدار طبقي جي جاگيردار طبقي سان مساوات ۽ برابري، جڏهن ته برادري جو مطلب هيو سرمائيدارن جي هڪٻئي سان برادري. انقلاب فرانس جا اهي ٽئي اصول ۽ برطانوي جمهوريت جو اصول فرانس ۽ برطانيا جي نو آبادين جي عوام لاءِ ڪا به معنى رکندڙ نه هئا. اڄ به مغربي دنيا ۽ آمريڪا جيڪي جمهوريت، انساني برابري ۽ شخصي آزادين جا وڏا علم بردار آهن، پر ٽين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آمرن جا پشت پناهه اهي پاڻ ئي آهن ۽ خود پنهنجن ملڪن ۾ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهن. طبقاتي ڇڪتاڻ جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته انساني سماج ترقي ڪندو آهي ۽ هيٺيان کان مٿان ويندو آهي. پيداوار جا طريقا به تبديل ٿيندا آهن. ماضي کان حال ۽ حال کان آئيندي ڏانهن سماجي اوسر جو پنڌ جاري رهندو آهي. اها ئي تاريخ جي سائنس آهي.
(روزاني عوامي آواز– 28 ڊسمبر 1998ع)