ڪالم / مضمون

سياست، سماج ۽ آزادي

مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سياست، سماج ۽ آزادي“ جو ليکڪ خالد چانڊيو صاحب آهي.
استاد خالد چانڊيو گهڻ طرف لکيو پڙهيو ماڻهو آهي، جنهن جو سماج جي مختلف رخن ڏانهن ڏسڻ ۽ سوچڻ جو انداز فڪري استاد وارو رهيو آهي. هن جي لکڻي ۾ ڏاهپ، سنجيدگي ۽ برجستگي توهان کي جهلڪندي نظر ايندي.
Title Cover of book سياست، سماج ۽ آزادي

  غربت: سياسي ڌنڌ ۾ گم ٿيل عالمي مسئلو

جنهن ملڪ ۾ آمدني جا ذريعا گهٽ، زرعي پيداوار ۽ فصلن ۾ کوٽ ۽ قدرتي وسيلا نه هجن ته اهو ملڪ معاشي، مالي ۽ سماجي بحرانن جو شڪار رهندو آهي ۽ وري جيڪڏهن انهن سمورن مسئلن سان گڏوگڏ آبادي ۾ به واڌارو ٿيندو رهي ته اهو ملڪ تباهي ڏانهن وڌندو آهي ۽ پوءِ خوشحالي جي ڪابه اميد باقي نه رهندي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن ملڪ جي خوشحالي جو دارومدار آبادي جي انگ تي پڻ هوندو آهي.
مختصر نموني اهو چئي سگهجي ٿو ته جن ملڪن ۾ آبادي گهٽ هجي اهي ملڪ اقتصادي، سماجي ۽ مالي طور تي خوشحال هوندا آهن. آمريڪا، ڪيناڊا، يورپ، جاپان، آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ڪيترائي عرب ملڪ انهيءَ ڳالهه جو زنده مثال آهن. اهو ئي سبب آهي ته انهن ملڪن جو شمار ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪن ۾ ڪيو ويندو آهي. اهي ئي ملڪ، دنيا جي ترقي پذير ۽ غريب ملڪن جي ماڻهن کي روزگار، قرض ۽ زندگي جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ امداد ڏين ٿا.
ماهرن جي راءِ مطابق جيڪڏهن وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ايندڙ وقت ۾ ان جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا، يعني ڪروڙين ماڻهن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، بهتر خوراڪ جي انتظام ۽ کين مختلف خطرناڪ بيمارين کان محفوظ رکڻ مشڪل ٿي ويندو.
انهن مسئلن تي ”يونيسيف“ پاران پڌري ڪيل سالياني رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ”سال 2000ع لاءِ بنيادي انساني ٽارگيٽ ۾ سمورن خواهشمند ماڻهن لاءِ خانداني رٿابندي جي معلومات ۽ خدمتون فراهم ڪرڻ شامل آهي، ان معاملي ۾ مختلف ملڪن جي ثقافتي، مذهبي ۽ سماجي روايتن کي اڳيان رکيو ويندو.“ غربت، آبادي ۽ ماحوليات جي مسئلن موجب ان جي اهميت سڌي سنئين آهي ڇاڪاڻ ته گهٽ پيدائش جي معنى آبادي ۾ اضافي جي رفتار سست ٿيڻ ۽ ماحول تي گهٽ بار پوڻ آهي. ليڪن عام طور تي اها ڳالهه نه سمجهي ويندي آهي ته خانداني رٿابندي سان ماءُ ۽ ٻار جي صحت، بقا، غذائيت، تعليم ۽ زندگي جي حالتن ۾ بهتري ٿيندي آهي. ان لاءِ ڪٽنبي رٿابندي، آبادي ۽ ماحوليات جي چڪر کي ٽوڙڻ جو سڀ کان اهم ذريعو آهي ۽ اهو غربت جو مقابلو ڪرڻ جو به هڪ اهم ذريعو آهي.
ترقي پذير دنيا ۾ رڳو ٽن ڏهاڪن ۾ خانداني رٿابندي جون تدبيرون اختيار ڪندڙ شادي شده عورتن جو تناسب ڏهه سيڪڙي کان وڌي پنجاهه سيڪڙو ٿي ويو آهي. اهو ان ڳالهه جو غير معمولي مظاهرو آهي ته گهٽ عرصي ۾ انساني وهنوار ۽ روين ۾ بنيادي ۽ گهڻ پاسايون تبديليون آڻي سگهجن ٿيون.
سٺ واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ چين کان سواءِ ترقي پذير دنيا ۾ هڪ ڪروڙ پنجاهه لک جوڙا ڄم روڪ جا طريقا اختيار ڪري رهيا هئا، جڏهن ته اڄڪلهه ترقي پذير دنيا ۾ اٺٽيهه ڪروڙ جوڙا اهي طريقا اختيار ڪري رهيا آهن، جن مان اڌ جوڙا ٻار پيدا ڪرڻ جي عمر سان لاڳاپو رکن ٿا.
ٻارن جي بقا، صحت، تعليم ۾ اضافي ۽ آبادي رٿابندي جي خدمتن کي گڏائي ڏٺو وڃي ته پتو پوندو ته ايندڙ سٺ يا ستر سالن ۾ دنيا جي آبادي تقريبن ڏهه ارب انسانن تي مشتمل هوندي ۽ اڌ صدي کان پوءِ اها آبادي پندرهن ارب انسانن تي وڃي بيهندي.
هن ڏهاڪي جي آخر تائين خانداني رٿابندي جي سهوليت سڀني لاءِ فراهم ڪرڻ تي ٽن کان پنج ارب ڊالر ساليانو وڌيڪ خرچ ڪرڻا پوندا، جيڪو موجوده خرچن جي تقريبن ٻيڻ وڃي ٿيندي. اڄڪلهه ترقي پذير دنيا ۾ خانداني رٿابندي تي حڪومتي بجيٽ جي 0.50% سيڪڙي کان به گهٽ خرچ ڪيو پيو وڃي ۽ صنعتي ملڪن مان ملڻ واري امداد جو 1.5% سڪڙو کان به گهٽ خرچ ڪيو پيو وڃي.
حقيقت ۾ خانداني رٿابندي جي خدمتن جي لاءِ بين الاقوامي امداد ۾ گذريل ويهن سالن کان ڪوبه واڌارو ڪونه ٿيو آهي. البت آمريڪا پنهنجي پاليسين ۾ ڪجهه تبديلي آندي آهي ۽ اڄڪلهه آمريڪا خانداني منصوبه بندي جي بين الاقوامي ايجنسي UNFPA جي حمايت ڪري رهيو آهي.
سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ دنيا ۾ ٻه طاقتي سرشتي جي خاتمي تاريخ جي هڪ دور کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ليڪن اهو خيال ته سرد جنگ ڪنهن ڌماڪي کان سواءِ خاموشي سان ختم ٿي چڪي آهي ۽ ان جي لاءِ هڪ به گولي نه هلائڻي پئي آهي، انتهائي غلط آهي. ڇاڪاڻ ته انساني تاريخ ۾ سرد جنگ سڀ کان خطرناڪ ثابت ٿي آهي ۽ اها هڪ اهڙي جنگ هئي جنهن جا خطرناڪ نتيجا اڃان دنيا کي ڀوڳڻا آهن.
سرد جنگ دوران مختلف خطن ۾ فوجي آمريتن جي مدد ڪرڻ، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪرڻ ۽ انساني ضرورتن کان غفلت ڪرڻ جھڙا خطرناڪ عمل ڪيا ويا ۽ سرد جنگ جي خطرناڪ نتيجن مان هڪ اهو به هيو ته بيپناهه مالي، انساني ۽ قدرتي وسيلن کي غير پيداواري مقصدن ڏانهن منتقل ڪيو ويو ۽ فوري نوعيت جي انساني ۽ ماحولياتي مسئلن ۽ مقصدن کي نظرانداز ڪيو ويو، جنهن سبب نه رڳو اهي مسئلا به وڌيا بلڪ انهن جي سنگيني ۾ به واڌارو ٿيو. اڄ انهيءَ ڳالهه جو اندازو يا ڪاٿو نٿو لڳائي سگهجي ته سرد جنگ جي پنجاهه سالن ۾ انساني توانائين، خواهشن، سائنسي تحقيق ۽ ٽيڪنالاجيڪل ترقي، صنعتي پيداوار، تنظيمي صلاحيتن جي استعمال ۽ معاشي سيڙپ سبب انساني تاريخ کي ڪيترو هاڃو پهتو آهي.
البت اهو چئي سگهجي ٿو ته انهن بيپناهه وسيلن کي جيڪڏهن سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ، پرامن سائنسي تحقيقات لاءِ ۽ ماحوليات جي تحفظ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ها ته اڄ وسيع پيماني تي پکڙجندڙ بک، بدحالي ۽ بيمارين کان انسان ذات جو وڏو بچاءُ ڪري سگهجي ها.
اڄ ڪلهه دنيا جي غريب ترين هڪ ارب آبادي جي اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي جن جو ماحول تيزي سان خراب ٿي رهيو آهي. آبادي ۾ اضافي جي شرح جو موجوده رجحان جيڪڏهن جاري رهيو ته هڪ ئي نسل ۾ غريبن جو تعداد چئوڻو ٿي ويندو.
ايندڙ چاليهه سالن ۾ آفريڪا جي ڏڪار سٽيل ۽ صحرائي علائقن جي آبادي ٽيڻي ٿي ويندي، يعني سٺ ڪروڙن مان وڌي ڏيڍ ارب جي لڳ ڀڳ ٿي ويندي. ان عرصي ۾ ايشيا جي آبادي ٽن اربن مان وڌي پنج اربن کان به ٽپي ويندي.
صنعتي ملڪن ۾ دنيا جي ويهه سيڪڙو آبادي رهي ٿي، ليڪن اهي دنيا جي 75% پنجھتر سيڪڙو توانائي استعمال ڪن ٿا ۽ 2/3 ٻه ڀاڱي ٽي، گرين هائوس گيسن ۽ نوي سيڪڙو ڪلوروڪاربان ٺاهڻ جا ذميوار آهن، جنهن سان ڌرتي جي چوڌاري اوزون جي تهه کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي. دنيا اندر غربت، آبادي ۽ ماحوليات جو مسئلو هڪ اهڙو ٽڪنڊو ٺاهي ٿو، جنهن سان ڪنهن نه ڪنهن قسم جي تباهي اڻٽر آهي ۽ اهو ئي اهو پيمانو آهي جنهن سان سرد جنگ جي اصل ۽ خطرناڪ نتيجن جي خبر پوي ٿي.
بين الاقوامي فريم ورڪ اندر، جيڪو غريب ملڪن ۽ عوام کي اڳتي وڌائڻ بجاءِ اقتصادي طور پٺتي ڌڪي رهيو آهي. دنيا جي هڪ ارب غريب عوام کي اصل خطرو غربت، آبادي ۾ واڌ ۽ ماحوليات جي بگڙجڻ جي مجموعي اثرن مان آهي. اهي ٽئي مسئلا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ بنيادي طور تي اهي مسئلا ٽي نه بلڪ هڪڙو مسئلو ئي آهي. غربت جا بدترين اثر، غربت، آبادي ۽ ماحوليات جي لاڳاپن موجب ڪم ڪن ٿا ۽ انهن جي باهمي لاڳاپي جو پهريون اثر اهو آهي ته غربت سبب آبادي ۾ اضافي جي شرح وڌي ٿي.
ڪنهن به قوم جي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي مشتمل هوندو آهي جيڪي ٻار پيدا ڪرڻ جي مرحلي ۾ داخل ٿيڻ وارا هوندا آهن. جنهن جي معنى اها آهي ته آبادي ۾ اضافي جو رجحان برقرار رهندو ۽ پيدائش جي شرح به وڌيڪ رهندي، جنهن سبب غربت ۽ محرومين جي ڪجهه بدترين شڪلين کي باقي رهڻو آهي. صحت جي سارسنڀال ۾ واڌاري نه ٿيڻ جو مطلب به اهو آهي ته پيدائش جي شرح ۾ اضافو برقرار رهندو، ڇاڪاڻ ته ماڻهو ان خيال کان ٻار وڌيڪ پيدا ڪندا ته ڪجهه ٻار مري وڃن ته ڪجهه زنده به رهندا.
عورتن جي تعليم، حيثيت ۽ انهن لاءِ اڳتي وڌڻ جي موقعن جي کوٽ جيڪا اسرندڙ معاشرن ۾ عام ڳالهه آهي، جنهن سبب گهٽ عمر ۾ شاديون ٿين ٿيون ۽ کين هر هر ٻار ڄـڻــڻـا پون ٿا ۽ اهي به گهڻي عرصي تائين.
خاندان جي سلامتي ۽ خرچ هلائڻ لاءِ پڻ گهڻن ٻارن جو هجڻ ضروري قرار ڏنو ويندو آهي ته جيئن اهي پوڙهائپ جو سهارو ٿين ۽ معذوري وغيره جي صورت ۾ ٻنين، گهرو ڪم ڪار ۽ ٻين مامرن ۾ ڪم اچن. خانداني رٿابندي جي ڄاڻ ۽ سهولتن جي کوٽ سبب پڻ اسرندڙ سماجن ۾ پيدائش جي شرح وڌيڪ رهي ٿي، ان کانسواءِ قبيلائي ۽ مذهبي روايتن جو پڻ انهيءَ ڳالهه ۾ وڏو دخل آهي. هڪ طرف غربت آبادي ۾ اضافي جو سبب بڻجي ٿي ته ٻئي طرف آبادي ۾ واڌ پڻ غربت کي هٿي ڏئي ٿي، غربت، آبادي ۽ ماحوليات جي مسئلن جي وڌندو رهڻ جو پڻ وڏو سبب اهو ئي آهي.
ماضي ۾ آبادي جي کوٽ سبب افرادي قوت جي ضرورت کي محسوس ڪندي حڪومتون وڏن خاندانن جي حوصلي افزائي ڪنديون هيون. ڇاڪاڻ ته آبادي کي فوجي ۽ اقتصادي طور تي مضبوط بنائڻ جو ذريعو سمجهيو ويندو هيو ۽ ڪارڪنن، فوجين ۽ مزدورن جو وڏو تعداد مهيا ٿيندو هيو.ليڪن اڄ ڪلهه اسرندڙ دنيا جي حالتن سبب آبادي ۾ اضافو غربت کي وڌائي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته روزگار جي موقعن جي ڀيٽ ۾ ڪارڪنن جو تعداد وڌي رهيو آهي، جنهن سبب بيروزگاري پڻ وڌي رهي آهي ۽ ان لاءِ جن ماڻهن کي روزگار ملي ٿو ته اجرتون وري گهٽ ملن ٿيون.
وسيلن تي بار وڌي رهيو آهي. زمين جي زرخيزي، ٻارڻ جي فراهمي، جانورن جي خوراڪ ۽ پاڻي جا ذخيرا محدود ٿي رهيا آهن. پيداواري وسيلن جي غيرمنصفانه ورڇ پڻ غربت کي وڌائي رهي آهي. ٻارن جي سار سنڀال لاءِ گهربل وقت ۽ وسيلن جي کوٽ ٿي رهي آهي. اڀرندڙ نسل لاءِ مناسب صحت ۽ تعليم جون خدمتون مهيا ڪرڻ لاءِ سرڪاري خرچ وڌي رهيا آهن ۽ اسڪولن ۾ گنجائش گهٽجي رهي آهي. اسپتالن ۾ بسترن ۽ دوائن جي کوٽ آهي. پاڻي ۽ صفائي جي سسٽم تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ حڪومتن وٽ وسيلا ڪونه آهن.
انهن سمورين ڳالهين جو مجموعي اثر اهو ٿئي ٿوته خوراڪ جي کوٽ، بيمارين ۾ واڌ ۽ جھالت ۾ اضافو ٿئي ٿو، جنهن سبب سماج لڳاتار غربت ڏانهن ڌڪبا وڃن ٿا. انهيءَ غربت سبب نااميدي، خودداري ۽ قوت ارادي جي کوٽ، ذهني بيمارين ۾ واڌ، خانداني ناتن ۾ خرابي، هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جي روايت جو ڪمزور ٿيڻ، تشدد ۾ واڌ ٿيڻ، جوئا، شراب ۽ ٻئي نشي جي استعمال ۾ واڌارو اچڻ ۽ عورتن ۽ ٻارن کي ڇڏي ڏيڻ جا لاڙا پڻ پيدا ٿين ٿا. اهڙي نموني غربت، آبادي ۾ اضافو ڪري ٿي ۽ وڌندڙ آبادي وري غربت کي جنم ڏئي ٿي. ٻين لفظن ۾ غربت ۽ آبادي جو هڪ اهڙو سرڪٽ ٺهي پوي ٿو جنهن ۾ هر وقت غربت جو ڪرنٽ ڊوڙندو رهي ٿو.
غربت ۽ آبادي ته هڪ طرف پر انهن ٻنهي سبب، ماحوليات جو وڌندڙ دٻاءُ اسرندڙ دنيا جي ڪروڙين انسانن لاءِ هڪ وڏي بحران جو سبب بڻجي ويو آهي. ۽ دنيا جي غريب ترين انسانن کي اهڙي چڪر ۾ ڦاسايو ويو آهي جنهن ۾ غربت انسانن کي اهڙن علائقن ۾ پهچائي ڇڏيو آهي، جتي ماحولياتي گدلاڻ ۽ ماحول جو دٻاءُ انتهائي وڌيڪ آهي. اها هڪ اهڙي صورتحال آهي، جيڪا غربت، آبادي ۽ ماحوليات جي بحران جو سڀ کان ظاهري مظهر آهي.
غربت، آبادي ۽ ماحوليات جو مسئلو بذات خود هڪ وڏي چيلنج جو حصو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو روز بروز واضح ٿيندو پيو وڃي ته پوري انساني تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ پيچيدي ۽ مشڪل تبديلي تي ڌيان ڏيڻ ۽ ان کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ وقت تمام گهٽ آهي. ان سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ ذميواري صنعتي ملڪن تي عائد ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته صنعتي قومن سبب ڌرتي جي گولي تي ماحولياتي دٻاءُ گهڻو وڌي ويو آهي، ان ڪري انهيءَ مسئلي جي حل لاءِ انهن کي ئي وڏو حصو ادا ڪرڻو پوندو.
جيئن ته سمورن ملڪن ۾ ميڊيا، عوام ۽ سياستدانن جو سڄو ڌيان فوري سياسي ۽ اقتصادي مسئلن ڏانهن کڄيل آهي. جنهن سبب غريب ترين انسانن جي مسئلن کي عالمي ايجنڊا ۾ گهٽ اهميت حاصل آهي. ليڪن هاڻي انهيءَ معاملي کي وڌيڪ توجهه ۽ اهميت ڏيڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته دنيا جي غريب ترين آبادين ۾ غربت، آبادي ۽ ماحوليات جي مسئلن ڏانهن ڌيان ڏيڻ کانسواءِ تبديلين جو عمل ممڪن نه ٿيندو.
جيڪڏهن غربت جي بدترين اثرن، آبادي جي تيزي سان وڌندڙ رفتار ۽ ماحوليات جي مجموعي اثرن جو جلد مقابلو نه ڪيو ويو ته چند سالن ۾ ئي نتيجا، سماجن ۾ مختلف نمونن سان ڀڃ ڊاهه، اقتصادي نراجيت، ڏڪار، ۽ سياسي بيچيني جي صورت ۾ نڪرندا. اسرندڙ دنيا ۾ عورتن ۽ ٻارن جي صحت، خوراڪ ۽ تعليم جي بچاءِ لاءِ اڄڪلهه جيڪي فوري تدبيرون ميسر آهن، انهن تي عمل ڪري غربت، آبادي ۾ اضافي ۽ ماحول جي بگڙڻ واري عمل جي رفتار کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ان کان سواءِ غربت، آبادي ۽ ماحوليات جو مسئلو ان وقت تائين حل نٿو ڪري سگهجي، جيستائين غربت جي انتهائي برن اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ عالمي سطح تي لڳاتار ڪوششون نٿيون ڪيون وڃن، ڇاڪاڻ ته اسرندڙ دنيا ۾ آبادي ۽ ماحوليات جي بحران جي پاڙ غربت آهي ۽ ان جو خاتمو هڪ وڏي خدمت پڻ آهي.

(روزاني عوامي آواز– 8 آگسٽ 1998ع)