انساني ارتقا کان سماجي شعور تائين
ٻي جسماني خاصيت جيڪا انسان کي جانورن کان مٿانهون ڪري ٿي اها آهي انسانن جي ڏسڻ جي صلاحيت ۽ انهيءَ جو استعمال انسان کي ٻين جانورن وانگر ٻه اکيون آهن جن جو فوڪس هڪ آهي. انهيءَ سبب انسانن کي فاصلي جو تعين ڪرڻ، اوزار ٺاهڻ، شڪار ڪرڻ ۽ ٽپي ڏيڻ ۾ وڏي مدد ملندي آهي. انسان واحد حيوان آهي جنهن ۾ ڳالهائڻ جي صلاحيت آهي. اها به ڪا فطري صلاحيت نه آهي، پر انسان دماغ، زبان، تارون، ڏندن، نڙي ۽ ساهه وسيلي پڻ آوازن جي چرپر سان لفظن ۽ آوازن جو وسيع سرشتو جوڙيو آهي. جنهن کي ٻولي يا زبان چئجي ٿو. ٻولي انسان جي عظيم الشان سماجي تخليق آهي. ان جي وسيلي انسان پنهنجن تجربن، خيالن ۽ احساسن کي ٻين تائين پهچائيندو آهي. مشهور آمريڪي دانشور بنجامن فرينڪلن چيو آهي ته،”نسان واحد اوزار ساز جانور آهي.“ ليڪن ان جي اها دعوى درست نه آهي، ڇاڪاڻ ته بن مانس ۽ باندر به پنهنجي ضرورتن جا اوزار ٺاهيندا آهن. ان سان گڏ اهو چوڻ به صحيح نه آهي ته فقط انسان ئي پنهنجي ضرورت جون شيون پيدا ڪري سگهندا آهن. ڇاڪاڻ ته ڪجهه ٻيا حيوان به پنهنجي خوراڪ پيدا ڪندا آهن. جيئن ماکي جي مک مانارو ٺاهي خوراڪ جو ذخيرو ڪندي آهي. ان جي ابتڙ انسان پنهنجي بنايل اوزارن ۾ وقت بوقت اصلاح ڪندو رهندو آهي ۽ ان سبب پيداوار ۽ پيداواري لاڳاپا پڻ بدلجندا رهندا آهن.
انسانن ۽ جانورن ۾ ان فرق جي تشريح ڪندي مارڪس به هٿرادو دنيا جي تخليق کي انسان جو سڀ کان وڏو ڪارنامو قرار ڏنو آهي. هو لکي ٿو ته، ”جانورن جو حياتياتي عمل ئي انهن جي سموري زندگي هوندو آهي. جانور پنهنجي ذات ۽ پنهنجي حياتياتي عمل ۾ فرق نه ڪري سگهندا آهن، يعني انهن جو ڪم فقط پنهنجي جسماني وجود کي برقرار رکڻ هوندو آهي. ليڪن هو پنهنجي حياتياتي عمل کي پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ تائين محدود نه ڪندا آهن، بلڪ اهو ڪم سندن حياتياتي عمل جو هڪ جزو پڻ هوندو آهي. جڏهن ته انسان ان جبلت کان آجو آهي. انسان جو حياتياتي عمل سندس مرضي ۽ ارادي جو پابند آهي. يعني باشعور آهي. ۽ اهو ئي باشعور حياتياتي عمل کيس جانورن کان مٿانهون رکي ٿو.“ انساني شعور جو ٻنڀ ۽ مخرج، انساني ذهن آهي ۽ ذهن جي چرپر جو خزانو، نفيس ۽ نازڪ پردن ۾ ويڙهيل اهو مغز آهي، جنهن جي حفاظت انساني ڪيپراٽي ڪندي آهي. جسم جو اهو حصو ايترو ته نازڪ نفيس ۽ حساس ترين هوندو آهي جو جيڪڏهن مٿي ۾ ڪو زبرو ڌڪ لڳي ٿو ته ماڻهوءَ جو پورو جسم مفلوج ۽ بي ستو ٿي ويندو آهي. ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي قوت جواب ڏئي ويندي آهي، ماضي جا سڀئي تجربا ۽ واقعا ذهن مان غائب ٿي ويندا آهن، حافظو بلڪل ڪم نه ڪندو آهي، ايتريقدر جو ويجهن عزيزن ۽ دوستن جا نالا ۽ شڪليون به ياد نه رهنديون آهن.
انسان جا سڀئي فعل ۽ ارادا يعني سندس هٿ پير چورڻ، ڏسڻ، ٻڌڻ، ڳالهائڻ، کائڻ۽ پيئڻ مطلب ته سندس هر جسماني عمل خواهه ذهني عمل دماغ جي ئي تابع هوندو آهي ۽ جيڪڏهن دماغ پنهنجو عمل ڇڏي ڏئي ته انسان جيئري ئي انسانيت کان محروم ٿي وڃي ۽ زنده لاش بنجي وڃي. شايد ان ڪري ئي ڪجهه خيال پرست فيلسوفن دماغ جي انهن خصوصيتن کان متاثر ٿي اها دعوى ڪئي هئي ته ”هي ظاهري دنيا، انساني دماغ جو عڪس ۽ اولڙو آهي ۽ دماغ کان ٻاهر ان جو ڪو حقيقي يا طبعي وجود ڪونهي.“ ليڪن اهي ڳالهيون هاڻي پراڻيون ۽ مدي خارج بنجي چڪيون آهن. ڇاڪاڻ ته جديد سائنس اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هي ڌرتي نه صرف انسان ۽ ان جي دماغ کان ڪروڙين سال اڳ کان موجود آهي بلڪل خود انسان پڻ ڌرتي جي مختلف مادن جو ترقي يافته مظهر آهي ۽ ان جو دماغ به مادي جزن جو ئي ٺهيل آهي. اهڙي صورت ۾ ”جيڪو اول آهي اهو بعد واري جو عڪس ڪيئن ٿو ٿي سگهي.“ اڄ جسماني علم ايترو ترقي ڪري چڪو آهي جو دماغ جي بغاوت ۽ ان جي جوڙجڪ ۽ طريقه ڪار هاڻي ڪو پراسرار ڳجهه نه رهيو آهي. جنهن کي فلسفيانه قياس آراين ۽ گمانن وسيلي حل ڪيو وڃي. سائنسي ترقي اهو سڀ ٻڌائي ٿي ته انساني دماغ خارجي دنيا جا اثر ڪيئن ٿو قبول ڪري ۽ دماغ جي خلين ۽ شريانن جو جسم جي ٻين حصن سان ڪهڙو لاڳاپو آهي.
انساني اعصابي نظام جو محور دماغ ۽ ڪرنگهو آهن. دماغ ۾ اربين اعصابي خليا هوندا آهن ۽ هر خليو ٻئي خليي سان ڏهه هزار تندن وسيلي ڳنڍيل هوندو آهي. جسم جي اندر يا ٻاهر جا سڀئي اطلاع ۽ خبرون انهن منجهيل ۽ ڳتيل رستن تان گذري، شعور جي مختلف سطحن تائين پهچنديون آهن. ان ڪري انسان جي علم، حافظي ۽ خيال جون لکين ڪروڙين صورتون ۽ شڪليون انهن اعصابي خلين جي پيداوار آهن. دماغ پنهنجو فرض انهن اربين اعصابي خلين وسيلي سرانجام ڏيندو آهي. مثال طور ڪنهن کي ڪو ڌڪ لڳي ٿو، جيئن ئي ڌڪ هڻڻ وارو اوزار يا شئي انساني کل کي ڇهندو ته کل جي خلين ۾ هڪ هيجاني ۽ چرپر واري ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي. اهو هيجان انسان جي مرڪزي اعصابي نظام يعني دماغ ۽ مغزي ڏوري تائين وڃي پهچندو ۽ ضرب محسوس ٿيڻ لڳندي، جيڪڏهن ماڻهو کي ضرب لڳائڻ واري اوزار جي نوعيت جو اڳ ۾ ئي تجربو آهي ته ان وقت دماغ به اهو ئي ٻڌائيندو ته چوٽ ڪهڙي شي سان لڳي آهي اهو سمورو عمل اک ڇنڀ کان به اڳ ۾ تيز ترين نموني ٿيندو آهي. ڪنهن خبر جي دماغ تائين پهچڻ جي نوعيت، برقي ۽ ڪيميائي ٿيندي آهي. سڀ کان پهريائين انسان جي حواسي عضون اک ، نڪ، ڪن، زبان ۽ کل ۾ برقي هيجان پيدا ٿيندا آهن. انهن هيجانن ۽ چرپر جا بيشمار قسم آهن ۽ اهي نهايت پيچيده آهن اعصابي خلين کي پاڻ ۾ ملائڻ وارين تندن جي سنڌن تي هڪ پردو چڙهيل هوندو آهي، اهي برقي لهرون ان تي ڊوڙنديون آهن ان عمل مان هڪ نهايت مختصر ڪيميائي ٽرانسميٽر وارو عمل پيدا ٿيندو آهي، جيڪو ٻين خلين تائين انهن برقي لهرون کي منتقل ڪري انهن ۾ هيجان پيد اڪندو آهي. اهڙي طرح هڪ اعصابي خليي جو عمل ٻئي تي ۽ ٻئي جو ٽئين تي ٽرانسمٽ ٿيندو آهي ۽ هر اطلاع انتهائي تيز رفتاري سان دماغ تائين پهچندو آهي.
انسان کي سڀ کان پهريائين پنهنجي ماحول جو شعور ٿيو، يعني انهي صورتحال جو جيڪا سندس آسپاس هئي، پوءِ ان کي انهي محدود لاڳاپي جو شعور ٿيو، جيڪو کيس ٻين فردن ۽ شين سان قائم ڪرڻو پيو. ان سان گڏوگڏ کيس ٿورو گهڻو پنهنجي وجود جو به شعور ٿيو ۽ نيٺ وڃي کيس فطرت جو شعور ٿيو، ليڪن انوقت تائين فطرت سان انساني رابطو دراصل حيواني رابطو هيو. جڏهن انسان جون ضرورتون وڌيون، انهن ضرورتن جي پورائي لاءِ هن اوزار گهڙيا ۽ ٺاهيا، ورهاست جو رواج ٿيو ۽ جسماني ۽ ذهني محنت جي ورهاست ٿي ۽ ان غلط فهمي جو بنياد پيو ته شعور آسپاس جي ماحول ۽ سماجي زندگي جي حالتن کان جدا ڪو آزاد وجود رکندڙ حقيقت آهي. حالانڪ شعور نه رڳو انسان جي ذهن کان ٻاهرين حقيقتن جي ڄاڻ آهي پوءِ اهي حقيقتون مادي هجن يا غير مادي يعني انصاف، مساوات، جمهوريت وغيره ۽ سماجي حقيقتن جو پابند هوندو آهي، بلڪ اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته شعور، سماجي ارتقا جو نتيجو آهي پر سماجي ارتقا شعور جو نتيجو نه آهي ڇاڪاڻ ته انسان جون سماجي حالتون جنهن سطح تي هونديون آهن سندس شعور جي سطح ته اها ئي هوندي آهي. جمادات، نباتات، حيوانات ۽ ٻين انسانن سان انسان جو رابطو، جنهن قسم جو هوندو ان جي سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو انداز ۽ ان جا عقيدا ۽ رجحان به ان مطابق هوندا، ان ڪري ئي انسان کي باشعور سماجي جانور چيو ويو آهي.
(روزاني عوامي آواز– 16 مارچ 1998ع)