نفسيات: مفروضا ۽ حقيقتون
جديد نفسيات جو علم جيتوڻيڪ گهڻو پراڻو ته نه آهي پر گذريل هڪ سئو سالن کان نفسيات جو علم هڪ سائنس جي حيثيت حاصل ڪري ويو آهي. نفسيات جا ماهر، معلومات گڏ ڪرڻ ۽ نفسياتي مسئلن حل ڪرڻ لاءِ اهي ئي طريقا استعمال ڪن ٿا جيڪي سائنسدان ڪندا آهن. يعني اڳ ۾ مفروضا قائم ڪرڻ، انهن جي جاچ جوچ ڪرڻ لاءِ مشاهدا ڪرڻ، تجربا ڪرڻ، مفروضن کي بحث، تجربن ۽ مشاهدن جي روشني ۾ پرکڻ وغيره.
عام طور تي اهو خيال ته هڪ ماهر نفسيات ذهني مونجهارن ۽ بيمارين جو علاج ڪندو آهي. اهو خيال درست ته آهي پر اڌورو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو تصور نفسيات جو هڪ محدود تصور آهي، جنهن جو واسطو ”ڪلينيڪل نفسيات“ سان آهي جيڪو نفسيات جي علم جو صرف هڪ شعبو آهي. ان کانسواءِ نفسيات جا ڪيترا اهڙا شعبا به آهن جو ذهني بيمارين، مونجهارن يا نفسياتي علاج سان ڪوبه واسطو نه آهي.
نفسيات جي باري ۾ ماڻهن ۾ ڪجهه غلط تصور به آهن: مثال طور ڪجهه ماڻهو سمجهندا آهن ته نفسيات جي ڄاڻ رکڻ سان ماڻهو پنهنجا ذاتي مسئلا به حل ڪري وٺندا آهن، ان لاءِ هڪ ماهر نفسيات جا ڪي به ذاتي مسئلا نه هوندا آهن. دراصل سمورا مسئلا نفسياتي طريقن سان حل ٿيڻ جوڳا نه هوندا آهن.
اهڙي طرح اهو خيال به غلط آهي ته نفسيات پڙهڻ سان ماڻهو چريا ٿي پوندا آهن. جڏهن ته چريائپ جي سببن ۾ گهريلو ماحول، ورثو، فرد جي شخصيت وغيره شامل هوندا آهن ۽ نفسيات جي تعليم سبب ڪنهن جي چرئي ٿيڻ جو ڪوبه مثال نه ٿو ملي، البت اهو ممڪن آهي ته ڪنهن ماڻهو پنهنجي ذهني پريشاني دور ڪرڻ لاءِ نفسيات جي مطالعي جو سهارو ورتو هجي، پر پنهنجي مسئلي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ چريو ٿي پيو هجي.
اهڙي شخص ۾ چريائپ جا ڪارڻ سندس نفسيات جي مطالعي کان اڳ ۾ موجود هوندا، جنهن سبب هو چريو ٿي پيو هوندو. نفسيات جي باري ۾ اهڙن غلط تصورن جي جائزي مان اها خبر ته پوي ٿي ته ڪهڙيون ڳالهيون نفسيات نه آهن. پر نفسيات پنهنجي سِر پاڻ ڇا آهي؟ اچو ته ڏسون:
نفسيات يوناني لفظ (Psychology) جو ترجمو آهي جيڪو ٻن لفطن سائيڪي (Psyche) ۽ لوگوس (Logos) جو مرڪب آهي. سائيڪي جو مطلب آهي روح، ساهه يا نفس ۽ لوگوس (Logos) جو مطلب آهي منطق يا علم. قديم يونان ۾ گهڻي ڀاڱي سمورن علمن کي منطق چيو ويندو هيو. اهڙي طرح نفسيات جو مطلب ٿيو، علم نفس يا علم روح. انهيءَ علم جو باقاعدي ذڪر ارسطو جي ڪتاب (De Anema) ”ڊي اينيما“ ۾ ملي ٿو.
سائنسي ٻولي ۾ ”سائيڪالاجي“ لفظ جو پهريون استعمال اسان کي ڏهـيـن صدي عيسوي جي يورپي ڪتابن ۾ ملي ٿو. انگريزي ٻولي ۾ اهو لفظ (Psychologie) سڀ کان اڳ انساني جسم ۾ رت جي دوري کي دريافت ڪندڙ سائنسدان ”وليم هاروي“ ڪيو. سائيڪالاجي جو موجوده اُچار ۽ لکڻي (Psychology) سڀ کان اڳ ۾ 1693ع ۾، لفظ ”سائيڪالاجسٽ“ يعني ”ماهر نفسيات“ 1727ع ۾ ۽ لفظ ”سائيڪالاجيڪل“ يعني ”نفسياتي“ 1776ع ۾ استعمال ٿيڻ شروع ٿيا. اڻويهين صدي جي اڌ تائين اهي لفظ يورپ ۾ عام ٿي چڪا هئا ۽ برصغير ۾ اڻويهين صدي جي آخر تائين عام انگريزي پڙهندڙن جي استعمال ۾ پڻ اچڻ لڳا هئا.
قديم دور ۾ نفسيات جي معنى علم روح هيو، ليڪن يورپ جي جاگيردارانه ماحول ۾ روح جي تصور هڪ مذهبي رنگ اختيار ڪري ورتو، جيڪو ”علم نفسيات“ جي مفھوم ۽ علمي تقاضن سان ڪونه پئي ٺهڪيو. ان ڪري روح جي جاءِ تي لفظ ذهن اچي ويو ۽ نفسيات کي انساني ذهن جو علم قرار ڏنو ويو.
جڏهن يورپ ۾ جاگيرداري جو خاتمو ٿيو ۽ جديد سائنس ترقي ڪئي ته ذهن واري تصور کي غير سائنسي قرار ڏنو ويو. بعد ۾ انسان جي ذهني عملن جو سائنسي طريقن سان مطالعو ٿيڻ لڳو ۽ ان کي شعور جو علم قرار ڏنو ويو. اها وصف جرمن ماهر نفسيات ”وليم ونٽ“ اڻويهين صدي جي آخر ۾ ڪئي هئي.
ويهين صدي ۾ شعور جي مطالعي واري وصف کي به غير سائنسي قــرار ڏنو ويو. ان کانپوءِ آمريڪي ماهر نفسيات ”جي.بي.واٽسن“ (J.B.Watson) نفسيات کي انساني ڪردار جو مطالعو ڪرڻ جي وصف ڏني. پر انهيءَ وصف کي انتهاپسندي قرار ڏنو ويو. ڇاڪاڻ ته انهيءَ وصف سبب ذهن ۽ شعور جھڙا بنيادي موضوع نفسيات جي دائري مان خارج ٿي پئي ويا.
مختلف نفسياتي ماهرن نفسيات جي ان طريقي سان وصف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا سائنسي ڪوٺي سگهجي، نفسيات جي انفرادي حيثيت کي برقرار رکي، نفسيات جي وسيع ۽ ڦھليل موضوعن کي پنهنجو پاڻ ۾ سمائي ۽ جدا جدا نفسياتي ماهرن کي قابل قبول هجي.
روسي ماهر نفسيات ”روبن اسٽائن“ موجب ”نفسيات اها سائنس آهي جيڪا انسان جي دماغ جي سرگرمين ۽ ان سان لاڳاپيل ذهني ڪارگذارين ۽ قانونن جو مطالعو ڪري ٿي.“ انهيءَ سان ملندڙ جلندڙ وصف آمريڪي ماهر ”ڪيگان“ ۽ ”هيومين“ به ڪن ٿا. ”نفسيات اها سائنس آهي جيڪا مشاهدي لائق ڪردار ۽ ان ڪردار جي جوڙجڪ جي باهمي ذهني سبب ۽ ماحول جي ٻاهرين واقعن جي لاڳاپن جو لڳاتار مطالعو ڪري ٿي ۽ ان جي تشريح ڪري ٿي.“
نفسيات جون اهي وصفون، انساني ۽ حيواني ڪردار ٻنهي جي مطالعي کي پنهنجي دائره عمل ۾ آڻين ٿيون ۽ ڪردار کان سواءِ ذهني مامرن جي مطالعي کي نفسيات جو اهم جزو سمجهن ٿيون، ان لحاظ کان نفسيات جي اها وصف جامع ۽ سائنسي لڳي ٿي.
جيئن ته مختلف سائنسي علمن جا مقصد ان لحاظ کان گڏيل هوندا آهن ته، اهي سڀئي ڪنهن عمل کي سمجهڻ، ان جا سبب ڳولهڻ، نوعيت بيان ڪرڻ، پيمائش ڪرڻ، اڳڪٿيون ڪرڻ، نتيجا ڪڍڻ، ان کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ تشريح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ائين ئي نفسيات جي به اها ئي مقصديت آهي ته انساني ڪردار ۽ ذهن جي ڪيفيتن جي پيمائش ڪرڻ ۽ انهن جي نوعيت بيان ڪرڻ، انساني ڪردار ۽ ذهني ڪيفيتن جي اڳڪٿي ڪرڻ ۽ انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ. پر نفسيات واحد سائنس نه آهي جيڪا انساني ڪردار کي سمجهڻ، ان جا سبب ڳولهڻ، اڳڪٿي ڪرڻ ۽ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. سمورين ڪرداري سائنسن يعني سماجيات، علم الانسان، تاريخ، سياسيات ۽ نفسيات جا اهي ئي مقصد آهن. انهن مان نفسيات جي اها خصوصيت آهي ته اها گروهن سان گڏوگڏ فردن تي پڻ توجهه ڏئي ٿي.
”نفسيات جو ماضي تمام ڊگهو آهي پر ان جي تاريخ مختصر آهي. نفسيات هڪ نئين سائنس آهي جيڪا قديم سوالن جا جواب ڳولهي ڏئي ٿي.“ يعني انسان شروعات کان پنهنجي ذات، ماڻهن جي ڪردار، فردن جي چرپر ۽ سببن وغيره جي سوالن سان منهن ڏيندو رهيو آهي ۽ جواب ڳولهيندو رهيو آهي. ان لحاظ کان ته نفسيات هڪ قديم علم آهي پر هڪ سائنس طور نفسيات جي تاريخ رڳو ڏيڍ سئو ورهيه کن ٿيندي. اهو ائين ئي آهي جيئن پاڪستان ۾ رهندڙ قومون ۽ انهن جي تاريخ ته هزارين ورهيه قديم آهي ليڪن هڪ رياست طور پاڪستان جي تاريخ جو آغاز 14-آگسٽ 1947ع کان ٿئي ٿو.
ٻين علمن وانگر نفسيات پڻ ڳچ عرصي تائين فسلفي جو حصو هئي. جڏهن ته فطري سائنسون، فلسفي جي قيد کان گهڻو وقت اڳ آزاد ٿيون. پر نفسيات کي گهڻو پوءِ الڳ علم طور مڃيو ويو. ان ڪري ئي نفسيات کي هڪ نئون علم سمجهيو ويندو آهي.
اڄ کان هزارين سال اڳ انسان مادي طور تي تمام پٺتي پيل هيو. ماڻهو شڪار، وڻن جي ميون ۽ جڙي ٻوٽين وغيره تي گذر سفر ڪندا هئا. روزگار جي ڳولها جي مصروفيت، فطرت جي قوتن يعني سردي گرمي، ٻوڏن زلزلن وغيره سبب انسان، پنهنجي ذات، سرگرمين، روين ۽ ٻين فردن جي ڪردار جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو ۽ ڪجهه اهڙا نظريا قائم ڪيا جن کي علم نفسيات جي آڳاٽي شڪل قرار ڏئي سگهجي ٿو. جڏهن ته مذهب پڻ ان دور جي انساني سرگرمين ۽ ذهني جدوجھد جو نتيجو سمجهيو ويو آهي.
انهن آڳاٽن تصورن ۾ هڪ تصور ”روح“ جو پڻ آهي، قديم انسان جي خيال ۾ هر فرد جي اندر ڪا ٻي شئي، ڪو ٻيو وجود موجود هيو جيڪو ننڊ يا موت جي صورت ۾ واپس هليو ويندو هيو. قديم نفسيات ۾ انساني رت، ساهه ۽ پاڇي کي روح يا ٻيو وجود سمجهيو ويندو هيو جنهن جي انساني جسم مان نڪرڻ سان انساني زندگي ختم ٿي ويندي آهي. اهو تصور”روح“ جي مذهبي تصور سان ملندڙ جلندڙ آهي.
ان کانسواءِ ابتدائي دور ۾ چريائپ جي دورن يا ٻين ذهني بيمارين جي صورت ۾ خيال ڪيو ويندو هيو ته جن، ديو، پريون يا شيطاني طاقتون انساني جسم ۾ داخل ٿي فرد کي ڪنٽرول ۾ ڪري ٿيون وٺن. جن کي انساني جسم مان ڪڍڻ لاءِ قربانيون ڪرڻ، دونهيون دکائڻ، تعويذ ڪرڻ، سڳا، ڦيڻا ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن سان علاج پڻ ڪيو ويندو هيو.
ڇهين صدي ق.م تائين يونان ۾ غلامي جي دور جي شروعات ٿي چڪي هئي. جيئن ته جسماني محنت وارا سمورا ڪم غلامن جي لاءِ مخصوص ٿي ويا هئا. ان سبب انساني تاريخ ۾ پهريون دفعو جسماني محنت کان آزاد دانشور ۽ سوچيندڙ طبقو پيدا ٿيو. جيڪو پنهنجو گهڻو وقت ذهني محنت ۾ گذارڻ لڳو. ان دانشور طبقي جي حلقن ۾ ابتدائي يوناني فلاسافر هئا، جن باهه، پاڻي، هوا ۽ مٽي جھڙين مادي شين کي ڪائنات جو بنياد قرار ڏنو.
انهن يوناني فلاسافرن مان سڀ کان ترقي يافته نظريا ”ديمقراطيس“ (Democrites) جا هئا. سندس خيال موجب روح سميت دنيا جي هر شئي ننڍن ننڍن ذرڙن يعني ايٽمن جي ٺهيل آهي. ديمقراطيس جانورن جي چيرڦاڙ مان اهو نتيجو ڪڍيو ته سوچڻ جو عمل دماغ ۾ ٿيندو آهي. (سندس انهيءَ درست نظرئي کي ارسطو غلط قرار ڏنو هيو.)
انهن ابتدائي فيلسوفن جي مقابلي ۾ ڪجهه يوناني فلاسافرن روح کي جسم کان اعلى قرار ڏنو. انهن مان سقراط، افلاطون ۽ ارسطو ذڪر لائق آهن. ”سقراط“ چيو ته ”روح وسيلي انسان پاڻ کي سڃاڻي ٿو ۽ ان وسيلي چڱائي ۽ برائي ۾ فرق ڪري ٿو.“ سندس پياري شاگرد ”افلاطون“ روح کي مختلف قسمن ۾ ورهايو ۽ چيو ته،”اعلى قسم جا روح سوچڻ وارا هوندا آهن. جن جو جسماني خواهشن، جذبن ۽ احساسن سان تضاد آهي.“
افلاطون جي سڀ کان ذهين شاگرد ”ارسطو“ نفسيات تي پهرين باقاعدي تحرير ”ڊي اينيما“ يعني روح يا نفس جي عنوان سان لکي. ان لحاظ کان ارسطو کي دنيا جو پهريون نفسيات دان چئي سگهجي ٿو. ارسطو ڪيترن ئي اهڙن موضوعن تي پنهنجا خيال پيش ڪيا جيڪي اڄ به نفسيات جا اهم مسئلا آهن يعني انسانن ۽ جانورن جون پيدائشي جبلتون وغيره يوناني فلاسافرن جي نڪته نظر ۾ اهم ڳالهه اها ملي ٿي ته انهن روح ۽ ذهن جي مسئلن کي مذهبي پسمنظر ۾ ڏسڻ بجاءِ نج علمي نقطه نظر سان ڏسڻ ۽ تشريح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
غلام داري سماج جي خاتمي کان پوءِ ٽين صدي عيسوي کان ڏهين صدي عيسوي تائين يورپ ۾ جاگيرداري نظام جو دور هيو. اهو دور قرونِ وسطى سڏبو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو دور قديم يوناني ترقي يافته تهذيب ۽ جديد يورپي صنعتي دور جي وچ وارو زمانو آهي. اهو دور يورپ جي تاريخ جو اونداهون ترين دور پڻ آهي. ڇو ته ان دور ۾ هر قسم جي تحقيق ۽ آزاد خيالي جي رستي روڪ ڪئي پئي وئي. ٻئي طرف ڇهين صدي عيسوي ۾ عرب دنيا قبيلائي نظام کان هڪ ترقي پذير جاگيرداري نظام ۾ داخل ٿي ۽ هڪ روشن خيال مذهب اسلام اختيار ڪيو. اسلام عربن ۾غور فڪر ۽ تحقيق ڪرڻ جي حوصلي افزائي ڪئي.
مشهور مسلمان حڪيم ۽ ڏاهي ”ابن سينا“ پڻ نفسيات تي توجهه ڏني ۽ پنهنجي طبي تجربن جي بنياد تي چيو ته ”صحتمند ماڻهو وهم سبب بيمار ٿي پوندا آهن ۽ بيمار ماڻهو وري پنهنجي ارادي جي مضبوطي سان صحتمند ٿي سگهندا آهن.“
”ابن رشد“ انهيءَ دورجو عظيم فلاسافر هيو، جنهن پڻ نفسيات تي هڪ ڪتاب ”ڪتاب النفس“ جي نالي سان لکيو جنهن ۾ لکيائين ته ”روح فاني آهي، انساني جسم جو حصو آهي ۽ وقت سان گڏوگڏ تبديل ٿيندو رهي ٿو.“ هن چيو ته ”جانور حواسن ۽ تخيل وسيلي علم حاصل ڪن ٿا، جڏهن ته انسان حواسن ۽ تخيل سان گڏ عقل جو پڻ استعمال ڪري ٿو.“
مسلمان فلاسافرن جو اهم تاريخي ڪردار اهو هيو ته انهن يورپ جي اونداهي دور ۾ قديم يوناني فلسفي خاص طور ارسطو جي نظرين جي سائنسي تشريح ڪئي ۽ انهن ۾ اضافو ڪيو. بعد وارن يورپي فلاسافرن ۽ سائنسدانن انهن نظرين مان خاص طور تي ”ابن رشد“ جي نظرين ۽ طريقه ڪار کي اختيار ڪيو ۽ سائنسي ترقي کي اڳتي وڌايو. مسلمان وري سائنسي تحقيق مان هٿ ڪڍي ويا.
پندرهين صدي عيسوي تائين يورپ ۾ جاگيرداري نظام جو زوال شروع ٿي چڪو هيو ۽ تجارتي سرمائيداري جي شروعات ٿي چڪي هئي. ان نئين نظام جي واڌاري لاءِ فسلفي ۽ سائنس جي ترقي ضروري هئي. سورهين ۽ سترين صدي ۾ دنيا جا عظيم ترين سائنسدان پيدا ٿيا جن جديد سائنس جو بنياد رکيو. انهن سائنسدانن ۾ ڪو پرنيڪس، گيورڊانو برونو، گيليلو، نيوٽن ۽ فرانس بيڪن شامل هئا.
انهن سائنسدانن، سائنسي علمن جي جاگيرداراڻي ۽ مذهبي نظرين ۽ تشريحن کي رد ڪيو، تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي ٺوس سائنسي نتيجا ڪڍيا ۽ نوان سائنسي نظريا ڏئي عقيدن تي بيٺل قديم سائنس کي ڌوڏي ڇڏيو. جاگيرداري نظام جي مذهبي نمائندن انهن سائنسدانن جي نطرين کي مذهب ۽ خدا جو مخالف قرار ڏنو، گيورڊانو برونو کي جيئرو ساڙيو ويو ۽ گيليلو کي زبردستي پنهنجي نظرين تان هٿ کڻڻ تي مجبور ڪيو ويو. ليڪن مذهبي نمائندن جي تنگ نظري ۽ تعصب، تاريخ جي عمل کي روڪي نه سگهيا ۽ سائنسي سوچ هٿان شڪست کائڻ تي مجبور ٿيا.
فرينچ فلاسافر ”ريني ڊيڪارٽ“ کي جديد نفسيات جو باني سمجهيو ويندو آهي، ڊيڪارٽ جي حيثيت جديد دور ۾ اها ئي آهي جيڪا قديم دور ۾ ارسطو جي هئي. ارسطو اهڙي دور ۾ پيدا ٿيو جڏهن غلام داري سماج جاگيرداري ۾ تبديل ٿي رهيو هيو ۽ ڊيڪارٽ وري اهڙي دور ۾ پيدا ٿيو جيڪو جاگيرداري مان سرمائيداري ڏانهن عبور جو دور هيو. ”ريني ڊيڪارٽ“ جسم کي ذهن کان جدا نظام قرار ڏنو ۽ چيو ته ”جسم هڪ مشين وانگر ميڪانيڪي اصولن تحت ڪم ڪري ٿو جڏهن ته ذهن يا روح ابدي ۽ غير مادي آهن ۽ اولين حيثيت رکن ٿا.“
بعد ۾ ايندڙ نفسيات دانن ڊيڪارٽ جي نظرين کي قطعي غير سائنسي قرار ڏنو. ارڙهين صدي جي آخر تائين يورپ جي اڪثر ملڪن ۾ صنعتي انقلاب برپا ٿي چڪو هيو، جنهن جي نتيجي ۾ سائنسي تحقيق ۾ پڻ اضافو ٿيو، حياتيات جي ميدان ۾ ٿيندڙ نين تحقيقن ۽ دريافتن نفسيات جي علم لاءِ ٺوس سائنسي بنياد فراهم ڪيا. 1873ع ۾ جرمن نفسيات دان ”وليم ونٽ“ هڪ ڪتاب ”عضوياتي نفسيات جا اصول“ جي عنوان تحت لکيو جنهن ۾ هن نفسيات کي هڪ نئين سائنس طور پيش ڪيو.
جڏهن به ڪو نئون علم يا سائنس وجود ۾ ايندي آهي ته ان جي نوعيت، طريقه ڪار، تحقيق جي طريقن جي باري ۾ اختلاف، بحث مباحثا ۽ نوان نڪته نظر پڻ ميدان ۾ ايندا آهن جنهن سان علم جا دائرا وسيع ٿيندا آهن.
نفسيات جي سلسلي ۾ پڻ ائين ٿيو اڻويهين صدي جي آخر ۽ ويهين صدي جي ابتدا ۾ مختلف نفسياتي ماهرن، نفسيات جي نوعيت ۽ ان جي دائره عمل جي باري ۾ مختلف رايا پيش ڪيا. انهن مان ”فرائيڊ“ جنسي نفسيات ۽ تحليل نفسي يعني نفساني تجزئي تي گهڻو زور ڏنو، ”گالٽن“ انفرادي فرق جي نفسيات جو نظريو پيش ڪيو، ”وليم ونٽ“ ترڪيب پسند نفسيات جي ڳالهه ڪئي، آمريڪي نفسيات دانن ڪرداري نفسيات تي تحقيق ڪئي. مطلب ته نفسيات جا مختلف مڪتبه فڪر وجود ۾ اچي ويا.
ڪنهن به علم جي ترقي ۽ ان ۾ پيدا ٿيندڙ مختلف نظرين جو لاڳاپو رڳو ان علم سان نه بلڪ ان ملڪ يا علائقي ۾ ٿيندڙ فني، معاشي، سماجي ۽ تعليمي ترقي سان به آهي جتي اهو وڌي ويجهي ٿو. مثال طور جڏهن ڪو ملڪ صنعتي طور تي اڳتي وڌي ٿو ته خصوصي مهارتون پڻ وڌنديون آهن، صنعتي ۽ فني ماحول ۽ صلاحيتون انهن صنعتن ۾ تبديليون آڻينديون آهن. انهن گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ ئي نوان علم، خيال ۽ نظريا وجود ۾ ايندا آهن يا وري پراڻن علمن ۾ ترقي ۽ واڌاري جي ضرورت پيدا ٿيندي آهي.
علم نفسيات جي ترقي ۽ واڌ ويجهه ۾ به اهي ئي مامرا هيا، ويهين صدي جي پهرين پنجويهه سالن ۾ يورپ ۽ خاص ڪري آمريڪا جيڪا صنعت، ٽيڪنالاجي ۽ معاشي ميدان ۾ بيپناهه ترقي ڪئي، ان ترقي جي نتيجي ۾ ڪيترائي نفسياتي، سماجي ۽ معاشرتي مسئلا پيدا ٿيا، جن جي حل کي علم نفسيات ۾ به ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان جي نتيجي ۾ صنعتي نفسيات، اشتهاري نفسيات، سماجي نفسيات، گروهي نفسيات، ڪلينيڪي نفسيات، ڪرداري نفسيات ۽ ڏوهن جي نفسيات وغيره جھڙن ذيلي شعبن جو بنياد پڻ پيو.
نئين صنعتي نظام کي هلائڻ لاءِ نين صلاحيتن جي گهرج هئي. ان لاءِ تعليم تي توجهه ۽ ڌيان ڏنو پئي ويو. ٻارن جي تعليمي ڪارڪردگي کي بهتربنائڻ لاءِ اسڪول جي ماحول، گهر جي ماحول، ٻارن جي ذهني صلاحيتن، انفرادي خاصيتن، رجحانن وغيره تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت پڻ پئي. انهيءَ سبب ٻارن جي نفسيات ۽ تعليمي نفسيات وغيره جي سلسلي ۾ نظريا وجود ۾ آيا.
هاڻي اهو چڱي طرح سان چئي سگهجي ٿو ته اڄ ڪلهه زندگي جي هر شعبي ۾علم نفسيات جو عمل دخل آهي، ڇاڪاڻ ته نفسيات هڪ پراسرار علم نه بلڪ سائنس ئي آهي.
(روزاني عوامي آواز– 12 سيپٽمبر 1998ع)