داس ڪيپيٽل: مارڪس جو لافاني پٽ
قومپرست دانشور ”عبدالواحد آريسر“ ڪٿي لکيو آهي ته ”ڪارل مارڪس“ جو ننڍڙو پٽ سخت بيمار هو ۽ وٽس علاج لاءِ به پيسا ڪونه هئا ته مارڪس جي گهرواري ”جيني“ کيس اچي ٻڌايو ته ننڍڙو سڪرات ۾ آهي. ان تي مارڪس وراڻيو ته ”منهنجو اهو پٽ ته دم ڏئي رهيو آهي پر مان اهڙي پٽ کي جنم ڏئي رهيو آهيان جنهن کي موت به نه ماري سگهندو.“
مارڪس جو اهو لافاني پٽ آهي سندس مشهور ڪتاب ”داس ڪيپيٽل“ يعني ”سرمايو يا ناڻو“ اڄ کان هڪ سئو ستٽيهه ورهيه اڳ اڄوڪي ڏينهن يعني 16 آگسٽ 1867ع تي داس ڪيپيٽل جو پهريون جلد ڇاپڻ لاءِ پبلشر جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو ڊسمبر 1867ع تي مارڪيٽ ۾ آيو ۽ جڳ مشهور ٿي ويو. ڪارل مارڪس هونئن ته پنهنجي حياتي ۾ گهڻا ئي ڪتاب لکيا، پر سندس هيءَ لکت نه رڳو سندس لکتن پر دنيا اندر لکيل چند اهڙن ڪتابن مان هڪ آهي جن ڌرتي تي موجود سڄي انساني نسل کي متاثر ڪيو ۽ دنيا جا نقشا بدلائي ڇڏيا.
دنيا ۾ اهڙا ڪتاب تمام گهٽ آهن جن جا ايترا حامي ۽ مخالف ٿيا هجن جيترا ”داس ڪيپيٽل“ جا حامي ۽ مخالف ٿيا آهن. ڪارل مارڪس 5- مئي 1818ع تي جرمني جي شهر ”ٽرائـر“ ۾ پيد اٿيو. 1841ع ۾ هن ”ايپي ڪيورس ۽ ديمقراطيس“ جي فلسفي تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ان دوران هن فلسفي تي پنهنجي لکتن جو عظيم الشان سلسلو شروع ڪيو ۽ اقتصاديات جي باري ۾ پڻ تحقيقات ۽ لکڻ جو آغاز ڪيائين. ”داس ڪيپيٽل“ پڻ سندس ڪميونسٽ نڪته نظر تي بيٺل معاشي خيالن ۽ تحقيق جو مجموعو آهي. ان کان اڳـ۾ هن اينگلز سان گڏجي ”عالمي ڪميونسٽ تحريڪ“ جو بنياد پڻ وڌو، جنهن جو منشور ”ڪميونسٽ پڌرنامي“ جي نالي سان مارڪس ۽ اينگلز گڏجي لکيو. اهو ڪتاب پڻ انساني تاريخ جي انهن عظيم تحريرن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو جن جا اثـر انتهائي گھرا، فڪر انگيز ۽ تاريخ جو بنياد وجهڻ جھڙا مڃيا ويا. 1862ع ۾ مارڪس پنهنجي هڪ دوست ”ايل ڪيو گلمين“ کي خط لکي اطلاع ڏنو ته مان هڪ ڪتاب ”سرمايـي“ جي نالي سان لکي رهيو آهي، جنهن جو ذيلي عنوان“A contribution to the critique of Economy” آهي.
”داس ڪيپيٽل“ جي ٽن جلدن جو پهريون ڊرافٽ 1865ع جي آخر ۾ مڪمل ٿيو. پر پهريون جلد ڇپرائڻ کان اڳ مارڪس ان تي ڪيئي دفعا نظرثاني ڪئي. جڏهن ته ٻيو ۽ ٽيون جلد ڇپرائڻ ۽ نظرثاني ڪرڻ کان اڳ مارڪس وفات ڪري ويو. کانئس پوءِ اهو ڪم اينگلز پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ 16 مارچ 1883ع ۾ مارڪس جي وفات کان پوءِ اينگلز جي محنت ۽ نظرثاني سان ٻيو جلد 1885ع ۾ ۽ ٽيون جلد 1894ع ۾ شايع ٿيو. مارڪس جيڪو ڪم پنهنجي پويان ڇڏيو هو، ان جي بنياد تي ”داس ڪيپيٽل“ جو هڪ چوٿون جلد پڻ لکجڻو هو، اينگلز، ”داس ڪيپيٽل“ جي چوٿين جلد جو عنوان مارڪس جي ”سرپلس ويليو“ جي نظريي کي بنياد بڻائي لکڻ پئي گهريو پر اينگلز کي به حياتي مهلت نه ڏني. اينگلز جي موت کان پوءِ مارڪس جو اهم ڪم جدا نالي ۽ ڪتاب سان ”ڪارل ڪائوتسڪي“ مرتب ڪري شايع ڪرايو. جنهن جو نالو ”ٿيوري آف سرپلس ويليو“ رکيائين.
”داس ڪيپيٽل“ دنيا جي عظيم سماجي سائنسدان، فيلسوف ۽ معاشي ماهر جو هڪ وڏو ڪارنامو آهي، هي اهو ڪتاب آهي جنهن معاشي نظرين جي دنيا کي لوڏي ڇڏيو. هن ڪتاب جي مخالفت ۾ به گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. جيڪو پڻ پنهنجي جاءِ تي اهم آهي پر اهو به سچ آهي ته موجوده دنيا تي مارڪس ۽ ”داس ڪيپيٽل“ جو جيڪو اثر آهي انهيءَ کان ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي. مارڪس انتهائي مشڪل ۽ ڏکين مرحلن مان گذرندي اهو ڪم ڪيو. جيڪو ٻئي ڪنهن جي وس کان مٿي هو.
”داس ڪيپيٽل“ جي اشاعت سياسي معاشيات ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. مارڪس، هن ڪتاب ۾ سرمائيدار معاشرن جي اقتصادي چرپر جي قانونن کي دريافت ڪندي ٻڌائي ٿو ته سرمائيداراڻو سماج جنم ڪيئن ٿو وٺي، ارتقائي مرحلا ڪيئن ٿو طئي ڪري ۽ پوءِ وري ڪيئن زوال ڏانهن ٿو وڃي، هن ڪتاب ۾ مارڪس سائـنسي تجزئي جي بنياد تي سرمائيداري جي عارضي تاريخي ڪردار کي ثابت ڪري ٿو.
”داس ڪيپيٽل“ ۾ مارڪس، سرمائيداري نظام ۽ سماجن ۾ موجود تضادن کي ڳولهڻ ۽ سمجهڻ جا بنياد فراهم ٿو ڪري. مارڪس اهو ٻڌائي ٿو ته سرمائيداري نظام جي سمورن بورجوا ۽ پيٽي بورجوا اصلاح پسندن يا ريفارمسٽن جي سمورين ڪوششن ۽ پردي پوشين جي باوجود اهي تضاد وڌندا ويندا ۽ ڪڏهن به ڪنهن اصلاح واري عمل سان ختم نه ٿيندا. مارڪس، سرمائيداري جي ميڪنزم کي واضح ڪندي ”سرپلس ويليو“ کي سامهون آڻي ٿو، جيڪو مارڪس جي اقتصادي نظريي جي پيڙهه جو پٿر آهي.
”داس ڪيپيٽل“ جو پهريون جلد پيدواري مرحلن (Process of Production) بابت آهي جڏهن ته ٻئي جلد ۾ ناڻي جي ورهاست کي موضوع بڻايو ويو هو. جنهن تحت پيدوار جي فيصلائتي ڪردار تي روشني وڌي وئي آهي. يعني ناڻو، پيداوار ۽ ڪارج (Money, Productional & Commodity) ٻئي جلد ۾ مارڪس اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته پيداواري نراجيت، بحران ۽ بيروزگاري، سرمائيداري جو اڻٽر مقدر آهن.
”داس ڪيپيٽل“ جي ٽئين جلد ۾ سرمائيدارانه پيداوار جو کليل تجزيو پيش ڪيو ويو آهي. مارڪس ثابت ڪيو ته هڪ ڪارخانو ۽ صنعتي منافعو، هڪ واپاري جو تجارتي منافعو، وياج خور جو وياج، بينڪ جو حاصل ڪيل وياج وارو قصو ۽ جاگيردار جي آمدني، اهي سڀ محنت جي استحصال مان جنم ٿا وٺن. هو منافعي جي ورهاست ۽ ان جي بدليل شڪلين جو تجزيو ٿو ڪري ۽ ناڻي جي مختلف شڪلين ۽ ان جي سيڙپ مان حاصل ٿيندڙ نتيجن جو وچور بيان ڪري ٿو.
مارڪس پنهنجا سمورا معاشي نظريا ”داس ڪيپيٽل“ ۾ بيان ڪيا آهن، سندس معاشي نظرين جي بنياد تي سڄي دنيا اندر مختلف ملڪن ۾ انقلاب آيا. ڪميونسٽ رياستون قائم ٿيون. نئون اقتصادي سرشتو پيدا ٿيو ۽ نوان بحث شروع ٿيا، جيڪي اڄ به جاري آهن.
(روزاني عوامي آواز– 16 آگسٽ 1998ع)