مذهبي ڇڪتاڻ ۽ اسھپ وارا رويا ڪيڏانهن وٺي ويندا؟
جيڪي ڪجهه آهي، اهو ڇو آهي؟ ان جا بنيادي سبب اسان جي ماضي ۾ لڪل آهن جن کي به ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڪٿي قديم زماني جو قبائلي سرداري نظام به موجود آهي ته صدين کان جاري جاگيردارانه زميندارانه وڏيرڪي معيشت به آهي ۽ گڏوگڏ اسرندڙ ۽ تيزي سان ترقي ڪندڙ ۽ طاقتور ٿيندڙ سرمائيداري پڻ موجود آهي. انهيءَ مليل جليل ۽ گاڏڙ ساڏڙ پيداواري طريقي ۽ قدرن، لڳاتار مارشلائن لڳڻ ۽ سامراجي حڪمراني اهڙن روين، خود غرضاڻي ۽ خود پرستاڻي سوچن کي جنم ڏنو آهي، جن ۾ رڳو پنهنجي ذات، فرقي، گروهه ۽ قبيلي جي مفادن لاءِ ئي سوچيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ شدت اچي ٿي ته ٻين جي حقن، مفادن ۽ نقطه نظر کان انڪار ڪيو وڃي ٿو جيڪڏهن ڪو ٻيو پنهنجي نقطه نظر جو اظهار ڪري ٿو ته ڪافر، ملڪ دشمن ۽ لائق تعزير آهي. اڄ جي سماج ۾ انارڪي به انهي ڳالهه جو نتيجو آهي، جنهن سبب مذهبي نفرتون، عالمن جو قتلام، فرقيوار جهيڙا، شيعه سُني فساد، سپاهه صحابه، سپاهه محمد، لشڪر جهنگوي ۽ ٻين تنظيمن جو جڙڻ به لازمي بنجي پئي ٿو.
1988ع ۾ جنرل ضياءَ جي موت ۽ ان کان پوءِ اليڪشن ۾ نمائنده حڪومت جو قيام ۽ اسيمبلي جو ٽـٽڻ وري اليڪشن ٿيڻ، وري اسميبليءَ جو ٽٽڻ ۽ انهيءَ عمل جو بار بار دهرائجڻ، حڪومتن جو مستحڪم نه هجڻ، تشدد ۽ گروهه بندي جا لاڙا، دشمني وارا رويا ۽ هر مسئلي جو حل هٿيارن ۾ ڳولهڻ، انهيءَ آمرانه دور ۽ پيداواري طريقن جي غلط ورهاست جو نتيجو آهن، جيڪو سماج تي حاوي ۽ موجود آهي. جمھوريت جو بنيادي اصول وڌ ۾ وڌ ماڻهن جو گهڻي ۾ گهڻو فائدو آهي. جمھوري حڪومت چونڊيل نمائندن جي معرفت اڪثريتي اتفاق راءِ حاصل ڪري سماج لاءِ قانون ٺاهڻ ۽ ان جو انتظام هلائڻ تي ٻڌل آهي، ان سرشتي کي ڪاميابي ان وقت ٿيندي آهي. جڏهن اقليت پڻ اڪثريت جي ان حق کي تسليم ڪري وٺندي آهي. پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته اڪثريت جي بنياد تي حڪومت، اقليت ۽ ننڍن گروهن جي مسئلن، مفادن۽ راين کي نظرانداز ڪري ڇڏي. جمهوريت جو بنياد ئي مفادن ۽ راين جي اڪثريت کي تسليم ڪرڻ ۽ باهمي اختلافن کي ڳالهه ٻولهه ۽ ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو جي بنياد تي حل ڪرڻ جي اصول ۾ آهي. انهيءَ سوچ ۽ انداز کي ئي رواداري چئبو آهي. محلو، گهر، خاندان ۽ معاشرو مختلف ايڪن جا مجموعا آهن انهن ايڪن جا نقطه نظر، مختلف ۽ قسمين قسمين هوندا آهن. انهن نقطه نظرن کي سمجهندي صلح، امن، سمجهه ۽ فهم سان جائزو ورتو وڃي ته مجموعي سڌاري جو دڳ ملي سگهندو نه ته اهڙي ڀڃ ڊاهه جا امڪان آهن، جنهن ۾ سڀني جا مفاد گم ٿي ويندا ۽ صورتحال وڃي افغانستان جھڙي بيهندي. هتان جا ملان به طالبان انقلاب جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. مذهبي ڇڪتاڻ پنهنجي عروج تي پهچي رهي آهي. مدرسن جا عالم قتل ٿي رهيا آهن ۽ سندن نظرياتي وارث خوفناڪ نتيجن جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. جنهن ٻولي ۾ مولوي ڳالهائي رهيا آهن، اها انتهائي جارحاڻي آهي. ان مان اندازو لڳي ٿو ته اهڙيون ڌريون خطرناڪ حد تائين هٿياربند ٿي رهيون آهن. ڇا اهڙي صورتحال جو ڪوبه علاج نه آهي؟؟
جيڪڏهن اسان کي تباهه ناهي ٿيڻو ته پوءِ اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته اسانکان مختلف ۽ متضاد موقف به سچائي ۽ معقوليت رکي سگهن ٿا. اسان کانسواءِ ٻين فردن، گروهن ۽ تنظيمن جا به مفاد ۽ حق آهن، جيڪي انهن لاءِ ايتري ئي اهميت ۽ احترام رکن ٿا، جيترا اسان جا مفاد ۽ حق اسان جي لاءِ اهم ۽ احترام جوڳا آهن. سڀ کان اڳ ۾ اها ڳالهه ته ”اسان ۽ اسان جا مخالف ئي گڏجي اهو ايڪو بڻجون ٿا، جنهن جي دائري ۾ مفادن ۽ حقن جا سوال ۽ معنى اڀري ٿي، ٻين جي جائز حقن جو انڪار خود پنهنجي جائز حقن ۽ مفادن جو انڪار پڻ آهي.“
اسان جي سماج ۾ موجود آمراڻي ۽ اسهپ وارن روين، سوين ماڻهن کي سندن حياتين کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. اختلافن ۽ ڦڏن، مصالحتن جي امڪانن کي گهٽائي ڇڏيو آهي. شهري زندگي جي بنياد ”امن“ کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. معيشت، تعليم، ثقافتي سرگرمين مطلب ته زندگي جي سمورن انساني بنيادن کي کوکلو ڪيو ويو آهي. نتيجي ۾ اسان پنهنجي جائز مفادن ۽ حقن جي حاصلات جي جدوجھد ۾ اڳتي وڌڻ بجاءِ پوئتي هٽي رهيا آهيون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سڀئي انفرادي، گروهي ۽ تنظيمي طور تي پنهنجي روين جو احتساب ڪريون. آمراڻي سوچن ۽ برداشت نه ڪرڻ واري روش کي ختم ڪري. جمھوري انداز اختيار ڪريون.هڪ ٻئي جي وجود جي حقيقت کي تسليم ڪريون ۽ پنهنجي سوچ کان مختلف سوچن ۾ پڻ سچائي جي موجودگي جي امڪان کي تسليم ڪريون. اسان کي اهو مڃڻ کپي ته اسان جي سماج ۾ مختلف مفاد رکندڙ گروه، طبقا، فرد ۽ جماعتون آهن. جن جو باهمي اختلاف ۽ تضاد هڪ اڻٽر حقيقت آهي. ليڪن هڪ ئي سماجي ڍانچي ۽ جوڙجڪ۾ رهندي، سڀني لاءِ ممڪن باهمي گفتگو ۽ رواداري جي مهذب جمهوري طريقي ”پرامن بقاءِ باهمي“ وسيلي اهو تضاد حل ڪيو وڃي.
رنگ، نسل، فرقي، مذهب، ذات، گروهه، ٻولي ۽ جنس جي بنياد تي سياسي ۽ معاشي اختلافن جو جهيڙيندڙ تضاد ڪا دائمي صداقت ته نه آهي ۽ نه وري مطلق حقيقت ئي آهي. انهن تضادن جي حل جي پر تشدد راهه رڳو سماجي نراجيت جي گهور انڌيري کي ئي جنم ڏيندي آهي جنهن سان ماڻهن کان ماڻهپو به کسجي ويندو آهي. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ اندر سڀئي سوچيندڙ ۽ سڄاڻ ماڻهو، جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند گڏجي انهن مسئلن، تنگ نظر سوچن، ملائيت ۽ ايمان دشمن خيالن کي شڪست ڏين ۽ جمهوريت جي حقيقي نڪتي نظر کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جدوجھد ڪن.
(روزاني عوامي آواز– 14 جنوري 1998ع)