ڪالم / مضمون

سياست، سماج ۽ آزادي

مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سياست، سماج ۽ آزادي“ جو ليکڪ خالد چانڊيو صاحب آهي.
استاد خالد چانڊيو گهڻ طرف لکيو پڙهيو ماڻهو آهي، جنهن جو سماج جي مختلف رخن ڏانهن ڏسڻ ۽ سوچڻ جو انداز فڪري استاد وارو رهيو آهي. هن جي لکڻي ۾ ڏاهپ، سنجيدگي ۽ برجستگي توهان کي جهلڪندي نظر ايندي.
Title Cover of book سياست، سماج ۽ آزادي

  پاڪستان جو سماجي ۽ مذهبي منظرنامو

گذريل ٻه سؤ سالن ۾ برصغير پاڪ و هند جي رياستي ڍانچي ۽ سماجي جوڙجڪ ۾ نمايان تبديليون آيون آهن. انهن تبديلين مان هڪ اهم تبديلي هڪ نئين معاشي ۽ سماجي جوڙجڪ جي صورت ۾ ٿي آهي.
”هزارين سالن کان برصغير جو سماج ٻين زرعي سماجن وانگر ٻن طبقن يعني جاگيردارن ۽ زمين آباد ڪندڙ هارين تي مشتمل هو. هاري زمين آباد ڪندا هئا ۽ ڳرو ٽيڪس ڍل جي صورت ۾ زميندارن کي ادا ڪندا هئا. زميندار وري انهي ڍل جو ڪجهه حصو رياست يا حڪمران کي ادا ڪندو هيو.“
اهي ٻه طبقا زرعي معاشري جو بنياد هئا. انهن کانسواءِ باقي ماڻهو گهٽ تعداد ۾ ڪجهه گهٽ سياسي ۽ سماجي اهميت رکندڙ هئا.
مثال طور انهن مان ڪجهه اهي ماڻهو هيا جيڪي درٻارن سان واسطو رکندا هئا. جن ۾ گويا، مسخرا، شاعر، مذهبي عالم، مختلف انتظامي عملدار ۽ انهن کان سواءِ هزارين مستقل ۽ غير مستقل فوجي به اچي وڃن ٿا. جيڪي مختلف نوابن، جاگيردارن، پنج هزاري، ڏهه هزاري سردارن وغيره جي لشڪرن ۾ موجود هوندا هئا ۽ جنگين ۾ انهن جي نمائندگي ڪندا هئا. انهن کانسواءِ هڪ ننڍو طبقو انهن سوداگرن ۽ واپارين جو هوندو هيو جيڪي ملڪان ملڪ گهمي واپار ڪندا هئا، جن جو ذڪر ڀٽائي پنهنجي ”سر سامونڊي ۽ سريراڳ“ ۾ وڻجاري طور ڪيو آهي.
اهي سڀئي گروهه پنهنجي سماجي معاشي جوڙجڪ سبب مستقل طبقو ٿي نه سگهيا هئا. جاگيردارن وٽ رياستي ڍانچو هيو، مذهب انهن جو هٿيار هيو ۽ هاري پنهنجي پيداواري سگهه معرفت رياست جي خزاني ڀرڻ جو ڪم ڪندا هئا.
”جڏهن انگريزن برصغير تي قبضو ڪيو ته هو پاڻ سان گڏ نون طبقن جي اڀرڻ جو سامان کڻي آيا. ڇاڪاڻ ته انگلستان خود ان وقت صنعتي دور جي چانئٺ تي بيٺو هيو ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي معرفت انگلستان ۾ صنعتي انقلاب اچي رهيو هو. اربنائيزيشن (Urbanization) يعني شهرن جي وڌڻ جو عمل شروع ٿيو. ٻه نوان طبقا سرمائيدار ۽ صنعتي مزدور وجود ۾ آيا. هاري ۽ زميندار سان گڏ، مزدور ۽ سرمائيدار جو تضاد وجود ۾ آيو. انهيءَ سان گڏوگڏ وچولو طبقو پيدا ٿيڻ لڳو.“
وچولي طبقي جون ڪيتريون ئي شاخون ۽ حصا آهن. جيئن تعليم يافته وچولو طبقو، پيشه ور وچولو طبقو ۽ ڪاروباري وچولو طبقو. ان کانسواءِ انگريزن جي زرعي منصوبه بندي جي نتيجي ۾ وڏن زميندارن ۽ هارين کانسواءِ ننڍي آبادگار پڻ جنم ورتو.
ان نئين سماجي ۽ معاشي جوڙجڪ سبب رياستي ڍانچي ۾ پڻ تبديلي آئي. فوجي ۽ سول بيوروڪريسي جو وجود پيو ۽ انهن جي ڳٺ جوڙ ۽ اتحاد وارو رياستي ڍانچو جڙڻ لڳو. اهو نئون رياستي ڍانچو اڳ ۾ برطانوي هندستان ۽ ورهاڱي کان پوءِ هندوستان ۽ پاڪستان جي رياستن جي صورت ۾ اسان جي اڳيان آهي.
مغربي يورپ جي صنعتي سماج ۾ روايتي طبقا ختم ٿيڻ کانپوءِ موجوده صورت ۾ رڳو صنعتڪارن ۽ مزدورن جو تضاد ئي سڀ کان وڏو ۽ اهم تضاد آهي. باقي طبقا گهٽ اهم ۽ گروهن جي شڪل ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
”مغربي يورپ جي صنعتي سماجن ۾ رياست جديد، آئيني، بورجوائي ۽ خود مختيار صورت اختيار ڪري ويئي آهي. اتان جي حڪومتي جوڙجڪ/رياست، حڪمران طبقي جي مفادن جو خاص خيال رکندي، طبقاتي تضادن کي هڪ مخصوص حد کان وڌيڪ اڳتي وڌڻ نٿي ڏئي. مزدور طبقي کي مختلف قسمن جا قانوني تحفظ ڏنا ٿا وڃن. انهن کي پنهنجي حقن جي ترجماني ڪرڻ ۽ ان لاءِ پرامن جدوجھد ڪرڻ واسطي يونينون ٺاهڻ جو حق ڏنو ويو آهي.“
نه رڳو مغربي يورپ بلڪ سڄي يورپ ۽ آمريڪا ۾ صنعتي رياست، صنعتي سماج ۽ جمھوري نظام جو هڪ اهڙو لاڳاپو جڙي رهيو آهي، جيڪو انهن ملڪن کي انقلاب جي خطري کان پري رکي ٿو. ان سان گڏوگڏ يورپي ملڪن ۽ آمريڪا ۾ سماجي تبديلين سان گڏوگڏ رياستي تبديليون عمل ۾ آيون.
”بورجوا رياستي جوڙجڪ، آئيني ۽ قانوني سڌارن، اخبارن، ريڊيو، ٽي وي ۽ ٻين ابلاغي ذريعن وسيلي پنھنجو پاڻ کي مضبوط ڪيو ۽ پاڪستان سميت ٽين دنيا جي ملڪن جي مٿان پنھنجو نڪته نظر، خيال ۽ نظريا مڙهڻ شروع ڪيا.“
”پاڪستان ۽ ٽين دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اڀرڻ وارا صنعتي طبقا ڪمزور رهيا، صنعتي دور جي رفتار پڻ هلڪي هئي. ملڪ اندر آئيني تجربن ٿيڻ، قومي جبر هجڻ، مارشلائن لڳڻ ۽ ڪمزور معاشي پاليسين سبب گهڻ قومي ڪمپنيون، عالمي مالياتي ادارا ۽ فوجي ۽ سول بيوروڪريسي، رياستي جوڙجڪ تي حاوي ٿي ويا ۽ سمورا ادارا انهن جي تابع ٿي ويا.“
”پاڪستان جا موجوده قانوني، آئيني، عدالتي ۽ انتظامي ادارا موجوده طبقاتي تضادن کي حل ڪرڻ ۽ انهن ۾ ڪابه تبديلي ڪرڻ ڪونه ٿا گهرن. انهن ادارن جو مقصد سماج جي موجوده شڪل ۽ صورت جي حفاظت ڪرڻ آهي.“
هڪڙي ڳالهه انتھائي غور طلب آهي ته پاڪستان ۾ معيشت جو تمام وڏو حصو پبلڪ سيڪٽر يعني سرڪاري شعبي سان لاڳاپو رکي ٿو. مثال طور ريلوي، واپڊا، پي آئي اي، پي ٽي سي ايل، اسٽيل مل، مختلف قسمن جون ڪارپوريشنون ۽ ٻيا ڪيترائي سرڪاري ادارا، انهن سمورن ادارن کي هلائڻ وارن آفيسرن جو وڏو تعداد پنجاب سان واسطو رکي ٿو، جيڪي پنھنجي قوم جو لازمي خيال رکندي سياسي ۽ معاشي مفادن کان سنڌين ۽ بلوچن کي محروم رکن ٿا ۽ قومن جي وچ ۾ فاصلا وڌن ٿا. ان ڳالهه جو هڪ وڏو مثال بنگلاديش جو جنم آهي. حاڪم ادارن يعني سول بيورو ڪريسي ۽ فوج تي پنجاب جي ماڻهن ۽ پٺاڻن جو واضح تسلط، سنڌ ۾ برمين، بهارين، افغانين جا ڪٽڪ، اردو دانن پاران سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن جو قتل عام ڪرڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌ ۾ فوجي ڇانوڻين جي اڏاوت جھڙا عمل به رياستي ادارن جي ڇانوَ ۾ ڪيا وڃن ٿا.
انهن طبقاتي ۽ قوميتي مسئلن جي باري ۾ حڪومتي حلقن پاران سدائين پنجاب، مذهبي بنياد پرستن ۽ مھاجر ثقافت جي نڪته نظر کي ئي رياستي نڪته نظر مڃيو ويو آهي. جڏهن ته مزاحمتي، جمھوري، ترقي پسند ۽ قوم پرست نڪته نظر کي ملڪ دشمن/ اسلام دشمن قرار ڏيئي رد ڪيو ويو آهي.
”جنرل ضياء جي آمرانه دؤر ۾ فوج ۽ شهري نوڪر شاهي پاران آئيني بحران حل ڪرڻ لاءِ ۽ مارشلا کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ اسلام جي نالي کي استعمال ڪيو ويو. جڏهن به فوجي حڪومت کي عوام يا اپوزيشن جي طرفان ڪوبه دٻاءُ وڌندي محسوس ٿيندو هو، ته ڪو نه ڪو اسلامي قانون نافذ ڪيو ويندو هيو ۽ جمھوريت کي مغربي حڪومتي طريقو قرار ڏيئي ان کان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ويئي.“
”ائين کڻي چئجي ته پاڪستان جي بالادست قوتن ۽ ادارن جن مسئلن کي مظلوم ۽ محڪوم قومن ۽ طبقن جي خواهش مطابق حل ڪرڻ نه پئي چاهيو، انهن نوان مذهبي مسئلا پيدا ڪري انهن کي زور شور سان حل ڪرڻ جون دعوائون ڪري اصلي ۽ حقيقي مسئلن کي دٻائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.“
ڇاڪاڻ ته انهن سمورن مسئلن جي درست حل جو مطلب هيو، پيداواري ذريعن جي اهڙي ورهاست، جنهن سان ناڻي ۽ دولت جو وهڪرو حاڪم قومن ۽ طبقن بجاءِ محڪوم قومن ۽ طبقن ڏانهن موڙيو وڃي. ظاهر آهي ته اهڙي صورتحال حاڪم رياستي قوتن کي قبول نه هئي. ان لاءِ رياست پاران هندوستان سان ٽڪراء جي پاليسي، ڪشمير واري مسئلي جي اينگهه، افغانستان ۾ ڪُڏي پوڻ، قومي مسئلن بجاءِ مذهبي مسئلا ۽ طبقاتي ۽ معاشي مسئلن بجاءِ شخصي ۽ اخلاقي مسئلا اڀاريا ويا ته جيئن عوام کي سندن حقيقي مادي مسئلن کان پري رکيو وڃي جن جو لاڳاپو دولت ۽ وسيلن جي منصفانه ورڇ سان آهي.
”مٿين سٽن جي روشنيءَ ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي رياست ۽ حاڪم ٽولا نه رڳو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي انتظامي ۽ فوجي قوت کي استعمال ڪن ٿا. بلڪ سماجي زندگيءَ سان لاڳاپو رکندڙ اهڙن تصورن ۽ نظرين کي به استعمال ڪن ٿا جن جي معرفت عوام کي ويڙهايو وڃي ٿو ۽ اها پروپئگنڊا ڪئي ٿي وڃي ته سڀ ڪجهه صحيح آهي. پاڪستان جي سمورين حڪومتن انهيءَ عمل کي ايتري ئي مهارت سان استعمال ۾ آندو آهي جيتري مهارت سان انهن نوڪر شاهي کي استعمال ۾ آندو آهي.“
”حاڪم ٽولن ۽ قوتن ڪيترائي اهڙا نظريا ۽ نڪته نظر جن جو واسطو معاشي يا سياسي معاملن کان وڌيڪ فرد جي ذاتي ۽ اندروني زندگيءَ سان هوندو آهي اڳتي آندا ويا آهن ته جيئن طبقاتي يا قومي ۽ حقيقي تضاد پٺتي رهجي وڃن ۽ مذهبي يا فرقيوارانه تضاد اڳتي وڌي اچن، پيٽ ڀرڻ جي بجاءِ روحاني پاڪائيءَ تي زور ڏنو ويندو آهي ۽ عوام کي روحانيت جي آفيم پڻ ڏني ويندي آهي.“
”پاڪستان ۾ پڻ مختلف حڪومتن سياسي ۽ معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ ۽ عوامي بغاوت کي روڪڻ لاءِ مذهب کي اڳتي آندو ۽ اسلام کي عوام اڳيان پيش ڪيو. خاص طور تي جنرل ضياء جي گذريل مارشلا جي دؤر ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جي نتيجي ۾ جمھوري قوتون ڪمزور ٿيون، بنياد پرستيءَ کي هوا ملي، فرقيواريت مضبوط ٿيڻ لڳي. آمريت جي راڄ عوام جي مختلف گروهن ۾ فاشسٽ لاڙا پيدا ڪيا، انتهاپسنديءَ جون پاڙون پختيون ٿيون، سنڌي ماڻهن کي چوکنڀو ٻڌي دهشتگردن جي حوالي ڪيو ويو، هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر پيدا ٿيو وغيره وغيره، اهو سڀ اسلامي حڪومت جي نالي ۾ ڪيو ويو.“
پاڪستان ۾ اسلام ۽ سياست کي جھڙي نموني هلايو ويو آهي ۽ ان جو غلط استعمال ڪيو ويو آهي ان کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان اندر اسلام جي مختلف سڃاڻپن ۽ تشريحن جو جائزو ورتو وڃي. پاڪستان ۾ اڄ ڪلهه ٽي مک ۽ اهم رويا آهن.
1- پهريون رويون صوفياڻو آهي جنهن کي عوامي اسلام چئي سگهجي ٿو. صوفياڻي نڪته نظر ۾ شريعت جي ڀيٽ ۾ طريقت تي زور ڏنو ويندو آهي فنونِ لطيفه کي نظرانداز ڪرڻ بجاءِ اهميت ڏني ويندي آهي پر پيري مريدي ۽ سجاده نشيني جي مدي خارج روايتن سبب هي نڪته نظر پيرن فقيرن جي روپ ۾ عوام کي ٺڳي پڻ رهيو آهي. اسلام جو صوفياڻو تصور بنيادي طور تي عوام دوست تصور آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ حقوق العباد يعني انسانن جي حقن کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي ۽ عبادتن جي بجاءِ خدمتن کي پسند ڪيو ويندو آهي. ”سنڌ ۾ تصوف جي جدوجھد، عوامي خدمت، رياست سان ٽڪراءُ، ملائيت ۽ بنياد پرستيءَ جي مخالفت جي روايت پڪي پختي رهي آهي. شاهه عنايت، مخدوم بلاول، ڀٽ ڌڻي، سچل، سامي ۽ ٻين ڪيترن ئي صوفين وقت جي حاڪمن سان ٽڪر کاڌو، مذهبي ڪٽرپڻي بجاءِ مذهبي رواداري جي حمايت ڪئي. پر اڄڪلهه اهي مڙئي درگاهون پيري مريدي، سجاده نشيني، نشي پتي ۽ ٻين برائين جي ور چڙهي ويون آهن.“ عام ماڻهن جي اڪثريت ۽ هيٺئين طبقي جا ماڻهو گهڻي ڀاڱي هن نڪته نظر جا آهن.
2- ٻيو رويو بنياد پرستانه ۽ ملائيت وارو آهي، جيڪو گذريل ٻن صدين ۾ پڪو پختو ٿيڻ لڳو خاص طور ان وقت جڏهن مغليه سلطنت جي آخري دؤر ۾ برصغير جي سرحدي علائقن ۾ انگريز اچڻ لڳا ۽ سکن جون حڪومتون قائم ٿيڻ لڳيون. شاهه ولي الله چٺي لکي احمد شاهه ابداليءَ کي مرهٽن جي خلاف جھاد ڪرڻ واسطي هندوستان تي حملي جي دعوت ڏني. صوبي سرحد ۾ بالاڪوٽ جي هنڌ تي سيد احمد شهيد ۽ مولانا شاهه اسماعيل شهيد جي سکن سان جنگ پڻ انهيءَ نڪته نظر سان واسطو رکي ٿي. عام فهم زبان ۾ انهن کي وهابي پڻ چيو ويندو آهي. اڄ جي پاڪستان ۾ جماعت اسلامي، جمعيت اهلحديث، جمعيت علماءِ اسلام، تبليغي جماعت، سپاهِ صحابه ۽ ٻيون ڪيتريون ئي جماعتون ان نڪته نظر جون آهن جيڪي سني فرقي سان واسطو رکن ٿيون. جڏهن ته انهيءَ بنياد پرستيءَ جي لهر ۾ ايران جي اثر هيٺ ڪم ڪندڙ شيعا تنظيمون، تحريڪ فقھ جعفريھ، سپاهه محمد ۽ ٻيون تنظيمون پڻ اچي وڃن ٿيون. ”اهي بنياد پرستانه اسلامي نڪته نظر رکندڙ ڌريون اها ڳالهه ته مڃن ٿيون ته اڄوڪي جديد دؤر ۾ نئين نموني جا هزارين اقتصادي، سماجي ۽ سياسي مسئلا اڀري آيا آهن. ليڪن جيستائين انهن جي حل جو تعلق آهي، اهي ڌريون مسئلن جو حل اسلام جي ابتدائي دؤر ۾ ڳولڻ گهرن ٿيون. ۽ ان مقصد لاءِ حديثن ۽ روايتن جون اهڙيون تشريحون ۽ تاويلون ڪن ٿيون جن مان ثابت ٿئي ٿو ته اڄڪلهه جي هر مسئلي جو حل چوڏهن سؤ ورهيه اڳ پيش ڪيو ويو هيو. هي ماڻهو اهو مڃڻ لاءِ تيار نه آهن ته نون ۽ ڳنڀير مسئلن جو حل نئين سوچ ۽ نئين ذهن سان ڳوليو وڃي. هي ماڻهو علمي طور تي نه پر عملي طور تي اجتھاد جي خلاف آهن ۽ اڄڪلهه جي گهڻي ڀاڱي نظرين ۽ تحريڪن جا مخالف آهن. مثال طور جمهوريت، عوام جي حاڪميت، بنيادي انساني حقن جي چارٽر، عورتن جي آزادي ۽ مرد سان برابري وغيره وغيره.“
3- ٽيون رويو آهي سيڪيولر رويو جنھن مطابق مذهب ۽ سياست کي الڳ رکيو وڃي ٿو. شاعر هجي يا موسيقار، سائنسدان هجي يا دوڪاندار، سرمائيدار هجي يا مزدور، صحافي هجي يا وڪيل، هاري هجي يا زميندار حقيقت ۾ هر ماڻهو پنهنجي معاشي جدوجھد ۾ مصروف آهي. ان جدوجھد ۾ مختلف گروهن، طبقن ۽ فردن جا مفاد هڪٻئي سان ٽڪراءِ ۾ اچن ٿا ۽ ڪنھن به مروج معاشي ۽ سياسي سرشتي ۾ متضاد مفادن جي وچـ۾ ريفري جو ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ قاعدا ۽ قانون، رسمون ۽ رواج ۽ انهن کي رائج ڪرڻ لاءِ ادارن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو آهي يا فرد جي چونڊ ڪئي ويندي آهي. پر اهي فرد يا ادارا طاقتور ٿيڻ کانپوءِ سماج يا ان ۾ رهندڙ ماڻهن اڳيان پاڻ کي جوابدار نه سمجهندا آهن ۽ پنهنجي اقتدار ۽ حاڪميت کي خداوندي طاقت يا ما فوق الفطرت قوتن سان وڃي ملائيندا آهن. ٻين لفظن ۾ اڪثر حڪمرانن پنھنجي حڪمراني ۽ غلط ڳالهين کي جائز ڪرڻ لاءِ آسماني سند پئي ورتي آهي. سيڪيولر مڪتبه فڪر اهڙي ڪنهن به سوچ جو مخالف ۽ ذاتي سطح تي مذهبي آزادي جو قائل آهي.
سيڪيولر مڪتبه فڪر موجب ”ڪنهن به حڪمران کي اهو حق نٿو پهچي ته عوام کي ڪنهن به هڪ مذهبي تشريح جي ماتحت رکي.“ ”هر ماڻهوءَ جو ذاتي ۽ جمهوري حق آهي ته هو جنهن به مذهب، مسلڪ، مڪتبه فڪر ۽ جنهن به عقيدي سان وابسته ٿيڻ گهري، ٿي وڃي.“ ڇاڪاڻ ته ”هر انسان جو خدا سان معاملو سندس ذاتي معاملو آهي. رياست کي ڪوبه حق نٿو پهچي ته اها انسانن جي ذاتي معاملي ۾ مداخلت ڪري.“
سيڪيولر مڪته فڪر کي پاڪستان ۾ قومپرستن، سوشلسٽن، جمھوريت پسندن ۽ لبرل سوچ رکندڙ سياسي ڌرين جي حمايت رهي آهي. جڏهن ته ”ڪجهه سياستدانن سيڪيولر سوچ جي حمايت ڪندي به اسلام جي هٿيار کي سندن چوڻ موجب جاهل عوام کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ سياسي طور استعمال پڻ ڪيو آهي.“
مٿين مختصر جائزي ۾ اها ڳالهه چٽي نموني سمجهه ۾ اچي ٿي ته پاڪستان جي رياستي جوڙجڪ هڪ طرف سول ۽ فوجي ادارن جي مدد سان ۽ ٻئي طرف مذهبي ڌرين جي مدد سان مظلوم قومن ۽ طبقن جي اهڙن مطالبن جي هميشه پئي رستي روڪ ڪئي آهي. جن سان قومن کي حق ملن يا ناڻي جي نئين سر ورڇ ٿئي. ”اهڙين حالتن ۾ اسلام هڪ سياسي ضرورت بڻجي ويو آهي. حاڪم قوتون ۽ منافعي خور ٽولا سخت ڊنل آهن ته ڪٿي سماج ۽ رياست جا اندروني تضاد ايترو اڳتي وڌي نه وڃن جو خود رياست جو وجود خطري ۾ پئجي وڃي.“ جيڪڏهن ائين ٿيو ته انهن جي مفادن کي سخت ڌڪ رسندو ۽ ان ڪري ئي اهي قوتون رياست کي مضبوط بنائڻ لاءِ انتظامي جوڙجڪ ۾ عوامي عمل دخل کي پسند نٿيون ڪن.
(روزاني عوامي آواز 5- آڪٽوبر 1997ع)