پاڪستان جو عوام ۽ صحت سڌارڻ جو سوال
پاڪستان ۽ ٽين دنيا جي ٻين ملڪن ۾ صحت جي سھوليتن جي فراهمي هڪ انتھائي بنيادي مسئلو آهي ۽ اهو مسئلو معاشري ۾ موجود سماجي، معاشي ۽ سياسي جوڙجڪ سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان ۾ منصوبه بندي جي ماهرن ۽ نوڪر شاهي پاران ٺاهيل صحت پاليسي ناڪام ترين پاليسي آهي ۽ پاڪستان جو غريب عوام هاري ۽ مزدور اڄ به صحت جي بنيادي سھوليتن کان وانجهيل آهي.
پٺتي پيل ملڪن ۾ گهڻي ڀاڱي اهي بيماريون وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جيڪي انساني غلاظت، صفائي جي نه هئڻ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي فراهم نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڦھلجن ٿيون. مثال طور دستن جون بيماريون، ارڙي، ڪالرا، پيچش، آنڊي جون مڙئي بيماريون ۽ پوليو وغيره وغيره. انھن علائقن ۾ جتي پاڻي جي فراهمي بهترين نه آهي ۽ ماڻهو تلائن جو بيٺل پاڻي استعمال ڪن ٿا، بيمارين ڦھلجڻ جا امڪان گهڻا هوندا آهن. پاڪستان ۾ دستياب انگن اکرن موجب پهرئين نمبر تي پيٽ جون بيماريون ۽ ٻئي نمبر تي هوا وسيلي ڦھلجندڙ بيماريون ٽي.بي، فلو، ارڙي، مليريا وغيره عام جام آهن.
انھن بيمارين جا مختلف قسم ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي پٺتي پيل ملڪن جي عوام جا قاتل آهن. اهي مرض غريبن جا مرض آهن ۽ انهن جو وڏو سبب غربت آهي. ڇاڪاڻ ته پيئڻ جي صاف پاڻي نه هجڻ، گندي پاڻي جي نيڪال جو انتظام نه هجڻ، غير معياري ۽ گهٽ خوراڪ جو هجڻ انهن غريب ملڪن جو هڪ عام مسئلو ۽ معاشي حقيقت آهي. ان کانسواءِ تعليم جي کوٽ سبب عوام کي صحت ۽ صفائي بابت بنيادي ڄاڻ به نٿي حاصل ٿئي، جنھن ڪري انهن بيمارين جو وڏو تعداد غريبن سان گڏ رهي ٿو. غريب ماڻهو غير معياري خوراڪ ۽ پيئڻ جو غليظ پاڻي پنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان نٿا واپرائن پر انهن کي سندن گهٽ اجرتن ۽ غربت جي سزا ملي ٿي.
پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ سيوريج جون سهوليتون فراهم ڪرڻ هر حڪومت جي ذميواري آهي پر اهي سهوليتون به عام طور تي شهرن جي پوش علائقن ۽ اشرافيه جي عياشي جي لوازمات سان ڀرپور رهائشي علائقن کي فراهم ڪيون وڃن ٿيون. جڏهن ته وسيع ترين آبادي وارن ۽ غريبن جي ڳتيل علائقن کي الله جي آسري تي ڇڏيو پيو وڃي. اهڙين وسندين ۾ گند ڪچري جا ڍير، مکيون، مڇر، جانور ۽ انسان هڪ ئي هنڌ گذارين ٿا ۽ شهري خدمت جا ادارا، بلدياتي ادارا ۽ پبلڪ هيلٿ جھڙا کاتا رڳو پنهنجي فنڊن ۽ ڪميشنن کائڻ جي پويان هوندا آهن، جنھن سبب مٿي ذڪر ڪيل بيماريون پنھنجو ڄار پکيڙي رهيون آهن، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي جي فراهمي، ڪني پاڻي ۽ گندگي جي نيڪال جي بهتر انتظام کان وڌيڪ ڪوبه قدم انهن مسئلن کي حل ڪري نٿو سگهي.
ٻئي طرف ٻهراڙين ۾ به صورتحال ڪا چڱي ڪونه آهي. حڪومت جا ٺهرايل بنيادي صحت جا مرڪز ۽ يونٽ ويران آهن. انهن يونٽن ۽ مرڪزن ۾ مقرر ڪيل ڊاڪٽر صاحبان ڊيپوٽيشن تي شهرن جي اسپتالن ۾، ياوري هفتيوار حاضري لڳائڻ ۽ پگهار کري ڪرڻ لاءِ ويندا آهن. دوائون ميڊيڪل اسٽورن تي کپايون وينديون آهن ۽ عام طور تي ڪمپائونڊر ۽ ڊسپينسر انهن مرڪزن ۽ يونٽن ۾ ايندڙ مريضن تي پنهنجي قابليت جا تجربا ڪندا رهندا آهن.
پاڪستان ۾ شهري آبادي جي 21% سيڪڙو حصي کي ۽ٻهراڙين جي رڳو 4% چار سيڪڙو حصي کي صحت ۽ صفائي جون بنيادي سهوليتون حاصل آهن، جڏهن ته شهري آبادي جي 53.8% سيڪڙو آبادي ۽ ٻهراڙين جي 17% سيڪڙو آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر آهي.
ٽين دنيا جي ملڪن ۾ طبي تعليم، تربيت ۽ انتظام پڻ نوآبادياتي نظام جو ورثو ۽ عطيو آهي ۽ ان نظام کي شعوري طور تي ترقي ڏني پئي وڃي جنھن سبب تربيت يافته ۽ پڙهيل ڳڙهيل ڊاڪٽر تي حڪومت جو لکين روپيه خرچ اچي ٿو، ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ يورپ ۽ آمريڪا وڃڻ جي خواهش رکن ٿا ۽ موقعو ملندي ئي ڀڄي وڃن ٿا. نتيجي ۾ عوام جي پگهر ۽ پورهئي جي ڪمائي مان خرچ ڪيل پئسو زيان ٿئي ٿو ۽ ٻئي طرف امير ملڪن کي مفت ۾ ڊگري يافته ۽ تيار ڊاڪٽر ملي وڃن ٿا ۽ غريب ملڪن جي ذهني صلاحيتن جو پڻ استحصال ٿئي ٿو.
انـهـيءَ ذهـنـي صــلاحـيـتـن جــي لــڏپـلاڻ واري عمل کي برين ڊرين (Brain Drain) جو نالو ڏنو ويو آهي. بين الاقوامي سطح تي ڊاڪٽرن ۽ ٻين ذهني صلاحيتن رکندڙ فردن جي لڏپلاڻ جو سوال ان لاءِ اهميت رکي ٿو ته ان سان ڪنھن مخصوص نظام ۽ انهيءَ سماجي ۽ معاشي جوڙجڪ واري صورتحال جي خبر پوي ٿي، جنھن جي سرحدن ۾ اهو نظام سرگرم عمل آهي. جيئن ٽين دنيا جي ملڪن جو سياسي، سماجي ۽ معاشي ڍانچو ان پوزيشن ۾ نه آهي جو بين الاقوامي طور تي ذهني صلاحيتن جي لڏپلاڻ واري عمل کي روڪي سگهي. اهو فقط تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن انهن ملڪن جي سماجي ۽ معاشي سسٽم ۾ ڪا بنيادي تبديلي اچي ۽ ملڪ کان ٻاهر دستياب سهوليتون ملڪ اندر ئي ميسر ٿين. تعليم ۽ تربيت جي مروج غلط سسٽم سبب ڊاڪٽرن ۾ شهرن جي اسپتالن ۽ نجي پريڪٽس ڪرڻ جي خواهش عام طور تي ٻهراڙين جي طبي مرڪزن جي ويراني ۽ وڌندڙ بيمارين کي جنم ڏئي ٿي.
سماجيات جي مشهور برطانوي ماهر ”مائيڪل لپٽن“، ”شهري تعصب“ جو اصطلاح ڏيندي هڪ نئين صورتحال جي نشاندهي ڪئي آهي. ”شهري تعصب“ جي اصطلاح موجب سماجي وسيلن جي ورهاست ۾ شهرن کي ٻهراڙين تي ترجيح ڏني ويندي آهي. نه رڳو معاشي موقعا بلڪه تعليم، صحت سماجي خدمتون ۽ تفريح وغيره جي ميدان ۾ ٻهراڙين کي پوئتي رکيو ويندو آهي. ان جا سبب مختلف آهن، مثال طور شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ لساني، ثقافتي يا نسلي فرق هجڻ، سرڪاري نوڪر شاهي جو شهرن ۾ رهڻ، شهرن ۾ صنعتن لڳڻ جي نتيجي ۾ سرمائيدار طبقي جي نمائندن جو شهرن ۾ رهڻ وغيره وغيره. انهن سببن جي ڪري رياست به ٻهراڙين ۾ رهندڙ بي زبان اڪثريت بجاءِ انهن طاقتور ڌرين کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ بليڪ ميل پڻ ٿيندي آهي. ۽ ٻهراڙين کي پوئتي رکي شهري علائقن کي بهترين سهوليتون فراهم ڪندي آهي.
ويهه سال اڳ 1978ع ڌاري صحت جي عالمي اداري پاران ”الماتا ڪانفرنس“ ۾ سن 2000ع تائين دنيا جي سمورن ماڻهن کي صحت جي سمورين سهوليتن فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هيو، جنھن تحت نه رڳو علاج معالجو پر احتياطي تدبيرون، صفائي سٿرائي ۽ اڳواٽ علاج جون سهوليتون پڻ فراهم ڪيون وڃن ها. انهيءَ تصور کي پرائمري هيلٿ ڪيئر (P.H.C.) جو نالو ڏنو ويو هيو. پي.ايڇ.سي جو تصور رڳو طبي صحت نه بلڪ سماجي ۽ معاشرتي مسئلن سان پڻ لاڳاپيل آهي. انهيءَ تحت آبادي جي سماجي، معاشي، جنسي ۽ سياسي تفاوت کان بالاتر ذميوارين جي تعين، عوامي رجحان رکندڙ صحت پاليسي، سادي، گهٽ قيمت واري ۽ عوام جي شرڪت واري هيلٿ سروس جو بنياد وجهڻ آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ چارٽر تي ٻين ملڪن سان گڏ پاڪستان پڻ صحيح ڪئي آهي پر پاڪستان ۾ انهيءَ پروگرام جو اثر سواءِ ويڪسين جي ٽڪن هڻڻ ۽ برٿ ڪنٽرول جي ڦوڪڻن ورهائڻ جي نه ٿيو آهي.
گذريل ڏهن سالن ۾ دوائن ٺاهڻ جي ڪمپنين پنهنجي مختلف دوائن جون قيمتون چار سئو سيڪڙي تائين وڌايون آهن ۽ حڪومت طرفان به انهن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي. طبي ماهرن موجب پاڪستان ۾ بيمارين جا جيترا به قسم آهن، انهن جي علاج لاءِ 728 بنيادي دوائن جي ضرورت آهي. ليڪن مارڪيٽ ۾ هن وقت ساڍا چار هزار دوائون مختلف نالن سان دستياب آهن، جن مان وري ڪي اهڙيون آهن جن تي يورپ ۽ آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ بندش پيل آهي. ڇاڪاڻ ته انهن دوائن سبب ٻيون ڪيتريون ئي موتمار بيماريون جنم وٺن ٿيون. هن وقت پاڪستان ۾ دوائن ٺاهڻ جي صنعت جو 95% سيڪڙو حصو عالمي هڪ هٽين يعني ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن جي هٿ ۾ آهي. انهن ڪمپنين جو ڄار پوري دنيا ۾ ڦھليل آهي. اهي ڪمپنيون خام مال هڪ ملڪ ۾ ٺاهين ٿيون، مصنوعات ٻئي ملڪ ۾ ٺاهين ٿيون، پيڪنگ ٽئين ملڪ ۾ ڪن ٿيون ته وري مارڪيٽنگ چوٿين ملڪ ۾ ڪن ٿيون، هن وقت پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ دوائن مان پيڪنگ جو 68% سيڪڙو ۽ خام مال جو 86% سيڪڙو درآمد ڪيو وڃي ٿو، جنهن تي قيمتي ٻاهريون ناڻو خرچ ٿئي ٿو. ٻئي طرف حڪومت ان سلسلي ۾ دوائن جي صنعت ۾ ملڪ کي خود ڪفيل بنائڻ ۽ واضح پاليسين جوڙڻ بجاءِ غير ملڪي مفادن جي تابع حڪمت عمليون جوڙي رهي آهي. جڏهن ته دوا سازي جي صنعت ۾ ڪم ايندڙ خام مال پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ ان کي ڪم آڻي سگهجي ٿو.
بنيادي طور تي عوام کي صحت جي سهوليتن جي فراهمي جو مسئلو سياسي مسئلو آهي، ڇاڪاڻ ته نوڪر شاهي ۽ اشرافيه، صحت جي شعبي ۾ پنهنجون پاليسيون رڳو معاشري جي هڪ حصي جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ جوڙي رهيا آهن. پاڪستان جي پنجاهه ساله تاريخ ۾ عوام لاءِ صحت جون سهوليتون اڄ به حق جي حيثيت وٺي نه سگهيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ ڇا اڄ کان ويهه سال اڳ ”الماتا ڪانفرنس“ ۾ جنهن چارٽر تي پاڪستان صحيح ڪئي هئي، انهيءَ ۾ ڪيل وعدي کي سن 2000ع تائين نڀايو ويندو؟؟ اهو سوال هر شهري جي ذهن ۾ موجود آهي.
(روزاني عوامي آواز- 1 نومبر 1997ع)