جديد سائنسي علم، درس نظامي ۽ اسان جا مذهبي عالم
ديني مدرسن جو تعليمي سال گهڻي ڀاڱي هجري سن جي ڏهين مهيني شوال کان شروع ٿي شعبان ۾ ختم ٿيندو آهي ۽ رمضان مهينو موڪل هوندي آهي. سال جي پڄاڻي تي امتحان ورتو ويندو آهي. امتحان خود ان مدرسي جا استاد ئي وٺندا آهن، مدرسن ۾ گهڻي ڀاڱي زباني امتحان ورتو ويندو آهي. جڏهن ته ڪجهه مدرسن ۾ تحريري امتحان به ٿئي ٿو. امتحان جي نتيجي ۾ ديني مدرسن جا شاگرد تحرير جي بجاءِ تقرير جا غازي هوندا آهن ۽ علم کي طوطي وانگر رٽيندا آهن. گهڻي ڀاڱي هڪ شاگرد پنجويهن سالن جي عمر تائين دستاربند بڻجي ويندو آهي. ديني مدرسا پنهنجي تعليمي درجن جي بنياد تي ٻن حصن ۾ ورهايل هوندا آهن. هڪڙو تحتاني يعني پرائمري يا هيٺيون درجو، ٻيو فوقاني يا اعلى درجو. تحتاني درجن ۾ چئن کان پنجن سالن تائين شاگردن کي ناظره قرآن، سيرت نبوي ۽ دينيات جي ابتدائي مسئلن کانسواءِ حساب، ابتدائي تاريخ ۽ جاگرافي جي انتهائي معمولي تعليم ڏني ويندي آهي. تحتاني شعبي ۾ ڪجهه شاگرد اهڙا هوندا آهن جيڪي حافظ قرآن ٿيڻ چاهيندا آهن ان ڪري اهي پنهنجو گهڻو وقت قرآن شريف کي ياد ڪرڻ ۾ لڳائيندا آهن. فوقاني درجن ۾ فقھ، حديث، منطق، فلسفو ۽ دينيات جي اعلى تعليم پڻ ڏني ويندي آهي.
پرائمري يعني تحتاني درجن مان فوقاني درجن ۾ پهچڻ وارا شاگرد ڏهن کان يارنهن سال مدرسي ۾ گذاريندا آهن، گهڻي ڀاڱي ديني مدرسا اهڙا آهن جيڪي تعليم جي تڪميل تي شاگردن کي فاضل جي سند ڏيندا آهن. اها سند ان ڳالهه جي تصديق هوندي آهي ته مذڪوره شخص جو شمار عالمن ۾ ڪيو وڃي. ڪجهه مدرسا تعليم جي مختلف درجن تي شاگردن کي عالم ۽ فاضل کانسواءِ ڪجهه خصوصي سندون پڻ ڏيندا آهن. ديني مدرسن جا شاگرد جڏهن علم حاصل ڪري سندون وٺي عالم فاضل ٿي مدرسن مان نڪرندا آهن ته سندن اڳيان پيٽ پالڻ جو مسئلو نانگ وانگر ڪر کڻي بيهندو آهي، پوءِ انهن عالمن جو ڪجهه حصو ڪنهن مدرسي ۾ معمولي پگهار تي استاد ٿي ويندو آهي، ڪي وري مسجدن ۾ امامت ڪري اوسي پاسي جي ٻارن کي قرآن شريف پڙهائي پيٽ پاليندا آهن، ڪجهه مولوي دعائن ۽ ڦيڻن لکڻ جو ڌنڌو ڪندا آهن ۽ عورتن جا جن پڻ ڪڍندا آهن. يا وري پيري مريدي جو ڌنڌو ڪندا آهن، ڪجهه وري حڪمت شروع ڪري ماڻهن جو علاج ڪندا آهن جنهن جو وڏو حصو وري مرداڻي طاقت جي دوائن تي مشتمل هوندو آهي. ڪجهه مولوي وري يونيورسٽي مان اديب فاضل ۽ عالم فاضل جا امتحان ڏئي عربي جا استاد ٿيندا آهن ۽ ڪجهه وري واعظن ۽ تقريرن جو ڌنڌو اختيار ڪري ماڻهن جا جذبات ڀڙڪائي نفرتون پکيڙڻ وسيلي روزگار ڪندا آهن۽ سياست ۾ پڻ حصو وٺندا آهن.
افسوس جي ڳالهه آهي ته ٽي صديون اڳ جو جوڙيل نصاب اڄ به اسان جي ديني مدرسن ۾ ٿوري گهڻي ترميمن سان پڙهايو پيو وڃي. ۽ ان جا خاص موضوع هيٺيان آهن. صرف و نحو، منطق، فلسفو، بلاغت، علم العروض، رياضيات، فقھ، اصول فقھ، علم الفرائض، علم الڪلام، تفسير، اصول تفسير، حديث، اصول حديث، تاريخ اسلام، سيرت النبي، ادب العربي، طب يوناني ۽ علم المناظره وغيره. وهابي ۽ بريلوي توڙي شيعه يا اهلحديث فرقن جي سمورن مدرسن ۾ ٿوري گهڻي فرق سان اهي ئي مضمون پڙهايا وڃن ٿا ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته انهن مضمونن ۾ سائنس جون مختلف شاخون فزڪس، ڪيمسٽري، نيوڪليئر ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ وغيره ته ٺهيو پر سياست، نفسيات، سماجيات، معاشيات ۽ اهڙا ئي ٻيا اهم ۽ جديد علم قطعي شامل نه آهن. برصغير جو مشهور عالم ۽ اسڪالر علامه شبلي نعماني خطبات اعظم ڳڙهه ۾ چئي ٿو ته ”منطق ۽ فلسفو جنهن شڪل ۾ بت پرست يونانين کان عربن تائين پهتو هيو، ان ئي شڪل ۾ اڄ به ديني مدرسن ۾ پڙهايو پيو وڃي ۽ ايڏو عرصو گذرڻ کانپوءِ به انهن مضمونن ۾ ڪابه ترقي نه ٿي آهي. مون کي حيرت آهي ته انهن مضمونن کي پڙهي عالم جي سند حاصل ڪندڙ، مسلمانن جو عالم دين ڪيئن ٿو سڏرائي سگهي.“ اسان جا مذهبي عالم جيڪي روزانو پنهنجي واعظن ۽ بيانن ۾ ترقي پسندن، جمهوريت پسندن، قومپرستن ۽ جديد سوچ رکڻ وارن کي ڳڻي گاريون ڏيندا آهن ۽ ماديت پرست ڪوٺيندا آهن انهن ويچارن کي شايد اها خبر نه آهي ته اهي منطق ۾ صغرى، ڪبرى، وسطي، شرح تهذيب، ايسا غوجي، مير ايساغوجي، سلم العلوم ۽ فلسفي ۾ صدرى ۽ شمس بازغه ۽ ٻيا اهڙا ڪتاب جن کي هو پنهنجي نصاب ۾ پڙهندا آهن، اهي اسلامي فڪر سان ڪوبه واسطو نٿا رکن ۽ قديم يوناني منطق جي بنياد تي آهن.
انهن ملن کي اها به خبر نه آهي ته ماديت به بذات خود هڪ نظريه حيات آهي، جنهن کي سوشلزم ۽ ڪميونزم کان صديون اڳ قديم يونان جا فلسفي ۽ مفڪر پيش ڪري چڪا هئا ۽ انهن فلاسافرن جو فلسفو ۽ منطق ئي خود مولوي صاحبان پنهنجن مدرسن ۾ پڙهي ۽ پڙهائي رهيا آهن. انهن فلاسافرن ۾ ارسطو ۽ افلاطون سان گڏ هراقليطس ۽ ديمقراطيس به شامل آهن، جن ماديت جي تشريح ۽ تبليغ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. اهي فيلسوف اسلام جي ظهور کان هزارين سال اڳ پنهنجو فلسفو ۽ منطق پيش ڪري چڪا هئا. اسان جا مولوي سڳورا پنهنجي ٽي سئو ورهيه اڳ جي تعليمي نصاب ۽ فرسوده طريقن جي بنياد تي ماڻهن کي جديد فڪر ۽ فلسفي کان وانجهيل رکڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي مدي خارج سوچن جي بنياد تي يورپ ۽ آمريڪا کي شڪست ڏيڻ ۽ جديد سوچن ۽ شعور سان ٽڪر کائڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا، ملڪ ۽ رياست کي هلائڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا. ڇا معاشيات خصوصن سياسي معاشيات کي سمجهڻ کانسواءِ جديد دور جي سياست کي سمجهي سگهجي ٿو؟ سياست جو مفهوم هاڻي رڳو حڪومتي نظام هلائڻ نه آهي پر سياست هڪ سائنس بنجي چڪي آهي ۽ اها اسان کي ٻڌائي ٿي ته سياست جو بنياد معيشت آهي.
اصل ۾ ڳالهه ائين آهي ته اسان جي ديني مدرسن ۾ اڄ ڪلهه جنهن نموني ۽ قسم جو نصاب پڙهايو پيو وڃي. ان ۾ ان ڳالهه جي ڪابه گنجائش ناهي ته مدرسن جي طالبن کي جديد علمن يعني قومي ۽ بين الاقوامي قانونن، پوليٽيڪل ايڪانامي، ناڻي جي بين الاقوامي چرپر جا قانون ۽ اصول داخلي ۽ خارجي واپار جا قاعدا ۽ سائنس جي مختلف شعبن جي ڄاڻ ڏني وڃي، ته جيئن اهي انهن مسئلن جي باري ۾ جيڪي موجوده دور جي پيداوار آهن. قرآن ۽ حديث جي روشني ۽ جديد علمن جي مدد سان مناسب جواب ڏئي سگهجن. پر ان جي ابتڙ ٿئي ائين ٿو ته اسان جا ديني عالم انهن جديد معاملن کان اڻڄاڻ هجڻ جي باوجود پنهنجي غلط سلط يا اڌوري راءِ ٺوڪي ٿا ڏين ۽ پنهنجي اطمينان لاءِ فقھ قديم جي ڪتابن مان مختلف مثال ڳولهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جڏهن ڪو ويجهو مثال نه ٿو ملي ته ڪانه ڪا وضاحت يا تاويل ڪري پنهنجو پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوسش ڪندا آهن. ۽ ان جي درست ۽ جائز هجڻ تي زور ڏيندا آهن. ائين ڇو آهي؟ ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته ”اسان جي عالمن ۽ مولوين جي ذهني تربيت ائين ٿي آهي جو انهن جو علم صديون پوئتي رهجي ويو آهي انهن جي ذهن ۾ اجتهاد جا دروازا بند ٿي چڪا آهن ۽ اهي جڏهن ڪنهن مسئلي تي ڳالهائيندا آهن ته انهن جي اڳيان فقھ جا پراڻا ڪتاب ۽ اهو ئي معاشرو ۽ انهيءَ دور جون معروضي حالتون هونديون آهن.“ ڪيڏو نه ظلم آهي؟؟؟ ڏاند گاڏي ترقي ڪري موٽر ڪار ۽ موٽر ڪار ترقي ڪري هوائي جھاز ۽ خلائي راڪيٽ بڻجي وئي آهي پر اسان جا عالم سڳورا، اڄ جي خلائي دور جي ڏاند گاڏي سان ڀيٽ ڪري رهيا آهن ۽ انهيءَ مفروضي تي هلي رهيا آهن ته اهي وقت جون واڳون ڇڪي تاريخ جي ڦيٿي کي پوئتي موٽائي سگهن ٿا. ياد رکڻ گهرجي ته تاريخ ڪڏهن به پاڻ کي نه دهرائيندي آهي اها نه پوئتي سفر ڪندي آهي ۽ نه وري دائري جي صورت ۾ سفر ڪندي آهي.
تاريخ هميشه هيٺ کان مٿي پستي کان بلندي ڏانهن سفر ڪندي آهي. هميشه اڳتي ۽ اڃا به اڳتي ويندي آهي. تاريخ جي ارتقائي عمل جو اهو ئي مفهوم آهي. اهو ئي سبب آهي ته غارن ۾ رهندڙ وحشي انسان هڪ دفعو ٻاهر اچڻ ۽ ترقي جو سفر طئي ڪرڻ کانپوءِ وري ڪڏهن وحشي بڻجي غارن ۾ نه ويو آهي ۽ انهيءَ حقيقت کي عقل، تجربي ۽ مشاهدي جي ڪسوٽي تي پرکي قبول ڪيو ويو آهي ۽ اسان جي محترم عالم سڳورن کي پڻ اها چٽي ۽ پڌري حقيقت کليل دل سان قبول ڪرڻ گهرجي. پر منهنجي خيال ۾ هو شڪست قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
(روزاني عوامي آواز– 5 فيبروري 1998ع)