ڪالم / مضمون

سياست، سماج ۽ آزادي

مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سياست، سماج ۽ آزادي“ جو ليکڪ خالد چانڊيو صاحب آهي.
استاد خالد چانڊيو گهڻ طرف لکيو پڙهيو ماڻهو آهي، جنهن جو سماج جي مختلف رخن ڏانهن ڏسڻ ۽ سوچڻ جو انداز فڪري استاد وارو رهيو آهي. هن جي لکڻي ۾ ڏاهپ، سنجيدگي ۽ برجستگي توهان کي جهلڪندي نظر ايندي.
Title Cover of book سياست، سماج ۽ آزادي

  سون ۽ ان جو معاشي ڪردار

جديد دور جي واپار وڙي جي لامحدود ۽ اڻ کٽ دنيا ۾ سون کي هڪ مخصوص ۽ اهم حيثيت حاصل آهي. اڄڪلهه سون رڳو عورتن جي خوبصورتي لاءِ زيور طور نه، بلڪ دنيا اندر هڪ طاقتور معاشي مظهر جي حيثيت پڻ رکي ٿو. سون کي پنهنجو هڪ ڊگهو ماضي پڻ آهي، صدين کان وٺي سون جي حڪمراني نه رڳو انساني دلين مٿان پر بازارين ۽ مارڪيٽن مٿان قائم آهي. سون جو ڪردار معاشي دنيا ۾ انتهائي اهم حيثيت رکندڙ آهي.
سون کي سڄي دنيا جي لوڪ ادب ۾ ڳايو ويو آهي، سڄي دنيا جي گهوٽن ۽ ڪنوارن کي شادي جي موقعي تي سون جا زيور پارايا ويندا آهن. قديم دور ۾ مرڻ وارن سان گڏ سندن ذاتي استعمال جو سون پڻ دفن ڪيو ويندو هيو. سون تي اڄ تائين خونريزي ٿيندي رهي آهي ۽ ٿي رهي آهي، سون جي ڪشش اخلاقي قدرن کي به وسارائي ڇڏيندي آهي، ان لاءِ ته ڀٽائي به چيو آهي ته:
”ايءُ نه مارُنِ ريتِ، جو سيڻ مٽائن سون تي!“
سوناري جو سندس ماءُ جي نٿ مان نه مڙڻ وارو پهاڪو اڄ به سنڌي ٻولي جو حصو آهي. اڄ به دهري ادل جي لاڙ مان گهرائڻ جا سهرا ۽ ڳيچ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ گونجن ٿا.
سون جي باري ۾ قديم يوناني ۽ عرب ڪيميادانن جو هڪ عام نظريو گهڻو وقت رائج رهيو ته سموريون ڌاتون گندرف ۽ پاري جي ميلاپ سان پيدا ٿيون آهن. ان ڪري سون به هٿرادو طريقي سان حاصل ڪري سگهجي ٿو، ان لاءِ رڳو اهو ڪرڻو آهي ته انهن ٻنهي ڌاتن کي متناسب طريقي سان ملايو وڃي. ڪيمياگرن جو چوڻ آهي ته گندرف سون جو پيءُ ۽ پارو ان جي ماءُ آهي. پاري کي شايد سندس انتهائي وزن ۽ گندرف کي سندس سون سان ملندڙ رنگ سبب سون جي همجنس طور سمجهيو ويو آهي. ڪيمياگرن کي اهو پختو يقين آهي ته جڏهن پارو ”قائم النار“ يعني باهه جي تپش تي بيهي رهندو ۽ اڏامي نه ويندو ته پوءِ سون ٺهي پوندو.ان کانسواءِ پارس پٿر جو ذڪر پڻ قديم دور کان ٻڌڻ ۾ اچي ٿو جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته لوهه سان ان کي گسائبو ته سون ٺهي پوندو.
ڪجهه صديون اڳ ڪيمياگري تي يقين ايترو ته عام هيو جو انگلينڊ جي بادشاهه هنري چوٿين هڪ فرمان جاري ڪيو جنهن ۾ بادشاهه کان سواءِ هر ماڻهو کي سون ٺاهڻ کان منع ڪئي وئي هئي. جڏهن ته سائنس جي ارتقا جي ابتدائي دور ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به هيا جن جو چوڻ اهو هيو ته ڌاتن جي بنيادي ماهيت ۽ جوڙجڪ ۾ تبديلي ڪرڻ ممڪن نه آهي، ڇاڪاڻ ته اهي عنصر آهن. پر ان سلسلي ۾ جديد نيوڪليئر طبيعيات اهو ثابت ڪيو آهي ته انهن ٻنهي عنصرن يعني گندرف ۽ پاري مان سون جا ايٽم حاصل ڪرڻ جو نظرياتي امڪان واقعي موجود آهي، ليڪن ڪاٿي موجب سون حاصل ڪرڻ جو اهو طريقو عام طريقن کان گهڻو مهانگو پوي ٿو. ان لاءِ ڪابه ضرورت نه آهي ته سون جي ڪيترن ئي تولن جي خرچ تي هڪ تولو ٺاهيو وڃي. سون بيمثال ڪيميائي خاصيتون رکندڙ ڌاتو آهي. هن کي لوهه وانگر ڪس نه لڳندي آهي، چاندي وانگر ڪارو به نه ٿيندو آهي. سون جي انهن خاصيتن، انهيءَ جي پيلي رنگ، سندس چمڪ ۽ خوبصورتي ۽ انتهائي وزن سبب ئي کيس آڳاٽي ماضي کان وٺي هڪ قيمتي ڌات ۽ روڪ ناڻي جي حيثيت ملي آهي جيڪا اڃان تائين برقرار آهي.
اسانوٽ سونارا عام طور تي سون جي سڃاڻپ ڪسوٽي تي ڪندا آهن. ڪسوٽي هڪ ڪارو پٿر هوندو آهي جنهن تي سون جو ليڪو ڪڍي ان ليڪي کي شوري جي تيزاب جو مَکُ ڏنو ويندو آهي، جيڪڏهن سون هوندو ته اهو ليڪو جرڪي پوندو نه ته ڳري ويندو. ان کان سواءِ سون کي جاچڻ لاءِ ”سوڌبو“ پڻ آهي. ”سوڌڻ“ هڪ ڪيميائي عمل جو عام سنڌي ۾ سونارڪي ٻولي جو اصطلاح آهي، انهيءَ عمل ۾ سون کي ٺڪر يا سرمي جي ٺهيل هڪ ٿانوَ ۾ وجهي ان ۾ شوري جو تيزاب وجهي باهه تي گرم ڪيو ويندو آهي. انهيءَ عمل ۾ ٻيا سڀ ڌاتو ڳري ختم ٿي ويندا آهن پر سون پنهنجو پاڻ کي برقرار رکندو آهي. انهيءَ عمل سان نج سون کي ”ڦيٽ“ يعني ملاوت کان پاڪ ڪيو ويندو آهي. انهيءَ عمل ڪرڻ واري ڪاريگر کي ”ڌوڙ ڌيو“ سڏبو آهي، ۽ ٺڪر يا سرمي جي ٿانوَ کي ”ڪوٺاري“ سڏبو آهي. ٺڪر جي ڪوٺاري کي ڪچي ڪوٺاري ۽ سرمي جي ڪوٺاري کي پڪي ڪوٺاري سڏبو آهي. ڇاڪاڻ ته ٺڪري جي ڪوٺاري هڪڙو دفعو استعمال ڪي ويندي آهي ۽ سرمي جي ڪوٺاري هڪ کان وڌيڪ ڀيرا استعمال ڪئي ويندي آهي.
سون جي باري ۾ اهو چيو ويندو آهي ته ”دائمي“ آهي ڇاڪاڻ ته اهو هوا ۾، زمين ۾، پاڻي ۾ تباهه ۽ ختم نه ٿيندو آهي. لوهه، چاندي، ٽامو ۽ پتل وغيره هوا، پاڻي يا زمين جي اثر تي ڪسجي، خراب ٿي يا ڪاراٽجي ويندا آهن پر سون جھڙو تھڙو رهندو آهي. اهو بلڪل ممڪن آهي ته توهان جي هٿن ۾جيڪا منڊي آهي اها ان سون مان ٺهي هجي، جيڪو ٽي هزار سال اڳ مصر جي کاڻين مان نڪتو هجي، يا ٽي سئو ورهيه اڳ برازيل مان مليو هجي ۽ توهان جي منڊي ٿيڻ کان اڳ ڪنهن سڪي جو حصو رهيو هجي، يا بادشاهي مھر رهي هجي. سون هميشه ڦرندو گهرندو مارڪيٽ مان گهر ۾، گهر مان درٻار ۾، درٻار مان ڪنهن خزاني ۾ ۽ وري خزاني مان ڦرندو مارڪيٽ ۾ ايندو رهيو آهي. سون جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي، ڌات ۽ قدرتي مسالي جي حيثيت سان اڄ کان ڇهه هزار سال اڳ کان وٺي انسان سون کي استعمال ڪري رهيو آهي. آڳاٽن سماجن ۾ جڏهن انسان جهنگلي جانورن جو شڪار ڪري زندگي بسر ڪندا هئا ۽ پنهنجي انهن سرگرمين مان جيڪو ڪجهه حاصل ڪندا هئا، برادري ۾ ورهائي کائيندا هئا. ان ڪري مٽاسٽا جي لاءِ ڪنهن به ناڻي واري قدر جي ضرورت نه هئي.
ليڪن جڏهن انسان جانورن کي پالڻ ۽ زمين کيڙڻ شروع ڪئي، زرعي سماج جي شروعات ٿي. شڪار بجاءِ چراگاهن ۽ زرعي زمينن جي ضرورت پوڻ لڳي. ڪي قبيلا زرعي معيشت ۽ ڪي قبيلا چراگاهن ۽ جانورن پالڻ تي گذر سفر ڪرڻ لڳا ته اهڙي صورتحال پيداوار جي مٽاسٽا جو بنياد وڌو ۽ سماجي محنت سان گڏ سماجي پيداوار، سماج کي جنم ڏنو. ابتدائي دستڪارين ۽ باهه جي دريافت سان انسان ڌاتو جي دور ۾ داخل ٿيو ۽ انساني تھذيب مختلف دائرن ۾ اڳتي وڌڻ لڳي. مٽاسٽا جو بنياد ته ضرورت سبب اتفاقي طور تي پيو، پرپوءِ اڳتي هلي اها ضرورت معاشي دائري ۾ داخل ٿي وئي ۽ هر شيءِ تجارتي عنصر جو روپ وٺڻ لڳي.
جنهن سبب شين جي قيمت ۽ قدر جو ڪاٿو لڳائڻ جي ضرورت پئي. جنهن لاءِ مختلف ڌاتو اڳيان آيا پر انهن جي حيثيت سون جھڙي نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته پنهنجي ٻين خاصيتن سان گڏ، وزن ۾ سون پلاٽينم گروپ جي ڌاتن کان سواءِ ٻين سڀني ڌاتن کان وڌيڪ آهي. سون، جو ايٽمي نمبر 79-ايٽمي وزن 196.9665۽ آئسوٽوپ نهايت پائيدار آهن. سون جي طبعي خاصيتن ۾ سندس اهم خاصيت سندس لچڪدار هجڻ آهي. سون مان انساني وار کان وڌيڪ سنهي تار پڻ ٺاهي سگهجي ٿي، ان تار جي هڪ گرام جي ڊيگهه ٻه ڪلوميٽر ٿيندي آهي. زيورن ۽ سڪن ٺاهڻ لاءِ سون عام طور تي اڪثر ٽامي ۽ چاندي جي ملاوٽ سان استعمال ڪيو ويندو آهي. جنهن کي عام زبان ۾ ”ڦيٽ“ چئبو آهي، انهيءَ سبب ان ۾ پائيداري پيدا ٿيندي آهي.
سون هر هنڌ موجود آهي هر قسم جي مٽيءَ ۾، سمورين ڪچ ڌاتن ۾، سمنڊ جي پاڻيءَ ۾، درياهن جي تري ۾، پر ان جو سڀ کان وڌيڪ ۽ ڪاروباري مقدار رڳو جابلو کاڻين مان ئي هٿ ايندو آهي. جيڪي يورپ ايشيا، آفريڪا، آمريڪا ۽ آسٽريليا کنڊ ۾ موجود آهن. سون جو سڀ کان وڏو ٽڪرو جنهن کي ”هولڊرمان“ ٽڪرو چيو وڃي ٿو، جنهن جو وزن ڪچ ڌات سميت 285 ڪلوگرام هيو، جنهن ۾ نج سون 93 ڪلوگرام نڪتو هيو، اهو ٽڪرو آسٽريليا ۾دريافت ڪيو ويو هيو. جرمن سائنسدان ”هنرخ ڪوئرنگ“ جنهن سون جي تاريخ تي اهم ڪتاب پڻ لکيو آهي چئي ٿو ته اڻويهين صدي جي اڌ ۾ برازيل ۾ 193 ڪلوگرام وزني سون جو ٽڪرو مليو هيو. روس ۾ 1842ع ۾ يورال جبلن جي سلسلي ۾ سون جو 36 ڪلوگرام وزني ٽڪرو مليو هيو.
سون عام طور تي ٻن قسمن جي ذخيرن مان حاصل ڪيو ويندو آهي. پهريون ڪچ ڌات جا ذخيرا جيڪي ارضياتي تحقيق مطابق زمين جي ابتدائي اٿل پٿل ۽ گرم ٿي ٿڌو ٿيڻ جي عمل مان گذري ٺهيا ۽ عام طور تي جبلن ۾ موجود آهن جن مان کاڻيون کوٽي سون ۽ ٻيا ڌاتو ڪڍيا ويندا آهن. ٻيو قسم آهي ”پليسر“ يعني بجري ۽ واري سان مليل سون جي ذرڙن وارا ذخيرا جيڪي پٿرن ۽ مٽي تي هوا، پاڻي، گئس ۽ حرارت سميت ٻين فطري قوتن جي عمل جو نتيجو آهن ۽ عام طور تي موجود يا سڪي ويل درياهن جي پيٽن مان ملندا آهن. سون جي ”ڪچ ڌات“ وارا ذخيرا گهڻي ڀاڱي اونهائي ۾ هوندا آهن ۽ انهن کي ڪڍڻ لاءِ کاڻيون کوٽڻ ۽ منظم نموني ڪم ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن ته ”پليسر“ ذخيرا زمين جي مٿاڇري يا ان جي ٿورڙو هيٺان ئي ملندا آهن ۽ سولائيءَ سان هٿ ڪري سگهبا آهن. شروعات ۾ پڻ ”پليسر“ ذخيرن مان ئي سون ڪڍڻ جو ڪم شروع ٿيو، ڇاڪاڻ ته انهن ذخيرن مان ٿورڙي محنت سان ئي سون حاصل ڪيو ويندو هيو ۽ پيچيدي عمل يا سامان جي ضرورت نه پوندي هئي.
اڄڪلهه سون حاصل ڪرڻ لاءِ سائنسي طور تي ڪم ڪيو ويندو آهي. ارضياتي سروي ڪيا ويندا آهن. ذخيرن کي دريافت ڪرڻ کانپوءِ انهن جي سراسر مقدار ۽ انهن جي ڪڍڻ تي ايندڙ خرچ جو ڪاٿو لڳايو ويندو آهي، جنهن کانپوءِ جديد ترين مشينن ۽ ٽيڪنڪ سان پيداوار حاصل ڪئي ويندي آهي. کاڻين مان سون ڪڍڻ تي انتهائي گهڻو خرچ ايندو آهي. اسي واري ڏهاڪي ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ ”فري اسٽيٽ گولڊ ڪمپني“ پاران هڪ کاڻ جي کوٽڻ ۽ تيار ڪرڻ تي ڏهه ڪروڙ آمريڪي ڊالر خرچ ٿيا. جڏهن ته اڄ ڪلهه اهو خرچ ٽيڻو ٿي چڪو آهي. معاشي ماهرن جي اندازي مطابق شروعات کان وٺي يعني سون جي دريافت ٿيڻ جي عرصي کان وٺي جيڪو اٽڪل ڇهه هزار سال بيهي ٿو، اڄ تائين انسانن 90-هزار ٽنن کان وٺي هڪ لک ٽن تائين سون زمين مان حاصل ڪيو آهي.
چاندي ڪيترين ئي صدين تائين روڪ ناڻي جي حيثيت ۾ سون جي مقابلي ۾ رهي. جڏهن ته اڻويهين صدي جي شروعات کان سون ناڻي جي تخت تي اڪيلي سر قابض ٿي ويو. يورپي رياستن سون جا سڪا ٺاهي انهن جي گردش شروع ڪئي ۽ روڪ ناڻي جي مڙني صورتن جي مٽاسٽا انهن سونن سڪن ۾ ٿيڻ لڳي. برطانوي ”ساورين“، ”ياگني“، ”فرينچ نپالين“ ۽ روسي ”امپيريل“ جي نالي سان سڪا گردش ڪرڻ لڳا، سون روڪ ناڻي جي نظام جو بنياد ۽ محور بڻجي ويو. ”ڪارل مارڪس“ پڻ ”داس ڪيپيٽل“ ۾ لکيو آهي ته ”هن تصنيف ۾ مون آساني ۽ سمجهائڻ خاطر هر هنڌ تي اهو فرض ڪيو آهي ته سون جي حيثيت روڪ ناڻي واري تجارتي شيءِ جي آهي.“ سون سرمائيداري جي ارتقا ۾، ان جي معاشي ميڪنزم جي جوڙجڪ ۾، سماجي لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سون سموري بورجوا تهذيب ۾ اهم ترين عنصر جي حيثيت رکي ٿو. اڻويهين صدي جي وچ ڌاري ڪيلي فورنيا ۽ آسٽريليا ۾ سون جي دريافت اولهه يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ طوفاني معاشي ارتقا جي رفتار کي تيزي سان اڳتي وڌايو ويو ۽ بنياد فراهم ڪيا. سون، ملڪن ۽ علائقن کي معاشي طور تي ويجهو آڻڻ ۽ عالمي مارڪيٽ جي جوڙجڪ ڪرڻ کي ممڪن بڻايو. سون جي واڌاري ئي ناڻي جي معيار کي رائج ڪرڻ، جديد بينڪاري سسٽم جوڙڻ ۽ قرض جي نظام جي ارتقا لاءِ بنياد فراهم ڪيا. هن وقت ڏکڻ آفريڪا ۾ سڄي دنيا جي سون جي پيداوار جو چوٿون حصو پيدا ٿئي ٿو. پنهنجي دور ۾ سون انهن علائقن جي معاشي ارتقا تي سڌو سنئون ۽ زبردست اثر وڌو جتي سون جون کاڻيون هيون. سون جي پيداوار سبب ئي سان فرانسڪو، سڊني ۽ جوهانسبرگ جھڙا شهر ٺهيا ۽ اڳتي هلي ميگا سٽي بڻجي ويا.
1914 کان 1918ع تائين پهرين مهاڀاري جنگ دوران سمورن سرمائيدار ملڪن سونن سڪن ٺاهڻ جو ڪم بند ڪيو ۽ ذخيرن کي محفوظ ڪري ڇڏيو. ڪاغذي ناڻو اڳتي آيو ۽ نوٽن جو رواج پوڻ لڳو جن جي ضمانت سون جي معرفت حڪومتون ۽ بينڪون ڏيڻ لڳيون. 1929ع کان 1933ع واري عالمي معاشي بحران جي دور ۾ سون سرمائيدار ملڪن جي اندروني معيشيت ۾ روڪ ناڻي طور ختم ڪيو ويو ۽ رياستي ذخيرن، مرڪزي بينڪن جي لاڪرن ۽ سرڪاري خزاني جي تهخانن ۾ سون جو ارتڪاز ٿيڻ لڳو، جتان سون رڳو بين الاقوامي قرض جي ادائگي جي لاءِ ئي نڪرڻ لڳو. ٻي مهاڀاري جنگ جي خاتمي کان پوءِ واري ڪرنسي سسٽم ۾ آمريڪي ڊالر، سون جو متبادل ٿي سامهون آيو ۽ آمريڪي حڪومت ”جيئن سون تيئن ڊالر“ جي بنياد تي ٻين ملڪن ۽ رياستن کي ضمانت فراهم ڪئي ته انهن جي ڊالرن جي اثاثن جي باهمي تناسب مطابق سون ۾ مٽاسٽا ڪئي ويندي.
سون جي معاشي ميدان ۾ اهميت ۽ حيثيت جا مختلف پهلو آهن جيڪي وقت گذرڻ سان بدلجندا رهيا آهن پر اهي ڪيترو به بدلجن سون جو معاشي ڪردار سرمائيدارانه نظام ۾ اڄ به اهم آهي. ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ واري دور ۾ سڄي دنيا اندر سون جي سمگلنگ هڪ ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي، جنهن جا پنهنجا طريقا، پنهنجي جوڙجڪ، پنهنجو منافعو ۽ عملداري آهي. معاشي ماهرن جي خيال موجب هن صدي جي اٺين ڏهاڪي ۾ جيترو سون مارڪيٽ ۾ آيو، ان جو اڌ کان وڌيڪ حصو اسمگلنگ جي معرفت آيو. سون جي اسمگلنگ ان لاءِ به ٿيندي آهي ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ سون جي درآمد ۽ برآمد، ملڪيت ۽ خريد و فروخت تي ڪجهه پابنديون لڳل هونديون آهن. جتي به سون جي خريداري ۽ وڪري يا آڻڻ نيڻ تي پابنديون آهن، اتي ان جي قيمت تي به اثر پوندو آهي. اڄڪلهه سون جي آزاد بين الاقوامي منڊي جا وڏا مرڪز يورپ ۾ زيورچ ۽ لنڊن، آمريڪا ۾ نيويارڪ ۽ شڪاگو ۽ ايشيا ۾ دبئي، مڪاؤ ۽ هانگ ڪانگ آهن.
سون جي استعمال جي سلسلي ۾ زيور ٺاهڻ جو رواج انتهائي پراڻو آهي ۽ زيورن جي صنعت سون جو مک صنعتي استعمال هيو، جيڪو ويهين صدي تائين واحد صنعت طور ڪتب ايندو رهيو. اڄ دنيا جي سمورن عجائب گهرن ۾ سون جي ٺاهيل زيورن جا نمونا ۽ بادشاهي مهرون پڻ موجود آهن. اڄڪلهه زيورن جي صنعت ۾ استعمال ٿيندڙ سون ۾ پهرئين نمبر تي اٽلي آهي، جتان جي ”گوري ۽ زوچي“ ڪمپني جديد طريقي سان مشينن تي زيور ٺاهي برآمد ڪري ٿي ۽ انهن جي وڏي کپت دبئي ۽ وچ اوڀر جي مارڪيٽ ۾ ٿئي ٿي ۽ اها ڪمپني سون جي زيورن جا نوان فيشن به سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائي ٿي. پاڪستان ۾ تازو ”اي.آر.واءِ گولڊ ڪمپني“ جو اسڪينڊل ۽ ان ۾ آصف زرداري پاران ملوث هجڻ جو چرچو ڪافي ڏينهن هليو، جنهن جو هيڊڪوارٽر دبئي ۾ آهي ۽ اها ڪمپني به پنهنجي زيورن ۽ سونين مهرن جو وڏو حصو اٽلي جي ”گوري ۽ زوچي“ ڪمپني کان حاصل ڪندي آهي. آمريڪا جي ”اينگل هارڊ ڪمپني“ پڻ هڪ ملٽي نيسنل ڪمپني آهي، جيڪا پڻ وڏي پيماني تي زيور ٺاهي ٻين ڪمپنين کي وڪرو ڪندي آهي. ماضي ۾ سون جو هڪ وڏو استعمال پوڄا پاٺ لاءِ ستعمال ٿيندڙ ديوين ۽ ديوتائن جي مورتين، مسجدن، مندرن، مقبرن ۽ ٻين مذهبي جاين ۽ عبادتگاهن ۾ پڻ ٿيندور هيو آهي. ان کان سواءِ سونا ڏند لڳرائڻ جو پڻ رواج گهڻي وقت کان رائج رهيو آهي.
اسان وٽ حڪيم ۽ سنياسي سون مان نامردي ۽ ٻين بيمارين جي علاج لاءِ ڪشتا ۽ ٻيون دوائون وغيره ٺاهيندا رهيا آهن، جڏهن ته جديد ميديڪل سائنس موجب سون مان ڪينسر جهڙي بيماري جو علاج پڻ ٿي رهيو آهي. سون جي جديد استعمال ۾ جپان اليڪٽرانڪ ٽيڪنالاجي ۾ ٻين ملڪن کان اڳتي آهي جتي ڪمپيوٽرن وغيره ۾ سون جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. آواز کان وڌيڪ تيز رفتار جهاز ”ڪانڪرڊ“ ۾ ”رولس رائس“ جي جيڪا انجڻ لڳل آهي ان جي ايگزاسٽ پائيپن تي سون جو سنهڙو تهه لڳايل آهي جنهن سبب اهي وڌيڪ گرم نٿا ٿين، ان کان سواءِ آمريڪا جي مشهور خلائي اسٽيشن ”اسڪاءِ ليب“ جيڪا ڌرتي تي ڪري تباهه ٿي وئي هئي، ان جي سج جي سامهون واري حصي تي هڪ خاص قسم جو پردو لڳايو ويو هيو، جيڪو سون ۽ المونيم جو ٺهيل هيو.
سماجي سائنس موجب هر شيءِ جي معاشي افاديت تبديل ٿيندڙ آهي ۽ ان جي افاديت ۽ ڪارج جو تعين نج سماجي عنصرن سان ٿيندو آهي. سون جي دريافت ۽ ان جي استعمال جون سموريون شڪليون پيداواري قوتن يعني پيدوار جي طريقن، ٽيڪنالاجي ۽ پيداوار جي ارتقا جون به پابند آهن. سون جي مقدر ۾ به اهي تبديليون آهن ۽ رهنديون، جيتوڻيڪ اڄ ڪلهه سون جي حيثيت ڪرنسي يا روڪ ناڻي جھڙي نه آهي پر مارڪيٽ ۽ ناڻي جي گردش جي سڄي نظام تي سون جي گرفت اڃان قائم آهي ۽ شايد سرمائيداري جي برقرار رهڻ تائين قائم رهي.

(روزاني عوامي آواز– 24 جولاءِ 1998ع)