ڪالم / مضمون

سياست، سماج ۽ آزادي

مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سياست، سماج ۽ آزادي“ جو ليکڪ خالد چانڊيو صاحب آهي.
استاد خالد چانڊيو گهڻ طرف لکيو پڙهيو ماڻهو آهي، جنهن جو سماج جي مختلف رخن ڏانهن ڏسڻ ۽ سوچڻ جو انداز فڪري استاد وارو رهيو آهي. هن جي لکڻي ۾ ڏاهپ، سنجيدگي ۽ برجستگي توهان کي جهلڪندي نظر ايندي.
Title Cover of book سياست، سماج ۽ آزادي

  سوويت يونين جو زوال ۽ کاٻي ڌر جي سياست

عالمي سطح تي دنيا جي سڀ کان پهرين ۽ سڀ کان وڏي سوشلسٽ رياست ۽ عالمي سوشلسٽ بلاڪ جي سرواڻ سوويت يونين جي سياسي اقتصادي ۽ جاگرافيائي طور تي ٽٽڻ ۽ پڄاڻي کان پوءِ پاڪستان جي کاٻي ڌر جي دانشورن ۽ اڳواڻن جو هڪ وڏو حصو پنهنجي بي عملي ۽ نااهلي کي لڪائڻ لاءِ اهو چوندو رهيو آهي ته سوشلزم جو نظريو ناڪام ٿي چڪو آهي. اهي دانشور هڪ رياست جي موت کي نظريي جو موت سمجهي رهيا آهن ۽ سوويت رياست جي زوال کي سوشلزم جو زوال سمجهي رهيا آهن. ڪي ترقي پسند دانشور ۽ اڳواڻ سجدن ۾ هليا ويا آهن، ڪن ڏاڙهيون رکائي وڏن مڻين واريون تسبيحون ڌاريون آهن ۽ ڪي وري اين.جي.اوز جي حوالي ٿي ويا آهن ۽ غير منطقي تاويلون پيش ڪري رهيا آهن.
”سندن مايوس، نراسائي ۽ غير منطقي دليلن جو بنيادي سبب اهو آهي ته سندن ذهن ۾ انقلاب جو جيڪو تصور هيو ۽ جنهن انقلاب جي لاءِ هو وٺ پڪڙ ۾ هئا، اهو پاڙ کان ئي غلط هيو. اهي ڪامريڊ ويچارا روسي، چيني ۽ ويٽنامي انقلابن کي ماڊل بڻائي، پنهنجي ملڪ جي معروضي حالتن کان اکيون ٻوٽي، پاڪستان ۾ اڀريل قومي سوال کي بنهه نظر انداز ڪندي نه رڳو پنهنجو وقت به زيان ڪندا رهيا، بلڪ ڪيترائي سچا ڪارڪن سيڙائي انهن جي غلط انداز ۾ رهنمائي ڪندا رهيا ۽ انهن کي گهاڻي جي ڏاند وانگر وهائيندا رهيا.“
”انهن يارن وٽ انقلاب جو رومانوي ۽ ٻاهران درآمد ڪيل تصور هيو. جڏهن ته رومانوي سوچن تي بيٺل سياست کي ته ناڪام ئي ٿيڻو هيو، ان ڪري سوويت يونين ٽٽو ته پارٽيون به ٽٽي ويون.“
بنيادي طور تي پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي جتان جي آبادي جو 60-65 سيڪڙو زرعي معيشت سان واڳيل آهي ۽ زرعي معيشت تي پوري طرح جاگيردارن ۽ زميندارن جو ڪنٽرول آهي. اها صورتحال سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڌيڪ مضبوط آهي. بلوچستان ۾ جاگيرداري نظام کان به وڌيڪ مدي خارج، سرداري نظام ۽ سرحد ۾ به اهڙي نموني جو انتهائي پٺتي پيل قبائلي نظام موجود آهي. ٻئي طرف پاڪستان هڪ گهڻ قومي رياست پڻ آهي جنهن ۾ پنجابي قوم سنڌي ۽ بلوچ قومن مٿان پنهنجو سياسي ۽ اقتصادي ڪنٽرول، فوج ۽ ٻين رياستي ادارن معرفت ۽ آئين، قانون وسيلي قائم رکي رهي آهي.
1958ع ۾ ايوب خان جڏهن مارشلا آڻي حڪومت تي قبضو ڪري ورتو ته پاڪستان جي نيم قبيلائي، جاگيرداراڻي استحصالي نظام ۾ هڪ ٻي استحصالي قوت يعني پاڪستاني فوج جو واڌارو ٿيو. جيڪا پنهنجي جوڙجڪ جي اعتبار کان هڪ انتهائي منظم قوت آهي، اهڙي طرح ظلم جي انهيءَ نظام کي هڪ وڌيڪ ساٿاري مليو.
اهڙي صورتحال ۾ ضرورت ته انهيءَ ڳالهه جي هئي ته کاٻي ڌر جون تنظيمون پنهنجو ٽارگيٽ، قومي ڏاڍ ۽ نيم قبائلي جاگيرداراڻي نظام کي بڻائين ها، پر اهي پنهنجي غير منطقي نظرين ۽ خيالن جي بنياد تي قومي جدوجھد جي مخالفت ڪنديون رهيون ۽ سوشلسٽ انقلاب جي نعري سهاري ڊوڙنديون رهيون، روسي ۽ چيني لابين ۾ ورهائجي هڪٻئي جي ڄنڊا پٽ ڪرڻ لڳيون.
وڌيڪ تماشو اهو ته 60-65 سيڪڙو زرعي آبادي کي جاگيرداراڻي سماجي ڍانچي خلاف منظم ڪرڻ بجاءِ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٻيون سوشلسٽ نعرن هيٺ ڪم ڪندڙ تنظيمون، ڪراچي ۽ هڪ اڌ ٻئي شهر ۾ مزدورن کي منظم ڪرڻ ۾ جنبيل رهيون، جڏهن ته انهيءَ مزدور تحريڪ کي به عوام جي وسيع حلقن سان جوڙڻ جي حقيقي ڪوشش پڻ ڪونه ڪئي وئي.
ان جي نتيجي ۾ ۽ ملڪ ۾ لڳاتار مارشلائن لڳڻ سبب پاڪستان جي کاٻي ڌر پنهنجي حياتي جو وڏو حصو رياستي ايجنسين کان لڪڻ ۾ گذاريو ۽ مختلف لبرل سياستدانن جي پاڇي۾ رهي. کاٻي ڌر اهو سمورو عرصو رڳو انڊرگرائونڊ اسٽڊي سرڪل هلائڻ ۽ خفيه پمفليٽن جي ڇاپڻ جو ڪم ڪندي رهي. اهڙي صورتحال ۾ سوويت يونين ٽٽو ته پارٽيون به ٽٽي ويون ۽ کاٻي ڌر به پنهنجي قوت وڃائي ويٺي.
”ياران جو جهرمر لائي، ته ميڏا روح به نه رهيا.“
1960 جي ڏهاڪي ۾ سوويت يونين ۽ سوشلسٽ بلاڪ جنهن تيزي سان اڳتي وڌي رهيو هيو، سائنس، ٽيڪنالاجي، دفاع ۽ اقتصادي شعبن ۾ جنهن تيز رفتاري سان پيش قدمي ڪري رهيو هيو. ان سبب سرمائيدار دنيا خاص ڪري آمريڪا تمام گهڻو پريشان هيو. ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڏهاڪي ۾ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي نون قومي آزادي ماڻيندڙ ملڪن ۾ جاگيرداري ۽ سرمائيداري جا ستايل انسان تيزيءَ سان پنهنجي ملڪن ۾ سوشلسٽ معيشت جو سرشتو لاڳو ڪري رهيا هئا.
آمريڪا ۽ سندس يورپي اتحادين کي اهو خوف ورائڻ لڳو ته جيڪڏهن پٺتي پيل ملڪن کي ايئن ڇڏي ڏنو ويو ته اهي ملڪ هڪٻئي پويان سوشلسٽ بلاڪ ۾ شامل ٿيندا ويندا. ان لاءِ سرمائيدار بلاڪ آمريڪا جي سرواڻي ۾، پٺتي پيل ملڪن ۾ فوجي ۽ اقتصادي امداد فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪا کين ترقي ۽ واڌاري جي نالي تي ڏني پئي وئي. ان کان سواءِ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ فوجي ۽ سول آمرن جي پٺي ٺپڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. جڏهن ته ايلندي،سوڪارنو ۽ لوممبا جھڙن ترقي پسند ۽ روشن خيال حڪمرانن جا تختا سي.آءِ.اي جي مدد سان اونڌا ڪرايا ويا ۽ مختلف رخن کان سوشلسٽ بلاڪ تي دٻاءَ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
سرمائيداري نظام منافعي ۽ مقابلي جي پيرن تي بيٺل هوندو آهي. ان سبب سرمائيداري جي ڪرتا ڌرتا ملڪن جو ڪوبه ڪم منافعي جي تصور کان خالي نه هوندو آهي. پوئتي پيل ملڪن جي اقتصادي مددجو ڪم انهن سامراجي ملڪن پنهنجي جوڙيل مالياتي ادارن آءِ.ايم.ايف ۽ عالمي بينڪ جي معرفت ڪرڻ شروع ڪيو. جيڪي انتھائي حد جي وياج کان سواءِ سخت شرطن تي قرض ۽ امدادون فراهم ڪن ٿا. جنهن سبب اڄ پاڪستان سميت دنيا جاڪيترائي ملڪ انهن ادارن ۽ مقامي حڪمرانن جي معاشي پاليسين سبب اقتصادي تباهي جي ڪناري تي بيٺا آهن ۽ ڊيفالٽ ٿيڻ جي ڊپ ۾ ڏڪن پيا.
هڪ طرف مالياتي ڦرلٽ ته ٻئي طرف وري سامراجي ملڪن سوويت يونين کي ڊگهي سرد جنگ ۾ ڦاسائي سندس معيشت کي تباهه ڪرڻ لاءِ اربين ڊالرن جي سيڙپ سان جنگي صنعتون قائم ڪري رکيون هيون. جن مان تيار ٿيندڙ جنگي هٿيارن ۽ اوزارن جي کپت لاءِ مارڪيٽ طور مختلف علائقائي ڦڏن جو وجود پڻ ضروري هيو ته جيئن پٺتي پيل ملڪن کي انهن ڦـڏن ۾ اٽڪائي کانئن هٿيار خريد ڪرايا وڃن.
ان لاءِ وچ اوڀر ۾ عرب اسرائيل مامرو، ڏکڻ ايشيا ۾ ڪشمير جو مسئلو ۽ ٻين ڪيترن ئي خطن ۾ مختلف علائقائي تڪرار کڙا ڪري، انهن ۾ ملوث ملڪن کي هٿيار خريد ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. جنهن سبب عرب اسرائيل ڦڏي ۾ عربن جي تيل جي دولت، عراق-ڪويت ويڙهه ۾ سمورو خرچ سعودي عرب سميت نار وارين رياستن کان ڪڍڻ جھڙا عمل پڻ آمريڪا پاران ڪيا پيا وڃن. ان کان سواءِ ڪشمير واري مسئلي سبب پاڪستان ۽ هندوستان جھڙا غريب ۽ غير ترقي يافته ملڪ به حد کان وڌيڪ فوج پالڻ، ترقياتي خرچ گهٽائڻ، دفاعي خرچ وڌائڻ ۽ ايٽم بم ٺاهڻ ۾ لڳا پيا آهن ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي تي پڻ اربين روپيا خرچ ڪري رهيا آهن.
آمريڪا جي سڄي دنيا تي بالادستي جي باوجود منڊي جي معيشت يا سرمائيداري نظام هن وقت جنھن هنڌ تي بيٺو آهي اتي خود آمريڪا لاءِ يا سندس اتحادين لاءِ ممڪن نه آهي ته اهي پاڻ منڊي جي معيشت جي نظام تي پورو ڪنٽرول قائم رکي سگهن. ناڻي جي هوس ۽ ناڻي جي ارتڪاز سڄي دنيا ۾ ۽ خود سامراجي ملڪن وچـ۾ اهڙا تضاد پيدا ڪري ڇڏيا آهن جو ناڻو بذات خود سپر پاور بڻجي رهيو آهي.
اڄ سڄي دنيا جنهن ۾ جپان جھڙو اعلى ترقي يافته صنعتي ملڪ به شامل آهي، اقتصادي بحران مان گذري رهي آهي. روسي قيادتن کي سوويت يونين ٽوڙڻ ۽ مارڪيٽ ايڪانامي اختيار ڪرڻ عيوض سامراجي ملڪن پاران يقين ڏياريو ويو هيو ته آزاد معيشت جي نظام ذريعي کيس مڪمل تباهي کان بچايو ويندو، ليڪن روس کي اٽڪل اٺ سال گذرڻ کانپوءِ به مارڪيٽ ايڪانامي سندس معيشت کي سهارو ڏيڻ بجاءِ وڌيڪ اقتصادي مشڪلاتن م ڦاسائي ڇڏيو آهي. هوڏانهن پوئتي پيل ملڪن جي اقتصادي بحرانن انهن ملڪن جي عوام جي حياتين کي دوزخ حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اهي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي جوڙجڪ ۾ تبديلي چاهين ٿا.
پاڪستان جي حالتن جي مطالعي مان اندازو ٿئي ٿو ته هتان جون معروضي حالتون هڪ وڏي تبديلي لاءِ انتهائي موزون آهن پر ملڪ ۾ ڪابه اهڙي سياسي طاقت نه آهي جيڪا تبديلي جي انهيءَ عمل کي صحيح رخ ڏئي سگهي. پ.پ ۽ مسلم ليگ، ٻئي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جون پارٽيون آهن. بينظير جي حڪومت کي ڪرپشن جي الزامن هيٺ برطرف ڪرڻ واريون ڌريون پاڻ انهيءَ خوفناڪ ڪرپشن جو حصو آهن ۽ انهن بينظير کي لاهي ملڪ کي ڪرپشن کان بچائڻ لاءِ جنهن جماعت کي اڳتي آندو آهي اها جماعت پاڻ به ڪرپشن جي حمام ۾ اگهاڙي آهي.
اهڙي قيادتي خال کي ڀرڻ لاءِ جيئن ته حقيقي عوام دوست طاقتون منظم ۽ مستحڪم نه آهن، ان ڪري انتها پسند مذهبي قوتون جن وٽ بيپناهه وسيلا، نظرياتي جنوني ڪارڪن ۽ ڀرپور سگهه پڻ موجود آهي، اهي تبديلي جي عمل کي پنهنجي مرضي جو رخ ڏيڻ لاءِ جدوجھد ڪري رهيون آهن. جنھن سبب مذهبي ڪٽرپڻو شدت اختيار ڪري رهيو آهي.
انهن مذهبي گروهن گذريل ٻن ڏهاڪن دوران خاص ڪري افغان ويڙهه سبب عالمي سطح تي پنهنجو پاڻ کي ايترو ته مضبوط ڪري ورتو آهي جو پاڪستان جي ڪجهه علائقن ۾ سندن ليڊر کلي عام انقلاب ۽ رتوڇاڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي کين عوام جي مختلف تهن جي حمايت به حاصل آهي. اها صورتحال رڳو ان ڪري پيدا ٿي رهي آهي جو عوام وٽ ڪو ٻيو آپشن يا متبادل موجود نه آهي.
جيتوڻيڪ ان ڳالهه جو ڪوبه واضح امڪان موجود نه آهي ته پاڪستان جي کاٻي ڌر جا اهي دانشور ۽ ڪارڪن جيڪي اڃان مايوس نه ٿيا آهن، اهي پنهنجي تاريخي فرضن ۽ ذميوارين کي محسوس ڪندي، پنهنجن فروعي اختلافن کي ختم ڪندي، ذات ۽ گروهه جي فرق کان آزاد ٿيندي ملڪ جي موجوده حالتن ۽ تبديلين جي عمل ۾ ڪو هاڪاري ڪردار ادا ڪن!! پر پوءِ به کين گذارش ٿي ڪجي ته اڳتي وڌو، ملڪ جي محڪوم ۽ مظلوم قومن جي حقن جي حاصلات لاءِ، بنياد پرستي ۽ مذهبي ڪٽر پڻي جي خاتمي لاءِ، جمهوري سماج لاءِ، ملڪ ۽ عالمي سياسي اقتصادي حالتن کي سامهون رکي هڪ دفعو ٻيهر جدوجھد ڪري خال ڀريو ۽ تبديلين جي عمل کي حقيقي ۽ درست رخ ڏيو.


(روزاني عوامي آواز– 5 جنوري 1998ع)