مھاڳ : سنڌُ جو سيوَڪُ
اِها حقيقت آهي ته ڪير پنهنجي ذات جي لاءِ ڪيترو به بهتر ڪم ڪري، ڪيتري به ملڪيت ٺاهي، ڪيترو به پنهنجي اولاد ۽ ڀائرن ڀينرن کي سُکيو ستابو رکي، ڪيتري به اُنهن کي سٺي تعليم ڏياري، پر اُن جي، اهڙي ڪم جي بنياد تي، ساراهه ۽ مڃتا جو دائرو محدود هوندو ۽ اهڙا ماڻهو رڳو پنهنجي گهر وارن ۽ مِٽن مائٽن کي ئي ياد رهن ٿا، پر جيڪي ماڻهو ٻين جي درد تي پاڻ دانهن ڪَن ٿا، جيڪي پاڻ بيمار هوندي به، ٻين جي بيماريءَ جو ٻُڌي، اُنهن جي مدد لاءِ نِڪري پون ٿا، جيڪي عام ماڻهوءَ جي خدمت ڪري، پنهنجي گهرَ، جي چُلهه جي وِساميل ٽانڊن تان اکيون چورائي، پنهنجي ٻارن کي سيني سان لائي، اُنهن کي اڳئين ويلي تي ڍَوَ تي ماني کارائڻ جي آٿت ڏئي، پاڻ خالي پيٽ تي، غريب ماڻهن جي مدد لاءِ چندو ڪرڻ واسطي نِڪري پون ٿا، ۽ جيڪي جيڪڏهن پاڻ ڪو تخليقي يا تحقيقي ڪم نه ڪري سگهيا، جيڪڏهن پاڻ ڪجهه نه لکي سگهيا، ته ٻين ليکڪن کي سهيڙي تاريخ جو رف مواد گڏ ڪَن ٿا، ته اِنهن کان وڌيڪ، منهنجي نظر ۾ ڪو وڏو ماڻهو نٿو ٿي سگهي. جيڪي ”مسڪين“ اهڙا ڪم ڪندا آهن، سي ئي وڏا ماڻهو هوندا آهن.
مامي رمضان ساريي اهڙو ئي ”ڪَتيو“ اهي، ائين ئي ”ڪنبيو“ آهي ۽ ائين ئي ”جَليو“ آهي... هِن اِن ”ڪَتڻ،“ ”ڪنبڻ“ ۽ ”جلڻ“ واري ڪم جو آسيس ماڻيو آهي، جيڪا آسيس هر ڪنهن جي نصيب ۾ ناهي ايندي. سو اسان کي اِهو سمجهڻ گهرجي ته، جيڪڏهن قومي سطح جا هيروز هوندا آهن، ته ڪي مقامي سطح جا به هيروز هوندا آهن، ۽ جيڪي سماجي تبديليءَ جا حقيقي باني هوندا آهن. مامو رمضان ساريو به اسانجو اهڙو ئي هڪ هيرو آهي. هِن جنهن طرح پنهنجي ڳوٺ (ٻلهڙيجيءَ) جي عام ماڻهن جي، ذات پات جي فرق کانسواءِ خدمت ڪئي آهي، هِن جنهن طرح پنهنجي زندگيءَ جا ”سونا روپا ورق“ لاچار، بي پهچ، ۽ مسڪين ماڻهن جي سيوا ڪندي، ٻڍاپي ۾ تبديل ڪيا آهن، اهڙو ڪم، ڪو، ڪو ئي ڪري سگهندو آهي.
مامي رمضان ساريي جي سماجي خدمتن واري ڪم کي ڏسي، منهنجي دل جي اِها حسرت رهندي آهي، ته ڪاش! مامو رمضان اسانجي ڳوٺ ۾ پيدا ٿئي ها، جتي هيءُ اهڙا عوامي ڀلائيءَ وارا ڪم ڪري ها، جو منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو بيماري بڙيءَ ۾ پريشان نه ٿين ها ۽ تعليم ۾ پٺتي نه رهن ها..... ۽ اهڙي حسرت ٻين ڳوٺن جي ماڻهن جي به هوندي. منهنجي هِن راءِ تي منهنجا دوست چئي سگهن ٿا ته، ’اوهان پاڻ ڇو اهڙو ڪردار ادا نٿا ڪيو؟‘ هُو جيڪڏهن ائين چوندا ته، سندن اِها ڳالهه صحيح هوندي، پر مان اهڙي حسرت اِنڪري ٿو ڪيان جو اسان پنهنجي لاءِ، حادثاتي طور ئي سهي، پر هڪ الڳ ڪردار چونڊيو، جنهن ڪري اسان پنهنجا اباڻا ڪکَ ڇڏيا، اُتان جون سايون زمينون ڇڏيون، اُتان جون ڪچهريون ڇڏيون، اُتان جا ماڻهو ڇڏيا، ۽ اُتان جون برساتون، گرميون، سرديون ۽ وڻندڙ هوائون ڇڏيون. سو، جيڪڏهن سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ رڳو هڪڙو ” مامو رمضان ساريو“ پيدا ٿي پوي ته هوند سنڌ کي بهتر روپ ۾ تبديل ٿيڻ ۾ ڪو گهڻو وقت نه لڳي.
اسانجي دوست ۽ نوجوان ليکڪ علي بخش پٺاڻ، مامي رمضان ساريي جي زندگي ۽ خدمتن تي هيءُ ڪتاب سهيڙي ”سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري“ جي نوجوان سربراهه، پبلشر ۽ اسانجي بهترين ليکڪ دوست عيسيٰ ميمڻ هيءُ ڪتاب شايع ڪري هڪ وڏو ڪم ڪيو آهي. هي منهنجي ڳوٺ جا نوجوان آهن، جن ڪتابن سان نينهنُ لائي، ڌرتيءَ جي عشق جي آرزو، پنهنجي ذهن جي گودڙيءَ ۾ کڻي، در در پهچڻ ۽ هيرا لال موتي ميڙڻ شروع ڪيو آهي. هي نوجوان اسان جي اميد آهن، جيڪي هڪ ٻئي پُراميد شخص جي ڪارنامن کي ٻين تائين پهچائي، اهو ٻڌائڻ ۽ ڏيکارڻ ٿا چاهين ته، جيڪو اسان جي عام ماڻهن جي اُس کي ڇانوَ ڀانئين ٻاهر نِڪري پوندو، جنهن کي ”پيرن ۾ ڪوڙين ڪنڊا لڳل هوندا،“ ۽ جيڪو سج کي ميارون ڏيندو ته،”پرين ڏسڻ کان اڳ ۾ ٿو تون لهين،“ ته اهو اسان مان آهي، اُهو اسانجو آهي ۽ اسان اُن لاءِ آهيون- ۽ هِنن نوجوانن مامي رمضان ساريي جي ڏٻري جسم جي سگهه تي، سندس پيرن ۾ پيل لِڦن تي، سندس اندر جي اُجري پَن تي، تهذيبي حوصلي تي، ۽ ڏکويلن سان سندس پيار تي؛ هيءُ ڪتاب شايع ڪرائي، پنهنجي اِها ڳالهه صحيح ثابت ڪئي آهي.
هِن ڪتاب شايع ڪرڻ مان اِهو به ظاهر ٿئي ٿو ته،”جيڪڏهن اسان ٻيو ڪو چڱو سماجي خدمت وارو ڪم (پنهنجي ڪنهن به جائز مجبوريءَ تحت) نٿا ڪري سگهون ته، گهٽ ۾ گهٽ اسان کي، اُنهن ماڻهن کي سندن جيئري ئي، خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي - ۽ اُنهن جي اجتماعي خدمتن واري ڪردار کي مڃتا ڏيڻ گهرجي، جن، مايوس ماڻهن جي زندگين ۾ اميد جي بهار آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن اگهن کي سگهائي ڏياري آهي، جن سماجي خدمت جا مثال قائم ڪيا آهن، ۽ جن پنهنجي خوشيءَ کي ٻين جي خوشيءَ سان جوڙيو آهي.
انور پيرزادي صاحب جي ڳوٺ – ٻلهڙيجيءَ جا ماڻهو، جيڪي روز صبح جو جڏهن اکيون مَهٽي اٿندا آهن ته سندن پهرين نظر سنڌوءَ تي ۽ ٻي نظر مُهين جي دڙي تي پوندي آهي. سو، اهڙن نصيبن وارن نيڻن ۾ انساني ڀلائيءَ وارو سبق ته لازمي طور درج ٿيڻو آهي... تڏهن ئي ته مامي رمضان کي ان ڳالهه جو اونو نه هوندو آهي ته، هِن جي هَٽ تي رکيل وَکر وڪامجي ٿو يا نه؟ پر هِن کي فڪر اِهو هوندو آهي ته، سندس ڳوٺ جي سڀني ماڻهن ڏي خير هجي. هُو پنهنجن لوڙهن اندر موجود ڪچن پڪن گهرن ۾ پنهنجن ٻارن سان گڏ سُکيا هجن. سو صوفي دل واري هِن شخص جي دل کي سنڌوءَ ڌوئي صاف ڪيو آهي ته، اُن تي مُهين جي دڙي، پنهنجون عظيم تهذيبي روايتون سينگاري رکيون آهن.
سچ پچ ته هيءُ شخص گهڻو ڪجهه لهڻي ٿو، پر اسان کيس ڪجهه به نه ڏيئي سگهنداسين- ۽ وڏي ڳالهه ته هِن کي ڪجهه کپي به نه.....هيءُ بس اِهو ٿو مطالبو ڪري ته جنهن غريب جي گهر مان ڪنهن امي ابا، ڀاءُ ڀيڻ يا ٻار ٻچي جي ڪيهه ٻڌو ته، اُن جي مدد جي لاءِ نِڪري پئو، جيڪڏهن ڪنهن غريب هاريءَ جو ڦاٽل انگوڇو، اُن جو بدن مڪمل طور ڍڪي نه سگهي ته، اُن کي اوڇڻ آڇيو، جيڪڏهن ڪنهن ٻار جي هٿ ۾ قلم ۽ ڪتاب نه ڏسو ته، اُن جي لاءِ اسڪول قائم ڪرائي، اُتي اُن کي داخل ڪرايو....۽ جيڪڏهن آڌيءَ مانجهيءَ جو ڪو لوڙهي تان اچي مدد جي لاءِ پُڪاري، ته اگهورُ ننڊ ۾ ستل ٻارڙن تي پنهنجي نگاهه ائين وجهو، ڄڻ اُنهن کي آخري ڀيرو ڏسندا هجو، ۽ پوءِ مدد جي لاءِ نڪري پئو....متان اوهان ٻيهر پنهنجي گهر موٽي نه اچي سگهو....ڇاڪاڻ جو مدد جي لاءِ سڏيندڙَ اوهان کي اِن قابل سمجهيو ته، اوهان ئي هُن جي مدد ڪري سگهو ٿا، ته پوءِ اِن کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي... اِهائي ته زندگيءَ جي حاصلات آهي.
هِن ڪتاب ۾ شامل سڀني بهترين ليکڪن (جن مان گهڻا ته منهنجا تمام گهڻا ويجها دوست آهن) مامي رمضان ساريي جي زندگي جي هر پهلوءَ تي تمام سٺو لکيو آهي. اِنڪري جيڪڏهن انهن سڀني لکڻين تان اُنهن جا عنوان ۽ ليکڪن جا نالا هٽائي، اُنهن کي گڏائي ڇڏجي ته اِها مامي رمضان جي آتم ڪٿا ٿي سگهي ٿي.
ماما رمضان! اوهان جون سچيءَ دل سان ڪيل محنتون ۽ خدمتون رائگان نه ويون آهن ۽ هيءُ ڪتاب شايع ڪرائي، اسان جا نوجوان اوهان جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا آهن، جيڪا ڳالهه يقينن اوهان جي اکين ۾ چمڪ ۽ اوهان جي اندر ۾ اطمينان ۽ وڌيڪ حوصلو پيدا ڪندي. اوهان کي هِن ڪتاب شايع ٿيڻ تي مبارڪ هجي.
انور ابڙو
4 مارچ، 2015ع، ڪراچي