ماٺيڻي مزاج وارو شخـص : مسرور پيرزادو
پراڻي ٻلهڙيجيءَ ۾ هڪ هنڌ نمن جا وڏا وڻ آهن ۽ انھن نمن جو ڇانورو پري کان آيل ماڻهن کي سدائين سک ۽ آرام جا پل آڇيندو آهي، انھن ئي گهاٽن وڻن جي ڀرسان هڪ اهڙي شخص جو گهر به آهي جيڪو شخص ڄڻ ته انھن ئي نمن جھڙو گهاٽو ڇانورو ڏيندو آهي. ٻين ماڻهن کي اهي ماڻهو جيڪي زماني جي سختين کي سھي ان شخص وٽ پھچندا آهن ته انھن کي ان وٽان سک ۽ آرام ملندو آهي. اهو شخص جيڪو سڀني جو مامو آهي ۽ سچ پچ ته سڳن مامن جيان پيار ۽ شفقت به ڏيندو آهي. توهان نه فقط ٻلهڙيجي پر ڏوڪري تعلقي ۾ ڪٿي به وڃي مامي جو ذڪر ڪندا ته ماڻهو سمجهي ويندا ته اهو مامو رمضان ساريو ئي هوندو، جيڪو سردي گردمي سِرَ تي سھي ماڻهن جي خدمت ڪندو رهندو آهي.
رمضان ساريو پنھنجي ذات اندر هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو. هي سنھڙو شخص اهڙا ڪم آسانيءَ سان ڪري ڄاڻي جھڙا پھلوان به نه ڪري سگهن. پنھنجي ڳوٺ توڙي ڀرپاسي ۾ موجود مريض هن ڏي اميد سان ايندا آهن ۽ هن تي ڀروسو ڪري هن کي چوندا آهن ته ”تون هلي مريض جو علاج ڪراءِ“ پوءِ سائين هي همراهه ڪڏهن وڃي لاڙڪاڻي جون اسپتالون کڻي ته ڪڏهن ڪراچيءَ جون ۽ جيستائين مريض صحتمند نه ٿئي تيستائين هو مريض جي تيمارداري ان جي وڏي ڀاءُ ۽ ويجهي عزيز وانگر ڪندو آهي. جڏهن مامي کان پڇيم ته ڀلا ڪيترن مريضن سان هينئر تائين علاج سانگي ويا آهيو ۽ انھن کي ٺيڪ ڪرائي موٽيا آهيو ته چيائين ”هاڻي ته اهڙن مريضن جو تعداد هزار کان مٿي ٿي ويو هوندو“ ۽ مان هن جو اهو جواب ٻڌي سوچ ۾ پئجي ويس ته هزار کان وڌيڪ مريضن کي صحتمند ڪرائي اچڻ وارو نيڪ ڪم ته ڪنھن چڱي خاصي اداري به گهٽ ڪيو هوندو، منھنجي نظر ۾ اهڙا ادارا آهن جيڪي وڏين عمارتن ۽ فنڊن هوندي به اهڙو ڪم ناهن ڪرائي سگهيا. مامو رمضان توڙي جو پاڻ به صحت جي حوالي سان گهڻو ٺيڪ ناهي ۽ هن کي به ڪجهه بيماريون آهن پر پوءِ به هو پنھنجي فڪر کي ٻين جي پريشانين کان وڌيڪ نه سمجهندو آهي ۽ بيماري سيماريءَ مريضن سان گڏجي انھن جو علاج معالجو ڪرائڻ لاءِ هر وقت تيار هوندو آهي ۽ هاڻي ته شايد هو پنھنجي طبيعت به ان وقت ئي بھتر ٿيندي محسوس ڪندو آهي جڏهن ڪو ٻيو مريض صحتمند ٿيندو آهي. مان هڪ دفعي مامي رمضان ساريي کان جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ هڪ مريض جو خيال رکندي ڏسي اهو محسوس ڪيو هو ته اهڙو خيال شايد مريض جا والدين، ڀاءُ به نه ڪري سگهن! اهو مريض ذهني مريض هو ۽ اهڙيون ڳالهيون پيو ڪري جنھن تي هڪ نارمل ماڻهو آرام سان چڙي سگهي ٿو پر مامو هن جي هر ڳالهه کي پيار ۽ آرام سان ٻڌي ۽ جواب ڏئي رهيو هو. جڏهن مامي کان پڇيم ته ڀلا اهو خيال توهان کي ڪيئن آيو ته مريضن جي مدد ڪجي ته جين هو صحتمند ٿي سگهن ته هن اهو واقعو ٻڌايو جيڪو مان هيٺ هن جي لفظن ۾ ڏيان ٿو.
”هڪ دفعي جڏهن مان لڳ ڀڳ پندرهن سورهن سالن جو هوس ته تمام گهڻو بيمار ٿي پيس ۽ منھنجي عيادت ڪرڻ لاءِ فقير يار محمد پيرزادو ۽ انور پيرزادو آيا هئا. منھنجي حالت ڏسي فقير يار محمد، انور پيرزادي صاحب کي چيو ته ”هن کي ڪراچيءَ کڻي وڃو ۽ علاج ڪرايوس.“ ان کانپوءِ انور صاحب ۽ ٻيا ڳوٺاڻا ان ڪم سان لڳي پيا ۽ منھنجي ڪراچيءَ وڃڻ ۽ علاج ڪرائڻ لاءِ ڳوٺ مان چندو ڪرڻ لڳا. چندي وٺڻ ۾ ماستر لطف پيرزادو ۽ ياسين پيرزادو اڳڀرا هئا. نيٺ ايترا پئسا ٿي ويا جو مون کي ڪراچيءَ علاج لاءِ اماڻيو ويو ۽ مان صحتمند ٿي واپس ڳوٺ آيس ۽ ان واقعي کانپوءِ مون پاڻ سان واعدو ڪيو ته مان به مريضن جي مدد ڪندس ۽ انھن کي صحت جي دولت حاصل ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽائيندس.“
ان اهم ڪم کانسواءِ مامي رمضان جا ٻيا به ڪم اهڙا آهن جيڪي سٺا آهن، مثال طور هن پنھنجو گهر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن کي ڏنو آهي ۽ جيئن اها تنظيم اتي نياڻين جو اسڪول کولي. اهو اسڪول زبردست نموني هاڻي هن جي گهر ۾ هلي رهيو آهي. ان کان علاوه هن ڪيترن ئي سالن کان اخبارن جي ڪٽنگس ڪري اهڙا فائيل ٺاهيان آهن جيڪي ريفرنس طور ڪم اچي سگهن ٿا. هن وٽ مختلف شخصيتن جھڙوڪ شھيد بينظير ڀٽو، سائين جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو وغيره ۽ واقعن جھڙوڪ ٻوڏ، اليڪشن وغيره تي اخبارن جون ڪٽنگس آهن جن کي هن الڳ الڳ فائيلن ۾ محفوظ ڪري رکيو آهي. ان کان علاوه ٻلهڙيجيءَ جي ليکڪن جون اخبارن ۾ ڇپيل لکڻيون پڻ هن وٽ محفوظ آهن.
پنھنجي مزاج ۾ هڪ ماٺيڻو ۽ نرم ماڻهو مامو رمضان ساريو هڪ خاموش انقلابي آهي. هن جو مزاج اهڙو ناهي جو هو جلسن جلوسن ۾ دوهاندار تقريرون ڪري ۽ ٻين جي بيعزتي ڪندڙ نعرا هڻي. هو خاموشيءَ سان پنھنجو زبردست ڪم ڪندڙ هڪ املهه شخص آهي. مان سمجهان ٿو ته اهميت به سٺن ڪمن جي آهي نه ڪي ڇڙين تقريرن ۽ نعرن جي.
منھنجي دعا آهي ته خدا مامي رمضان کي صحت، تندرستي ۽ وڏي حياتي ڏي ته جيئن هو پنھنجي نيڪ ڪمن کي جاري رکي سگهي.
**