مامو رمضان : هڪ ٽرسٽ :انور ڏنگڙائي
مون چيو آهي ته ماڻهو ان ماڻهن مان پيدا ٿيندا آهن جيڪي سوچڻ وارا ٿيندا آهن ۽ يقين ڄاڻو جيڪي سوچڻ وارا هوندا آهن انھن جون ننڊون حرام هونديون آهن. انھن جون ننڊون ٻين جا مسئلا ڦٽائيندا آهن. هو سوچيندا ئي ٻين جي مسئلن تي آهن، پنھنجا مسئلا انھن لاءِ ثانوي حيثيت اختيار ڪري ويندا آهن. مامو رمضان ساريو سوچي ٿو پنھنجو خيال نه ڪرڻ سدائين ٻين جي خيال ڪرڻ ۾ خيال کتل، رستي سان ويندو ته انھن ئي خيالن ۾ گم، توهان هڪ دفعو محبت سان کيڪاريوس ٻئي دفعي لڙي اچي اوهان سان ملندو، نه ته سدائين رمتو جوڳي نظر ايندو. هو سڀني جو مامو آهي، ان ڪري جو سڀ هن جا ماما آهن. ڪنھن جو به رخو نالو نه وٺندو ۽ ڪيربه هن جو رخو نالو نه وٺندو. اهڙا ماڻهو متضاد به ٿيندا آهن پر هن سان مون ڪنھن جو به تضاد نه ڏٺو آهي. ٻاهر نڪرندو ته فائيلن جو بنڊل بغل ۾ جنھن ۾ رڳو ٻين جا مسئلا سٿيل هوندا، ڪڏهن ڪھڙي آفيس ته ڪڏهن ڪھڙي آفيس. اسان ته صرف ڳالهه ٿا ڪري وڃون ته هو آفيس جا چڪر لڳائيندو وتي ٿو پر انھن آفيسن ۾ هن کي مشڪلاتون ڪيتريون سامھون اينديون هونديون؟ جنھن ملڪ جي آفيس جو پٽيوالو به ڊي سيءَ جو ڏيک ڏيندو هجي، ان آفيس جي آفيسر جو رويو ماڻهوءَ سان ڪھڙو هوندو سو به ان ماڻهوءَ سان جو ٻين جا ڪم ڪندو هجي ۽ مفت جا ڪم ڪرائيندو هجي.
هن ڪم جي شروعات گهرن آڏو گهٽيون صاف ڪرڻ سان ڪئي. ان دور ۾ ڳوٺ سڌار سنگت جو چڱو خاصو ڪم هو. سنڌ ۾ هن جي ڳوٺ ۾ به هڪ يونٽ سرگرم هو. ان پليٽ فارم تان هي ڇا ڪندا هئا جو جڏهن ڪا هيٺاهين گهٽي ڏسندا هئا جتي پاڻي بيھي ويندو هجي ته اتان ڀرپاسي مان ڪنھن گند ڪچري جو چير تاڙي اهو گھلي ان هيٺاهين ۾ وجهي گهٽي کي گهمڻ ڦرڻ جھڙو ۽ فضيلت ڀريو ڪري ڇڏيندا هئا. ائين ڪم ڪندي ڪنھن غريب جي مالي سھائتا به ڪري وٺندا هئا جن مان ٻيا ته ٽـڙي پکڙي ويا پر هن کي اهڙي سُتي پئجي وئي جو هن ان ڪم کي ڀٽائيءَ جي هِن سِٽَ مصداق کنيو ته ”اول آخر آهه، هلڻ منھنجو هوت ڏي.“
ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم تان ته تمام گهڻو پاڻ ملھايائين پر وري هڪ ٻي سماجي تنظيم انڊس ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن ٺاهي ان ۾ ڪم شروع ڪيائين، ان تنظيم جي ڪمن جو ٻيو سمورو نچوڙ هڪ پاسي پر جيڪي اسڪول منظور ڪرايائين اهو هڪ ڪم ئي هن جي تاريخ ٺاهڻ لاءِ ڪافي آهن. هن وقت تائين پنج اسڪول منظور ڪرائي چڪو آهي. جن مان ”جهولي لعل“ نالي موهن جي دڙي ڀرسان ڍنڍ ڳوٺ ۾ ٻيو ”سرهاڻ“ نالي ڪانءَ پور ۾، ٽيون ”لب درياهه“ امام بخش ملاح ۾، چوٿون ”ماروئڙا“ ڀلي ڏنو ابڙو ۾، پنجون ”ڀٽائي“ فتح محمد اعواڻ ۾ جن ۾ هڪ ئي وقت هزارين ٻار پڙهن ٿا، ۽ چوويھه ملازمن کي روزگار پڻ مليو آهي، جيڪي هنن اسڪولن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
پنھنجي سڄي زندگي ارپي ايڏا وڏا ڪم ڪندڙ ماڻهوءَ جي پنھنجي مالي حيثيت ڇا آهي؟ اهو به معلوم ڪندا هلون. هڪ ايڪڙ زمين جنھن جي اپت خرچ لٿي ڪيتري هوندي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ڪانھي. گهر جي ڪنڊ ۾ هڪ ڪمري ۾ هڪ ننڍڙو دڪان جنھن ۾ ايترو سودو رکيل آهي جو اهو ميڙي سيڙي ڳنڍ ٻڌي ڪو کڻڻ چاهي ته هٿ ۾ کنيو هليو وڃي. گراهڪي ايتري جو ٽي ڪلاڪ ويھڻ دوران اسان صرف هڪ ٻار کي کٽمٺڙو وٺندي ڏٺو. ٻيو ڪوبه آمدنيءَ جو ذريعو ڪونه. ويتر هڙان وڙان خرچ ڪرڻ جي هير پيل گهر چئن ڪمرن تي مشتمل جن مان ٽي ڪمرا اسڪول جي حوالي ڪري ڇڏيا اٿائين. هڪ ڪمرو ته رڌڻو پئي لڳو. يعني پنھنجي گهر جو رڌڻو به اسڪول جي حوالي ڪري ڇڏيو اٿائين. پاڻ صرف هڪ ڪمري ۾ سوڙهه سنگهيڙ ۾ رهي ڏکين حالتن ۾ گذر سفر ڪندي به چھري تي نه رنج نه ڏک يا تڪليف جي ڪا علامت ظاهر ڪندو آهي. جڏهن به ملندو آهي، چھري مان اطمينان کلندو نظر ايندو. پھرين جماعت کان اٺين جماعت تائين پڙهندڙ ٻارن جي گوڙ شور ۽ ٽاٻڙڪي جي وچ ۾ رهندي به نه صرف سڪون واري زندگي گذاري ٿو پر لطف ۽ سرور جون سرڪيون ڀريندي هڪ آٿت جي خمارن ۾ خماريل نظر ايندو، ٻيو وڏو ڪم اهو ڪندو رهي ٿو ته الاهي سارن ماڻهن، تنظيمن ۽ مختلف مسئلن جا الڳ الڳ فائيل ٺاهيندو رهي ٿو، انھن ماڻهن جون لکڻيون هجن، تنظيمن پاران بيان بازيون هجن يا تنظيمي رپورٽون هر ماڻهوءَ هر تنظيم هر مسئلي جو الڳ فائيل انھن فائيلن جو ڳاڻيٽو ڪبو ته اٺ سئو کان مٿي انگ بيھندو، انھن فائيلن جي رکڻ لاءِ وٽس ڪشادي جاءِ ڪانه آهي، بس وڃي ٿو هڪ ٻئي جي مٿان سٿيندو دڪان ۾. دڪان هلائڻ کان وڌيڪ وقت انھن فائيلن کي ڏيندو آهي، ان ڪم جي شروعات ڪيئن ڪيائين؟ اهو به هڪ عجيب اتفاق هو، 1980ع جو دور هو انور پيرزادو هن سان ڪچھري ڪندي جڏهن اٿيو ته هن وٽ اخبار وساري ويو جنھن ۾ انور پيرزادي صاحب جو مضمون هو، هن ڀيري اخبار هٿيڪي ڪري رکي، وري سوچيائين ته ڇونه ان مضمون کي ڪٿي فائيل ڪري وڌيڪ هٿيڪيون ڪري رکجي. بس هڪ مضمون فائيل ڪيائين ته ان مضمون مان اهڙو ته ڦاسي ويو جو نه صرف انور صاحب جون لکڻيون پر ٻين لکيڪن جون ۽ مسئلن تي لکڻيون هٿيڪيون ڪندو ويو، هن کي همٿائڻ وارو ڪوبه نه هو، ان ڪري چپ چاپ ۽ گمنام ڪندو رهيو. هو صرف ٻن ماڻهن طالب چنو ۽ غلام محمد ساريو جو نالو کڻي ٿو جن کيس همٿايو. هن جي ڪم جون ڪي گهڻيون مخالفتون ڪونه ٿيون. باقي ٽوڪون ٺٺوليون جام ٿيس، وڏن سان گڏ ٻار به ٽوڪيندا هيس، جيڪي ساراهه ڪندا هيس اهي به آخر ۾ چوندا هيس، ”هي ڪم ڪھڙي ڪم جو“ سماجي بيقدري، اڻ سھائپ، ٽوڪن ٺٺولين جو هن وٽ هڪ ئي جواب آهي ته پراڻو پر جنھن به ان جملي جو سھارو ورتو ته اهو سمورين رڪاوٽن مان نڪري پار پيو، اهو جملو آهي ”عشق ۾ ڪھڙا ليکا“. سماجي ڪم به ائين ڳچيءَ ۾ پئجي ويس، ضيائي مارشل لا جو دور هو ضياءَ جا پنھنجا پيدا ڪيل ڌاڙيل جي آڙ ۾ ماڻهن تي مارو درياهه جي ملاحن جون ٻيڙيون ته ضبط هيون پر دادو ڪئنال جي ملاحن جون ٻيڙيون به فوجي قبضي ۾ هيون، هڪ ملاح جنھن جي روزيءَ جو ذريعو صرف هڪ ئي ٻيڙي هئي اهو هن وٽ آيو ۽ ٻيڙي ڇڏائي ڏيڻ جو چئي ۽ پلٿي ماري ويھي رهيو. مجبور ٿي درخواست لکيائين پر درخواست تي صحيح ڪرڻ لاءِ ڪو به تيار نه هو. ان وقت ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو علي اڪبر نالي ڪو همراهه هو، ان ڏانھن ويو، هن ڳالهه سمجهي پرميشن ڏنس، بس جيئن ماڻهن کي خبر پئي ته مامو رمضان ماڻهن جا ڪم ڪري ٿو ته، اهو ڏينھن ۽ هي ڏينھن ماڻهن جون هن ڏانھن قطارون آهن. بيمارين جو اتفاق وري هيئن ٿيو ته پاڻ بيمار ٿيو، چندو ڪٺو ڪري پنھنجو علاج ڪرايائين، چندي ڪٺي ڪرڻ جو ڏانءُ هٿ اچڻ جي دير هئي هر بيمار لاءِ ساڳيو نسخو استعمال ڪري هزارين ماڻهن جو علاج ڪرائي چڪو آهي، تازو جڏهن هن جي ڪمن جي ڊاڪيومينٽري ڪي.ٽي.اين تي هلي ۽ ماڻهن ڏٺي ته هڪ سخي بندي هن کي تعاون جي آڇ ڪئي. ٿوري عرصي ۾ ان جي سھڪار سان ٻه سئو ماڻهن جي اکين جو آپريشن ۽ هڪ ماڻهو شھزادو اعواڻ جي پيٽ مان 12 ڪلو رسولي آپريشن ذريعي ڪڍرائي چڪو آهي. جيڪڏهن اهڙا ماڻهو ٻيا به گڏجي پون ۽ هن ماڻهوءَ کي ٿوري ٽيڪ ڀرائين ته هن وٽ هڪ ٽرسٽ قائم ٿي سگهي ٿي ۽ اهو ٻھراڙي لاءِ هڪ مثال هوندو. شھرن ۾ ته گهڻا ادارا ڪم ڪن ٿا پر ٻھراڙي جي سادن سودن اٻوجهه، اڻپڙهيل غريب ۽ منجهيل ماڻهن لاءِ ڪا اهڙي ٽرسٽ قائم ٿي پوي ته ڇا ڳالهه ڪجي.
**