شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو سيوَڪ (مامو رمضان ساريو: تاريخ ساز، سماجي شخصيت)

هي ڪتاب ”سنڌ جو سيوڪ“ سنڌ جي تاريخ ساز سماجي شخصيت مامي رمضان ساريو تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب علي بخش پٺاڻ آهي.
”سنڌ جو سيوڪ“ ماما رمضان ساريو، دراوڙي نسل جو اهو باشندو آهي جنھن مسڪيني حال هوندي به سماج جي بي پھچ مارو ماڻهن جي خدمت کي پنھنجي زندگيءَ جو ”ڪُل مقصد“ بڻائي ڇڏيو آهي. هي مانجهي مڙس، وقت جو يار، اوکي سوکي ۾، سڀني سان نڀائڻ جو فن ڄاڻي ٿو. هي بي سھارن جو سھارو، دنيا جي عظيم تھذيب مُھين جي دڙي جي ڪُک (ٻلهڙيجي) ۾ جنم ورتو ۽ ان ڪُکِ جو ڀَرمُ رکڻ لاءِ سدائين سفر ۾ آهي.
Title Cover of book سنڌ جو سيوَڪ  (مامو رمضان ساريو: تاريخ ساز، سماجي شخصيت)

ٻين ڪاڻ جيئندڙ شخص : الطاف پيرزادو

سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري تي قائم ڳوٺ ٻلهڙيجي سنڌ ۾ هونءَ ته کاٻي ڌر جي سياسي ٿاڪ طور سڃاتو وڃي ٿو پر سياسي کيتر هجي يا سماجي، شاعري کان وٺي صحافت جي ميدان تائين صحافتي ۽ ادبي لڏي ۾ هڪ الڳ مقام ۽ حيثيت ماڻي آهي، هن ڳوٺ جو ڄائو مامو رمضان ساريو پڙهيل ته فقط پنج درجا سنڌي آهي پر سنڌ جي سونھن انور پيرزادي کان متاثر ٿي شعور جي ان بلند سطح تي پھتل آهي جتي پنھنجو پاڻ وڃائي زندگي ٻين لاءِ ارپي ڇڏجي، ڪاري ڪامڻ جھڙي موتمار بيماريءَ ۾ مبتلا هوندي به هن لُڪ سخت گرمي وارن ڏينھن ۾ غريب مريضن کي اسپتالن تائين پھچائڻ ۾ شايد پنھنجي بيماريءَ جو به سدِباب سمجهيو. مامي رمضان ساريو جي زندگيءَ جو مقصد فقط ٻين لاءِ جيئڻ آهي.
”هن وقت تائين تقريبن 200 مردن توڙي عورتن جون اکيون ڪرائي چڪو آهيان.“ پنھنجي سماجي ڪم بابت سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته سندس هٿان ڪنھن جو جيڪڏهن ڪم ٿئي ٿو يا مسئلو حل ٿئي ٿو ته هو ذهني سڪون محسوس ڪري ٿو.
پنھنجي جنم کان وٺي غربت، بيمارين ۽ تنگ نظر ريتن خلاف جهيڙيندي عمر جون تقريبن اٺھٺ بھارون گهاريندڙ هن صوفي انسان کي نه رڳو پنھنجو خاندان ۽ ڳوٺ پر پورو تر مامو سڏي ٿو. ڪراچيءَ ۾ دل جي بيمارين جو مرڪز هجي يا ڊاڪٽر اديب رضوي جي گڙدن جي پيوندڪاري جو ادارو، جناح اسپتال کان ويندي لاڙڪاڻي جي سول اسپتال مطلب ته جتي به ڪنھن غريب، نادار مريض جو علاج ممڪن هوندو، هي ان کي وٺي اتي پھچندو. ڪن صورتن ۾ ته پنھنجي هڙان وڙان ڏئي انتھائي ڪنھن بيمار جو علاج ڪرائڻ کي به اعلى انساني فرض سمجهندڙ مامو رمضان ڪنھن به لوڀ لالچ ۾ يقين نه ٿو رکي. سندس من کي راحت بس صحتياب ٿيندڙ مريضن جي ملندڙ دعائن سان ئي ملي ٿي. هو ٻڌائي ٿو ته ڀر واري ڳوٺ فتح محمد اعواڻ جي رهواسي نوجوان کان ڪراچي جي ميمڻ اسپتال ۾ آپريشن بعد جڏهن ٻارنھن ڪلو رسولي نڪتي ۽ هو صحتياب ٿي ڳوٺ پھتو ته کيس به ايتري خوشي ٿي جيتري نوجوان جي والدين کي.
هن سيحائي ڪردار جي عوامي خدمت ۽ مدد جو دائرو لفظ صحت جي شعبي تائين محدود ناهي پر توانائي جو بحران جيئن سڄي ملڪ جو ٻرندڙ مسئلو آهي تيئن لوڊشيڊنگ، واڌو بل اچڻ، ٽرانسفارمر سڙڻ ۽ هفتن جا هفتا ڳوٺن جي بجلي غائب ٿيڻ، مھين جي دڙي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ به معمول بڻيل آهي، سو لاڳاپيل سيپڪو آفيسن مان بلن جي درستگي ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرائڻ لاءِ به تر جا ماڻهو مامي رمضان جون خدمتون حاصل ڪن ٿا. ڀلي ڪم ٿئي نه ٿئي هي خدائي خدمتگار مايوس نه ٿيندو. لاڳاپيل آفيسن ۽ آفيسرن جي در جا ان وقت تائين چڪر ڪاٽبا رهبا جيستائين ڪم نه ٿو ٿئي. ورهين کان وٺي سماجي ڪمن لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيندڙ هي املهه ڪردار هن وقت تائين مختلف اسپتالن مان هڪ هزار جي لڳ ڀڳ مريضن جو علاج ڪرائي چڪو آهي، جنھن سان به گڏجي اسپتال ويندو، ڪا لوڀ لالچ نه ڪندو، بلڪه مريض جيستائين اسپتال ۾ داخل هوندا، ان وقت تائين اسپتال جي پڌر تي ڇٻر ۾ سمھندو. نه وڏائي نه غرور، پاڻ کان ننڍي عمر وارن سان به عاجزي سان پيش اچڻ مھين جي دڙي جي مِٽي مان ٺھيل مامي رمضان جي رت ۽ خمير جو ڄڻ ته اڻٽٽ حصو آهي، نه ته ڪنھن وڏيري جي پيروي ڪبي نه ئي وري ڪنھن ڏاڍي اڳيان ڪنڌ نوڙائبو، بس پنھنجي ڌن ۾ عام ماڻهوءَ جي ڪم اچبو رهبو.
پنھنجي گهر ۾ قائم هٽ ۽ ٻه جريب ٻنيءَ مان پنھنجي گهر جو چرخو هلائيندڙ هي شخص اڄوڪي دور ۾ نياڻين جي تعليم جي اهميت کان چڱي ريت واقف آهي.
هن پنھنجي پنجن ئي نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو آهي، جن مان هڪ نياڻي اباڻي گهر ۾ سنڌي ايجوڪيشن فائونڊيشن تحت اسڪول هلائي نياڻين ۾ تعليم جي شمع روشن ڪرڻ جي عظيم ڪم ۾ رڌل آهي. هن سڄي ڪم ۾ مامي رمضان سان پنھنجي جيون ساٿيءَ جو به اهڙو ئي ساٿ آهي جو مامو رمضان جيڪڏهن ڪنھن ڪم سانگي گهر کان ٻاهر هوندو آهي ته گهر جو سمورو چرخو سندس وني هلائيندي آهي.
مامي رمضان جي خدمت صرف اتي دنگ نه ٿي ڪري پر ”تتي ٿڌي ڪاهه ڪانھي ويل ويھڻ جي“ کيس جيڪا واندڪائي ملي ٿي مختلف اخبارن جا يادگار ايڊيشن اهم ليکڪن جا ليک ۽ ڪالم سھيڙڻ ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو، اهوڪم هو 80ع جي ڏهاڪي کان وٺي ڪري رهيو آهي. سندس بقول کيس اهو شوق ان وقت جاڳيو جڏهن ڳوٺ ۾ ئي درگاهه ملوڪ شاهه تائين صوفياڻو راڳ ٻڌي انور پيرزادو وٽس آيو، هو ٻڌائي ٿو ته انور صاحب وٽس چانهه پيئڻ بعد هلال پاڪستان اخبار سندس اوطاق ۾ وساري ويو، جنھن ۾ انور پيرزادي جو ئي ڪالم هو. اهو ڏينھن اڄوڪو ڏينھن مامو رمضان 80ع جي ڏهاڪي وارن سنڌ جي مزاحمتي ليکڪن ۽ شاعرن کان ويندي اڄ تائين جي ناليوارن ليکڪن جون لکڻيون سانڍيندو، فائيل ٺاهيندو، پاڻ وٽ رکندو پيو وڃي. وٽس سنڌي ٻولي جي ماهر ۽ ناليواري تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي جوڙيل گل حيات انسٽيٽيوٽ جھڙو ڪو ادارو ته ناهي پر هو مختلف شخصيتن جي مختلف معاملن بابت لکڻين ۽ سنڌ جي ٻرندڙ معاملن تي شايع ٿيل ايڊيشن جا 800 فائيل سانڍي ويٺو آهي. معاشي تنگي سبب وٽس نه ته لائبريري تعمير ڪرائڻ جي سگهه آهي نه ئي ايڏي وڏي الماري خريدڻ جي جنھن ۾ 800 فائيل سمائجي سگهن، هي 800 فائيل حقيقت ۾ سنڌ جي تاريخ آهن جيڪي مسستقبل جي مورخ کي اڄوڪي سنڌ کي سمجهڻ پرکڻ ۽ پروڙڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. سو مھين جي دڙي جي هن رهواسي سنڌ جي تاريخ سانڍڻ ۽ سھيڙڻ جو هي جيڪو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي، تنھن جي سرڪاري سطح تي پرگهور لازمي آهي ته جيئن اهي 800 فائيل ۽ آئيندي جو ڪم محفوظ ڪري سگهجي. ٻي صورت ۾ گهر جي ڪٻٽن ۾ وکريل صورت ۾ رکيل فائيل دز ۽ اڏوهي جي ور چڙهي وڃائجي مٽيءَ جي ور چڙهي سگهن ٿا، ائين ٿيو ته سنڌ جي سھيڙيل تاريخ دز جي ور چڙهي ويندي.
سنڌ اڄ جنھن نازڪ دور مان گذري رهي آهي، تنھن کي منھن ڏيڻ ۽ تري پار پوڻ لاءِ سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ مامي جھڙا ڪردار جيڪڏهن پيدا ٿي پون ته سنڌ ۾ سماجي انقلاب جو برپا ٿيڻ مشڪل ضرور پر ناممڪن نه هوندو.