شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو سيوَڪ (مامو رمضان ساريو: تاريخ ساز، سماجي شخصيت)

هي ڪتاب ”سنڌ جو سيوڪ“ سنڌ جي تاريخ ساز سماجي شخصيت مامي رمضان ساريو تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب علي بخش پٺاڻ آهي.
”سنڌ جو سيوڪ“ ماما رمضان ساريو، دراوڙي نسل جو اهو باشندو آهي جنھن مسڪيني حال هوندي به سماج جي بي پھچ مارو ماڻهن جي خدمت کي پنھنجي زندگيءَ جو ”ڪُل مقصد“ بڻائي ڇڏيو آهي. هي مانجهي مڙس، وقت جو يار، اوکي سوکي ۾، سڀني سان نڀائڻ جو فن ڄاڻي ٿو. هي بي سھارن جو سھارو، دنيا جي عظيم تھذيب مُھين جي دڙي جي ڪُک (ٻلهڙيجي) ۾ جنم ورتو ۽ ان ڪُکِ جو ڀَرمُ رکڻ لاءِ سدائين سفر ۾ آهي.
Title Cover of book سنڌ جو سيوَڪ  (مامو رمضان ساريو: تاريخ ساز، سماجي شخصيت)

اَگھا ئي سَگھا ٿيا !!! لطف پيرزادو

ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي قديم وسنديءَ ۾ ملان سارين جي پاڙي ۾ 1955ع ڌاري، ملان وريام جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻالڪ محمد رمضان ساريو، استاد عبدالھاديءَ جي ملان مڪتب مان پنج درجا سنڌي پاس ڪري پنھنجي پيءُ جو ڀـرجهلو ٿي بيٺو. ملان وريام کي پنھنجي موروثي زمين جا ٻه ٽي جريب، هڪ ٻه مينھن هئي، هي ڪڙمت جي ڪرت سان گڏ ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙو دڪان به هلائيندو هو، جنھن کي هٽي چيو ويندو هو. هن جو دڪان ايڏو وڏو نه هو جو ان کي هٽ چئي سگهجي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”هٽيءَ مان هَٽُ نه ته هٽي ئي چَٽُ“. هن خاندان تي پوري ٿي، مامي رمضان جي سامائڻ سان اها هٽي به چٽ ٿي وئي، هي يار ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم تان، ا گهن جي سگهائي ۽ مرضن جي مروٽلين جي مرحم ٿي اڀريو، هي پاڻ ويڄ طبيب ته ڪونھي پر، هن کي اهڙن ماڻهن جو ترس ڪجهه وڌيڪ آهي، الائي ڇو هي ڪنھن کي دُکي ڏسي، پاڻ اندر ۾ ڀورا ڀورا ٿي پوندو آهي. مونکي هن جي ان ڪيفيت مان ائين لڳندو آهي ته هن پاڻ جڏهن السر جھڙي موذي مرض ۾ لوڙيو ۽ پاڻ کپايو هو، شايد هن کي بيمارن جو احساس ان ڪري به وڌيڪ آهي. هٽي هلائيندي هن کي روزانو ڏوڪريءَ سائيڪل تي سودي کڻڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو، ان تڪليف ۽ گهرو حالتن هن کي مٿيئن مرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. 1989ع ۾ جڏهن ٻلهڙيجيءَ ۾ ڳوٺ سڌار سنگت قائم ٿي ته ان پليٽ فارم تان، مون جنرل سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ هن کي درخواست سان گڏ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو وٽ وٺي ويس، جنھن هن کي ڊائريڪٽر (ايڊمن) جناح اسپتال ڪراچيءَ ڏانھن سماجي ڪارڪن جي علاج واسطي، هڪ ليٽر ۽ ٻه هزار روپيه روڪ ڪرائي ڀاڙي لاءِ ڏنا. مامي رمضان جناح اسپتال ۾ پندرهن ڏينھن داخل ٿي پنھنجو مڪمل علاج ڪرايو، پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن هن جي بيماري اٿلي ٿي پئي، ڇو ته اها جسم ۾ گهر ڪري ويئي هئي ۽ پراڻي بڻجي وئي هئي. مامي پوءِ به جناح جا چڪر کاڌا ۽ ڪجهه علاج لاڙڪاڻو مان به ڪرايو. ڪجهه سال اڳ رات ڏينھن سماجي ڪم ڪرڻ سبب هن کي هيپاٽائيٽس ٿي پئي، جنھن هن کي کٽ وٺرائي ڇڏي، ڪجهه مھينا ان بيماريءَ سان جهيڙيندي هن گذاريا، هن وقت تندرست آهي.
سماجي ڪم ۾ هن جو ڪردار ۽ خصوصيت به عجيب آهي، ڳوٺاڻن جي بجليءَ جا جهنجهٽ، ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ، ڪنھن مريض جو علاج ڪرائڻ هن پاڻ تي فرض ڪري ڇڏيا آهن. ڳوٺ جي ميٽر هولڊرن جا ته هن فائيل ٺاهي ڇڏيا آهن، انھن جي بلن جي درستگي، بل معاف ڪرائڻ، قسطون ڪرائڻ، ميٽر ڪٽائڻ ۽ لڳائڻ جا ڪم هن جي بلي آهن. مريضن کي مختلف اسپتالن ۾ انهن جون ٽيسٽون ڪرائڻ، ايڪسري ڪرائڻ، انھن سان آخر تائين گڏ هجڻ، سرنديءَ وارن کان انھن لاءِ امداد حاصل ڪري انھن کي صحتياب ڪرڻ هن جو متو آهي. اهڙي ڪِرت ڪرڻ سبب هي اسپتالن، ڊاڪٽرن ۽ مرضن کان ڪافي واقف ٿي چڪو آهي. سوين ماڻهن جا آپريشن ۽ علاج ڪرائي سڀني اسپتالن جي عملي سان ڄڻ هن جي دوستي ٿي وئي آهي. اهو ئي حال روينيو ۽ واپڊا جو آهي، ننڍي ملازم کان ويندي بالا آفيسرن تائين کيس سڀ سڃاڻن، گمبٽ، لاڙڪاڻو ۽ ڪراچيءَ جي اسپتالن ۾ هن جا سدائين چڪر هوندا آهن، ڪيترن ئي ڪراڙن جون اکيون گمبٽ مان ڪرايون اٿس. هن جي واسطي ۾ هاڻي ڪيترائي سخي مرد اچي چڪا آهن جيڪي هن جي اهڙن ڪمن لاءِ مالي مدد ڪن ٿا. اهڙي ئي هڪ سخي مرد جي خرچ تي مامو عمرو به ڪري آيو آهي، ڀلي پار جي زيارت ڪئي اٿائين ۽ ان سفر جون يادگيريون به قلمبند ڪيون اٿائين. ٻئي دفعي ڳوٺ جي پيش امام ملان خدن ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن کي به مامي جي ڪري هيءَ سعادت نصيب ٿي آهي.
ڳوٺ سڌار سنگت جي پھرين ڪاروباري ڪميٽي ۾ پراڻيءَ ٻلهڙيجيءَ مان مامو ۽ ٺارو ماڇي، ميمبر ٿيا، جيڪي مستقل طور تي رهندا اچن ٿا، سنگت ٺاري کي ڪائونسلر چونڊرايو، مامي کي ديھه جو زڪوات چيئرمين مقرر ڪرايو. هن عرصي دوران ئي مامو مشھور ٿيو، هن جي فياضي، ايمانداري ۽ پنھنجائپ کان ڳوٺاڻا متاثر ٿيا، هي هلي وڃي گهرجائو ماڻهن سان انھن جي گهر ملندو هيو، انھن جا حال احوال معلوم ڪري انھن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش وٺندو هو. مشرف واري مڪاني ادارن جي چونڊ ۾ جنرل ڪائونسلر يو.سي بگي ٿيو، ماڻهن کي فوتي ، رهائشي ۽ ڄم سرٽيفڪيٽ ۽ بي فارم پڻ ٺھرائي ڏيندو رهيو آهي. منھنجو ۽ منھنجي وڏي پٽ جو ڊوميسائل به مامي جو ٺھرايل آهي. مامو پنھنجي جذبي ۽ ايمان سبب ان منصب تي پھتو آهي، ڇو ته سنگت ۾ ويٺل گرگ هن ۽ ٺاري کي جوڳي جڳهه ڏيڻ لاءِ تيار ڪونھن، انھن پاران ڪوشش ڪري هنن ٻنھي کي پٺتي رکڻ جا جتن ڪيا ويندا آهن، پر هو هنن ٻنھين اڳيان ڄامڙا لڳندا آهن. مامي جي وري طبيعت به اهڙي آهي جو هو پنھنجي ڌن ۾ مگن رهندو آهي. ڪنھن جي ڪابه شڪايت ناهي ڪندو، پنھنجي سچائي ۽ نيڪ جذبي سبب هن عزت ڀريو مقام ماڻيو آهي. شايد ئي ڪو ماڻهو هجي جيڪو مامي جي شڪايت ڪري يا هن ڏانھن آڱر کڻي. باقي ته اسين سڀ گناهن ۽ عيبن ۾ گتا پيا آهيون.
گهڻو اڳ جڏهن مامو حسين ڳڀرو هيو، نئون نئون پنجون درجو پاس ڪري، دڪان تي وڃڻ شروع ڪيو هئائين، ان وقت کان مجني فقير معرفت منھنجي ساڻس ڏيٺ ٿي هئي، مجني فقير کي هن جون ڪجليون، ڪاريون ڀونئر جھڙيون اکيون وڻنديون هيون. جڏهن به رمضان سان نظر ملائيندو هو ته صلوات سڳوري پڙهي پوءِ گفتو ڪڍندو هيو. هي رمضان کان اوڌر کڻندو هو جيڪا ٻارنھين مھيني سارين جي فصل تي لاهيندو هو. فقير سائين قرض لاهڻ وقت فقيرن کي مٺي ديڳڙي يا ڪُٽيءَ جو وٺو قرض لاهڻ جي باس طور ڏيندو هو جنھن تي هن جو ٻه سئو روپيه کن خرچ ٿي ويندو هو، ان محفل ۾ راڳ به ٿيندو هو ۽ چانھه جا دؤر به هلندا، پيالو ۽ سلفي به هلندي، فقير پاڻ صرف ٻين جون ٻيڙيون پيئندو هو، البت چانهه جو وڏو موالي هو. مونکي لڳندو آهي ته مامي کي فقير سائين جي دعا آهي، جو غربت ۾ به باغ بھار لڳو پيو آهي. مسجد جي خدمت، ملوڪ شاهه مجني فقير جي سلامي ڀريندو رهندو آهي، اسانجي دعا آهي ته اهڙا ڪردار عام ٿين ۽ جڳ جڳ پيا جيئن.
**