هِن جي ڪري ئي ڪيترن گھرن جي چُلھه ٻَري ٿي : شھباز پيرزادو
مامو رمضان ڳوٺ جو هر ڪم ڪندو آهي پوءِ اهو ڪيترو به ڏکيو ڇونه هجي بجليءَ ۽ گئس جي بلن کان ويندي ڳوٺ جي ان غريب ماڻهوءَ جي مدد پڻ ڪندو آهي جنھن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو آهي. ڳوٺ جا غريب ماڻهو پنھنجي دل جو سمورو احوال مامي سان اوريندا آهن ۽ مامو کين ساڻ ڪري ڳوٺ جي سرنديءَ وارن ماڻهن وٽ وٺي ويندو آهي ۽ سرندي وارن ماڻهن کي ان غريب جي مدد لاءِ اپيل ڪندو آهي. مامي رمضان جا ڪنھن به سماجي ڪم ۾ ذاتي مفاد ناهن رهيا. مامو جيڪو به ڪم ڪندو آهي ان جو تفصيلي رڪارڊ الف کان يي تائين ٺاهيندو آهي. مامو رمضان ڳوٺ جي هر فرد سان محبت سان ملندو آهي ۽ هر نوجوان کي پيار، محبت ۽ نيڪي جا ڪم ڪرڻ جا ڏس ڏيندو آهي. مامو رمصان ساريو جسماني طور تي ڀلي ئي ڪمزور آهي پر ذهني طور تي ڪارونجهر کان به وڌيڪ مضبوط آهي.
مامي جو مذهب صرف ۽ صرف انسانيت جي خدمت ئي آهي. مامي رمضان سان پنھنجي گهر واريءَجو به مڪمل ساٿ ۽ سھڪار رهيو آهي. مامي رمضان سارئي جي ڪري اسان جي سماج جي سوين ماڻهن کي اکين جو نور موٽي مليو، سوين شاگردن کي ڊوميسائيل ۽ پي.آر.سيز ٺھي مليا، سوين ماڻهن جي گهر جي وسامي ويل چلهه ٻري، پوءِ اهي ماڻهون ئي آهن جيڪي مامي رمضان کي پنھنجو هيرو سمجهن ٿا.
ماما رمضان هاڻي ڀلي جسماني طور ڪمزور ٿي پيو آهي پر ڪڏهن به سماجي ڪم ۾ سستي ۽ ڪاهليءَ جو مظاهرو نه ڪيو اٿائين. پاڻ هميشه مونکي امداد حسينيءَ جي هِنن سِٽن جيان لڳندو آهي ته:
پھاڙ پرزا ٿي پوندا، ٻانھن ۾ جي آهي ٻَل،
سردي گرمي سِرَ تي سھي، گل جهلي ٿي تڏهن ول.
مامو رمضان ساريو اسان کي پنھنجي زندگيءَ جا کوڙ سارا تجربا پڻ ٻڌائيندو آهي ۽ هدايت ڪندو آهي ته ڪم اهو ڪيو جنھن مان انسان ذات کي فائدو ملي. اسان جي سماج جو هرهڪ ماڻهو مامي رمضان جھڙو ٿي پوي ته هوند هي سماج جنت کان به وڌ خوبصورت ٿي پوي.
**