جکرا جيئين شال : اقرار پيرزادو
مامي رمضان ساريي 1955 ۾ ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ ملا وريام جي گهر ۾ اک کولي، جيڪو رڳو نالي جو ملان هو، هو فقط نمازي ۽ مسجد جو شيوادار هو ۽ مسجد جي نالي ۾ ڪنھن به قسم جو ونڊ وٺڻ بدران حال آهر ان تي پاڻ خرچ ڪندو هو. کيس ننڍڙو دڪان ۽ ان جي ڀر ۾ ننڍڙي اوطاق هئي، جتي مسافر مڙي کي لسي پاڻي پياري سرهو ٿيندو هو.
1965ع ۾ مامو رمضان ساريو پنج درجا پرائمري پاس ڪري ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ ڇھين ڪلاس ۾ داخل ٿيو هو، پنھنجي هڪ جمايتي دوست سيد نوابشاهه، سيد ارباب شاهه سان گڏ سائيڪل تي پھرين ڏينھن اسڪول وڃي رهيا هئا ته نواب شاهه پھچڻ کان اڳ ۾ ئي همراهه ڦورن جي هٿ چڙهي ويو جن هنن کان سائيڪل کسي ورتي، توڙي جو اهي ڦورو ڳوٺاڻن سائيڪل سميت پڪڙي ورتا، تڏهن به وڏڙن هنن کي ايڏي پنڌ تي اسڪول وڃڻ کان منع ڪري ڇڏي. اهڙي ريت مامو رمضان ساريو سرڪاري رڪارڊ ۾ فقط پرائمري جي ڊگري رکندڙ آهي. پر هن صحت ۽ تعليم جي حوالي سان ايترو ڪم ڪيو آهي جو سوين ڊگريون رکندڙ گڏجي به ايترو ڪم نٿا ڪري سگهن. ماما رمضان ساريي سماجي ڪمن ۾ تڏهن کان هٿ ونڊائڻ شروع ڪيو، جڏهن 1984ع ۾ هي بيماريءَ جي بستري تي ڪري پيو، مڙس اڳ ۾ ئي نٻل ۽ ڪمزور ويتر بيماريءَ نھوڙي ڇڏيس. همراهه جي مالي حالت به ٺيڪ نه هئي گهر ۾ هڪ ننڍڙو ڀاءُ محبوب هئس جيڪو هاءِ اسڪول ۾ پڙهي رهيو هو. ان وقت لطف پيرزادو ۽ ٻين دوستن کيس جناح اسپتال پھچايو، اتي ئي مڙس واعدو ڪري ڇڏيو ته صحت ماڻڻ کانپوءِ هي ماٺ ڪري ويھڻ بدران اگهن کي صحتياب ڪرڻ وارو ڪم جاري رکندو ۽ پوءِ هن اهو ڪم ڪري ڏيکاريو. هي اڀري ڏيل وارو انسان علائقي جي هزارين ماڻهن کي بڇڙين بيمارين مان بچائي آيو آهي. مامو رمضان پاڻ ته نرڌن آهي پر هن کي ڪيترائي ڌنوان سڃاڻن، جيڪي خير جي ڪم ۾ پنھنجي حال سارو سندس مدد ڪندا رهندا آهن. مامو رمضان اڳ ۾ پاڻ مريض ڳوليندو هو، انھن کي دلاسا ڏئي آپريشن لاءِ راضي ڪندو هو ۽ هاڻ کيس مريض پاڻ ڳولهي لھن ٿا ۽ هي شھيد ڪنور ڀڳت وارو ٽولو ٺاهي اچي ڪراچيءَ جون اسپتالون ڀٽيندو آهي. اهڙي ريت هڪڙا اگها سگها ٿي ايندا آهن ۽ ٻي ٽولي تيار ٿي ويندي آهي. مريض جي دوا کان وٺي ڀاڙي ڀتي ۽ کاڌي پيتي تائين سمورو خرچ مامو رمضان پاڻ ڪندو آهي ۽ مريض جو ٽڪو به خرچ نه ايندو آهي ۽ مريض جي خدمت به ائين ڪندو آهي جو سندن عزيز قريب به اهڙي خدمت نه ڪري سگهن. مامي رمضان کي پاڙي وارا ڪوٺين به جاني دڪاندار، همراهه دڪان مان ڪڏهن نه ڪمايو، کٽيو ته پنھنجي جاءِ تي پر مُور به نه موٽي سگهي. همراهه جي دڪان تي جيڪا به شئي هوندي ۽ ڪو گراهڪ اوڌر تي گهر ڪندس ته همراهه بنا چوڻ جي اها شئي سندس حوالي ڪندو ۽ پوءِ اها ڳالهه ئي وساري ڇڏيندو، ڪڏهن به قرضي کان قرض جي تقاضا نه ڪندو، پنھنجي مرضيءَ تي ڪنھن ڇهه ماهي يا سال تي ڏنو ته ڏنو نه ته مڙيو ئي خير.
ڳوٺ ۾ بجلي، نالين جي صفائي توڙي بي پھچ ماڻهوءَ جي هر جائز ڪم مامي رمضان کي ڪرڻو پوندو آهي. مامي رمضان جو وڏي ۾ وڏو هٿيار ٻانهون ٻڌڻ آهن، هن نياز ۽ نوڙت ذريعي مسڪين ماڻهن جا ڪيترائي مسئلا حل ڪرايا آهن، هو جڏهن ڪنھن به مسئلي تي اختيار ڌڻي ڏي ايندو آهي ته اهو ان ڪم لاءِ جيترا عذر ڏيندو، مامو رمضان هر عذر تي کيس رڳو ٻانهون ٻڌندو ۽ نيٺ اهو هار مڃي رمضان جو ڪم ڪري ڇڏيندو آهي.
مامو رمضان ملڻ جلڻ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آهي، هو نياز ۽ نوڙت سان ڪيترن ئي ماڻهن کي جڪڙي ڇڏيندو آهي، اهي ماڻهو مامي رمضان جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ارهائي بدران سرهائي محسوس ڪندا آهن. مامو رمضان ننڍي توڙي وڏي سان نِوِڙي ڳراٽـڙي پائي ملي، هٿ تي چمي ڏئي ”مان صدقو وڃانءِ نانوَ تان“ وارا شبد اچاريندو آهي.
2001ع جي بلدياتي چونڊن ۾ مامو رمضان جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي بيٺو، سمورن اميدوارن ۾ مامو رمضان ئي اهڙو ماڻهو هو جنھن وٽ سوزوڪي ڀاڙي تي ڪري ورڪ ڪرڻ جي به سگهه نه هئي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ٻيا اميدوار پاڻ ڀرا ۽ خوشحال هئا، جن جي حمايت لاءِ ايم.اين.ايز ۽ ايم. پي. ايز به پئي چڪر ڪاٽيا پر مامي رمضان سڀن کي مات ڏئي ڇڏي. ان عرصي ۾ هن ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سماجي ڪم ڪيا. ماڻهن سان ڏک سک ۾ شامل رهيو ۽ جڏهن ٻيھر اليڪشن ۾ ساڳي سيٽ تي بيٺو ته ٻيا اميدوار جتي پنھنجي حمايت لاءِ ننھن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيا هئا، اتي مامو رمضان ٻين ڳوٺن ۾ ماڻهن کي منٿون ڪري رهيو ته مون بدران ڦلاڻي کي ووٽ ڏيو، ڇاڪاڻ ته مون کي ڳوٺ مان ئي ايترا ووٽ ملندا جو وڌيڪ ووٽن جي ضرورت ناهي. ان باوجود مامي رمضان سڀني اميدوارن کي مات ڏئي ڇڏي، هن جيترا ووٽ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ مان کنيا ان کان وڌيڪ ٻين ڳوٺن مان کنيائين.
مامو رمضان هيتري ڀڄ ڊڪ ۽ هڻ وٺ باوجود جتي مسجد جي ٻهاريدار واري ڊيوٽي ادا ڪندو آهي اُتي ميلن ملاکڙن، موسيقيءَ جي پروگرامن، صوفياڻي راڳ جي محفلن، 12 ربيع جي عرس ۽ 10 محرم ”يومِ عاشوره“ جي پروگرامن ۾ شامل هوندو آهي. هن مذهبي ڀيد ڀاوَ جو فائيل ٺاهي ۽ هندو مسلم کي ڌڻي جو پرتوو سمجهي سندس سيوا ڪرڻ پنھنجو فرض سمجهندو آهي.
مامو رمضان ساريو توڙي جو پاڻ گهڻو پڙهيل لکيل ناهي پر هو علم جي اهميت کان واقف آهي، هن جي ڪوشش سان ڳوٺ جي ڪيترن ئي نياڻين کي تعليم نصيب ٿي آهي، مامي رمضان پنھنجي گهر جو هڪ حصو سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران هلندڙ گرلز اسڪول کي ڏئي ڇڏيو آهي، جتي سڄي ڳوٺ جون نياڻيون تعليم لاءِ اچن ٿيون، جيڪڏهن اهو گرلز اسڪول ڪنھن به ٻي هنڌ ئي هجي ها ته يقينن اهو ايترو ڪامياب هرگز نه ٿئي ها پر اهو مامي رمضان تي ماڻهن جو اعتماد آهي جو اهي اسڪول ٻارن سان ڀريل آهن ۽ مامي رمضان جي گهر واري مامي غلام سڪينه ڪڏهن به ٻارن جي گوڙ تي ارهي نه ٿيندي آهي ۽ اتي مقرر ماسترياڻين سان هر طرح جي مدد ڪندي آهي. مامو رمضان ساريو اسڪولن جا دورا ڪري ٻارڙن کي همٿائيندو آهي، مختلف اسڪولن وچ ۾ تقرير، تحريري ۽ ٻيا چٽاڀيٽيءَ وارا پروگرام ڪرائيندو آهي ۽ ٻارن کي انعام به ڏيندو آهي. مامو رمضان ٻارڙن جي غيرنصابي سرگرمين ۾ به مددگار رهندو آهي ته ساڳي وقت والدين ۽ استادن کي به هٿ جوڙي ٻارڙن کي پڙهائڻ جي وينتي ڪندو آهي.
مامو رمضان نه رڳو زماني جي سڌسماءَ لاءِ باقاعده اخبارون پڙهندو آهي پر ان جي ايڊيٽوريل پيج جو به پاٺڪ آهي، مامي رمضان سوين ليکڪن جي مضمونن جون ڪٽنگس گڏ ڪري ان جا فائيل ٺاهيا آهن، شروعات ۾ مامي رمضان رڳو ڳوٺ جي سٺن ليکڪن جي لکڻين کي سانڍڻ شروع ڪيو آهي، هاڻ ان ڪم ۾ به سندس دائرو وسيع ٿيندو وڃي ٿو جو هو سياسي پارٽين جو به رڪارڊ ٺاهي رهيو آهي.
مامو رمضان پٽاڻي اولاد لاءِ سڪايل آهي پر هن پنھنجي نياڻين کي پٽن جيترو پيار ڏنو آهي ۽ کين تعليم ڏياري آهي. هو هر ٻار کي پنھنجي پٽاڻي اولاد سمجهي مٿي تي هٿ رکي ڪاميابي جي دعا ڪندو آهي ته منھنجي اوهان ئي اولاد ۽ پٽ آهيو ۽ منھنجا وارث اوهان ئي هوندا. اسان جون دعائون آهن، ماما رمضان ساريو کي رب پاڪ صحتمند رکي ۽ عوام جي خدمت جاري رکي. آمين