مُهين جو مسيحا: ماما رمضان ساريو : ادل سولنگي
ٻلهڙيجي جيڪو ڪڏهين ”ننڍڙو ماسڪو“ سڏبو هو، اڄ اتي قومي تحريڪ جا اهم مورچا اڏجي رهيا آهن.
سخي شاهه جمال جي درگاهه تي ٿيندڙ روزانيون علمي ادبي، سياسي ۽ سماجي سرگرميون نھايت ئي اعلى انساني قدرن جي آبياري ڪري رهيون آهن. ٻلهڙيجيءَ جي اڄوڪي بيھڪ ۾ فقير يار محمد پيرزادو، ڪمال خان پيرزادو، ڪاڪو انور پيرزادو، قربان پيرزادو، محمد پيرزادو، محب پيرزادو، شاهه محمد پيرزادو، فيض الله پيرزادو، ستار پيرزادو، امر پيرزادو، جانيئڙو سنڌي، حفيظ پيرزادو، نظر پيرزادو، غوث پيرزادو، سھيل پيرزادو، مسرور پيرزادو، ميران، ملڪه، سنڌو، راءِ ڏياچ، شھباز پيرزادو، رحمت پيرزادو، سائل پيرزادو، ذلف پيرزادو، عبدالحق پيرزادو، لطف پيرزادو، الطاف پيرزادو، سرويچ پيرزادو، ڪامريد ٺارو ماڇي، رمضان ساريو ۽ ٻيا کوڙ سارا ٻلهڙيجيءَ واسي جهونڙا ۽ جوانڙا ڳوٺ جي تعمير ۾ مصروف آهن جن مان ڪي هي جھان ڇڏي چڪا آهن ته ڪي اڃا پيا ڏورين.
اڄ ذڪر ڪريون ٿا، ٻلهڙيجيءَ واسي رمضان ساريي جو. رمضان ساريو جنھن 1955ع ۾ چاچي وريام ساريي جي گهر ۾ جنم ورتو. چاچو وريام ساريو تنھن زماني ۾ هارپو ڪندو هيو ۽ ڳوٺ جي جامع مسجد جي پيش امامي ڪندي ڳوٺ جي ٻارڙن کي ديني ۽ قرآني تعليم ڏيندو هو. رمضان ساريي پرائمري تعليم لعل بخش شيخ اسڪول مان حاصل ڪئي. رمضان ساريي کي انگريزي پڙهڻ جو گهڻو شوق هيو. پر غربت سبب چاچي وريام کيس پڙهائڻ بدران ننڍڙو دڪان ڪڍي روزگار ڪرڻ لاءِ دڪان تي ويھاري ڇڏيو. اهو ڏينھن ۽ اڄوڪو ڏينھن رمضان ساريو دڪان تي ويٺل آهي.
1980ع ڌاري ڪاڪي انور پيرزادي جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي شاخ کولي وئي ته رمضان ساريو سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر بڻيو ۽ سماجي سرگرمين جي شروعات ڪئي. ڳوٺ سڌار سنگت پنھنجي زماني ۾ ڳوٺ ۾ مثالي ترقياتي ڪم ڪرائي ماڻهن ۾ پنھنجي ساک پيدا ڪئي، جنھن جي عيوض ۾ يو.سي بگيءَ جي ماڻهن جو ڳوٺ سڌار سنگت مٿان اعتماد وڌيو. جڏهن ته ڳوٺ سڌار سنگت ان زماني ۾ شاهه لطيف ڀٽائي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جون ورسيون ملھايون جنھن ۾ سنڌ جا ان زماني جا سمورا سياسي، قومي اڳواڻ ٻلهڙيجيءَ آيا ۽ استاد منظور علي خان پنھنجي ساٿين سميت شريڪ ٿي، ان موقعي تي پنھنجي فن جو مظاهرو پڻ ڪيو.
ڳوٺ سڌار سنگت جي سرگرمين ۾ جتي ڪاڪو انور پيرزادو، محب پيرزادو، ڪامريڊ ٺارو ماڇي سرگرم هئا اتي رمضان ساريي جي سرگرمي پڻ مثالي رهي آهي.
رمضان ساريو ڳوٺ سڌار سنگت طرفان 2 ڀيرا 1991ع ۽ 1997ع ۾ ديھه ابڙي پوٽا جي لوڪل زڪوات ڪاميٽيءَ جو چيئرمين رهيو، جنھن نھايت ئي ذميواري ۽ ايمانداريءَ سان زڪوات مستحق ڳوٺاڻن جي سروي ڪري لسٽون هيڊڪوارٽر ڏانھن اماڻي ترت ئي زڪوات فنڊ حاصل ڪري مستحقين جي درن تي پھچي کين گهر ويٺي رقمون پھچائي پنھنجي ذميواري نڀائيندو رهيو. اڳتي هلي رمضان ساريي ڳوٺ جي ڊاڪٽرن، ڊاڪٽر بشير احمد پيرزادو ۽ ڊاڪٽر فياض احمد پيرزادي جي سھڪار سان بيمارن جي علاج جو بندوبست ڪيو. مختلف بيمارين جي مريضن جو مختلف شھرن جي اسپتالن مان علاج ڪرائي مريضن جي مسيحائي ڪندو رهيو آهي. اهڙي مدد ملڻ تي تـَر-جوءِ جا مريض رمضان ساريي سان رابطي ۾ ايندا رهيا، جڏهن ته رمضان ساريو زڪوات فنڊ مان ترت ئي تڪڙي مدد ڪرڻ جي ڏس ۾ کين 2 هزار روپين جو چيڪ ڏئي سندن مالي مدد ڪندو رهيو آهي.
ڪنھن کي ڪتو ڏاڙهي، ڪنھن کي ڪک سُنگهي، ڪنھن کي ڪاري ڪامڻ ورائي، رمضان ساريي جي ننڊ حرام ٿيو وڃي. امر راڳي ڪنور ڀڳت جيان نڪري پوندو شھر جي گهٽين ۾ بيمار، لاچار، بيوس مسڪين، غريب ماڻهن جي مسيحائي ڪرڻ در در تي ويندو جنھن جيڪو ڏنو، جهول ۾ رکندو. سڄي شھر مان چندو گڏ ڪري ضرورتمندن جي حوالي ڪندو، سندن ويڪسين ڪرائيندو، دوائون وٺي ايندو، آپريشن ڪرائيندو. رمضان ساريي کي آرام ۽ سڪون تڏهن ايندو جڏهن بيمار صحتمند ٿي ڳوٺ ۾ اچي پنھنجي زندگيءَ جي وهنوار سان سلھاڙجي ويندو، يا ڪنھن ضرورتمند جي جوڳي ۽ وقتائتي امداد يا مدد ٿيندي.
رمضان ساريو ٻه ڀيرا مڪاني ادارن جي چونڊ وڙهندڙ اهڙو اميدوار رهيو آهي جنھن کي يو.سي بگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ ملندا رهيا آهن. رمضان ساريو يو.سي بگيءَ جو ڪار وهنوار نھايت ئي هوشياري ۽ ذميواري سان هلائيندي يو.سي جي ميمبرن کي ماهوار يا ضروري گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ باقائدگي سان نوٽس ڪڍندو، کين پابند ڪندو رهندو ۽ رهيو آهي. يو.سي بگي ۾ ڄاڻايل 50 ڳوٺن جون ترقياتي رٿائون جوڙي انھن جي منظوري وٺڻ ۽ انھن رٿائن کي مڪمل ڪرائڻ ۾ پاڻ نگھباني ڪندو رهيو آهي.
رمضان ساريو 1986ع ۾ جڏهن ڪاري ڪامڻ جو شڪار ٿيو، تڏهن فقير يار محمد ۽ ڪاڪي انور پيرزادي کيس علاج لاءِ ڪراچيءَ جناح اسپتال پھچايو ۽ سندس بھتر علاج لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ سندس مالي سھائتا ڪئي. ۽ جڏهن رمضان ساريو صحتمند ٿي ڳوٺ پھتو ته ڳوٺ واسين ۽ تـَر-جوءِ جي ماڻهن کانئس گهر اچي طبيعت ۾ خيريت معلوم ڪئي. رمضان ساريو ماڻهن جي وچ ۾ ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندي ڪڏهن به اڪيلو ناهي رهيو. وقت اچڻ تي سمورا ماڻهو هن ننڍڙي مسيحا جا هٿ مضبوط ڪندا رهيا آهن.
رمضان ساريي، لاڙڪاڻي، گمبٽ، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي اسپتالن تائين بيمارن جوعلاج ڪرائڻ لاءِ پنھنجو وقت، صلاحيتون ۽ محبتون متاثر ماڻهن مٿان نڇاور ڪيون آهن. رمضان ساريو بي نور نيڻن جو نور آهي، ڪنھن ضعيف انسان جي هٿ جي لٺ آهي. جنھن پاڻ کي ڏکيو رکندي به مسڪين، غريب، لاچار، بيمار ۽ مستحق ماڻهن کي سکيو رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندڙ شخص آهي. هن جي محبتن ۽ سخاوتن جو ڪوبه ڇيھه ۽ ڇيڙو ناهي. هو ته مسلسل پنھنجي ان ڪرت ۾ مصروف ۽ مشغول رهيو آهي.
جنھن لاءِ لطيف سائين به چيو آهي ته:
محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهائيو.
رمضان ساريي پنھنجي علمي اُڃ اُجهائڻ لاءِ انسان ذات جي خدمت ڪرڻ جو پاڻ کي پابند ڪندي، ڳوٺ جي بي پھچ ۽ غريب ٻارڙن لاءِ 2005ع ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن کان اسڪول منظور ڪرائي، نياڻين جي تعليم جو بندوبست ڪيو. ان کان اڳ ڪاڪي انور پيرزادي نياڻين جي تعليم جي شروعات پنھنجي گهر کان ڪئي هئي پر رمضان ساريي هن اسڪول ذريعي سموري ڳوٺ جي نياڻين جي تعليم لاءِ اڳتي وک کڻي، ڪاڪي انور جي ٻاريل علمي مشعل کي هٿ ۾ کنيو ۽ ڳوٺ سڌار سنگت جي اڻ مڪمل ”مشن“ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پنھنجو وقتائتو ۽ ڪارائتو ڪردار نڀائڻ لاءِ هڪ مثالي جدوجھد ڪئي آهي.
نياڻين جي ان اسڪول جي عمارت نه هجڻ ڪري رمضان ساريي پنھنجو گهر اسڪول کي ڏئي سوين نياڻين جي زندگيءَ کي سنوارڻ لاءِ ڪوششون ورتيون آهن. هن اسڪول ۾ 3- استاد/ ماسترياڻيون ٻارڙن کي تعليم ڏين ٿيون، جن کي ڪتاب مفت ملن ٿا ۽ پڙهائي پڻ مفت ملي ٿي. ڳوٺ جي بھتري، صفائي ۽ سٺائيءَ لاءِ رمضان ساريو سدائين اڳڀرو رهندو آهي.
رمضان ساريي تي جڏهن ڪاري ڪامڻ حملو ڪيو تڏهن هن 6 مھينن تائين وڪيسين ڪرائيندي به عوامي خدمت جاري رکي، بيماريءَ جي بستري تي ليٽيل هجڻ جي باوجود غريبن، مسڪينن ۽ لاچارن جي مدد ڪندو رهيو آهي.
غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ رمضان ساريو جنھن پنھنجي مرضيءَ موجب تعليم حاصل نه ڪري سگهڻ واري مجبوريءَ کي محسوس ڪندي، پنھنجي ايندڙ نسلن جي تعليم ۽ تربيت جو جوڳو بندوبست ڪيو آهي. اڄ جي هن مايا ميڙڻ واري دور ۾ ڏکايل ماڻهن جي دلجوئي ڪرڻ، مدد ۽ مسيحائي ڪرڻ هن نيڪ، ۽ خدا ترس انسان جي محبت ۽ سخاوت آهي جنھن جو اسان دل جي گهراين سان احترام ڪريون ٿا ۽ اميد ٿا ڪريون ته هي سلسلو جاري رهندو.