شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو سيوَڪ (مامو رمضان ساريو: تاريخ ساز، سماجي شخصيت)

هي ڪتاب ”سنڌ جو سيوڪ“ سنڌ جي تاريخ ساز سماجي شخصيت مامي رمضان ساريو تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب علي بخش پٺاڻ آهي.
”سنڌ جو سيوڪ“ ماما رمضان ساريو، دراوڙي نسل جو اهو باشندو آهي جنھن مسڪيني حال هوندي به سماج جي بي پھچ مارو ماڻهن جي خدمت کي پنھنجي زندگيءَ جو ”ڪُل مقصد“ بڻائي ڇڏيو آهي. هي مانجهي مڙس، وقت جو يار، اوکي سوکي ۾، سڀني سان نڀائڻ جو فن ڄاڻي ٿو. هي بي سھارن جو سھارو، دنيا جي عظيم تھذيب مُھين جي دڙي جي ڪُک (ٻلهڙيجي) ۾ جنم ورتو ۽ ان ڪُکِ جو ڀَرمُ رکڻ لاءِ سدائين سفر ۾ آهي.
Title Cover of book سنڌ جو سيوَڪ  (مامو رمضان ساريو: تاريخ ساز، سماجي شخصيت)

مرتب پاران : امڙ جي آسِيسَ جهڙو مامو رمضان

اسان اهڙي دؤر ۾ جي رهيا آهيون جنهن ۾ اعلى سماجي قدر ڪافور ٿي رهيا آهن، اجتماعيت جي ڦوڪڻيءَ مان هوا وڃي پئي نڪرندي ۽ فرد ڏينهون ڏينهن سوڙهو، ننڍڙو ۽ پنهنجي ذات جي خول ۾ وڃي پيو قيد ٿيندو. سماجي مسئلن کان وٺي قومي معاملن تائين ”اسان جو ڇا“ وارو ورتاءُ هر هنڌ پيو پسجي. ترقي، خوشحالي، آجپو، سک، چين ۽ آرام سڀ پنهنجي ذات يا وڌ ۾ وڌ گهر جي چوديواريءَ تائين محدود آهي. ڪير ڪَربَ ۾ آهي_ اسان جو نه ربيع نه خريف! وڌ ۾ وڌ اخبار ۾ اهڙي ڪنهن ڪِيس جي ڪٿا پڙهي روايتي لفظن ۾ افسوس جو اظهار ڪيو ته ٺهيو باقي اهڙي گهٽ ٻوسٽ واري ماحول کي پُر فضا بڻائڻ لاءِ جاکوڙ اسان جي فرض ۾ ڄڻ شامل ئي ناهي.اسان جي پاڙي اوڙي، ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ انسان سوز واقعن جا قصا اخبارن ۾ ايئن پڙهبا آهن ڄڻ اهي ڪوهه ڪاف جي مخلوق جون ڏند ڪٿائون هجن!
اسان جو سماج مجموعي طور تي اهڙي ڏيوالپڻي جو شڪار بڻجي ويو آهي جو نه رڳو اعلى سماجي قدر ناپيد ٿي رهيا آهن پر ماڻهپي جا آثار به ڄڻ ته موڪلائيندا ٿا وڃن. اهڙا کوڙ ساترا واقعا آهن، جن کي ڏسي گمان ٿو ٿئي ته اسان ڪنهن انساني سماج ۾ نه پر اهڙي جهنگلي جهان ۾ جي رهيا آهيون جتي رڳو وحشت ئي وحشت ۽ دهشت ئي دهشت آهي. مسڪين جهان خان کوسي کان وٺي وسو ٻائي، سائين سرور منگي ۽ مامي رمضان ساريي تائين جيڪڏهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به املھ انسان نه هجن ته ڪَرَ ماڻهپي تان ويساهه ئي کڄي وڃي!
اسان جي مجموعي سماجي صورتحال اهڙي آهي جنهن ۾ مادي خواهشن جو ڪو ڇيهه ئي ناهي. ماڻهپي جا اعلى قدر رواداري، سهپ ۽ برداشت ڳئونءَ جي مٿين ڏندن وانگر ڪٿي نظر ئي نٿا اچن، اهڙي نفسا نفسي واري صورتحال ۾ جتي ڪو ڪنهن جو ڀلو ڪري اهو ته ٺهيو پر اڪثر ماڻهن کي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ لاءِ سٺو سوچڻ جي ويساند به ڪانهي، شايد اهڙي صورتحال کي ڏسندي ڀٽائي چيو هو ته،
پَاڙي ناهي پَروڙَ، ته راتِ رَنجائي گُذري.
چون ٿا ته زندگي گذارڻ جا ٻه طريقا آهن هڪ يا ته لوڪ وانگر لهوارو وهجي ۽ جيئن سماجي وهنوار هلي ٿو ان کي مقدر ڄاڻي آمنا صدقنا چئجي يا ذميواري کڻي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪجي. مامي رمضان اردوءَ جي هن شعر وانگر سماجي ڀلائيءَ جي ذميواري پنهنجي نازڪ ڪلهن تي کنئي آهي ته
ظلمت شب په الزام سي تو ڪهين بهتر ٿا،
اپني حصي کي کوئي شمع جلاتي جاتي
مامي رمضان پنهنجي حصي جي شمع ٻاري آهي ۽ اڃا ڪي آهين ڪُل جڳ ۾ ڪاپڙي جي مصداق هن ٻين ڪاڻِ جيئڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين بڻائي ڇڏيو آهي. مامو رمضان هڏ ڪاٺ ۾ اهڙو ته سنهڙو ۽ سيپڪڙو آهي جو لڳندو آهي ته هي پاڻ امداد ۽ سهائتا جو مستحق آهي. پر هن پنهنجي صحت جو ڪڏهن به اونو ناهي ڪيو، ڪاري ڪامڻ جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي به هن سدائين پاڻ بدران ٻين اگهن جو خيال رکيو آهي. سندس چوڻ آهي ته، ”مان پاڻ هيپاٽائيٽس جو مريض آهيان پر جڏهن ڪو مريض مون وٽ اچي ٿو ته مون کان منهنجو مرض وسري وڃي ٿو ۽ مان سندس مدد ۽ خدمت لاءِ اٿي پوان ٿو.“
مريضن جي علاج لاءِ هو آنڌي مانجهيءَ توڙي ڪاڙهي جھڙي گرميءَ ۾ به مٿي تي ٽوال رکي در در تي جهولي جهلي چندو وٺڻ ۾ به عار محسوس نٿو ڪري ۽ ماڻهو به مٿس ڀروسو ڪن ٿا ته مامي کي ڏنل سندن پائي به ميري نه ٿيندي. ۽ اها ڪنهن نه ڪنهن ضرورتمند جي ڀرجهلائيءَ لاءِ ڪتب ايندي.
60 ورهين جي ڄمار ۾ به هو ماڻهن جي ڀلي لاءِ اسپتالن ۽ آفيسن جا چڪر ڪاٽيندي ٿڪجي نٿو، ڇاڪاڻ ته اهو سندس ايمان آهي ته زندگيءَ جو حقيقي ڪارج ئي ٻين جي ڀلائي آهي. ۽ اهو سڀ ڪجھ مامو بنا ڪنهن لوڀ، لالچ ۽ طمع جي ڪري ٿو. بس ان سڀ ڪجهه ڪرڻ جي عيوض جيڪي کيس دعائون ۽ محبتون پلئه پون ٿيون اهي ئي سندس حياتيءَ جي ڪُل ميراث آهن.
اس ني جلتي هوئي پيشاني پي جب هاٿ رکا،
روح تک آگئي تاثير مسيحائي ڪي.
پروين شاڪر جي انهن سٽن وانگر مامو رمضان ڪنهن بيمار وٽ پهچي ٿو يا ڪو اگهو وٽس لڙي اچي ٿو ته اهو واهرَ ٿيڻ واري احساس سان ئي پاڻ ڀرو ٿي ٿو وڃي ڇاڪاڻ ته کيس اهو پختو يقين هجي ٿو ته مامو رمضان اهنج جي مڪمل خاتمي تائين سندس پرگهور لهڻ ۾ وسان نه گهٽائيندو، هر هيلو هلائيندو ۽ قابل ويڄن کان درست دارون ڪرائي کيس موت جي منهن مان ڪڍي نئين زندگي وٺي ڏيندو.
اهڙن مريضن جو تعداد سونِ ۾ آهي جن کي مامي نئين حياتي ڏياري آهي ۽ سوين اهڙا اکين جا مريض آهن جن کي مامي نوُر واپس ڏياريو آهي.
مامو رمضان ڪُلُ وقتي سماجي ڪارڪن آهن، چوويھ ئي ڪلاڪ سندس دروازو سائلن لاءِ کليل هوندو آهي، ڏينهن ته ڏينهن پر رات اڌ رات به ضرورت پوڻ تي هو هر وقت حاضر هجي ٿو. يوسي بگيءَ ۾ ٻه ڀيرا جنرل ڪائونسلر توڙي ديهه ابڙي پوٽا ۾ ٻه ڀيرا زڪوات چيئرمين بڻجڻ کان وٺي هر ڪم هن انتهائي ايمانداري ۽ سچائيءَ سان ڪيو آهي، سنڌ ۾ ٻيو ڪو اهڙو مثال ورلي ملندو جنهن ۾ زڪوات چيئرمين درکڙڪائي مستحقن جي مالي مدد ڪئي هجي ۽ ورهاست به اهڙي منصفاڻي جو ڪنهن کي به آڱر کڻڻي نه پوي!
توڙي جو مامو رمضان ساريو پاڻ صرف پرائمريءَ جا پنج درجا پاس آهي پر وٽس تعليم جو وڏو قدر ۽ قيمت آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ پنج اسڪول قائم ڪرايا آهن. ۽ پنهنجو اجهو به نياڻين جي تعليم لاءِ دانُ ڪري ڇڏيو اٿائين. هو مُهين جي دڙي جي انهن ماڻهپي وارن اعلى قدرن جو امين آهي. جتي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي گهر جوڙائڻو هوندو هو ته ٿيندو ايئن هيو جو هڪ هڪ ماڻهو هڪ هڪ سِرَ ڏيندو هو، يا وري هر گهر مان ڪو هڪ ماڻهو ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو هو ۽ اهڙي طرح هڪ ماڻهوءَ جو اجهو ٺهي پوندو هو ۽ ڳهو چڙهي پوندو هو. اهڙي طرح مهين جي سماج ۾ ماڻهو هڪ ٻئي جو ڀرجهلو ۽ مددگار هوندا هئا ۽ اشتراڪي سماج وانگر ملي جلي رهندا هئا.
هر وقت چهري تي مرڪ مامي رمضان جي سڃاڻپ جو اهڃاڻ لڳندي آهي ۽ سندس ملڻ به عام ماڻهن کان نرالو آهي، هو ماما ڪري ڀاڪر ۾ ڀريندو آهي ۽ ڳل تي مٺي ڏئي ٻلهار پيو ويندو آهي. ”صدقو وڃانءِ “ سندس تڪيو ڪلام بڻجي ويو آهي.
لطف پيرزادي موجب ”ڳڀرو وهيءَ ۾ مامي رمضان جون ڪجليون ۽ ڪاريون ڀونئر جهڙيون اکيون ڳوٺ جي مجني فقير کي وڻنديون هيون.“ پر هاڻي ته لطف سميت سڄو جڳ مامي جي مسيحائي ڪردار جو عاشق بڻجي پيو آهي.
مامي رمضان کي ڪا پُٽاڻي اولاد ڪونهي پر هن پنهنجي پنجن ئي نياڻين کي پٽن وانگر پاليو، نپايو ۽ پڙهايو آهي ۽ کين انسان دوستيءَ ۽ ماڻهپي جي سُتي پڻ پيئاري آهي جنهن ڪري اسان جون اُهي ڀينر ڳوٺ جي ٻارن کي پڙهائڻ کان وٺي سمورن سماجي ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ مامي رمضان جون ٻانهن ٻيلي بڻيل آهن. هتي وسارڻ جهڙو ڪردار ته مامي رمضان جي گهرواري مامي غلام سڪينا جو به ناهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ماميءَ جو ساٿ ۽ سهڪار نه هجي ها ته شايد مامو رمضان اُهي سمورا انسان دوستيءَ وارا ڪم نه ڪري سگهي ها. هو ناليواري شاعر محمد علي پٺاڻ جي لفظن ۾ هو ماميءَ کي چوندو آهي ته:
”هيڪلڙو آهيان، مونکي تنهنجو ساٿ کپي ٿو“
” سنڌ جو سيوِڪُ“ ڪو ادبي شهپارو ناهي پر مامي رمضان جي ڄڻ ته سوانح عمري آهي. هي ڪتاب نه صرف سوانح عمري آهي پر اسان جي سماج جي دردن جو داستان به آهي ته دردن جو درمان به آهي، جنهن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي منظرعام تي آڻڻ جو مقصد مامي رمضان ساريي کي مڃتا ۽ ڀيٽا ڏيڻ سان گڏوگڏ اهو به آهي ته نئين نسل کي ههڙن آدرشي انسانن ۽ سندن اعلى انساني گڻن کان واقف ڪجي ۽ هڪ رول ماڊل جو ساڻن مکاميلو ڪرائجي ته مَنَ اها واٽ ٻيا پانڌيئڙا به لهي سگهن.
ڪوشش جي باوجود هن ڪتاب ۾ اوهان کي ڪن هنڌن تي ورجاءُ به ملندو، پر ڇاڪجي! مامي جي چاهيندڙن، جن مٿس مضمون ۽ تاثر لکيا آهن انهن جا ڪٿي ڪٿي احساس ۽ جذبا توڙي اظهار جو انداز ملندڙ جلندڙ آهي پر محبت وچان لکيل اهڙين سٽن تي ڪاتي ڦيرڻ اسان جي وس جي ڳالھ ناهي.
هن ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ ناليواري شاعر ۽ نثرنويس سائين محمد علي پٺاڻ ۽ طالب حسين چني ڀال ڀلايا ۽ اهم پورهيو منهنجي ننڍپڻ جي ساٿي، ليکڪ ۽ سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ جي سرواڻ عيسى ميمڻ جو آهي جنهن ڇپائيءَ جو سمورو عمل سرانجام ڏنو. وڏا وَڙَ سنڌ جي خوبصورت قلم ڌڻي ڀاءُ انور ابڙي جا جنهن انتهائي مصروفيت منجهان پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي مهاڳ لکيو. لک ٿورا آغا نويد سميجو جا جنهن پيار منجهان سهڻو ٽائيٽل ٺاهيو. مامي جي شخصيت ۽ سندس ڪردار بابت ليک لکندڙ سمورن دوستن جا به ٿورا، جن پنھنجو وقت اسان کي ڏنو.
ساوڻ لهرون، ٿرِ واري تِرَ وارَ،
تهائين اَپارَ ڀلي مون سين ڀال ڪيا.
(شاهه)

علي بخش پٺاڻ
01 مئي 2015
03343513343
journalistpathan@gmail.com