شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو سيوَڪ (مامو رمضان ساريو: تاريخ ساز، سماجي شخصيت)

هي ڪتاب ”سنڌ جو سيوڪ“ سنڌ جي تاريخ ساز سماجي شخصيت مامي رمضان ساريو تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب علي بخش پٺاڻ آهي.
”سنڌ جو سيوڪ“ ماما رمضان ساريو، دراوڙي نسل جو اهو باشندو آهي جنھن مسڪيني حال هوندي به سماج جي بي پھچ مارو ماڻهن جي خدمت کي پنھنجي زندگيءَ جو ”ڪُل مقصد“ بڻائي ڇڏيو آهي. هي مانجهي مڙس، وقت جو يار، اوکي سوکي ۾، سڀني سان نڀائڻ جو فن ڄاڻي ٿو. هي بي سھارن جو سھارو، دنيا جي عظيم تھذيب مُھين جي دڙي جي ڪُک (ٻلهڙيجي) ۾ جنم ورتو ۽ ان ڪُکِ جو ڀَرمُ رکڻ لاءِ سدائين سفر ۾ آهي.
Title Cover of book سنڌ جو سيوَڪ  (مامو رمضان ساريو: تاريخ ساز، سماجي شخصيت)

مامو رمضان ساريو انسان دوستيءَ جو مثالي ڪردار: محمد علي پٺاڻ

”انسان“ لفظ ”اُنس“ مان نڪتو آهي، جنھن جي لغوي معنى آهي ”پيار“. ۽ اهو پيار ئي آهي، جنھن ڪري سوين ۽ هزارين دفعا هيءَ دنيا تباهيءَ ۽ برباديءَ جي ڪنڌيءَ تي رسڻ کانپوءِ به جُڙندي ۽ بچندي آئي آهي. هونئن به چوندا آهن ته اُهو انسان ئي ڪھڙو، جيڪو انسان جي ڪم نه اچي. ماڻهو، ماڻهپي سان ئي سڃاتو ويندو آهي ۽ سندس نالو به صدين تائين ان ڪري ئي زنده رهندو آيو آهي، جو منجهس ٻئي ماڻهوءَ سان پيار ڪرڻ جو گڻ موجود آهي- ۽ دنيا جي انھن حصن ۾ جتي اَڻ ڳڻيا ڪُماڻهو (ماڻهو ئي نه) موجود هوندا آهن، اُتي جيڪڏهن ڪو هڪ ماڻهو به ماڻهپي جي وصفن سان موجود هوندو آهي ته دنيا رهڻ جھڙين رنگينين سان ڀريل نظر ايندي آهي. اسانجي نامياري اديب، شاعر ۽ صحافي انور پيرزادي جي ڳوٺ حاجي لال بخش شيخ، جنھن کي اڄڪلهه نئين ٻلهڙيجي ڪوٺيو وڃي ٿو، ان کان اندازن ٻه اڍائي صديون اڳ ڳوٺ پراڻي ٻلهڙيجي قائم ۽ دائم رهندو آيو آهي. وڏن وڏن لوڙهن ۽ ڌوڙ سان ڀريل گهٽين واري ان ڳوٺ ۾ نئين ٻلهڙيجيءَ جي هيري انور پيرزادي، ڪامريڊ ٺاري ماڇيءَ کانپوءِ جيڪو وڏو انسان دوست ڪردار پنھنجي خاص محبت ۽ تربيت سان جڳ جھان آڏو نشانبر ڪيو، اُهو آهي مامو رمضان ساريو.
پنجاهه ايڪونجاهه سالن جي عمر کي رسيل هي سنھڙو سيپڪڙو ۽ سادڙو مامو رمضان ساريو اڄڪلهه جي خودغرض معاشري ۾ ان ڪري به مثالي ماڻهو ڳڻيو وڃي ٿو، جو هن پنھنجي ذاتي سک لاءِ ڪڏهن به ناهي سوچيو. هن سوچيو آهي ته اهڙن ماڻهن لاءِ، جيڪي ڏکن جي انبارن ۾ سٿيل هجڻ جي ڪري زماني جي نظرن ۾ ڪري پوندا آهن- ۽ جن کي پري پري تائين ڪنھن هٿ ۽ سھاري جي، اميد به نه رهندي آهي.
مامي رمضان کي ان کان وڌيڪ ٻي ڪابه خوشي راس نه ايندي آهي ته هو ڪنھن جي ڪم اچي ۽ اُهو ٻئي جي ڪم اچڻ وارو جذبو هن پنھنجي استاد انور پيرزادي کان پرايو هو. جنھن جي 1982ع ڌارا ڳوٺ ۾ قائم ڪيل ”ڳوٺ سڌار سنگت“ سان سلھاڙجڻ کانپوءِ هن ان جي انسان دوستيءَ وارن نقطن کي پنھنجو نصب العين بڻائي ڇڏيو هو.
انھن نقطن مان هڪ نقطو اهو هو ته نئين ۽ پراڻي ٻلھڙيجيءَ ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهو جڏهن بيماريءَ واري بستري تي داخل ٿئي ۽ علاج لاءِ وٽس ڪجهه ڀي نه هجي ته ”ڳوٺ سڌار سنگت“ جا ڪارڪن ۽ عھديدار اُن جي علاج لاءِ چندي جي مھم تي نڪري پون ۽ ان کي اسپتال پھچائي علاج معالجي جو سمورو بارُ پاڻ کڻي بيھن.
ڪجهه سالن تائين ان ۽ ان جھڙن ٻين الائي ڪيترن انسان دوستيءَ وارن انوکن اصولن کي اپنائيندڙ اُها ”ڳوٺ سڌار سنگت“ جڏهن انور پيرزادي جي روزگار سانگي ڳوٺ کان پري ٿيڻ جي ڪري آهستي آهستي ويھجي صفا ختم ٿي وئي ۽ وڏا وڏا جفاڪش ۽ تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهيندڙ ان جا سڀ ڪارڪن ۽ عھديدار پنھنجي هڻ وٺ تائين محدود ٿي ويا ته نئين ٻلهڙيجيءَ جو محب پيرزادو ۽ پراڻي ٻلهڙيجيءَ جو مامو رمضان ساريو انسان دوستيءَ جا ٻه مختلف مورچا سنڀالي بيھي رهيا. جن مان هڪ مورچو ڳوٺ جي ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙ وارو هو، جيڪو محب پيرزادو سنڀالي بيٺو ته ٻيو مامو رمضان ساريو سنڀالي بيٺو، جيڪو غريب، مسڪين ۽ بي پھچ ماڻهن سان سلھاڙيل هو.
ان زماني کان وٺي هيل تائين مشڪل سان اهڙو ڪو ڏينھن ۽ رات نه آئي هوندي، جڏهن مامي رمضان ساريي جي گهر جو در ڪنھن اگهي علاج لاءِ نه کڙڪايو هوندو ۽ پوءِ مامو ان جي علاج لاءِ چندي جي مُھم تي واءُ مينھن ڪري نه نڪتو هوندو.
ڳوٺ جا ماڻهو ، جيڪي پاڻ مسڪيني حال ۾ گذاريندڙ، تن وٽ جڏهن مامو رمضان پھچندو ته اُنھن کي مامي رمضان جو پنڌ موٽائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو. پوءِ وِتَ وَسَ آهر جيڪو وٽن هوندو، آڻي مامي رمضان جي هٿ تي رکندا. ڇو ته کين سؤ سيڪڙو ئي پڪ هوندي آهي ته اُهو پئسو مامي رمضان جي کيسي ۾ وڃڻ بجاءِ ڪنھن بي پھچ ۽ لاچار جي ئي مدد ۾ ڪتب ايندو. پوءِ ان مريض سان، ان جو مٽ مائٽ ساڻ هلي يا نه، مامو رمضان ان کي پنھنجي سنڀال هيٺ اسپتال پھچائيندو ۽ تيستائين ڊاڪٽرن، اسپتالن ۽ رت جي بوتلن وارا ڳَنَ وَڍَ ڏئي اوجاڳا ڪندو رهندو، جيستائين اهو چاڪ چڱو ڀلو نه ٿيندو.
پرائمريءَ جا پنج درجا پڙهيل هي شخص، جنھن جي گذر سفر جو ذريعو پراڻي ٻلهڙجيءَ ۾ قائم هڪ ننڍڙو هٽڙو رهندو آيو آهي، سو ”ڳوٺ سڌار سنگت“ جي انھن ڏينھن کي اڄ به ساري ٿڌا ساهَه ڀري ٿو، جڏهن نئين ۽ پراڻي ٻلهڙيجيءَ ۾ ڪنھن به وقت جهجها مينھن پوندا هئا ۽ رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيھجي ويندو هو ته سمورا ”ڳوٺ سڌار سنگت“ سان وابسته ماڻهو ٿانوَ ٿپا کڻي اهو ڪڍڻ ۾ مشغول ٿي ويندا هئا ۽ جتي گهٽيون هيٺ هونديون هيون ته پاڻ مٿن تي تغاريون کڻي اُتي مٽي وجهي، انھن کي لنگهه جي قابل بڻائيندا هئا.
”ڳوٺ سڌار سنگت“ جي خاتمي بعد سالن کانپوءِ ڪجهه جهونن ۽ ڪجهه نوجوانن ساڳئي جذبي تحت ”انڊس ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن“ وجود ۾ آندي آهي، جنھن جو مامو رمضان ساريو به اهم رڪن آهي. پر ان جي خدمت جا طور طريقا ”ڳوٺ سڌار سنگت“ کان ڪجهه جُدارا ۽ الڳ آهن.
2001ع ۾ جڏهن بلدياتي چونڊون ٿيون ته هن نئين تنظيم پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سھڪار سان گهڻي کان گهڻا ووٽ کنيا. جنھن جي نتيجي ۾ محب پيرزادو يو.سي بگيءَ جو ناظم بڻيو ۽ مامو رمضان ساريو ڪائونسلر. ان اليڪشن جي ورڪ دؤران تـَرَ ۽ ڀرپاسي جا ماڻهو ٻڌائن ٿا ته محب پيرزادي سان گڏ يا پنھنجي منھن سان مامو رمضان ساريو، جتي به ويو ته ڪنھن کان به پنھنجي لاءِ ووٽ جي طلب نه ڪيائين ۽ سڀني کي محب پيرزادي کي ووٽ ڏيڻ جو چوندو رهيو. پر تـَرَ ۾ جيئن ته سندس ساک ٻين کان وڌيڪ هئي، ان ڪري سوڀ جا گل خودبخود سندس جهول ۾ اچي پيا.
عملي سياست واري ان سڄي عرصي ۾ مامي رمضان ساريي پنھنجي ٽيم سان گڏجي جيڪي اهم ڪم ڪرايا، انھن ۾ ڳوٺ وڪڙو ۾ پڪيون ناليون، فرشبندي ۽ مڊل اسڪول جي بلڊنگ. جڏهن ته تـَرَ جي اڪثر ڳوٺن ۾ انھن ترقياتي ڪمن کان علاوه پڪا رستا ۽ روڊ پڻ ٺھرايا ويا. نيڪ نيتيءَ جي بنياد تي ڪرايل انھن ڪمن جي نتيجي ۾ ٻيو دفعو به مامو رمضان ساريو بلدياتي چونڊن ۾ سوڀارو ٿيو ۽ اهو عرصو به هن اهڙا ئي مثالي ڪم ڪرائيندي پورو ڪيو.
ذڪر ڪيل انھن ڪمن کان علاوه مامو رمضان ساريو ورهين کان واپڊا وارن جي ڏاڍاين کان پنھنجي مسڪين ڳوٺاڻن کي بچائڻ لاءِ پاڻ پين پنو هٿ ۾ کڻي انھن جي ميٽرن جي ريڊنگ نوٽ ڪري ٿو ۽ اها وڃي آفيس ۾ پاڻ درج ڪرائي ٿو. پوءِ جڏهن بل اچن ٿا ته سيڙجي وڃي اُهي به پاڻ ئي وصول ڪري ٿو ۽ دَرَ دَرَ تي وڃي ڏوڪڙ وٺي اُهي بئنڪن ۾ به پاڻ ئي پياري اچي ٿو ۽ رسيدون مالڪن جي حوالي ڪري ٿو. ان ڪٺن ڪم جو دائرو پنھنجي ڳوٺ کان علاوه ڪجهه ٻين ڳوٺن تائين به پکڙيل اٿس. جنھن ڪري مسڪين ماڻهو کيس سدائين دعائون ڏيندا رهن ٿا.
مُھين جي مِٽيءَ مان ٺھيل هي ماڻهو ڏينھن رات اهڙين سرگرمين ۾ مشغول رهي ٿو. ڪنھن وٽ شناختي ڪارڊ ٺھيل نه آهي ته ان کان ڪو ڪرايو وٺڻ بنا الٽو ان جو ڪرايو پاڻ ڀري وڃي ان کي اُهو ٺھرائي ڏئي ٿو ۽ ڪنھن جو روينيو يا ڪنھن ٻئي کاتي ۾ ڪو ڪم اٽڪيل آهي ته مامو رمضان ساريو اُهو به پنھنجون جُتيون گسائي ڪرائڻ ۾ سدائين ڦڙت ۽ چست نظر اچي ٿو.
انھن سڀني ڪمن سان گڏوگڏ مامو رمضان ساريو تقريبن گذريل ٻن ڏهاڪن کان اخبارون پڙهي، انھن جون مختلف اِشوز واريون خبرون ڪٽي سوين فائيل ٺاهڻ واري ڪِرت ۾ پڻ رڌل رهي ٿو. سندس ان ڪم جو جائزو وٺبو ته مٿي کي هٿ ڏئي ويھي رهبو. ڇاڪاڻ جو اهو ڪم ڪنھن فرد کان وڌيڪ اداري جو محسوس ٿيندو، جيڪو هو وڏي شوق سان سرانجام ڏيندو رهي ٿو.
سوَن جي تعداد ۾ سانڍيل سندس اهڙن فائيلن مان ڪو فائيل اوهانکي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي لکڻين جو نظر ايندو، ته ڪو انور پيرزادو، پاڪستان پيپلز پارٽي، محترمه بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري، وبائي بيمارين، ٻوڏ جي تباهه ڪارين، ڌاڙيلن جي ڌاڙيوالين، نقلي دوائن جي خبرن ۽ مضمونن کان علاوه ڪاروڪاري، قبائلي جهيڙن جا انگ اکر ۽ ان پرڏيھي محقق زائفان ذات جو به مواد نظر ايندو، جنھن کي مڪليءَ جي قبرستان ۽ ٺٽي جي صوفياڻن درگاهن تي تحقيق جو شوق هتي کڻي آيو هو، پر ٺٽي جي هڪ پوليس آفيسر ان کي چري چئي اهي ڏينھن جا تارا ڏيکاريا هئا، جو ٻين پرڏيھي محققن به ڪَنُ ڪري، ڪَنَ ڪپائي اکيون سنڌ جي سرحد کان ڦيرائي ڇڏيون هيون.
مامي رمضان ساريي جي انسان دوستيءَ جي هڪ جهلڪ سندس هڪ ننڍڙي ٻن ڪمرن واري گهر ۾ به ڏسي سگهجي ٿي، جنھن ۾ نياڻين جو اسڪول قائم ڪيو آهي. جتي بنا معاوضي جي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جون نينگريون علم جي زيور سان پنھنجا ذهن سينگارينديون رهن ٿيون.
ايڏي ڀلي ۽ ماکيءَ کان مِٺي مامي رمضان ساريي کي گذريل ڪجهه مھينن کان هيپاٽائيٽس سي جي ديوَ اچي سوڙهو ڪيو آهي ۽ سندس صحت مُھين جي دڙي جي آثارن جو ڏيک ڏيڻ لڳي آهي. ان هوندي به ڪو اگهو اچي سندس گهر جو دَرُ کڙڪائي ٿو ته هو پنھنجون دوائون کيسي ۾ وجهي ان جي سھائتا لاءِ چندي جي مھم تي نڪري پوي ٿو. ان کي اسپتالن تائين پھچائي، تيستائين سک جي ننڊ نٿو ڪري جيستائين اُهو سگهو ٿي پنھنجي پيرن تي بيھڻ جي لائق نٿو بڻجي.
پنھنجو اهنج وساري هو اُهو سڀڪجهه ان ڪري ٿو ڪري، جو هن کي خبر آهي ته ”انسان“ لفظ ”اُنس“ مان نڪتو آهي، جيڪو ورهائڻ سان وڌندو آهي۽ ڪڏهن به کٽندو نه آهي.

**