شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو سيوَڪ (مامو رمضان ساريو: تاريخ ساز، سماجي شخصيت)

هي ڪتاب ”سنڌ جو سيوڪ“ سنڌ جي تاريخ ساز سماجي شخصيت مامي رمضان ساريو تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب علي بخش پٺاڻ آهي.
”سنڌ جو سيوڪ“ ماما رمضان ساريو، دراوڙي نسل جو اهو باشندو آهي جنھن مسڪيني حال هوندي به سماج جي بي پھچ مارو ماڻهن جي خدمت کي پنھنجي زندگيءَ جو ”ڪُل مقصد“ بڻائي ڇڏيو آهي. هي مانجهي مڙس، وقت جو يار، اوکي سوکي ۾، سڀني سان نڀائڻ جو فن ڄاڻي ٿو. هي بي سھارن جو سھارو، دنيا جي عظيم تھذيب مُھين جي دڙي جي ڪُک (ٻلهڙيجي) ۾ جنم ورتو ۽ ان ڪُکِ جو ڀَرمُ رکڻ لاءِ سدائين سفر ۾ آهي.
Title Cover of book سنڌ جو سيوَڪ  (مامو رمضان ساريو: تاريخ ساز، سماجي شخصيت)

مامي جو وجود معجزي مثل آهي : عبدالحق ساريو


محمد رمضان ساريو جو جنم 1955ع ۾ موهن جي دڙي جي ڪک ۾ واقع ”لٽل ماسڪو“ سڏجندڙ سنڌ جي نرالي ڳوٺ ”ٻلهڙيجي“ ۾ ٿيو. سندس والد فقير منش ماڻهو هو، مسڪيني حال سبب صرف پنجين درجي تائين تعليم پرائي سگهيو. ڳوٺ ٻلهڙيجي جي شعوري وهڪري کيس گهڻو متاثر ڪيو. انور پيرزادي جي ٻاريل لاٽ، ڳوٺ جي ٻين نوجوانن محب پيرزادي، ڪامريڊ ٺاري ماڇي، لطف پيرزادي ۽ رمضان ساريي کي مسڪين ۽ بي پھچ ماڻهن جي ڏکن ڏولاون، مصيبتن ۽ تڪليفن کي دور ڪرڻ جو گس پسايو. مٿي ذڪر ڪيل نوجوانن انھيءَ عظيم مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ سائين انور پيرزادي جي سرپرستيءَ هيٺ هڪ تنظيم ”ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجي“ جي نالي سان جوڙي. رمضان ساريو هن تنظيم جو چيئرمين به رهيو آهي. ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجيءَ جي پليٽ فارم تان هنن نوجوانن ڳوٺ جي سمورن مسئلن کي پنھنجي همتن، جرئتن ۽ ڪوششن سان حل ڪيو ۽ ڳوٺ لاءِ ترقي جون نيون راهون کولي ڇڏيون، هي نوجوان خاص ڪري محب پيرزادو ۽ رمضان ساريو ته ٻين نوجوانن لاءِ اميد اتساهه ۽ جدوجھد جو سنيھو ٿي اڀريا. سندن ڪوشش جي ڪري ئي ٻلهڙيجي سنڌ جو هڪ اهڙو ڳوٺ ٿي اڀريو آهي جتي زندگي لاءِ سڀ سھولتون ميسر آهن. جيئن هن ڳوٺ ۾ مڊل اسڪول، ڊسپينسري، ڇوڪرن لاءِ پرائمري اسڪول ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ پرائمري اسڪول ۽ ڳوٺ ۾ فرشبندي جو ڪم ٿيل آهي. هنن سڄاڻ ۽ باشعور ماڻهن هاڻي هڪ نئين تنظيم ”انڊس ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن ٻلهڙيجي“ جي نالي سان قائم ڪئي آهي. رمضان ساريو هن سماجي تنظيم جو خزانچي آهي. غريبن ۽ بي آسرا ماڻهن جي مدد ۽ سھائتا ڪرڻ ڪري هن ڳوٺ جا سڀ ننڍا وڏا کين احترام واري نگاهه سان ڏسن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ڳوٺ ٻلهڙيجي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو پنھنجي مسئلن جي حل لاءِ سندن دروازن تي دستڪ ڏين ٿا. پوءِ جيستائين سندن مسئلو ۽ پريشاني ختم نه ٿئي هي سچا ماڻهو سک سان نه ويھندا آهن.
رمضان ساريو جيئن ته پاڻ بنيادي طور مسڪين ماڻهو آهي ۽ هميشه غربت ۽ بيماريءَ واري جنڊ جي ٻن پُڙن ۾ پيسجندو رهيو آهي، انھيءَ سبب سندس دل ۾ غريب ۽ بيمار بي پھچ ماڻهن جو ڏک وڌيڪ سمايل آهي. ڀٽائي صاحب جي سِٽ شايد رمضان ساريو جھڙن ماڻهن لاءِ ئي چيل آهي ته ”ڏيکاريس ڏک گوندر گس پرينءَ جو“.
سنڌي سماج کي جاگيرداري نظام وڻ ويڙهي جيان وڪوڙي بي-سَتو ۽ نيم مرده بڻائي چڪو آهي، جتي هر ادارو جاگيردار جي اشاري جو منتظر هجي، وڏيرڪي فون يا چٽ کانسواءِ ڪو جائز ڪم به نه ٿئي، اهڙي سڪتي ۾ آيل سماج ۾ ٻلهڙيجي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا اڪثر مارو وڏيرن جي در تي وڃڻ بجاءِ پنھنجي همدردن ۽ هڏڏوکي دوستن ڏي وڃڻ کي ترجيح ڏين ٿا ۽ هي سڄاڻ ماڻهو پنھنجي پھچ ۽ بھتر ساک جي ڪري انھن جا مسئلا حل ڪرائي وٺن ٿا. اهوئي سبب آهي جو 2001ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ محب پيرزادو يونين ڪائونسل بگيءَ جو ناظم ۽ رمضان ساريو ساڳي يو.سي تي سڀ کان گهڻا ووٽ کڻي جنرل ڪائونسلر چونڊيو ويو. هنن دوستن يونين ڪائونسل بگيءَ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا. اهو ئي سبب آهي جو 2005ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ رمضان ساريو ٻيھر جنرل ڪائونسلر چونڊيو ويو.
رمضان ساريو اهڙن ماڻهن مان هڪ آهي جن کي ڏسي انسان جي اشرف المخلوقات هئڻ تي يقين پختو ٿئي ٿو نه ته جيڪو ابن آدم وحشيت ۽ بربريت جا اهڙا مثال قائم ڪيا آهن جو هو ايڏي وڏي منصب جو مستحق نه ٿو باسي. رمضان ساريو هن بيحس ۽ معذور سوچ رکندڙ سماج ۾ ضم ٿيڻ کان ۽ هن مصنوعي نفرتن ڀرئي دنيا جي ڪار وهنوار کان پاڻ کي گهڻو الڳ ٿلڳ رکيو آهي. انور صاحب جي ٻاريل شعوري لاٽ کي پنھنجي ڪردار عمل ۽ پنھنجي رت ست سان جلائي رکيو اٿائين. ظلمتن جون ڪيڏيون به سرد اونداهيون ۽ ڊگهيون راتيون هجن، ڪيڏو به طوفانن جو زور هجي پر رمضان ساريو جھڙي ماڻهوءَ جو وجود ڪنھن معجزي کان گهٽ نه آهي. جتي محبتن جي امين سنڌڙي ۾ معصوم ٻارڙن کي چند ڏوڪڙن عيوض اغوا ڪيو وڃي ۽ پئسن نه هئڻ جي صورت ۾ ڪچين ڪلين کي قتل ڪيو وڃي، جتي پنھنجي زال، ڀيڻ، ماءُ ۽ ڌيءُ کي صرف شڪ يا ذاتي دشمني پاڙڻ ۽ ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ ڪاري ڪري ماريو وڃي، جتي انصاف ٽياس تي ٽنگيل هجي ۽ انسان جا سمورا حق کسيا ويا هجن، روحن تي رهڙون هجن، چوڏس ڪربلا جھڙي صورتحال ڇانيل هجي، جتي صرف الميا ۽ سوڳ جنم وٺندا هجن ۽ جتي ڏک ۽ مصيبتن جا اڻ کٽ سلسلا هجن.
رمضان ساريو جنھن کي احترامن اڪثر ماڻهو ماما چوندا آهن، رات ڏينھن، آنڌي مانجهي نه صرف پنھنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي بلڪه ڀرپاسي وارن ڳوٺن جي مريضن کي ڊاڪٽرن وٽان علاج وٺي ڏيندو رهي ٿو، توڙي جو پاڻ السر جھڙي موذي مرض ۾ ڦاٿل رهيو آهي پر اڪثر اوهان کي سرڪاري اسپتال جي او.پي.ڊي ۾ ڪنھن مريض کي سھارو ڏيندي نظر ايندو. واپڊا کاتي کان وٺي تعليم، صحت، روينيو ۽ ٻين ادارن جا ڦاٿل ڪم ۽ مسئلا روزانو حل ڪرائيندو وتندو آهي. غريبي ۽ مسڪيني حال هوندي به سڄو ڏينھن هڪ اداري کان ٻئي اداري تائين پيرين پنڌ هلندو وتندو، ڪنھن کان ڪرائي جو رپيو به نه وٺندو آهي.
رمضان ساريو هتان جي غريب، بي پھچ بي آسرا، بيماري ۽ ڏکن جي ستايل ماڻهن لاءِ مسيحا آهي، هو زڪوات ڪميٽي ديھه ابڙي پوٽا جو چيئرمين به رهيو آهي، ان عرصي دوران غريبن يتيمن جي پائي به ميري ٿيڻ نه ڏنائين، سندس سوچ ته پئسي کان گهڻو مٿاهون آهي پر ڪنھن ٻئي کي به هڪ رپيو کائڻ نه ڏنائين. اسان جي اقتداري ڌرين کي خدا عقل ڏئي جو هو رمضان ساريو جھڙي عظيم انسان کي زڪوات ڪميٽي يا بيت المال ضلعي لاڙڪاڻي جو چيئرمين بڻائين ته هوند ڪوبه معذور بيمار ۽ مستحق چاهي اهو ضلعي لاڙڪاڻي جي ڪنھن به ڪنڊ تي رهندو هجي، زڪوات يا بيت المال جي امداد کان محروم نه رهندو.
دعا آهي ته خداوندِ ڪريم کيس وڏي ڄمار ڏئي جيئن مسڪين ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪندو رهي.

**