هڪُ ساھَه سَيباڻو ماڻُهو : ڊاڪٽر سيد گدا حسين بخاري
مامي رمضان جي شخصيت جا انيڪ پھلو آهن. هو پنھنجي شخصيت ۾ هڪ اهڙو سماج سڌارڪ تعليم دوست، سنڌ دوست، محبتي، مھمان نواز ۽ ٻاجهارو ماڻهو آهي جنھن جي صحبت ۾ ڏکندو ڏور ٿيو وڃي. مامي رمضان ڳوٺ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ پنھنجي گهر ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تعاون سان پرائمري سطح جو هڪ اسڪول کوليو آهي جتي سندس ئي خاندان جون نياڻيون سماج جي ڏتڙيل ۽ بي پھچ طبقي جي ٻارن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري رهيون آهن. سندس سرپرستيءَ هيٺ هلندڙ هي ادارو هر سال بھترين شاگرد تيار ڪري سرڪاري اسڪولن ڏانھن موڪلي ٿو. مامو رمضان گهٽ پڙهيل هئڻ جي باوجود نھايت باشعور، روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ ماڻهو آهي، جنھن جو ثبوت سندس خاندان جي نياڻين جي تعليم ۾ شموليت ۽ نمايان حيثيت آهي. سندس خاندان جي نياڻين تعليم جي ميدان ۾ پاڻ ملھايو آهي ۽ هڪ مثالي شاگرد جي حيثيت سان سڃاتيون وڃن ٿيون.
مامو رمضان جنرل پرويز مشرف جي دورِ حڪومت ۾ ناظمي نظام دوران ٻه دفعه ڪائونسلر چونڊجي چڪو آهي. جيئن ته مامي رمضان جو ڪو خانداني سياسي پسمنظر نه هيو نه ئي ڪو سياسي آشيرواد يا پٺڀرائي، ان جي باوجود ذاتي حيثيت، پنھنجي شخصيت ڪارڪردگي ۽ نج ميرٽ جي بنياد تي علائقي جي ماڻهن هن مرد مجاهد تي پختو ويساهه ڪندي تمام گهڻا ووٽ ڏئي کيس اڪثريت سان ڪامياب ڪيو ۽ موٽ ۾ مامي رمضان به پنھنجي علائقي جي ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪئي.
مامي رمضان جي شخصيت هن سماج لاءِ هڪ رول ماڊل آهي. اگر اهڙن عُمده ماڻهن کي آئيڊيل بڻائي اسين سڀ پنھنجي ڪردارن جو تعين ڪيون ۽ پنھنجي ذميوارين جو احساس ڪندي وت ۽ وس آهر پاڻ پتوڙيون ته هن ڀونچال واري صورتحال ۾ سماج جي بھتريءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته مامي رمضان جھڙا انمول ڪردار معاشري لاءِ آئينو آهن جن ۾ پنھنجي اوڻاين ۽ ڪوتاهين جو اولڙو چکيءَ طرح پسي سگهجي ٿو ۽ اهڙن آدرشي انسانن جي گَسَ تي هلڻ سان ئي منزل ملي سگهي ٿي.
ڪر ڪو واڪو وسُ، وه مَ منڌ ڀنڀور ۾،
چڙهي ڏاڍين ڏُونگرين، پيرُ پنھونءَ جو پَسُ،
ڏورڻ منجهان ڏس، پوندءِ هوت پُنھونءَ جو. (شاهه)