(5)
اڪيلي ويٺي ويٺي سندس ذهن ڏهه ٻارنهن سال پوئتي هليو ويو. پوئتي- جڏهن اڃا هن جواني جي چانئٺ تي پير مس رکيا هئا؛ جڏهن اڃا سندس جسم جي وڻ تي جواني جو ٻور مس ڦٽو هو. انهن ڏينهن ۾ هن حيدرآباد جي ميران هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ڪاليج وارا ڏهاڙا سندس الهڙپڻي جا ڏينهن هئا. کيچلي ۽ شرارتي ته هوءَ اڳي ئي هئي. مٿان وري ڪاليج جو ڪنهن حد تائين کُليو ماحول؛ سندس طبيعيت ۾ هڪ قسم جو نکار اچي ويو. ماحول جو تاثر ۽ جواني جي اُٿڪ- هوءَ روز بروز نون نرالن رنگن ۾ رنڱبي وئي. هونئن به جواني پاڻ سان گڏ ڪيتريون ئي نيون شيون آڻيندي آهي. جسماني تبديلين ۽ پختائين سان گڏ ذهني ۽ احساساتي تبديليون پڻ هوريان هوريان رونما ٿيڻ لڳنديون آهن. اهڙين تبديلين مان ڪنول پڻ گذري رهي هئي. انهن تبديلين سندس بت کي وڌيڪ سڊول ڪيو. سندس سونهن اڃا وڌيڪ نکرڻ لڳي. کيچلائپ، ذهانت ۽ سونهن کيس سندس سهيلين ۾ سڀني کان بلند مرتبو عطا ڪري ڇڏيو.
لڇمي، روپ، سورٺ ۽ ياسمين سندس سڀ کان گهريون ۽ پياريون ساهيڙيون هيون. جيڪي سندس هم ڪلاسي پڻ هيون. ايئن ڪاليج ۾ ڪيترائي جوڙ هئا. پر سرتين جو هي جوڙ سڀني کان نرالو ۽ نشانبر هو، ايئن جيئن تارن جي ميڙ ۾ ڪَتيون.
لڇمي جڏهن پنهنجن ڀينڀن وارن کي ڪلهن تي ڇوڙي ڇڏيندي هئي ته پوري فضا سندس ڇَتن جي خوشبو سان واسجي ويندي هئي ۽ ڀؤنر ڀنڀولجي پوندا هئا.
روپ جڏهن گهريون نيريون اکيون کڻي گهُور وجھندي هئي، ته گهُورجندڙ وجودن جي ڪپارن منجهه ڪڪر مڙي ايندا هئا، جھُڙ جھِمندو هو ۽ وڏي وسڪار ٿيندي هئي.
سورٺ مرڪندي هئي ته هوائون خمارجنديون هيون ۽ ٽهڪ ڏيندي هئي ته ڪائنات ان جي سازن تي نچڻ لڳندي هئي.
ياسمين ٺلهي نالي جي ياسمين نه هئي، پر چنبيلي جي پنکڙين جي سموري تازگي، رنگ، روپ ۽ سڳنڌون سندس ڪايا ۾ اچي ڪَٺيون ٿيون هيون.
ان کانسواءِ منجھن ڪيترين ئي ڳالهين ۾ هڪجهڙائي پڻ هئي. هوءَ سڀئي سون سريکيون هيون، سڀني جا چنڊ جهڙا مکڙا هئا، سڀني جي هنج اڏار جهڙي هاٺي هئي. سڀئي خوش پوشاڪ هيون، کلمک هيون. چنچليون، کيچليون ۽ چاڳليون هيون.
اهي سڀ خوبيون ڪنول ۾ پڻ هيون. پر هو ءَ وٿ ئي ٻي هئي؛ سڀني کان نرالي، سڀني کان منفرد. ڦوهه ڦلاريل، ٻهه ٻهه ٻرندڙ، موتئي وانگر هر مگرو مات ڪندڙ؛ جھومڪ جھوڙو ڪَتئين. سڀين پَرين سهڻي. البت منجهس ڪائي وِڏ هئي ته اها هيءُ ته هوءُ ڪجھه مغرور هئي.
هوءَ سڀئي پڙهائي ۾ هوشيار هيون، ذهين هيون. سڀني سبجيڪٽن کي ڄڻ گهوٽيو پيو ويٺيون هيون. ڪهڙو مضمون هو، جنهن ۾ کين مهارت ڪا نه هئي؟ هوءَ سڀئي قابل ۽ محنتي شاگردياڻيون هيون. انهي ڪري به ڪاليج ۾ سندن حيثيت ڪجهه مٿڀري هئي. استادن طرفان کين اهميت ۽ ڌيان ملندو هئو. استادياڻيون سندن خيال رکنديون هيون. جنهن ڪري سندن شخصيتون ڪجهه وڌيڪ اڀريون هيون ۽ منجهن ڪافي خود اعتمادي پيدا ٿي هئي. انهيءَ خود اعتمادي جي ڪري هوءَ نصابي ڪمن کانسواءِ ٻين اسڪولي سرگرمين ۾ پڻ بهرو وٺنديون هيون. ڪاليج جا جيڪي ميڙاڪا، تقريبون ۽ فنڪشن ٿيندا هئا، هي پنجئي ساهيڙيون ڄڻڪ انهن جي جان هونديون هيون. ناٽڪ، ٽيبلا، گيت، تقريرون، ذهني آزمائشون، سوال جواب، شعري مقابلا، ڪمپيئرنگ. ڪجهه ٻين ڇوڪرين وانگر هيءَ ساهيڙيون پڻ انهن مشغلن ۾ بهرو وٺنديون رهنديون هيون ۽ گھڻي ڀاڱي مقابلا کٽي پڻ وٺنديون هيون. هنن ٻاهرين ڪاليجن جي شاگردياڻين کان به ڪجهه مقابلا کٽيا هئا. جنهن ڪري پنهنجي ڪاليج جي نيڻن جو نور هيون ۽ سندن هم ڪلاسي ۽ ڪاليجي ڇوڪريون سندن انهن خوبين جي ڪري کين پنهنجن دلين ۾ جاءِ ڏينديون هيون ۽ اکين تي ويهارينديون هيون. هر دل تي سندن ڌاڪ ويٺل هئي ۽ هر پاسي سندن هاڪ هئي. ڪاليج جا اهي ڏينهن سندن سهڻي ۾ سهڻا ڏينهن هئا ۽ ڪنهن سپني وانگر گذري رهيا هئا. سندن لاءِ دنيا ڏاڍي دلڪش، حسين ۽ وڻندڙ هئي. سندن نظرن ۾ زندگي مرڪن، ٽهڪڙن، رفاقتن، خوشين ۽ سکن جو نالو هئي. دنيا ۾ ڪي ڏک به هئا، اهنج به هئا، فراقتون به هيون، ڳوڙها به هئا، اڪيلايون به هيون، ڪلفتون به هيون، اگلائيون ۽ ڪوجهائيون به هيون ـــ کين اهڙي ڪا به خبر ڪانه هئي. سندن لاءِ هر شئ، سڀ ڪجھه “روپئي مڻ” هو. جياپي ۾ ڪي سور به هوندا آهن، اهو سندن تصور کان ئي ٻاهر هو. سندن زندگي هڪڙي خاص ماحول جي مخصوص خوشين ۽ مسرتن جي خمارن ۾ گذري رهي هئي. جنهن جو پل پل وڻندڙ، سُهاڻو، دلنشين ۽ اڻ وسرندڙ هو.
*
عيد براد، هوليءَ ڏياري، سانوڻ ٽيج، بسنت ڏڻ، شادي مرادي، هلڪيون ڦلڪيون گهرو تقريبون، ساهيڙين جون دعوتون وغيرهه- اهي اهڙا ڏينهن هئا، جن تي مختلف ڇوڪريون هڪٻئي جي گهرن ۾ اينديون وينديون رهنديون هيون. اٿڻ ويهڻ ۽ اچ وڃ وارو اهو حلقو فقط گهري ساهيڙپ تائين محدود نه هو. ان ۾ چڱي موچاري وسعت هئي. اهڙن موقعن تي گهاٽين ساهيڙين کان سواءِ ٻين هم ڪلاسين ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارين ڇوڪرين کي پڻ ڪوٺيو ويندو هو. پوءِ جنهن به هنڌ ڇوڪرين جو اهڙو ميڙ اچي ڪٺي ٿيندو هو، اتي زندگي جا هڙئي رنگ ٻهڪي پوندا هئا. کل ڀوڳ، مذاق مشڪري، سهرا لاڏا، ڪلام؛ ڀانت ڀانت جا قصا، دنيا جهان جون ڳالهيون. جهرڪين واري چِر چِر هوندي هئي، جيڪا بيمعنيٰ هوندي به بامعنيٰ لڳندي هئي. انهن محفلن ۾ ڇوڪرن لاءِ عام طور تي ڪا به جڳهه ڪانه هوندي هئي. پر پوءِ به ڪنهن گهر ۾ جيڪڏهن ان قسم جي تڙيل مخلوق وسندڙ هوندي هئي ته هِن جهان ۾ جهاتي ضرور پائيندي هئي. ڇوڪرا ٻاهرئين ٻني تان ئي سهي، پر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انهن محفلن تي نهار ضرور وجهندا هئا ۽ انهن ۾ شامل ٿيڻ جا وجھه ڳوليندا هئا. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن کين اهڙي ڪاميابي ملي به ويندي هئي، ته وري ڪن موقعن تي ڪن ڇوڪرن کي دعوت پڻ ڏني ويندي هئي. ايئن ڪجھه ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي وچ ۾ شناسائي وڌي به سهي. اهڙي طريقي سان اهي ڇوڪريون، جيڪي ڪجهه وڏڀريون هيون، انهن جي ڪچهرين ۾ اهڙا چؤٻول به اٿندا رهندا هئا ته اڄڪلهه ڪير ڪنهن جي سڳي ۾ آهي؟ ڪنهن جون اکيون ڪنهن سان اٽڪيل آهن؟ هوءَ نه وڻندڙ ڇوڪرن مان چونڊي چونڊي وِڏون ڪڍنديون هيون، ته وري جيڪي ڇوڪرا کين ٿورا يا گهڻا وڻندا هئا، تن جون ساراهون ڪندي نه ڍاپنديون هيون. عورت مرد جي واکاڻ ڪندي آهي. پر جي ڪنهن جي واکاڻ نه ڪندي آهي ته گلا ڪندي آهي. گلا عورت جو سڀ کان مرغوب مشغلو آهي. عورت چاهيندي آهي ته مرد مٿانئس ٻلهار وڃي. پر جي ڪو مرد ٻيءَ ڪنهن عورت تي ٻلهار ٻلهار پيو ٿيندو ته اها ڳالهه کانئس سٺي ڪا نه ٿيندي. هوءُ ان تي کلون ڪندي ۽ سندس گلا ڪندي. هر عورت چاهيندي آهي ته ڪو مرد مٿس ٻلهار وڃي- پر فقط مٿس؛ ٻي ڪنهن عورت تي نه. هوءَ نه رڳو مرد سان سڙندي آهي، پر عورت سان به سڙندي آهي، پاڻ جهڙي عورت سان. ساڙ سندس سرشت ۾ شامل آهي. گلا ساڙ جي ڀيڻ آهي. ان ڪري جتي گلا هوندي اتي ساڙ هوندو ۽ جتي ساڙ هوندو اتي گلا هوندي.
مرد گلا مان سنجوڳ جهڙو مزو وٺندو آهي ۽ عورت گلا مان ميدانِ جنگ تي حاصل ڪيل فتح جيتري آسيس ماڻيندي آهي. ان ڪري مرد جيترو وڌيڪ محروم هوندو، اوترو وڌيڪ گلا ڪندڙ هوندو ۽ جيڪا عورت جيتري وڌيڪ دٻايل، هيسيل، اڪيلي، هارايل ۽ ساڙولي هوندي، اها اوتري ئي گهڻي گلا خور هوندي. سڀئي مذهب ماڻهن کي گلا کان روڪين ٿا. اسلام ته گلا کي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ جهڙو مڪروهه ڏوهه قرار ڏنو آهي. ماڻهو اهو سڀ ڄاڻن ٿا. پر پوءِ به گلا ڪن ٿا- مرد به، ته عورتون به. شايد عورتون ڪجهه وڌيڪ- انهي ڪري جو مرد کين محڪوم بنائي رکيو آهي، سندن اظهار تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. ڪنهن طريقي کي جيڪڏهن صدين کان، پيڙهين کان لڳاتار عمل ۾ آندو وڃي، ته نيٺ اهو انساني سرشت ۾ پيهي ويندو آهي. گلا به شايد سوين صدين کان، پيڙهين کان لاڳيتو سفر ڪندي پيئي اچي. ان ڪري اها هر پيڙهي ۾، گهٽ وڌ، پر موجود هجي ٿي. ايئن الائي ڪيڏو ڊگهو سفر ڪري اها هن ٽهي تائين پڻ اچي پهتي هئي. سو جڏهن هيءَ ڇوڪريون پاڻ ۾ ميڙ ڪري ويهنديون هيون، ته سندن ڀانت ڀانت ڳالهين ۾، ختم نه ٿيندڙ قصن ۾ گلا جو به چڱو خاشو حصو هوندو هو. پر هڪڙي ئي ويڙهي ۾ رهندڙ ماين ۽ پوڙهين ماين کان سندن گلا جو انداز ڪافي بدليل هوندو هو. هُنن ۾ گلا مستقل هوندي آهي ۽ هڪڙو ئي ليڪو هميشه پيو ڪٽبو آهي. اهو عمل پوءِ ڪڏهن ڪڏهن منجهن رنجشن کي پڻ جنم ڏيندو آهي. پر هِتي ان جي ابتڙ گلائن جا موضوع مٽبا رهندا هئا. سندن حقلن ۾ به هلڪيون ڦليڪون تبديلون اينديون رهنديون هيون، جنهن ڪري سندن نشانا پڻ بدلبا رهندا هئا. قصن ڪهاڻين جي به مٽ سٽ ٿيندي رهندي هئي. هُن محفل جي ڳالهه هِتي، ته هِتان جي ڳالهه هُن هنڌ. تنهن ڪري جيئن ڪو نئون چؤٻول اٿيو، ته پراڻيون ڳالهيون آيون ويون ٿي ويون. وري نوان ساز، نوان رينگٽ. هونئن به ڇوڪرين وٽ اڻڳڻيون ڳالهڙيون هونديون آهن. سندن دماغ ڄڻ پرس هجن ۽ انهن پرسن ۾ دنيا جهان جا اڻکٽ داستان، ڪڏهن بي ترتيب ۽ مُنجھيل سُنجھيل، ته ڪڏهن ڏاڍي سليقي سان سجائي رکيل هوندا آهن. جتي جنهن داستان جي ضرورت پيئي، اهو ٻاهر اچي ويندو. جهرڪين جي چر چر شروع ٿي ويندي. چر چر جيڪا بي معنيٰ هوندي به بامعنيٰ هوندي آهي.
ڪنول به اهڙين محفلن ۾ وڏي خوشي سان حصو وٺندي هئي. هن هڪ اڌ ڀيرا پنهنجي گهر ۾ به دعوت ڪئي. جنهن ۾ سندس ساهيڙين شرڪت ڪئي. پر آهستي آهستي هنن پنجن ساهيڙين جي سٿ جيئن ڪاليج ۾ مرڪزي حيثيت حاصل ڪري ورتي، تيئن ئي هنن گهرو تقريبن ۾ به وڏو مان مرتبو ماڻي ورتو. ڪاليج جي ٻئي سال ۾ اچڻ کانپوءِ اهڙي ڪا به گهرو تقريب ڪانه هئي، جنهن جي نينڍ کين نه ڏني ويندي هجي. هوءَ هر محفل جي جان بڻجي ويون. محفلون سندن موجودگي سان جرڪنديون هيون. هاڻي سندن ڳاڻيٽو وڏيرڙين ڇوڪرين ۾ ٿيندو هو. عمر جيئن وڌي ٿي، ماڻهوءَ ۾ تيئن ڪجهه وڌيڪ پختائي اچي ٿي. سال پهرين جي ڀيٽ ۾ هاڻي منجهن به ڪجهه وڌيڪ پختگي پيدا ٿي هئي. جنهن ڪري منجهن ڇوڪرن کان حجاب پڻ ٿورڙو گهٽيو. هاڻي سندن محفلن ۾ ڪجهه ڇوڪرن جي شرڪت پيئي ٿيندي هئي. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون. جتي به ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ ٿيندا آهن، اتي جواني جڳمڳائي اٿندي آهي. جواني، جيڪا روشني آهي، مستي آهي، جادو آهي؛ اها پنهنجا رنگ، خوشبو ۽ جلوا هتي به وکيرڻ لڳي. جلوا، جن ۾ هڪڙو جلوو ڪنول جو به هو. ڪنول جو جلوو، جيڪو سراسر رنگ، روپ ۽ خوشبو ۾ ٻڏل هو. جيڪو جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ جرڪي ۽ جڳمڳائي رهيو هو. جنهن جي جڳ مڳ جڳ مڳ لاٽ تي آخرڪار ڪو نه ڪو پتنگ ته ڄرڪڻو ئي هو. دل جو پتنگ، جيڪو جواني ۽ سونهن جي ڄر تي کلندي خوش ٿيندي ڄرڪي ويندو آهي. آڪاش اهڙو ئي پتنگ هو، جيڪو ڪنول جي سونهن جي شمع تي لهي آيو هو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته هو وصال سان ٻکجي جڳ جڳ جيئي پوندو يا فراق جي آڙاهن ۾ لهسجي لوساٽجي سڙي ڀسم ٿي ويندو؟ ڪنهن ٿي ڄاتو؟ ڪير ٿو ڄاڻي سگهي؟ دلين جو انت ڀلا ڪنهن لڌو آهي؟ ٻيا ته ٻيا، پر آڪاش پاڻ به ته نه ٿي ڄاتو. هو ته بس پنهنجي دل جي هٿان مجبور هو. دل، جيڪا سدائين بي چئي ٿيندي آهي، جيڪا لک سمجهائڻ سان نه سمجهندي آهي. آڪاش انهيءَ دل کي ڪنول تي نڇاور ڪري ويٺو هو. ڪنول، جيڪا سهڻي هئي، چنچلي، کيچلي ۽ چاڳلي هئي؛ جيڪا مغرور هئي.
*
آڪاش ڪنول کان ٽي سال وڏو هو. هن ڪنول کي پهريون ڀيرو پنهجي سؤٽ ساڀيا جي گهر ۾ ڏٺو. انهي ڏينهن ساڀيا ڪاليج جي ڇوڪرين جي دعوت ڪئي هئي ۽ انهي موقعي تي اتفاق سان آڪاش به اتي اچي نڪتو هو. ساڀيا آڪاش کي تمام گهڻو ڀائيندي هئي ۽ مٿس فخر پڻ ڪندي هئي ته کيس ايڏو سلڇڻو سؤٽ مليو آهي. سو هو جيئن ئي پهتو ته سندس سٺي آءُ ڀڳت ڪيائين. آڪاش کي گهر جو ماحول چهل پهل وارو لڳو ۽ کيس ڀر واري ڪمري ۾ ڇوڪرين جو ميڙ نظر آيو. هن جي نظر پهرين ئي ڪنول تي پيئي. اکيون اکين ۾ پيهي ويون. ڪنول منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو.
“هيءَ گهر ۾ نوان چنڊ اڄ ڪٿان اڀريا آهن؟” آڪاش ساڀيا کان مذاق واري انداز ۾ پڇيو.
“سڀ منهنجون ڪاليجي ساهيڙيون آهن. ساڻن ملندين؟” ساڀيا مرڪندي وراڻيو.
“ها، ها، ڇو نه!؟”
ڇوڪرا، ڇوڪرين سان ملڻ لاءِ سدائين راضي هوندا آهن. اهي ان معاملي ۾ ڪڏهن به انڪار نه ڪندا آهن. آڪاش به انڪار نه ڪيو هيو. هوءُ کيس وٺي اچي ڇوڪرين جي ميڙ ۾ بيٺي. ڇوڪرين نئين ڇوڪري کي سندن وچ ۾ بيٺل ڏٺو ته مٿن ماٺ ڇانئجي ويئي.
“هن سان ملو. هي منهنجو سؤٽ آڪاش آهي. يونيورسٽي ۾ ٿو پڙهي.” ساڀيا سڀني سان سندس تعارف ڪرايو.
جنهن کانپوءِ ساڻس ڇوڪرين جو تعارف ڪرايائين:
“هيءُ ڪنول آهي، اسان جي ڪاليج جي سڀ کان پياري ۽ هر دلعزيز ڇوڪري. هي شانتا آهي، اسان جي ڪاليج جو نڪ آهي. هي لڇمي آهي. هي روپ آهي. هي ياسمين آهي. هي سورٺ آهي. هيءُ عابدان آهي. هي منيران آهي. هي پوڄا آهي. هي تنزيلا آهي...!”
هوءَ ڇوڪرين جي تعارفن کي ڪپڙي جي ٿانن وانگر سندس اڳيان کوليندي وئي.
سڀني ڇوڪرين واري واري سان، ڪن شرمائيندي ۽ ڪن مرڪندي، سنڌي رسم موجب آڪاش کي هٿ ڏنو. تڏهن سنڌي ڇوڪرين ۽ عورتن ۾ اڃا ڪنڌ کي لوڏي سلام ڪرڻ ۽ آڱريون هلائي هلو هاءِ ڪرڻ واري بدعت نه پکڙي هئي. تڏهن جنس جي تفريق کانسواءِ، مٽي مائٽي توڙي ڄاڻ سڃاڻ ۾ هڪٻئي سان هٿ ملايو ويندو هو. شهري عورت هٿ ڏيڻ ۾ ايڏو حجاب نه ڪندي هئي. باقي ڪٿي ڪٿي ٻهراڙي جي عورت ويجهن مائٽن کانسواءِ ڪنهن پري جي سڃاڻو يا ٻيءَ ذات واري مرد سان هٿ ملائڻ مهل پنهنجي هٿ تي پوتي جو پلئهُ رکي پوءِ هٿ ڏيندي هئي. جنهن کي هروڀرو حيا جي نشاني سمجهيو ويندو هو. تنهنڪري سڀ ننڍا وڏا ۽ ننڍيون وڏيون بنان امتياز جي هڪٻئي سان چَسيِِ ملائينديون هيون، هڪٻئي کي هٿ ڏينديون هيون. هونئن به عورت ۽ مرد جو هڪٻئي سان هٿ ملائڻ جنسي برابري جي علامت آهي ۽ سکڻي سلام واري وائڙائپ جي ڀيٽ ۾ هڪڙي تمام شاندار رسم آهي.
تعليم قومي ڪلچر کي پختو ڪندي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو جيڪي قومون پڙهيل ڳڙهيل، سلجهيل ۽ ترقي يافتا آهن، اهي پنهنجي ثقافت، تهذيب ، تمدن ۽ رسمن رواجن تي فخر ڪنديون آهن ۽ انهن جي واڌ ويجهه ۽ پختگي لاءِ جاکوڙينديون آهن. ثقافت ۽ رواج رسمون ڪنهن قوم جي معاشرتي زندگي ۾ ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت رکنديون آهن. ڇو نه سڀ ڪجهه کسجي وڃي، پر جيسيتائين ٻولي، ثقافت ۽ رسمون رواج زندهه آهن، تيسيتائين قومي وجود جي جياپي جا امڪان ختم نه ٿيندا. ثقافت هارايل جنگين کي ٻيهر کٽي سگهندي آهي. ان ڪري حاڪم قومون هميشه محڪوم قومن جي ثقافت کي ميٽڻ جون ڪوششون ڪنديون آهن ۽ جاندار رسمن جي جڳهه تي هٿ ٺوڪيون، مردار ۽ وائڙيون رسمون مروج ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪنديون آهن.
ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ به پنجابي پناهگير مستقل مفاد قوتن سنڌي ثقافت تي منظم يلغار ڪرڻ جون گهڻ طرفيون ڪوششون ڪيون آهن. ان ڏس ۾ ڪڏهن سنڌي ثقافت کي پسماندا قرار ڏئي ننديو ويو، ڪڏهن ان کان ڌڪار وارو رويو روا رکيو ويو، ڪڏهن ان جي تباهي جا سڌا سامان مهيا ڪيا ويا، ته ڪڏهن وري اڻ سڌي ريت ان کي ريٽڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ۾ آندا ويا ۽ سڌي اڻ سڌي پروپئگنڊا جي طوفان وسيلي سنڌ جي ماڻهن کي احساس ڪمتري ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
پر ان سڀ ڪجهه جي باوجود اڃا سنڌ جا ماڻهو احساس ڪمتري جا اڃا ايترا شڪار نه ٿيا هئا. سنڌي ثقافت، سنڌي قدر، سنڌي رواج ۽ ننڍيون وڏيون سنڌي رسمون شهرن ۾ به جيئن جو تيئن موجود هيون. اهي ساڀيا جي گهر ۾ به پنهنجي اصل شڪل ۾ موجود هيون، ته ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ ڇوڪرين جي دلين ۽ دماغن ۾ به انهن جو گهر هو. تنهنڪري سڀني آڪاش سان هٿ ملايو. اهو ڄاڻي ته آڪاش يونيورسٽي ۾ ٿو پڙهي، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند ڇوڪرين کانئس يونيورسٽين جي ماحول، پڙهائي ۽ سٺن شعبن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي. تڏهن اڃا يونيورسٽين ۾ ڇوڪرين جي داخلائن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر هو. تنهنڪري آڪاش سڀني کي ان ڏس ۾ همٿايو.
ڪچهري حجاب جي دشمن آهي. ان ڪري ٿوري دير ڪچهري ٿي ته حجاب ويندو رهيو. هنن پاڻ ۾ دوستاڻي ماحول ۽ کليي انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. آڪاش اوستائين اتي ويٺو رهيو، جيسيتائين ماني نه لڳي. پر ان سڄي وقفي ۾ ڪنول ساڻس هڪڙو اکر به نه ڳالهايو. هوءُ اٿي وڃي ڪجهه ٻين ڇوڪرين جي دائري ۾ ويٺي، جتي آهستڙي ٻوليندي رهي؛ چِر چِر جو آواز ڪمري جي فضا ۾ ٻُرندو رهيو ۽ هڪڙي عجيب خوشبو ڦهلجندي رهي.
*
جواني بذات خود هڪڙي ڇڪ آهي، هڪڙو سڏ آهي. انهي ڪري جواني جواني کي سڏيندي آهي. پوءِ ڪٿي اهو سڏ ورنايو ويندو آهي، ته ڪٿي ٻوڙي ڪنين ٻڌو ويندو آهي. ڪٿي ته ماڳهين ايئن ٿيندو آهي ته سڏجندڙ وجود ڪا صدا ئي ڪين ٻڌندو آهي. ڪنول جو رويو به ڪجهه ان قسم جو هو. ڄڻ هن ڪجهه ٻڌو ئي نه هجي. جنهن مهل به آڪاش مٿس پيار ڀري نگاهه وڌي ٿي، هن پنهنجي چوڌاري ڄڻ پڪ سِري ڀت ڏيئي ٿي ڇڏي. آڪاش جون نگاهون ان ڀت سان ٽڪرائجي نامراد واپس موٽي ٿي آيون.
پهرين ملاقات کانپوءِ آڪاش اهڙا وجھه ڳوليندو رهيو هو، جن سان کيس ڪنول سان ملڻ جو موقعو ملي. ان سلسلي ۾ ياسمين ۽ پوڄا سندس مشڪل ڪشائي ڪئي. اهو هينئن ته ٻنهي ڄڻين جو مٿس ٺاهوڪو اعتماد ويهي ويو ۽ سندن وچ ۾ دوستي جو رشتو استوار ٿي پيو. اهڙي دوستي، جيڪا بي غرض هوندي آهي. آڪاش به سندن ڀروسي ٽوڙڻ وارو ماڻهو ڪونه هو. تنهنڪري کين ڪڏهن به ان ڏس ۾ شرمندو ٿيڻو نه پيو. باقي جيتريقدر ڪنول جي لاءِ آڪاش جي اکين ۾ پيار جو تعلق هو، ته ياسمين پهرين ملاقات ۾ ئي نظرن ۾ لڪل انهن پراسرار ترورن کي ڀانپي وئي هئي. عورت کان ٻيو سڀ ڪجهه لڪي سگهي ٿو، پر مرد جي نگاهن ۾ پنهان محبت نه ٿي لڪي سگهي. پوءِ اهي نگاهون سندس لاءِ هجن يا وري سندس ڀر ۾ ويٺل ٻي ڪنهن عورت لاءِ هجن. هِتان مرد اکيون کنيون، هُتان نظرون ٽڪريون يا اکين نظرن جو پيرو کنيو، ڪو به راز راز نه رهيو. ان ئي ساعت سڀ ڪجهه عيان ٿي ويو. اهو سڀ هتي به ٿيو. ياسمين کي آڪاش جي نگاهه اتاولي محسوس ٿي. نگاهن ماٺ ميٺ ۾ نگاهن جو پيچو ڪيو. اکين جا پيرا سڌا ڪنول جي چهري تي اچي پيا. آڪاش جي سادگي ياسمين کي موهي وئي، ۽ هوءَ مرڪي پيئي. هن پنهنجي اندر ۾ هن نئين نوجوان لاءِ دوستاڻي ڇڪ محسوس ڪئي. دوستي جي انهيءَ ڏور ۾ پوڄا به ساڻن ڳنڍجي وئي.
جيتوڻيڪ آڪاش ڪنول سان ملڻ لاءِ وجهه پئي ڳوليا. پر تنهن هوندي به هن ياسمين ۽ پوڄا جي دوستي کي ان ڏس ۾ ڏاڪڻ طور استعمال نه ڪيو. اها جدا ڳالهه آهي ته انهي دوستي جي بدولت ٿورو اڳيان هلي کيس ڪنول سان ميل جول جا انيڪ موقعا مليا. پر ان دوستي جي دائري ۾ ته ملوڪ، سوڍو ، راڻو ۽ ملهار به هئا. هي دوستي جو هڪڙو بي غرض حلقو هو. جنهن ۾ هڪٻئي لاءِ عزت به هئي، احترام به هو، ته محبتون به هيون. ٻارن جهڙيون معصوم محبتون، جيڪي دلين جي ٽارين کي شاداب ڪنديون آهن. جيڪي اجريون، شفاف ۽ پوتر هونديون آهن. هيءَ سنگت، هيءَ حلقو پڻ اهڙين محبتن جي ڦلواڙي هو. جنهن ۾ مطلب پرستي ۽ دوکي لاءِ ڪابه گنجائش ڪانه هئي. باقي جيڪڏهن ڪنهن دل کي دل سان رشتو هو ته ان لاءِ ڪنهن کي ڪو اعتراض ڪونه هو. آڪاش جي اکين ۾ ڪنول لاءِ موجود پيار تي ياسمين ۽ پوڄا اَرهيون ڪونه هيون. پاڻ هنن ان کي هڪڙي سعادت ٿي سمجهيو. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪنول ڪڏهن به آڪاش کي سِجھه نه ڏني. هن هميشه کانئس منهن ڦيرايو.
نيٺ هڪڙي ڏينهن آڪاش ڪنول سان کُلي ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو. دوستن جي هڪڙي ميڙاڪي ۾ هن ڪنول کي ٻه ٽي منٽ اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ جو عرض ڪيو. ڪنول رکائي سان ئي سهي، پر سندس اهو عرض اگهايو هو. ٻيئي اٿي نويڪلائي ۾ اچي ويٺا.
“توهين ايڏيون رُکيون ۽ خود غرض ڇو آهيو؟” ويهڻ شرط آڪاش ڪجھه مزاحيا انداز ۾ ڪنول کي چيو.
“توهين مون کي اهو ٻڌائڻ لاءِ ٻاهر وٺي آيا آهيو ته آئون رُکي ۽ خود غرض آهيان!؟” ڪنول سپاٽ لهجي ۾ وراڻيو.
“نه. اهو ته خير مذاق ٿو ڪريان. توهان کي هيڏانهن وٺي اچڻ جو مطلب اهو آهي ته گهڙي کن لاءِ پاڻ ۾ ويهي ڪچهري ڪجي.”
“ڇا لاءِ؟”
“ان لاءِ، جو توهان ڄاڻو ٿيون ته مون کي توهان سان عشق ٿي ويو آهي، محبت ٿي وئي آهي. منهنجي دل گهري ٿي ته توهان منهنجي انهي محبت جي موٽ محبت سان ئي ڏيو. آئون سڄي زندگي توهان جي پيار جي پناهن ۾ گذارڻ ٿو چاهيان، توهان جي وارن جي ڇانو ۾ گهارڻ ٿو گهران.” آڪاش پنهنجو اندر ڪنول آڏو کولي رکيو.
ڪنول جي چهري تي ڪاوڙ مان هڪڙو رنگ آيو ٿي ته ٻيو ويو ٿي. کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هوءَ ايتري جرئت تي آڪاش کي ڪهڙو جواب ڏئي؟ ٻيون سڀ ڳالهيون پنهنجي جڳهه تي، پر آڪاش سندس دوستاڻي سٿ جو شريڪ هو. هوءَ انهي مرم ۾ مارجي وئي ۽ سور پي وئي.ڪاوڙ کي ضبط ڪندي، ڏڪندڙ آواز ۾ کيس چيائين:
“آئون اهڙين ڳالهين ۽ جذبن کي فضول ۽ وقت جو زيان ٿي سمجهان. مون وٽ ان لاءِ فالتو وقت ڪونهي. مهرباني ڪري مون سان آئيندي اهڙيون ڳالهيون نه ڪجو ۽ مون مان اهڙي ڪا اميد به نه رکو. آئون پنهنجي خيال واري ڇوڪري آهيان. توهان کي مون مان ڪجهه نه ورندو سرندو. ڪنهن ڪوڙي توقع يا اميد تي منهنجي اڳيان پٺيان ڦري پنهنجو وقت نه وڃايو. پنهنجون راهون ڪڏهن به گڏجي نه سگهنديون. ڇاڪاڻ ته آئون انهن کي گڏائڻ نه ٿي چاهيان.”ايئن چئي هوءَ اٿي کڙي ٿي.
“ويهو!” آڪاش کيس منٿ ڪئي.
“ويهي ڇا ڪنداسين؟” ڪنول رکو جواب ڏنو.
“ٺيڪ آهي. تون ڀلي منهنجي نه ٿي. محبت جبر نه هوندي آهي. جيڪڏهن محبت ۾ جبر يا زور داخل ٿي وڃي ته پوءِ اها محبت نه ٿي رهي. تون ڀل مون سان پيار نه ڪر. پر منهنجي دل ۾ تولاءِ جيڪا محبت مؤجزن آهي، تون اها ختم نه ٿي ڪري سگهين. اها ختم ٿيندي به نه، اها اپار آهي. مون توکي بيشڪ زندگي وانگر چاهيو آهي. تون منهنجي دل ۾ سدائين زندگي وانگر ڌڙڪندي رهندئين، پوءِ ڀل ڪٿي به هجين!”
ڪنول اتان هلڻ لاءِ وک کنئي ته آڪاش سندس ڪَرائِي پڪڙي ورتي.
“ويهه! گهڙي کن ويهه! اکيون ڀري توکي ڏسي وٺان. وري الائي ڪڏهن ملون يا نه ملون؟”
“ٺيڪ آهي. چئين ٿو ته گهڙي کن لاءِ ويهان ٿي. پر منهنجي انهي ويهڻ کي اقرار نه سمجهجانءِ. ۽ ها، آئيندي ڪڏهن به اهڙي هجت نه ڪندين!” ڪنول فيصلائتي انداز ۾ چيو.
آڪاش ڳالهائڻ بدران ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي ۽ هوءَ سندس هٿ مان ٻانهن ڇڏائي سندس سامهون ويهي رهي.
اتي ويٺي ويـٺي کين الاءِ ڪيترا يُگ لنگهي ويا.
ڪنول کي ڏسندي ڏسندي آڪاش جي اکين ۾ ڳوڙها ستارن وانگر جرڪڻ لڳا. ڳوڙهن کي لڪائڻ لاءِ هن منهن مونن ۾ هڻي ڇڏيو.
ڪنول ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺي رهي ۽ پوءِ الائي ڪيڏي مهل اٿي وئي؟ آڪاش کي ڪا به خبر ڪانه پيئي. سندس طلسم ان مهل ٽٽو، جنهن مهل ياسمين ڀر ۾ اچي سندس ڪلهن کي ڌونڌاڙيو. آڪاش ڄڻ ڪنهن خواب مان جاڳيو هجي. اکيون کنيائين ته سندس سامهون ياسمين اداسي سان مرڪي رهي هئي. ياسمين تان اکيون هٽائي هن ڀرپاسي ڏانهن ڏٺو. ڪنول ڪٿي به ڪا نه هئي ۽ ٻاهر رات ڏاڍي گهري ٿي ويئي هئي.
*
غرور سڀ کان وڏو خسارو آهي.
پوءِ به عورت غرور ڪندي آهي ۽ ان کي پنهنجو اهم اثاثو سمجهندي آهي. هوءَ غرور جي قلعي ۾ ويهي پاڻ کي تمام محفوظ تصور ڪندي آهي. پر حقيقت اها آهي ته اهو قلعو واريءَ جو ٺهيل هوندو آهي. حقيقتن جي ٿورڙي به تيز هوا ان کي اڏاري کڻي وڃڻ لاءِ ڪافي هوندي آهي. هڪڙو ئي واچوڙو ان کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندو آهي.
پر پوءِ به عورت غرور ڪندي آهي.
عورت جيتري ڇسي هوندي، اوتري مغرور هوندي- ۽ جيتري مغرور هوندي آهي اوتري ئي ڇسي ٿيندي آهي. غرور حسن مان نه ڦٽندو آهي، سونهن مان نه ڦٽندو آهي، ڇسائپ مان ڦٽندو آهي. سونهن گداز کي جنم ڏيندي آهي، ڳوُڙهائي کي جنم ڏيندي آهي. جيڪا عورت پنهنجي اندر ۾ ڀرپور، گداز ۽ ڳُوڙهي هوندي آهي، اها مغرور نه، باوقار ٿيندي آهي.
غرور عورت جي اها ڪمزوري آهي، جنهن مان کيس وڌ کان وڌ نقصان رسندو آهي. مغرور عورت سڀ کان پهرين محبت وڃائيندي آهي. محبت سندس دل جو در کڙڪائي ٿي ۽ هوءَ ان جي ڀليڪار ڪرڻ بدران ان کان ٽهي پري ٿي بيهي رهي ٿي. ۽ جيڪي محبت کان منهن موڙيندا آهن، اهي هميشه المين جو شڪار ٿيندا آهن. جيڪي محبت کان منهن موڙين ٿا، اهي هميشه نقصان ۾ ويندا آهن. محبت هارائي، سڄي دنيا کَٽڻ جي باوجود، ماڻهو ڪجھه به نه کٽيندو آهي. غرور وڏو دوکو آهي. اهو بظاهر عورت کي اها ڏِک ڏيندو آهي ته هوءَ کٽي رهي آهي. پر اصل ۾ ايئن ڪو نه هوندو آهي. حقيقت ۾ هوءَ هارائي رهي هوندي آهي.
مغرور عورت پنهنجو ٻيو نقصان اهو ڪندي آهي ته هوءَ پاڻ کي اڪيلي ڪري ڇڏيندي آهي. هوريان هوريان سڀيئي دروازا مٿس بند ٿي ويندا آهن. هوءَ ايئن پئي سمجهندي آهي ته ٻين تي در بند پيئي ڪري. پر ايئن نه ٿو ٿئي. هوءَ دراصل پنهنجا دروازا بند ڪري رهي هوندي آهي. تان جو بلڪل اڪيلي ٿي ويندي آهي.
جتي غرور هوندو آهي، اتي محبت نه هوندي آهي، علم نه هوندو آهي، پنهنجائپ نه هوندي آهي، ساٿ نه هوندو آهي. اتي فقط اڪيلائپ هوندي آهي، اوپرائپ هوندي آهي-وِهه جهڙي اوپرائپ ۽ ڪاري ڪساري رات جهڙي اڪيلائي.
اڪيلائي جي انهن اذيتناڪ گهڙين ۾ عورت جڏهن سهاري لاءِ غرورڏانهن واجهائيندي آهي ته انهي مهل اهو سندس ڀرپاسي ۾ ڪٿي به ڪونه هوندو آهي. غرور جيڪو هميشه کيس هڪڙو اڻٽٽ سهارو ۽ محفوظ قلعو ڀانئبو هو، اهو وٽس ڪونه رهندو آهي. اهو کيس دوکو ڏيئي انهي مهل پري ڀڄي ويندو آهي، جنهن مهل عورت سندس سهاري جي وڌ ۾ وڌ ضرورت محسوس ڪندي آهي. ان مهل سندس ڀر ۾ ڪجهه به ڪونه هوندو آهي. ڪير به کيس دلداري ڏيڻ وارو ڪونه هوندو آهي. اڪيلائي کيس ڏنگڻ لڳندي آهي. پڇتاءُ سندس ڪنن ۾ سرگوشيون ڪندو آهي ۽ هوءَ صفا ٽٽي پوندي آهي، ڀورا ڀورا ٿي ويندي آهي. پڇتاءُ ۽ ڀڄڻ ڀرڻ مغروري جو مقدر هوندو آهي. ۽ انهن پلن ۾ عورت اک پٽيندي آهي، پوءِ انهن گهڙين ۾ مغروري ڪانه رهندي آهي، فقط عورت رهجي ويندي آهي. پر تڏهن ڏاڍي دير ٿي چڪي هوندي آهي.
ڪنول سان به اهو ئي ٿيو. مغروري کيس ڪٿان جو به نه ڇڏيو. هن ڏاڍي بيرحمي سان آڪاش جي دل ٽوڙي. دراصل هن نه ٿي ڄاتو ته جيڪو ٻئي جي دل ٽوڙيندو آهي، اهو اصل ۾ پنهنجي دل ٽوڙي رهيو هوندو آهي. مغروري سندس اکين تي ٿلها پڙدا چاڙهي ڇڏيا هئا، جنهن ڪري هو محبت جي معصوم ۽ سهڻي منهن کي ڏسي نه سگهي. هن هميشه وڏا خواب ڏٺا هئا، اُڏند کٽولين جهڙا خواب، اوچين اڏارن جا خواب. هن اڻيهئي مٿي ڏٺو هو. مٿي، مٿي، مٿي- جتي ڌن دولت، مال ملڪيت، مان مرتبو، عزت ۽ ناموس هوندي آهي. پوءِ هوءَ ڦونڊ ۾ ڀرجي ٿي وئي ۽ هر شئيءَ کي پنهنجي پيرن ۾ پيل ٿي ڏٺائين. بس رڳو هڪڙي اک اشاري جي دير هئي. ماڻهو ڪيڏيون نه خود فريبيون پالي ٿو! اؤن وري انهن ۾ خوش به رهي ٿو! پر اها خوشي ته پاڻي جي بوڻي جيتري به پائيدار نه هوندي آهي. ڏسندي ڏسندي ايئن ڊهي ويندي آهي، جو سندس ڪو نالو نشان ئي ڪونه رهندو آهي. خود فريبي جو ڪاڪ محل ڪِري ٿو ته ان جي سر سر سان نه ملندي آهي. هر شيءَ گم ٿيو وڃي. بس پٺيان رهجي ويندو آهي پڇتاءُ- ۽ پڇتاءُ جي بي انت پيڙا. جيڪا ڪڏهن ڪڏهن ته سڄي ڄمار ماڻهو کي ولوڙيندي ۽ گهائيندي رهندي آهي.
پڇتاءُ ۽ پيڙا جو تير ڪنول تي به تاڻجي چڪو هو، ٻنگا ٻاڻ ڀرجي چڪا هئا. سينڱ ڇڪجي چڪي هئي. پر اهو پتو ڪنهن کي ٿي پئجي سگهيو. هن پاڻ به ته نه ٿي ڄاتو. مغرور دليون پيڙا جي پڙلائن کي نه ٻڌي سگهنديون آهن. پر جي ٻڌنديون آهن ته نٽائي وينديون آهن. هوءَ تقدير کي هارائڻ گهرنديون آهن. تقدير، جيڪا ازلي ابدي شڪاري آهي، جنهن جي تير کان ڪير به نه بچندو آهي. جنهن جو ڏنگيو ٻيو ساهه نه کڻندو آهي. هوءَ ان تقديرکي هارائڻ گهرنديون آهن ۽ نيٺ پاڻ ئي شڪست کائي وينديون آهن، ڪنول به انهي قبيلي جي عورتن منجهان هئي. هن هميشه تقدير کي هارائڻ جو سوچيو هو. ۽ هينئر تقدير محبت بڻجي سندس در تي صدا هنئي هئي ۽ هن اها صدا ورنائڻ بدران ان کي پنهنجي در تان تڙي ڪڍيو هو. ازلي ابدي شڪاري کي سندس اها هٺيلي ادا نه وڻي هئي. ان ڪري سينڱ ڇڪجي چڪي هئي. هاڻي رڳو ڪان کي ڪڙ ڪڙ ڪري وجودان نڪرڻو هو. نڪرڻو نه هو، بلڪه اهو ٻاڻ ته سدائين لاءِ اٽڪي پوڻو هو، ڪنول جي وجود ۾. ڪنول- مغرور ڪنول، هوڏي ڪنول، حسين ڪنول، نازڪ ڪنول، هيڻي ڪنول، ويچاري ڪنول! جنهن کي پتو ئي ڪو نه هو ته سڀ کان وڏو الميو خود زندگي آهي- ۽ جڏهن پڇتاءَ ۽ پيڙاءَ جو ڪو ٻاڻ وجود ۾ اٽڪي پوندو آهي ته پوءِ نه زندگي رهندي آهي، نه موت. ماڻهو ڄڻڪ پولار ۾ پيو ڦيراٽيون پائيندو آهي.
*
شاگردن ۽ الهڙن جي دنيا شبنم جي دنيا هوندي آهي- ناپائيدار. ان جا سک، ان جو سَرهائيون، ان جون مسرتون، سڀ ناپائيدار هونديون آهن. حقيقت ۾ المين جي اُس جو هڪڙو تيز ڪِرڻو به انهن سکن، سرهائين، خوشين ۽ مسرتن جي ماڪ کي خشڪ ڪري ڇڏيندو آهي. ڪنول، لڇمي، ياسمين، سورٺ، پوڄا، ساڀيا، روپ، شانتا، منيران، تنزيلا، عابدان ۽ ٻين نينگرين توڙي نينگرن جا هيءَ ميڙ به اهڙا ئي ميڙ هئا ـــ شاگردن ۽ الهڙن جي دنيا جا ميڙ. جن ۾ ڏکن، اداسين، پريشانين ۽ غمن جو ڪوبه گذر ڪونه هو. جتي رڳو ٽهڪڙا، خوشيون، سرهائيون، سک ۽ مسرتون پکڙيل هيون. پر ناپائيدار شيون آخرڪار ڪيترو وقت جيئن جو تيئن ۽ سالم رهي ٿيون سگهن؟ شبنم جي دنيا نيٺ به ڪيترو وقت جٽاءُ ڪري سگهي ٿي؟ آخر هڪ ڏينهن ان کي حقيقت ۽ المين جي اس سان منهان منهن ٿيڻو پوي ٿو. آڪاش جو الميو اهڙو ئي الميو هو، جنهن هن سٿ جي سمورن سکن ۽ خوشين جو انت آڻي ڇڏيو.
آڪاش جو پورو وجود ڪنول جي مغروري هيٺان چيڀاٽجي ويو هو. هن وڏي بيدردي سان کيس رد ڪيو هو. سندس محبت کي نهايت بيرحمي سان ڌڪاريو هو. آڪاش جي دل جي ڌرتي ڌٻي وئي هئي. ساڻس وڏو بيداد ٿيو هو، نسورو ناحق ٿيو هو. هڪ مغرور ڇوڪري سندس نفيس نينهن کي چيِئَن تي چاڙهي ڇڏيو هو. سندس اندر جي دنيا اڌ ڪري ڇڏي هئي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪيو هو، جنهن کي هن پنهنجي وجود جو حصو ٿي سمجهيو. جيڪا سندس دردن جو دارون ۽ روح جي راحت هئي. جنهن کي هن پنهنجي لونءَ لونءَ ۾ محسوس ڪيو هو ۽ پنهنجي من مندر ۾ ويهاري سندس خاموش پوڄا ڪئي هئائين. انهيءَ ديوي ئي سندس سڀ ڪجهه اجاڙي ڇڏيو هو.
هن ته ٻُڌو هو ته مَحبت، مَحبت کي سڏيندي آهي، دل کي دل سان رستو هوندو آهي. پوءِ هي ڪهڙو ناحق هو؟ هي ڪهڙو انڌ هو؟ هي ڪهڙو بيداد هو؟ جيڪو سندس حصي ۾ آيو هو؟ ڇا محبت هن جي ڀاڳن ۾ نه لکي وئي هئي؟ جي لکي وئي هئي ته پوءِ اها ڪٿي هئي؟ هن ته ڪنول ۾ پنهنجي محبت کي ڳولي لڌو هو. پوءِ ڪنول جي اکين ۾ سندس لاءِ ڌڪار ڇو هئي؟ هن کيس ايڏي بيرحمي سان رد ڇو ڪيو هو؟ انيڪ سوال هئا، جن آڪاش کي ڌوڏي ڇڏيو هو. محبت ۾ رد ٿيڻ جي پيڙا ٻي هر پيڙا کان وڌيڪ شديد ۽ ايذائيندڙ ٿيندي آهي. رد ٿيڻ جي درد جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. ڪير به انهي درد جو ٻيو ڇيڙو لهي نه سگهيو آهي. اهو درد اپار آهي، اننت آهي.
آڪاش به انهي درد جي خلائن ۾ ڀٽڪي رهيو هو. سندس سڄو وجود چڪنا چور ٿي ويو هو. هو ايئن ٽٽو هو، جو ذرو ذري سان نه ٿي مليس. دلاسي، تسلي، اميد ۽ دلداري جي ڪابه کؤنر سندس ٽٽل وجود جي ٽڪرن کي ڳنڍي نه ٿي سگھي. حساس دليون ٽٽنديون آهن ته وري ٻيهر نه ڳنڍبيون آهن؛ هِتي ته پورو وجود ڪرچيون ڪرچيون ٿيو هو. سندس اندر جي ڪائنات رتو رت هئي. ياسمين ۽ پوڄا جي دوستي ۽ دلداريون سندس درد جو دارون ٿي نه سگهيون هيون. هن لاءِ ته زندگي ئي معنيٰ وڃائي ويٺي هئي- ۽ جڏهن زندگي معنيٰ وڃائي ويهندي آهي، تڏهن ڪجهه به باقي ڪونه بچندو آهي.
“ڪنول! ڪنول! ڪنول!” آڪاش جي پوري وجود مان سندس پرين جي نانءُ جا پڙلاءُ پئي اٿيا. عرش عظيم جا ڪنگرا انهن پڙلائن سان ڪنبي ويا. پوري ڪائنات پڙاڏي سان گونجي وئي. آڪاش جي وجود جي رڙ سڀني ڪائناتن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ذري پرزي ٻڌي؛ پر نه ٻڌي ته هڪ ڪنول جي دل نه ٻڌي.
هوريان هوريان پڙاڏا خاموش ٿي ويا. ڪائنات تي سانت ڇانئجي وئي. چوڌاري بس رڳو ويراڳ پئي وسيو ۽ رات اڃا به ڏاڍي ڪاري هئي. آڪاش، جنهن کي محبت جي روشني نه ملي، اهو رات جي انهي ڀيانڪ ڪاراڻ ۾ وڃائجي ويو. رَد جي اونداهي کيس ڳڙڪائي وئي .
آڪاش رد ڪيل محبت جو درد کڻي، پنهنجي ڪائي نئين دنيا وسائڻ لاءِ ڪنهن نئين پاسي نڪري پيو هو.
*
ڪنول اڄ ٿورڙي دير سان ڪاليج پهتي. رات عجيب لُڇ پُڇ ۽ آنڌ مانڌ ۾ گذري هيس. صحيح ننڊ نه ڪري سگهڻ سبب صبح اک ٿورڙي دير سان کليس. جنهن ڪري جيڏي مهل ڪاليج پهتي، ان مهل سڀ ڇوڪريون پنهنجن پنهنجن ڪلاسن ۾ هليون ويون هيون. هي به سڌي پنهنجي ڪلاس ۾ هلي آئي ۽ پنهنجي خالي پيل ڪرسي والاري ويهي رهي. ڪلاس ۾ ويٺي ويـٺي هن سڀني پاسي اک ٽيٽ ڪئي. لڇمي، ساڀيا، ياسمين ۽ پوڄا غير متوقع طور تي ڪلاس مان غير حاضر هيون. هن جي دل کي ڄڻ ڪو ڌڪ لڳو. ٻي نظر هن پنهنجن ٻين ساهيڙين تي وڌي. کيس منيران ۽ عابدان اداس اداس محسوس ٿيون. باقي ٻيو سڀ ڪجهه جيئن جو تيئن هو. ڪاليج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا تبديلي ڪا نه هئي. هوءَ پنهنجي روايتي انداز ۾ وارن کي جهٽڪو ڏئي انگريزيءَ جو ليڪچر ٻڌڻ ۾ مصروف ٿي وئي.
ليڪچر ختم ٿيڻ کانپوءِ جيئن ئي ٿورڙي وارکائي ٿي، منيران ۽ عابدان اچي سندس مٿان بيٺيون.
“ڪهڙا حال اٿو!؟” هن کانئس پڇيو.
“تون پنهنجا حال ٻڌاءِ؟” منيران جواب ڏيڻ بدران کانئس سوال ڪيو.
““فسڪلاس. پر اڄ ڇو لڇمي، پوڄا، ياسمين ۽ ساڀيا نظر ڪو نه پيون اچن!؟ خير ته آهي؟!” هن ٿورڙي تعجب مان پڇيو.
“نه، سڀ خير ناهي. خبر مڙئي ٿوري ڏک واري آهي.” منيران هٻڪندي چيو.
“ڇا ٿيو آهي؟ مون کي صحيح ٻڌايو ڇو ڪو نه ٿيون!؟” ڪنول اتاولائي مان پڇيو ۽ دل تي هٿ رکيائين. سندس دل جي ڌڙڪڻ وڌي وئي هئي.
“ٻڌايو ڇا ٿيو آهي!؟”
“آڪاش.....آڪاش گذاري ويو آهي. هو سڀ اوڏانهن ويون آهن. رات بس ۽ ٽرڪ جي ٽڪر سبب آڪاش سميت ٽي ماڻهو گذاري ويا آهن.”
آخري لفظ ڪنول ڄڻ پري کان ايندي ٻڌا. کيس ڀنواٽي اچي وئي ۽ هوءَ مٿي کي هٿ ڏئي هيٺ ويهي رهي. ڳوڙها سندس ڳلن تي وهي هليا. پوءِ کيس خبر نه پيئي ته هوءَ ڪيئن پنهنجي گهر پهتي.
*
آڪاش جي گذاري وڃڻ سان دنيا جي صحت تي ڪو به اثر ڪو نه پيو هيو. هو ڪاليج جو شاگرد ڪو نه هو، سو ڪاليج جا به ڇپر ڪونه ڀِڳا هئا. سڀ ڪجهه جيئن جو تيئن هو. پر پوءِ به ڪجهه اهڙا هنڌ ضرور هئا، جتي ڏک، غم ۽ درد جون ڇوليون ڇليون هيون ۽ دلين کي اداسي ويڙهي وئي هئي. جن مان هڪڙو هنڌ هنن ڇوڪرين جي ساهيڙپ هئي. خود ڪنول جو من به ڏاڍو اداس هو. وياڪلتا کيس وڻ ويڙهي وانگر وڪوڙي وئي هئي.
آڪاش جي المناڪ حادثي سان ٽهڪن، مسرتن، خوشين، حسن، خمارن ۽ رنگن جو هيءَ عالم تهس نهس ٿي ويو هو. ڏکن جو مارِي مِڙي آيو هو. ميڙاڪن جا وڻ ويران ٿي چڪا هئا. جهرڪين جي چِر چِر بند ٿي چڪي هئي.
هن الميي ياسمين، ساڀيا ۽ پوڄا کي نهوڙي رکيو. جيتوڻيڪ انهن آڪاش جي موت جو ذميوار ڪنول کي ڪونه ٿي سمجهيو. اها ان جي ذميوار هئي به ڪانه. پر ڪنول پاران کيس بيدرديءَ سان رد ڪرڻ وارو احساس کين ضرور هو. انهيءَ ڪري هڪڙي عجيب گومگو ۽ مونجهه واري ڪيفيت سندن ذهنن تي ڇانيل هئي. هوءَ ان جو درست ڇيد نه ٿي ڪري سگهيون. شايد سندن ذهن اڃا منطقي نه ٿيا هئا. شايد هنن اهو ڇيد ڪرڻ به نه ٿي گهريو. حقيقتن سان مهاڏو اٽڪائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. تلخ حقيقتون بلڪل چِٽيون پِٽيون، پڌريون ۽ سج وانگر روشن ٿي سامهون اينديون آهن ته ڏاڍيون ڏکوئيندڙ ۽ ناقابل برداشت ٿي پونديون آهن. پر جيسيتائين اهي ڌنڌليون ڌنڌليون ۽ پڙدي پٺيان هونديون آهن، تيسيتائين مٿن گمان جي چادر پيل هوندي آهي. گمان حقيقت جي ڀيٽ ۾ گهٽ ايذائيندڙ هوندو آهي. ان ڪري ماڻهو حقيقتن بدران گمانن تي گذارو ڪندا آيا آهن. انهي جي ڪري هنن به ڪا وڏي اوک ڊوک نه ٿي ڪئي. حقيقتن جا ٻيئي پاسا سندن لاءِ قبولڻ ڏاڍا ڏکيا هئا. پر پوءِ به سندن دماغ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ اها ڳالهه ڇپ هنيو ويٺي هئي ته آڪاش ڪنول جي بيرخي جي آڳ ۾ جلي ڀسم ٿيو هو. محبت گل به هوندي آهي ته آڳ به هوندي آهي. گل تي ڀؤنرا ڀِرندا آهن، پوپٽ ڦيرا ڏيندا آهن، مڌ مکا مِڙندا آهن ۽ هرڪو اتان قُوتُ قرار ۽ جيئندان ماڻيندو آهي. پر ڄر تي رڳي پتنگ اچي لهندا آهن ۽ پاڻ واريندي ڄڀي ۾ ڄرڪي ويندا آهن. ڪنول نالي ۾ ته ڪنول هئي، پر آڪاش ڪنول جو گل نه ٿي سگهي ۽ کيس محبت جو آڪاس نه آڇي سگهي. اتي رڳو ڄر، ڄڀيون ۽ ڄيرا هئا، جن جي لهس ۾ لوساٽجي آڪاش هن دنيا کي الوداع ڪري ويو هو. اهو احساس هنن جي ذهن جي ڪنهن اڄاتي ڪنڊ ۾ موجود هو. جنهن ڪري ڪنول سان سندن رشتي ۾ هڪڙي ڳنڍ اٽڪي پيئي هئي، هڪڙي وٿي پيدا ٿي پيئي هئي. اڳي جيڪا هڪٻئي کانسواءِ هڪ ساعت به ڪانه سرندي هُينِ، هينئر انهي جي جاءِ تي هڪ قسم جي سرد مهري اچي وئي هئي ۽ خاموش ڌاريائپ کين هڪٻئي کان پرتي ڌڪي رهي هئي. جيتوڻيڪ هوءُ اڄ به پاڻ ۾ ڳالهائينديون هيون، پر هاڻي سندن ڳالهائڻ ۾ اڳوڻي گرمجوشي، ڇڪ ۽ ميٺ نه رهي هئي. اندر ئي اندر هوءُ هڪٻئي کان گهڻو پري ٿي ويون هيون.
خود ڪنول پڻ انهي حادثي کان تمام گهڻي متاثر ٿي هئي. هن جي خواب خيال ۾ به ڪونه هو ته ڪو ايئن ٿي سگهي ٿو. هن آڪاش سان محبت ته ڪانه ڪئي هئي، ۽ انڪار سندس حق هو؛ پر آڪاش جي جواني واري المناڪ موت سندس اکين ۾ ڳوڙها ڏئي ڇڏيا هئا ۽ سندس اندر کي اڌ ڪري ڇڏيو هو. ڪنهن حد تائين هوءَ پڇتاءُ ۾ وڪوڙيل هئي. هوءَ عجيب احساسن جو شڪار ٿي وئي هئي. اهڙا احساس، جن کي هوءَ پاڻ سمجهڻ کان قاصر هئي. سندس من ۾ هڪڙي اڄاتي آنڌ مانڌ متل هئي، هڪڙي ولوڙ هئي، جنهن کيس سک سان سمهڻ نه ٿي ڏنو.
پر اها حالت گهڻو وقت نه رهي. ڪاليج جا امتحان سر مٿان چڙهي آيا هئا. سڀ ڇوڪريون امتحانن ۾ لڳي ويون. مصروفيت جي ڪري ٻين سڀني ڳالهين جي ڌوڙ هوريان هوريان ڄمي وئي. آڪاش سڀني کان وسري ويو. دنيا ڏاڍي مصروف آهي ۽ مصروفيت ۾ گهڻو ڪجهه وساري ڇڏيندي آهي. آڪاش به وسري ويو. ياسمين، پوڄا ۽ ساڀيا کي به وسري ويو يا وري ڪيڏي ڪيڏي مهل ڪڏهن ڪڏهن ٿورڙي دير لاءِ ايندڙ ياد بڻجي ويو. البت ڪنول سان سندن رشتي ۾ پوندڙ ڏار ٻيهر وري ڪڏهن به ڀرجي نه سگهيا.
ڪنول به سِگهي ئي انهن احساسن مان پاند آجا ڪرائي ورتا. آڪاش سندس لاءِ به هڪڙو وسريل باب بڻجي ويو. پوءِ هن ڪڏهن به کيس شعوري طور تي سارڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. البت ڪڏهن ڪڏهن اداسي يا اڪيلائي جي ڪنهن پل ۾ جيڪڏهن سندس ياد ڪنول جي ذهن ۾ ڌوڪي ايندي هئي ته سندس روم روم سان رڻ ڪري ويندي هئي.
*
امتحان ختم ٿيا ته ڪاليج بند ٿي ويو. سڀئي ڇوڪريون پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ بند ٿي ويون. ويجهن ساهيڙين وچ ۾ به اڳي جهڙو ميل جول ڪونه رهيو. هفتي پندرهين ڏينهن مس وڃي ڪنهن جي ڪنهن سان ملاقات ٿيندي هئي. جيڪي اڳي هڪڙي سنگ جي داڻن وانگر هونديون هيون، اهي هاڻي ڪڻو ڪڻو ٿي ويون. فراق جو ڳاهه ڳاهجي رهيو هو ۽ هوءَ داڻي داڻي جيئن ڌار ٿي رهيو هيون. پر اها ته اڃا شروعات هئي. لکيي جا ليک ڀلا ڪنهن پڙهيا آهن؟ لکيو، جيڪو اڻ ڏٺو آهي، جيڪو لڪل آهي، جيڪو ڳُجهه آهي- اهو اڻيهئي اوچتو نڪري نروار ٿيندو آهي ۽ مست الست درياهه جيان ڪڏهن ڪڏهن انساني آرزوئن، امنگن، خواهشن ۽ تمنائن جي وسندين کي ٻوڙيندو، لوڙهيندو، پٽ ڪندو ويندو آهي. انهي ٻوڏ جي لپيٽ ۾ جيڪو به آيو، پاڙان پٽجي اکڙجي ويو. ڪڏهن ڪڏهن وري لکيي جا ليک ايڏا مهربان ۽ ڀاڳن ڀريا هوندا آهن، جو زندگي جي برپٽ بيابانن ۽ ٺوٺ ميدانن کي باغ بهار ۽ گل گلزار ڪري ويندا آهن. ان ڪري ماڻهو انهيءَ کان ڊڄندا به آهن ته ان ۾ ڀلائي جي اميد به رکندا آهن. ان ڪري ماڻهو ڏڪندا به آهن، ته سپنا به ڏسندا آهن ۽ آرزوئون، امنگون، خواهشون ۽ تمنائون به پاليندا آهن.
عورتون سڀ کان گهڻا سپنا الهڙ وَهيءَ ۾ ڏسنديون آهن. ايترا سپنا- جو اندر جهاتي پائڻ سان ايئن لڳندو آهي ته هيءَ ڇوڪريون ته ڪر ٺهيل ئي آرزوئن، امنگن، تمنائن ۽ سپنن جون آهن.
جواني جي پهرين پلن ۾ عورت هڪ خواب هوندي آهي. هن جو اٿڻ ويهڻ، گھمڻ ڦرڻ، هلڻ چلڻ، ملڻ جلڻ ۽ سوچڻ ڪرڻ سڀ خواب هوندو آهي. هن جو پورو وجود هڪڙو خواب هوندو آهي. اهڙو خواب، جنهن ۾ زندگي ڌڙڪندي آهي ۽ محبت ساهه کڻندي آهي. هيءَ سڀ ڇوڪريون به پنهنجي پنهنجي وجود ۾ هڪڙو خواب هيون، هڪڙو سپنو هيون. هوءَ سپني جو به سپنو هيون. هر سپني ۾ سئو سپنا هئا، سوين آرزوئون، سوين امنگون هيون. سوين خواب ۽ خيال هئا، جيڪي کين همٿائيندا هئا، ڳڻتيون ۽ ڳاراڻا ڏينداهئا. هڪ لمحي سڀ ڪجهه کين پنهنجي هٿ ۾ محسوس ٿيندو هو. ٻئي لمحي ڪو اڻ لکو ڊپ کين وسوسن ۾ ويڙهي ڇڏيندو هو. پر پوءِ به اميد ۽ يقين جو پهلو تمام گهڻو سگهارو هو. اميد ۽ يقين زندگي جا تُرها آهن. انهن تُرهن جي سهاري ماڻهو گهري کان گهري سمنڊ ۽ تار طوفانن مان تريو پار پئجيو وڃي. اهي تُرها هنن وٽ به صحيح سالم حالت ۾ هئا.
سڀني وٽ پنهنجا پنهنجا سپنا هئا. پر هڪڙو سپنو سڀني وٽ ساڳيو هو- اهو هو روشن، تابناڪ، خوشين ۽ محبتن ڀريي آئيندي جو سپنو. هي اهو سپنو آهي، جيڪو هر انسان جو انفرادي سپنو آهي، ۽ جيڪو انفرادي هوندي به انسانذات جو اجتماعي سپنو آهي. اڪيلي اڪيلي توڙي گڏيل طور انسان ان سپني جي ساڀيا لاءِ جاکوڙيندا ۽ پتوڙيندا رهيا آهن. سوين هزارين سالن کان انهي سپني انسانن کي بيچين رکيو آهي. سندن سک جو سپنو ـــ جنهن کين سک سمهڻ ڪونه ڏنو آهي. اهو سپنو هر پيڙهي جي اکين ۾ ٽاڪيل رهيو آهي. هن پيڙهي جون اکيون به ان کان خالي نه هيون. هيءَ پيڙهي- جنهن جو هڪ حصو ڪنول به هئي. ڪنول ڪڏهن به ڪنهن سان پنهنجا سپنا نه سليا هئا. پر پوءِ به وٽس اهڙائي سپنا هئا، جهڙا سندس ساهيڙين وٽ هئا. انهن سپنن ۾ اهو سپنو به هو، جيڪو ڇوڪرين جي هر سپني جي سر جو موڙ آهي. پر هن ڪجهه وقت اڳ کليل اکين سان جيڪو ڀيانڪ ۽ ڇرڪائيندڙ سپنو ڏنو هو، انهي سندس سپنن کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو هو. هن وٽ سپنا هئا، پر ڌنڌلا ڌنڌلا ۽ ميرانجهڙا؛ ۽ عجب اهو هو ته هن اها ڌنڌ هٽائڻ به ڪو نه ٿي گهري.
۽ پوءِ ڌنڌ جي انهن ئي ڏينهن ۾ هوءَ پرڻجي وئي.
*
امتحانن جا نتيجا اچي چڪا هئا. ڪاليج وري کلي چڪو هو. آخري سال جون جيڪي شاگردياڻيون سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيون هيون، انهن ۾ ڪنول به هئي. البت اڳي جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري هن گهٽ مارڪون ضرور کنيون هيون. کيس خبر هئي ته ايئن ٿيڻو هو، سو هوءَ ذرو به اچرج ۾ ڪانه هئي.
ڪاليج کليو ته هر سال جي روايت وانگر هن دفعي به نون آيلن جي ڀليڪار ۾ آجياڻو ۽ ويندڙن جي مان ۾ الوداعي تقريب ٿي. جنهن ۾ سٺا نمبر کڻندڙ شاگردياڻين کي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. ايوارڊن ڏيڻ لاءِ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ، شهر جي ناليرين شخصيتن کي گهرايو ويو هو. جن ۾ شهر جو وڏو ٺيڪيدار سيٺ سومار پڻ شامل هو.
سيٺ سومار غريب جو ٻار هو. گهڻو پڙهي نه سگهيو. پر پوءِ به ٻه اکر پيٽ ۾ هئس ۽ هوشيار ۽ چالاڪ پڻ هو. جنهن سبب اڳتي نڪري آيو. زندگي جا ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا هئائين. هاءِ اسڪول مان پڙهائي پوري ڪرڻ کانپوءِ سندس مائٽن ۾ ايتري وسيت ڪانه هئي، جو کيس ڪجهه اڳتي پڙهائين. ان ڪري کيس ڌنڌي ڌاڙيءَ جي ڳولا ڪرڻي پئي. اڃا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جي ايڏي گهڻائي پيدا ڪانه ٿي هئي. ان ڪري جنهن کي به ٻه اکر پيٽ ۾ هئا، انهيءَ جو قدر هو. سيٺ سومار کي به گهڻا هٿ پير هڻڻا ڪونه پيا. کيس ستت ئي خانگي نوڪري ملي ويئي. هو ٺيڪيدار سيٺ ڪرم علي وٽ منشي ٿي ويو. جتي دل جان ۽ هوشياري سان ڪم ڪيائين. اعتماد ماڻيائين. هوريان هوريان سيٺ ڪرم علي جي سڄي ڇيڙي نبيري سندس هٿ ۾ اچي وئي. سيٺ کي به کارايائين. پاڻ به کاڌائين. نيٺ هڪڙي ڏاڪي تي پهچي هن سيٺ ڪرم علي کان پنهنجون راهون الڳ ڪيون. ننڍا ننڍا ٺيڪا کڻي مٿي چڙهيو. هڪڙي ڏينهن وڏن ٺيڪيدارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ڪاروبار کي پکيڙ ڏنائين. مختلف ڌنڌن ۾ پئسا سيڙايائين. هاڻي سندس ملڪيت ڳاڻيٽي کان ٻاهر هئي.
دولت ايندي آهي ته ماڻهو جي هلت چلت، اٿڻي ويهڻي، سڀاءُ، ورتاءُ ۽ ڏيک ويک ۾ به هڪڙي قسم جو شان ۽ اعتماد اچي ويندو آهي. سيٺ سومار جي شخصيت ۾ به هڪڙي قسم جي ڏيا اچي وئي. ماڻهو سندس اڳي کان به وڌيڪ احترام ڪرڻ لڳا. البت پوءِ- ڍاون واريون عادتون به منجهس پيدا ٿيون. جنهن ڪري هو مختلف ڪمزورين جو شڪار پڻ بنيو. منجهس منفي لاڙن پڻ جنم ورتو. تنهن هوندي به سماج ۾ سندس گهڻيري عزت هئي. دولت ڪمزورين، خرابين ۽ اوڳڻن کي ڍڪي ڇڏي ٿي. اوڳڻ جيترا ڍڪجن ٿا، اوترا وڌن ٿا. ڍڪ ۽ روڪ ۾ فرق آهي. دولت ڍڪي ضرور ٿي، پر روڪي نه ٿي. ڪن ڪن حالتن ۾ ته پاڻ انهن کي وڌائي ٿي. گهڻي دولت ۽ گهڻي غربت- ٻيئي براين، بڇڙائين، اوڳڻن ۽ ڏوهن کي جنم ڏين ٿيون. معاشري ۾ ٻنهي جي وچ ۾ جيتري وڏي وٿي هوندي، معاشرو اوترو وڌيڪ زوال جو شڪار هوندو. بدحال سماج ۾ شاهوڪار فرد بداخلاق، ڏيکاءُ پسند ۽ پاڻ پڏائڻ وارا ٿيندا آهن. سيٺ سومار ۾ به، جنهن معاشري جو هو حصو هو، ان جون چڱايون لڱايون موجود هيون. شايد لڱايون ڪجهه وڌيڪ. پر دولت سندس ڍڪ هئي. کيس شهر ۾ وڏو مان مرتبو حاصل هو. شهر جا ميڙاڪا ۽ تقريبون سندس ڌاران سُونيون سُونيون، ٻُسيون ٻُسيون ۽ ويران هونديون هيون. هو انهن ميڙاڪن ۽ تقريبن جي جان هوندو هو. ڪابه اهڙي تقريب ڪانه هوندي هئي، جنهن جي کيس دعوت نه هجي؛ ۽ هو ڪابه دعوت نه وساريندو هو. اڄ هو ڪاليج جي هن پارٽي ۾ شريڪ هو. جنهن ۾ رنگبرنگي ويس وڳا اوڍيل ڇوڪريون گلن وانگر سڳنڌون وکيري رهيون هيون. انهن سڳنڌن ۾ هڪڙي سڳنڌ ڪنول جي به هئي.
تقريب هلندي ڪيترين ئي ٻين ڇوڪرين وانگر ڪنول کي پڻ اسٽيج تي اچڻو پيو هو. بلڪ هوءَ ٻه ڀيرا اسٽيج تي آئي هئي. هڪ ڀيرو ايوارڊ وٺڻ لاءِ ۽ ٻيو دفعو هڪڙي ٽيبلي ۾ حصو وٺڻ لاءِ. ٽيبلي ۾ ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسي ڪئي وئي هئي. ان ۾ ڪنول ڳوٺاڻي ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪيو هو. جيڪو ڏاڍو جاندار ۽ ڀرپور هو. اداڪاري ڪنول جي انگ انگ مان ڦٽي نڪتي هئي. سندس آواز، جملن جي ادائيگي، چهري جا تاثر، جسم جي چرپر- سندس پورو وجود خواب بڻجي ڪردار ۾ پيهي ويو هو. اکيون ٽڪ ٻڌي کيس تڪي رهيون هيون. ڏسندڙ پنڊ پهڻ هئا. ماحول تي هڪڙي قسم جو جادو ڇانيل هو. ڏسندڙن کي اها به خبر نه پيئي ته ٽيبلو ڪيڏي مهل ختم ٿيو، اداڪار ڪيڏي مهل اسٽيج تان غائب ٿيا ۽ ڪيڏي مهل پڙدو ڪريو؟ سندن هوش حواس انهي مهل جائيتا ٿيا، جنهن مهل ڪمپيئر ڳالهائڻ شروع ڪيو. ماڻهو ڇرڪ ڀري ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿيا ۽ پوءِ پنجن ستن منٽن تائين لڳاتار ڀرپور تاڙيون وڄنديون رهيون؛ جن جي گونج ڪاليج کان ٻاهر پري تائين ٻُرندي هلي وئي هئي. تاڙيون وڄائيندڙن ۾ سيٺ سومار به شامل هو، جيڪو ٻارن وانگر بي اختيار تاڙيون وڄائي رهيو هو. تاڙيون وڄائيندي کيس احساس ٿيو ته ڪنول اسٽيج تان خالي هٿين ڪانه وئي هئي، پر سندس سيني مان به ڪا شئي چوري ڪندي وئي هئي.
*
مرد جي من ۾ ڪنهن عورت جي لاءِ هورا کورا پيدا ٿيندي آهي ته ماٺي ٿيڻ بدران وڌندي ئي ويندي آهي. سيٺ سومار سان به ساڳي حالت هئي. ڪنول جو حسن سندس من ۾ آڳ لڳائي ويو هو، جيڪا اجهامي نه ٿي اُجهي. هو وس ڪري بيٺو، پر سندس من شانت نه ٿيو. اندر جي آڳ نه اجهاڻي. ان رکي رکي ڀڙڪا ٿي ڏنا. سندس هورا کورا جيئن پوءِ تيئن وڌندي ٿي وئي. هو زندگي ۾ ايڏو پريشان ڪڏهن به ڪونه ٿيو هو. جيتوڻيڪ هو ڪو الهڙ ڪو نه هو. هن زندگي جي گل گل جو واس ورتو هو. ڪئين عورتون سندس زندگي ۾ آيون ۽ ويون هيون. هن جنهن سان جيئن چاهيو تيئن ورتاءُ ڪيو هو. عورتون سندس جيون ۾ ڄڻ ته سندس ئي شرطن تي اينديون هيون. جڏهن چاهيائين ماڻيائين، جڏهن چاهيائين ٿيڙي ڇڏيائين. ان نقطي تي فقط سندس من جي مرضي هلندي هئي. جنهن مان به سندس من ڀرجي ويو، اها ٿيڙجي وئي- ۽ جيڪا ٿيڙجي ويئي، اها وري ڪڏهن ڀلجي به کيس ياد نه آئي. هو پوئتي لنئوڻو رڳو تڏهن هڻندو هو، جڏهن حساب ڪتاب ۾ منجھندو هو. ليکي چوکي جي سلسلي ۾ هو پراڻن ڪاڳرن ۽ پراڻين بندين جا ورق ورائيندو هو. باقي هن ڍيليل عورت لاءِ ڪڏهن به لنئوڻو ڦيرائي پوئتي نه ڏٺو. اهي نالا جيڪي ڪڏهن سندس دل جي درين ۾ چراغن جيان ٻرندا هئا، سي جڏهن وساڻا ته هن انهن تي ڄمي ويل ڪَس ۽ ڌُنڌ کي ڪڏهن ڪونه هٽايو. پراڻو چراغ اجهاڻو ته هن ان کي ڇڏي ڪو نئون ڏيئو ٻاريو. عورتون هن لاءِ ڏيئڙا ڏيئڙا هيون، پر هو پتنگ ڪو نه هو، جيڪو انهن مٿان جلي وڃي. ڏيئڙا هن لاءِ ٻرندا هئا ۽ هن لاءِ ئي جلندا هئا. عورتون هِتي ڏيئو به پاڻ هيون، ته پتنگِ ۽ پتنگيون به پاڻ هيون، جيڪي هن جي پيار جي لاٽ تي ڄرڪِي وينديون هيون. هي انهن مان روشني ماڻيندو هو، سندن تڙڦڻ ۽ پچڻ ڏسندو هو- ۽ پوءِ هوا جي جهوٽي وانگر کين وسائي کانئن پري هليو ويندو هو. ايترو پري، جو هوءَ ٻيهر سندس دنيا ۾ داخل ٿي نه سگهنديون هيون. هيءَ اهي عورتون هيون، جن کيس چاهيو هو، جيڪي مٿس موهت ٿيون هيون. انهن کانسواءِ رات گذارڻ وارين جو ته ڳاڻيٽو ئي ڪونه هو. جڏهن به کيس طلب محسوس ٿي، مائي مَلڪان جي ڪوٺي تي فقط فون گهمائڻ جي دير هوندي هئي. آخرڪار هو سندس نهايت سڻڀو گراڪ هو. پر انهن ماين جي اهميت فقط هڪڙي رات تائين هوندي هئي. پر جي ڪائي کيس گهڻو لطف ڏيئي وئي، ته وڌ ۾ وڌ ٻه يا ٽي راتيون. ان کان وڌيڪ هو ڊيگهه ڪونه ڪندو هو. باقي جن گهريتڙين کيس چاهيو هو، جيڪي شريفائون سندس دامِ محبت ۾ ڦاٿيون هيون، انهن جو قصو ڇهه مهينا سال تائين هلي ويندو هو. هڪ ئي وقت ٻه ٻه ٽي ٽي مايون به سندس دامِ محبت ۾ ڦاٿل هونديون هيون، پر سندس محبت کي دوام حاصل نه هو. هن جي محبت روح جي محبت نه هئي، جسم جي محبت هئي. جنهن ۾ گهڻي وقت تائين تازگي نه رهندي هئي. هِتان تازگي ختم ٿي، هُتان هن جي محبت پرڙا ڦڙڪايا. وري نوان ماڳ، نوان مڪان، نوان ماڻهو. ڪابه چاڳلي پنهنجي چاڳن ۽ چڳن سان کيس هميشه لاءِ ونگي نه سگهي. ٻيو ته ٺهيو پر هن لاءِ پنهنجن گهر وارين جا ونگ به ڪمزور ثابت ٿيا. پهرين شادي هن مائٽن جي چوڻ تي ڪئي. بعد ۾ ٻه شاديون ٻيون پنهنجي پسند تي ڪيائين. پر انهن ۾ به گهڻي وقت تائين موهه نه رهيس. ايترو سو هو جو انهن جو هٿ تنگ ٿيڻ نه ڏنائين. دنيا جا سڀئي سک، جن جا عورتون سپنا ڏسنديون آهن، سي کين ميسر ڪري ڏنائين. پر دل جي محبت انهن کي به نه ڏئي سگهيو. هو جلد ئي منجهانئن ورچي پوندو هو. اهو ورچڻ کيس ٻاهر وٺي ٿي آيو. ٻاهر جي دنيا، جيڪا وسيع هئي، رنگ رنگ هئي. هو انهي مان رنگ، روپ ۽ خوشبويون ميڙيندو هو. انهن رنگن، روپن ۽ خوشبوئن پٺيان هو در در ڀٽڪندو هو. ڀؤنر وانگر کيس ڪنهن به گل تي ٽڪاءُ ڪو نه هو. گل گل جو واس وٺي به هو اڃارو هو. ماندو هو. شايد هو بي راهه مسافر هو، جيڪو منزل جي ڳولا ۾ در در ڀٽڪي رهيو هو. انهيءَ ڳولا ۾ ڀٽڪندي، جڏهن سندس اکيون ڪنول تائين پهتيون ته ٽڪ ٻڌي مٿس بيهي رهيون. ڄڻڪ کين منزل ملي وئي هئي.
ڪنول ۽ سيٺ سومار جي عمرين ۾ اڌو اڌ کان به وڌيڪ فرق هو. ڪنول اسر ويلي ٽڙيل تازي گل وانگر هئي. اڃا به ايئن چئجي ته مکڙي هئي- ۽ سيٺ سومار جي ڄمار جو سج ڪاپار کان لڙڻ لڳو هو. ٻنهي جي عمرين و چ ۾ موجود اهو تفاوت سيٺ سومار کي ستائي رهيو هو. هن ڪنول کي هر قيمت تي ماڻڻ ٿي چاهيو. پر ان جو رستو فقط هڪڙو هو- اهو هو شادي. ۽ ان ۾ ڏکيائي اها هئي ته ٻنهي جي عمرين ۾ موجود تفاوت سبب ڪٿي ڪنول جا مائٽ اها سنڱاوتي ڪرڻ کان انڪار نه ڪري ڇڏين. هن انڪار ٻڌڻ نه ٿي چاهيو. ان ڪري گذريل ڪجهه ڏينهن کان سندس اندر ۾ وڏي آنڌ مانڌ متل هئي. هن ڪنهن به قيمت تي ڪنول کي وڃائڻ نه ٿي چاهيو.
نيٺ هو ان ٻڏتر مان نڪري آيو ۽ ڪنول جي مائٽن کان سندس سنڱ جي گهر ڪيائين.
ڪنول جا مائٽ مسڪين ڪونه هئا، ته ايڏا وڏا شاهوڪار به ڪونه هئا. بس هڪ حد تائين پاڻڀرا هئا. مڇيءَ ماني وارا هئا. پر هيڏي وڏي ماڻهو سندن ڌيءَ جو سنڱ گهريو هو. جنهن ڳالهه کين منجهائي رکيو. هنن سوچڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن جي مهلت گهري.
سيٺ سومار ڪنول جي لاءِ الڳ بنگلي ٺهرائڻ ۽ کيس مائٽن وٽ اچڻ وڃڻ لاءِ گاڏي وٺي ڏيڻ ۽ دنيا جا سڀ سک سندس پيرن ۾ رکڻ جو واعدو ڪيو. هِتي مائٽ ڌيئن جا رشتا ڏيڻ مهل سڀ کان وڌيڪ ترجيح ۽ اوليت دولت ۽ آسائشن کي ڏيندا آهن. سو هن هنڌ ته ڄڻ دنيا جا سڀ سک ڪنول جي پيرن ۾ پيا هئا. سندس ماءُ هرکي پيئي.
“منهنجي ڌيءَ راڄ ڪندي راڄ! الڳ ٿلڳ بنگلو، گاڏي، ڌن، دولت؛ سڀ ڪجهه ته سيٺ سندس نالي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڏسين ڪو نه ٿو ته هو ڪيڏو نه اتاولو آهي. هو مٿس هرک هاري ويٺو آهي. ڪنول جهڙي سهڻي زال ته کيس ملندي به ڪانه. هو کيس اکين تي ويهاريندو.” ڪنول جي ماءُ پنهنجي مڙس کي چيو.
“ڪنول ماءُ! پوءِ به ٻنهي جي عمرين ۾ ڏس ته وڏو فرق آهي. ڪٿي ايئن نه ٿئي ته اسين دولت جي چمڪ تي پنهنجي ڌيءَ کي ٽانڊن مٿان نه اڇلي ڇڏيون.” ڪنول جو پيءُ، جيڪو هي سنڱاوتي ڪرڻ ۾ هٻڪيو پئي، ان پنهنجي گهر واريءَ کي ورندي ڏني. “ٻيو ته وڏن ماڻهن تي اعتبار نه ڪرڻ گهرجي. سندن سڀ شؤنق عارضي هوندا آهن. سڀاڻي هو اڃا ڪنهن ٻي ڇوڪري سان شادي ڪري ته پوءِ اسان جي ڇوڪري ته تباهه ٿي ويندي نه! سڄي عمر رت جا ڳوڙها ويٺي ڳاڙيندي.”
“ڏس! وات مان اولي وائي نه ڪڍبي آهي. اسين سيٺ صاحب کان سڀ ڳالهيون لکائي وٺنداسين. مٿانئس وري ٻي شادي نه ڪرڻ جو شرط به لاڳو ڪريون. مڃي ٿو ته پوءِ ٺيڪ آهي.” جوڻس جواب ۾ وراڻيو.
اهڙي طريقي سان ٻنهي زال مڙس وچ ۾ ٻه ٽي ڏينهن تائين صلاح مشورا هلندا رهيا. ٻن چئن ويجهن مائٽن کي به ان سلسلي ۾ صلاح صواب لاءِ گهرايائون. البت هنن نه پڇيو ته ڪنول کان ان باري ۾ نه پڇيو.
مهلت جا ڏينهن پورا ٿيا ته سيٺ صاحب وري سندن در تي لڙي آيو. هنن کيس پنهنجن شرطن شروطن کان آگاهه ڪيو.
سيٺ هڪ ئي ڌڪ ۾ سڀئي شرط مڃيا.
۽ هنن کيس ڪنول جو سنڱ ڏيڻ لاءِ هاڪار ڪري ڇڏي.
*
مائرون پنهنجن عمر ڀر جي ڏکن، دردن ۽ محرومين جو علاج پنهنجي ڌيئرن جي زندگين ۾ ڳولينديون آهن. ڌيءَ لاءِ سٺو گهر، سٺو ور ۽ ان جو اولاد ڏسي هوءَ پنهنجا سڀ دک ڀلجي وينديون آهن. ڪنول جي ماءُ به شايد سندس ڌيءُ جي مستقبل ۾ پنهنجن محرومين جو مُدائو پئي ڳوليو. سندس لاشعور سندس خوشين ۾ ڪٿي ڇپ هنيو ويٺو هو. ڌيءُ جي هن رشتي ۾ هوءَ ڏاڍي خوش هئي. جيڪي سک، آسائشون ۽ خوشيون هوءَ ڪنول کي ملنديون ڏسي رهي هئي، هن پاڻ به پنهنجي وهيءَ ۾ جيڪس اهڙا خواب ڏٺا هئا. سندس ڪيترائي خواب اڻپورا رهجي ويا هئا. هوءَ هاڻي وهي کائي چڙهي هئي- ۽ کيس ياد به نه رهيو هو ته هن پنهنجي جواني ۾ ڪي خواب ڏٺا هئا، ڪي سپنا ڏٺا هئا. ڪهڙا سپنا هئا؟ تن منجهان ڪهڙا پورا ٿيا، ڪهڙا رهجي ويا؟ کيس ڪجهه ياد ڪونه هو. هن ڪڏهن به مڙي پوئتي ڪونه ڏٺو. شايد هن مڙي نهارڻ به ڪونه ٿي گهريو. زالون مڙسن سان گڏ هلنديون آهن ۽ مائرون اولاد جي مستقبل ۾ چِتائينديون آهن. اولاد جو مستقبل سندن اڌورين، اڻپورين ۽ رهجي ويل خواهشن جو پورائو هوندو آهي.
عورت پاڻ به سپنو آهي. ان ڪري سدائين سپنن ۾ جيئندي آهي. هوءَ سپني کان ٻاهر رڳو ايترڙي دير هوندي آهي، جيتري دير سندس اکين ۾ لڙڪ هوندا آهن. عورت جو سپنو ٽٽندو آهي ته سندس اکين ۾ ڳوڙها ايندا آهن. عورت گهڻو روئندي ئي تڏهن آهي، جو هيءَ سماج سپنن جو دشمن آهي. اهو گهڙي گهڙي سندس سپنن سان ٽڪرائجندو آهي ۽ سندس خوابن کي ڀورا ڀورا ڪندو رهندو آهي. سپنو ٽٽندو آهي ته هوءَ روئندي آهي. پر وري جيئن ئي ڳلن تان ڳوڙها سُڪنس ٿا، هوءَ وري سپني ۾ هليو ٿي وڃي. سپنو ۽ عورت ساڳي ڳالهه آهي. ان ڪري هوءَ سموري ڄمار سپنن ۾ ٿي جيئي. البت عمر جي مختلف موڙن تي سندس سپنا بدلجندا رهندا آهن. ڪنول جي ماءُ به هاڻي پنهنجي لاءِ نه، پر ڌيڻس لاءِ سپنا ڏسي رهي هئي. هن کليل اکين سان وڻندڙ، سندس دل کي ڀانئندڙ سپنا پئي ڏٺا. انهي ڪري هوءَ تمام گهڻي خوش هئي.
*
ڪنول بلڪل خاموش هئي. سندس زندگي بابت فيصلا پئي ٿيا، پر هوءَ ايئن ماٺ هئي، جو ڄڻ کيس ڪا خبر ئي نه هجي. هن ڪابه راءِ ڪانه ٿي ڏني. جيڪي ڪجهه سندس سامهون وهي واپري رهيو هو، ان کي ماٺ ميٺ ۾ ڏسي رهي هئي. هن گهر وارن جي مونجهه کي به ڏٺو؛ هاڻي سندن خوشي کي به ڏٺائين پئي. هن کي ايئن ٿي لڳو ڄڻڪ سڀ ڪجهه ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل هجي. پُراسرار ۽ ڌنڌلو ڌنڌلو. انهي ڌنڌ مان کيس ڪنهن ڪنهن مهل آڪاش جو چهرو ڏيکائي ڏيڻ ٿي لڳو، ته ڪنهن مهل ڪجهه به نظر نه ٿي آيس. جنهن مهل به کيس آڪاش جو چهرو نظر آيو ته هوءَ هڪ ئي وقت مختلف ڪيفيتن ۾ وڪوڙجي ٿي وئي. کيس افسوس ٿي ٿيو، پڇتاءُ ٿي ٿيو. ساڳئي وقت اٿاهه ڌڪار به سندس من ۾ اڀري ٿي ۽ آڪاش جي بيوقوفاڻي تي کيس ڪاوڙ ٿي آئي. هو پنهنجي جذباتيپڻي ۽ بيوقوفاڻي انداز جي اظهار سان هن جي زندگي ۾ هڪڙي اذيت ۽ ولوڙ پيدا ڪري ويو هو. ڪنول کيس بلڪل ياد ڪرڻ نه ٿي گهريو. ان ڪري جنهن مهل به هو کيس ياد آيو، ڪنڌ کي جهٽڪي پاڻ کي سندس خيال جي ٻانهن مان ڇڏائي ٿي ورتائين.
هن پنهنجي مڱڻي جي ڳالهين کي به انهي ڌنڌ مان ٿي ٻڌو. سيٺ سومار کي هن ڪاليج واري تقريب ۾ ڏٺو هو. پڪي عمر هوندي به ڦڙت، جهڙڳ مڙڳ، تيز ۽ نفيس نظر ٿي آيو. منجهس مرداڻي ڏيا هئي. پر هن پنهنجي دل ۾ هُن لاءِ ڪوبه جذبو محسوس نه ٿي ڪيو. نه محبت، نه ڌڪار، نه ئي ڪائي ڇڪ. انهن لاءِ هن وٽ ڪو سبب به ڪونه هئو. هو هڪ ڌاريو مڙد هو؛ هن کان وڏو هو. هن جو ساڻس ڪو سنڱ سياپو ڪونه هو. نه ئي وري هن کيس رنجايو هو. سو هن لاءِ وٽس ڪو جذبو ڪين هو.
۽ هاڻي جڏهن هن سان سندس سنڱ سلهاڙيو پئي ويو ته هوءَ چاهيندي به ان بابت چٽي نموني يا گهڻو سوچي نه سگهي. هن ان باري ۾ سوچن تي گهڻو زور به نه ڏنو. هن کي سوچڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي هئي. ڪهڙو کانئس ان ڏس ۾ راءِ ٿي پڇي وئي، جو هوءَ ان بابت سوچي ويچاري ها. ڌيون پرائو ڌڻ، نيٺ ته شينهن ڪلهي چاڙهڻيون ـــ کانئن پڇڻ جي ضرورت ڪنهن کي هئي!؟ انهن کي ته ماٺ ميٺ ۾ مائٽن جي فيصلي جي سوريءَ تي چڙهي وڃڻو هو! سو ڪڇڻ پڇڻ ڌاران هن سڀ ڪجهه ماٺ ميٺ ۾ ڏٺو پئي. ڌنڌلو ڌنڌلو، ڪوهيڙي ۾ ورتل. انهيءَ ڌنڌ مان ڪنهن ڪنهن ويل هن کي اڻچٽو ئي سهي، پر اهو به ڏسڻ ۾ آيو ٿي ته هن ڪڏهن دولتمند ۽ مٿس ديواني مڙس جا سپنا ڏٺا هئا. دولتمند ۽ ديوانو مڙس، جيڪو پنهنجو سڀ ڪجهه سندس پيرن ۾ رکڻ ۽ گهورڻ لاءِ تيار هجي. ۽ سيٺ سومار پنهنجو سڀ ڪجهه هن جي قدمن تي نڇاور ڪرڻ لاءِ تيار هو.
*
ٿورن ڏينهن ۾ سيٺ سومار سان ڪنول جي مڱڻي ٿي وئي. مڱڻي کانپوءِ شادي ۾ گهڻي وٿي نه وڌي وئي. سيٺ سومار شادي لاءِ ڪنول جي مائٽن تي زور وڌو. تڪڙ ۾ ئي سندن شادي ٿي وئي.
مڱڻي جي رسم ته سادگي سان ٿي. البت شادي جو ڪاڄ ڌام ڌوم سان ڪيو ويو. ڪنواريتن توڙي گهوٽيتن جي مٽن مائٽن، سنگتين ساٿين ۽ واقفڪارن جي وڏي انگ کي دعوتون ڏنيون ويون.
ڪنول جي ساهيڙين لڇمي، سورٺ، روپ، پوڄا، ياسمين، تنزيلا، عابدان، منيران ۽ ٻين سندس ڪاڄ ۾ شرڪت ڪئي. سهرا ۽ لاڏا ڳايا. کل ڀوڳ، مذاق مشڪري ۽ مستي ڪيائون. ان موقعي تي ڪنهن به آڪاش کي ياد نه ڪيو، نه ئي سندس ذڪر وغيرهه ڪيائون. هنن پنهنجي ساهيڙي جي دل هن خوشيءَ جي موقعي تي ڏکوئڻ نه ٿي گهري. ڪنوار جي دل ڪير به ڏکوئڻ نه گهرندو آهي. ڪهڙي خبر، پرائي گهر ۾ کيس سک ملن يا ڏک؟ نياڻين نماڻين جي تقدير سدائين ڌنڌلڪي ۽ الڪي ۾ ويڙهيل هوندي آهي. گڏوگڏ شادي جي ويلا به سندن لاءِ هڪ ئي وقت مرڪ ۽ لڙڪ گڏ کڻي ايندي آهي. ڪنوار روئندي لڙڪ لاڙيندي مائٽن جو گهر ڇڏيندي آهي ۽ عجيب وهنوار آهي اهو! ڏک ۽ خوشي، لڙڪ ۽ مرڪ هڪ ئي موقعي تي گڏجي پوندا آهن. انهي ڪري سڀني پاران ڪنوار جو سڀ کان گهڻو خيال رکيو ويندو آهي. ڪنول جي سهيلين به سندس خيال پئي رکيو. پر اوچتو ڪنول کي ڄڻڪ ڪجهه ياد آيو. هن پنهنجي ساهيڙين جي جهميلي تي نظر وڌي. هڪڙو هڪڙو چهرو چتايائين. کيس ساڀيا نظر نه آئي. هوءَ ياسمين کان پڇي ويٺي.
“ياسمين! ساڀيا ڪانه آئي آهي؟ ايندي يا.....!” ڪنول اهو پڇندي ڏکاري ٿي وئي ۽ جملو اڻپورو ڇڏي ڏنائين.
“ساڀيا جي ماماڻن ۾ به ڪو ڪاڄ هو. چيائين پئي ته مٿس ماڻس جو زور آهي ته ساڻس گڏجي اوڏانهن هلي. شايد اوڏانهن وئي آهي.” ياسمين صاف ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪنول سڀ ڪجهه سمجهي وئي. پر هن ياسمين کي ورائي ڪجهه چوڻ بدران رڳي جوهه وجهي کيس ڏٺو. هوءَ ماٺ رهي، پر کيس پنهنجي ڳلي ۾ ڪا ڳنڍ اٽڪندي محسوس ٿي ۽ هوءَ ڳوڙها پي وئي. ياسمين اهو محسوس ڪيو. هن نه ٿي چاهيو ته خوشي جي هن موقعي تي ماحول تي ڪا ڳراڻ ڇانئجي. ان ڪري هن موضوع مٽائڻ لاءِ ٻين ساهيڙين کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندي سهرو کنيو:
دُهري ڪنوار جي لاڙئون گهرايان.
تڪڙ ۽ خيالن ۾ انتشار سبب هن منڍ بدران وچ مان سهرو کنيو. جنهن ڪري سهرو کانئس کڄي نه سگهيو. هن سر وٺرائڻ لاءِ ٻين ڏانهن ڏٺو. پر ڪنهن به سندس ساٿ نه ڏنو. هن سهرو ڇڏي ڏنو. جنهن تي سڀئي مٿس کلڻ لڳيون ۽ ماحول ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. ٽهڪڙي سان ڪنول جون ڪيفيتون پڻ بدلجي ويون ۽ ڪنواري حجاب ۾ ويڙهيل مرڪ سندس لال چپڙن جي ڪنارن تي رقص ڪرڻ لڳي.
سيٺ سومار دل کولي ڪاڄ تي خرچ ڪيو هو. دعوت ڏاڍي شاندار ٿي هئي. ان ڪري ڪيترائي ڏينهن ماڻهو سندس دعوت جا گڻ ڳائيندا رهيا.
*
ڪنول هاڻي پنهنجي مڙس جي گهر ۾ هئي، پنهنجي گهر ۾ هئي.
ڇوڪريءَ هڪڙي پل ۾ ڇوڪريءَ مان عورت ٿي ويندي آهي. سنجوڳ جو پل، ميلاپ جو پل. جنهن ۾ مرد ماڪ وانگر سندس پوري وجود مٿان وسندو رهندو آهي، ۽ هوءَ مکڙي مان گل ٿي پوندي آهي. ڪنول به سهاڳ رات جو سنجوڳ ماڻي ڇوڪريءَ مان عورت بڻجي ويئي هئي.
هاڻي هوءَ پنهنجي گهر ۾ هئي. نئون ۽ عاليشان بنگلو، ڪار، نوڪر، چاڪر، پيار ڪندڙ مڙس، سک، آسائشون. اهو سڀ ڪجهه وٽس هو، جنهن جي تمنا مايون عام طور تي ڪنديون آهن. سيٺ سومار ڪنول جي راضپي، خوشي ۽ سرهائي لاءِ دنيا جهان جا سڀئي سک سندس قدمن ۾ وڇائي ڇڏيا هئا. نه رڳو ايترو، پر هو پاڻ به هن جي قدمن ۾ وڇايو وڇايو پيو هوندو هو. ڪنهن به عورت جي موهه ۾ هن سان ايئن نه ٿيو هو. پر ٻي ڪابه عورت ڪنول به ته ڪانه هئي. ڪنول ته وٿ ئي ٻي هئي- سڀني کان منفرد، سڀني کان نرالي. هر رات نئين! موهه ۽ لطف جي هن دنيا مٿس جادو ڪري ڇڏيو. هو ڪنول جي ڪايا سان ڪڙجي ويو، ان جي سراپا ۾ سوگهو ٿي ويو، هن جي وارن ۾ اڻيهئي لاءِ ونگجي ويو. هو ان سان ايئن سلهاڙجي ويو، جو ٻه جسم هڪ جان ٿي ويا. محبت سڀ سنڌا ميٽي ڇڏيندي آهي، سڀئي فرق ريٽي ڇڏيندي آهي- ويندي عمر جو فرق به. هتي به ڪو فرق ڪونه رهيو هو. ٻيئي هڪٻئي ۾ سمائجي ويا هئا. سيٺ سومار خوش هو. ڪنول خوش هئي. ٻيئي خوش هئا. ٻنهي هڪٻئي کي ماڻيو هو.
خوشي ۾ وقت ايئن گذرندو آهي، جو خبر ئي نه پوندي آهي. سيـٺ صاحب کان ٻاهر جي دنيا وسري وئي هئي. هاڻي هن جي دنيا ڪنول کان شروع ٿي ڪنول تي ختم ٿي ٿي. انهيءَ موهه ۾ هنن کي به پتو ئي نه پيو ته وقت ڪيئن اڏامندو پيو وڃي. سندن شادي کي پنج سال گذري ويا. راحتن، محبت، خوشين ۽ سکن جا ڀريا تريا پنج سال. وقت گذرندي ويرم ئي نه ٿي ٿئي.
هڪڙي ڏينهن صبح جو سيٺ سومار ننڊ مان جيئن ئي جاڳيو ته کيس پنهنجي طبيعت خراب محسوس ٿي. سيني تي بار، رڳون سيٽيل، ڪلها، پٺا ۽ ڪنڌ ورتل محسوس ٿيس. ٿوري دير ۾ ئي سندس طبيعت بگڙي وئي. کيس انهي مهل اسپتال نيو ويو. پتو پيو ته کيس دل جو دؤرو پيو آهي. هن کي سيول اسپتال جي دل جي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو. دل جي سٺن ڊاڪٽرن سندس معائنو ڪيو ۽ بهتر علاج ڪيائون. ڪجهه ڏينهن ۾ هو چڱو ڀلو ٿي ويو. چڱي ڀلي ٿيڻ کانپوءِ هو اسپتال مان گهر منتقل ٿيو.
هو چڱو ڀلو ٿي ويو، پر سندس صحت اڳي جهڙي نه رهي. هو ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو ۽ ڳرندو ٿي ويو. هاڻي کيس مٺي پيشاب جي بيماري به لڳي چڪي هئي. پر همٿ ڀريو مڙس هو. ان ڪري دل نه هاريائين. ساندهه ٽن سالن تائين بيمارين سان وڙهندو رهيو. البت هو ڪِري نه ڪري سگهيو. ان معاملي ۾ هن ڪنول جو چيو به ڪونه ڪيو. ڪنول جڏهن کيس ڊاڪٽرن طرفان منع ڪيل شيون کائڻ کان روڪيندي هئي ته هو وراڻيندو هو ته:
“مرڻو ته هڪڙي ڏينهن هونئن ئي آهي، پوءِ ڪِري ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پئي؟ دنيا ڏٺم. ماڻيم، چوڙيم. توکي ماڻڻ کانپوءِ ته هاڻي ٻي ڪا حسرت به ڪانه رهي آهي. ان ڪري هاڻي جيڪڏهن آئون مرندس ته تنهنجن ٻانهن ۾ نهايت سڪون سان مرندس.”
سندس واتان ان قسم جون ڳالهيون ٻڌي ڪنول جا ڳچ ڳري پوندا هئا. پوءِ هوءَ پنهنجوهٿ سندس وات تي رکي کيس وڌيڪ ڳالهائڻ کان روڪيندي چوندي هئس:
“مرن تنهنجا دشمن. اهڙيون وايون وات مان نه ڪڍندو ڪر. ڪڏهن سوچيو اٿئي ته توکانسواءِ منهنجو ڪير آهي؟ توکانپوءِ منهنجو ڇا ٿيندو؟ آئون ته پنهنجي ڀتار ڌاران مري وينديس.” هوءَ سراپا مشرقي عورت ٿي ويندي هئي.
ان بعد هو ساڻس مذاق ڪرڻ لڳندو هو.
“هاڻي منهنجي بيمار جسم ۾ ڇا رکيو آهي؟ تون نوجوان آهين، سهڻي آهين. تنهنجي اک اشاري سان ڪئين ڳڀرو ڪسي سگهن ٿا. مون کانپوءِ ٻيو مڙس ڪري وٺجانءِ.”
اهڙين ڳالهين تي هوءَ ساڻس باقاعدي وڙهي پوندي هئي.
وقت جيئن جيئن گذرندو ويو، تيئن تيئن سيٺ سومار ڳري ڪنڊا ٿيندو ويو. حيدرآباد کان ويندي ڪراچي تائين ناليوارن ۽ سٺن ڊاڪٽرن جا در ڀيٽيائين، پر مڪمل چاڪ نه ٿيو. اندرو اندر ڪو عارضو هو، جيڪو کيس کائي رهيو هو. جنهن جي ڊاڪٽرن کي خبر ئي ڪانه ٿي پئي.
پوءِ ڪجهه دوستن کيس علاج لاءِ ڏيساور وڃڻ جي صلاح ڏني. دولت ته سيٺ سومار وٽ اڻمئي هئي. ٻاهران علاج ڪرائڻ سندس لاءِ ڪو ڏکيو مسئلو ڪونه هو. پر هاڻي شايد گهڻي دير ٿي چڪي هئي.
هن ٻاهر وڃڻ لاءِ اڃا سنبت پئي ڪئي ته هڪڙي ڏينهن کيس وري دل جو دؤرو پيو. هي دؤرو تمام ڀيانڪ هو. کيس اسپتال نيو پئي ويو ته گس ۾ ئي دم ڏنائين. سيٺ سومار هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو هو. قسمت هڪ ڀيرو وري ڪنول سان ويساهه گھاتي ڪري وئي هئي.
*
اڪيلائي اپار رڻ وانگر ڪنول جي چوڌاري پکڙجي وئي. زندگي جيتري ڀرپور هوندي آهي، اڪيلائي اوتري ئي اٿاهه هوندي آهي. ڪنول سيٺ سومار سان گڏ نهايت ڀرپور زندگي گذاري هئي. جنهن ۾ سک هئا، آسائشون هيون، مان مرتبو هو، خوابن خواهشن جي پورائي هئي، پيار هو. اهو سڀ ڪجهه هو، جنهن جي عام طور تي تمنا ڪئي ويندي آهي. وڏي ڳالهه ته هن جي فخر ۽ غرور جي تسڪين هئي. هوءَ ڪٿي به ويندي هئي ته ڪار مان لهڻ وقت اکين تي چشمو چاڙهي جڏهن چوڏسائن تي نظر وجهندي هئي ته فخر وچان ڦونڊجي ويندي هئي ۽ پنهنجي مقابلي ۾ ٻيو سڀ ڪجهه کيس تڇ لڳندو هو. کيس ايئن ڀاسندو هوته هوءَ سڀني کان مٿڀري آهي. ٻيا سڀ کانئس هيٺ آهن. هوءَ محور آهي، جنهن جي چوڌاري سڀ ڦرندا رهن ٿا. هن جي ڪنهن تي اک ئي ڪانه ٿي ٻڏي. اک ٻڏي به ته ڪيئن؟ سڀئي سندس ابروءَ جي اشاري جا غلام هئا. سندس چوڌاري جيڪي ڪجهه به هيو، اهو سڀ سندس حڪم جو غلام هو. باقي جيڪي ڪجهه هن کان پرڀرو هو، اهو کيس ياد ئي ڪونه هو. هن پنهنجي سڀني ڪاليجي ساهيڙين کي وساري ڇڏيو. جن سان هوءَ ڪڏهن گڏ کلي هئي، گڏ رني هئي، پڙهي هئي، رانديون رهيون هئائين؛ انهن سڀني کي هن وساري ڇڏيو. سندس دل جي ڦرهيءَ تان سڀئي نالا ميٽجي ويا هئا. ڪڏهن ڪنهن جي يادگيري ايندي به هئس ته ان ۾ ڪائي تانگهه، ڪائي تڙپ، ڪوئي احساس ڪونه هوندو هو. ماءُ پيءُ کانسواءِ ٻين مٽن مائٽن کان هوءَ اڳيئي پري هئي، اهي سندس هينئڙي تي ڪيئن ٿي هري سگهيا؟ هُن جي هن نئين دنيا ۾ ماضي جي ڪنهن به شئي جو ڪو گذر ڪونه هو. هن جي هن نئين دنيا ۾ سڀ شيون نيون هيون. نئين دنيا، نوان ماڻهو، نيون ڳالهيون، نوان ڳاراڻا، نيون وٿون، نوان وستار- سڀ ڪجهه نئون هو. هن هڪڙي نئين دنيا وسائي هئي. دعوتون، پارٽيون، سماجي تقريبون، عورتاڻا ميڙاڪا، ڪلب، سنسٿائون؛ اميراڻو وايو منڊل- جنهن ۾ کيس جٿي ڪٿي امتيازي حيثيت حاصل هئي. دنيا سندس قدمن ۾ هئي. سندس سوڍي جي راڄ ۾ هوءَ وڏ گھراڻي هئي. دهلين، دمامين، نقرين- کيس پلپل پڇيو ٿي ويو. هوءَ سهاڳڻ هئي. پنهنجي راءَ جي راڄ ۾ وڏيرياڻي هئي. کيس ڪنهن جي به پرواهه ڪانه هئي.
پوءِ اوچتو ئي اوچتو ويراڳ جو واءُ وريو. سيٺ سومار اجل جي راهه تي رمي ويو. هوءَ ڏهاڳڻ ٿي وئي. هن جو سارو ڏيهه اجڙي ويو. ڪاڪ ڪڙهي، لڊاڻو لوٺو ٿيو، محل ماڳ ٻري ويا. هن جي من جو آتڻ اجهامي ويو. زندگي جيتري ڀرپور هئي، اوتري ئي ويران ۽ سنسان ٿي وئي، اجاڙ ۽ اڪيلي ٿي وئي.
اڪيلائپ جي هنن گهڙين ۾ هن پاڻ کي حالتن جي حوالي ڪرڻ بدران سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي. پئسي ڏوڪڙ، ڌن دولت جو ته کيس ڪو مسئلو ئي ڪونه هو. سيٺ جي انبار ملڪيت مان کيس وڏو حصو مليو هو. هوءَ ان کي سڄي ڄمار کائي کپائي نه ٿي سگهي. ان ڪري گذران جي مسئلي کان آجي هئي. پر زندگي رڳي گذران ته ناهي. خالي گذران جو مسئلو هجي ها ته کڻي خير هو، پر هن جي ته دنيا ئي اجڙي وئي هئي. پر پوءِ به هن پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اڪيلائي جي رڻ سان هيکل سينو ساهيو. هٺ هونئن کڻي ڪيڏو به خراب ڇو نه هجي، پر ڪٿي ڪٿي ڪن ڪن حالتن ۾ اهو ڏاڍو ڪارائتو به ثابت ٿئي ٿو. هنن حالتن ۾ هٺ ڪنول جو ڀرجهلو ثابت ٿيو. هٺ هن کي دنيا اڳيان روئڻ رڙڻ کان روڪيو، پٽڪي کان پاسيرو رکيو ۽ دنياداري جو دامن هٿان ڇڏڻ نه ڏنو. هن هر ويلي رک رکاءَ کان ڪم ورتو. پنهنجو دکڙو لڪايائين ۽ دنيا کي مرڪي منهن ٿي ڏنائين. انهي طريقي سان هوءَ ڪنهن حد تائين پاڻ بچائي وئي. ڏک اپار هو، پر هوءَ ان کي سهسائي وئي. باقي اڪيلائي جو رڻ هو، جنهن ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتو، پر هوءَ ان کي به جهاڳي رهي هئي.
هوءَ نوجوان هئي، سهڻي هئي ۽ دولتمند هئي. ان ڪري ڪجهه همراهن مٿانئس ڏورا وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هوءَ هٺيلي هرڻي هئي، سرڪش هئي. جهڙي تهڙي دام ۾ ڦاسڻ واري نه هئي. اهڙن همراهن کي تڙِي ئي هڪڙي ڏنائين؛ هنن وري سندس در ڏانهن منهن نه ڪيو. هن ڪنهن کي به سيٺ سومار جي جڳهه ڏيڻ نه ٿي گهري. ان ڪري شادي جي هر آڇ کي ٺهه ڦهه جواب ڏئي، وڏي حقارت سان، بيرحمي سان ٺڪرائي ڇڏيائين. تان جو سيٺ سومار جي هڪ ٻن دوستن سوڌو جنهن به اتي تاڙ رکي ٿي، ان آسرو پلي ڇڏيو.
ظاهري هوءَ دنيا سان دنيا جهڙي هئي، هن تياڳ نه ورتو. سندس جيڪا دنيا هئي، انهي سان هن ناتو نه ٽوڙيو. البت ان ۾ اچ وڃ گهڻي حد تائين گهٽائي ڇڏيائين. هن پنهنجي چوڌاري هٺ ۽ سنجيدگي جو هڪڙو اهڙو غلاف تاڻي ڇڏيو، جو هر ڪوئي ساڻس هڪڙي فاصلي تان ملندو جلندو هو. جنهن ڪري حقيقت ۾ هوءَ ڀري دنيا ۾ اڪيلي هئي. آهستي آهستي اڪيلائي کيس کائڻ لڳي.
اڪيلائي وڏو عذاب آهي، اذيت آهي. اڪيلائي سڌو انساني روح کي نشانو بنائيندي آهي. هوءَ اڪيلائي جا وار سهي سهي تنگ ٿي پيئي هئي. سندس ويجهو ڪو به اهڙو ماڻهو ڪونه هو، جيڪو سندس حال محرم ٿئي، سندس ڏک سک ونڊي، سندس ڀرجهلو ٿئي. هوءَ صفا اڪيلي هئي. پوءِ به هوءَ ٻن سالن تائين اڪيلائي سان وڙهي هئي. ڏاڍي زوردار نموني سان وڙهي هئي. پوءِ اڪيلائي نوان روپ اختيار ڪرڻ لڳي ۽ نت نوان هٿيار ۽ اوزار مٿس آزمائڻ لڳي. ڪالهه تائين جيڪا اڪيلائي فقط احساساتي هئي، اها هاڻي فطري تقاضائن کي اڀار ڏئي رهي هئي. فطري تقاضائون، جيڪي انسان ۾ مِٺي ڄر وانگر ڄرڪنديون آهن، انسان انهن کان پاند ڇڏائي به نه ڇڏائي سگهندو آهي. ڄر ڄيڀون ٿيندي آهي ته جند جان کي جلائي رکندي آهي. هاڻي ڪنول ٻٽي عذاب ۾ هئي. هڪڙي پاسي اڪيلائي سندس احساسن سان، دل سان هاڃا ٿي ڪيا؛ ته ٻئي پاسي تن ۾ مٺي مـٺي تئونس سندس تن بدن ۽ جُسي کي جلائي ڀسم ڪري رهي هئي. هوءَ ٻنهي پاسن کان آڳ ۾ هئي. البت سندس مک مسئلو احساسن جي اڪيلائي هئي.
احساسن جي اڪيلائي ڪڏهن ڪڏهن ساڻس وڏي ويڌن ڪندي هئي. اداسي، بيقراري، لُڇ پُڇ ۽ عجيب مونجهه جي گڏوچڙ ڪيفيتن ۾ هوءَ پاڻي کان ٻاهر مڇيءَ جيان ڦٿڪندي هئي. کيس پنهنجو سڄو وجود ولوڙبو ڀانئبو هو. سندس رڳ رڳ ۾ راڙ متل هوندي هئي ۽ ايئن لڳندو هئس ڄڻ ساهه لُڪي ۾ اٽڪي پيو هجيس. گهٽ وڌ، اهڙين ڪيفيتن ۾ هن ٻه سال گذاريا. هاڻي منجهس وڌيڪ سهپ ڪانه هئي.
گذريل مهيني جي هڪڙي اهڙي ئي تنهائي ڀري رات هئي. اڪيلائي مٿس ڪنهن غنيم وانگر ڪاهي آئي هئي. عذاب، اذيت، بيقراري، بيچيني ۽ لُڇ پُڇ سندس ساهه ٿي منجهايو. اڪيلائي وَهه وانگر ويڌ ٿي ڪيو. هوءَ وسان ٿي وئي. اڪيلائي جو سمنڊ کيس ٻوڙي رهيو هو. هن سهاري لاءِ هٿ وڌايو. فون جو ٻوُڙو سندس هٿ چڙهي ويو ۽ فون جي ٻئي پار سانوڻ سندس لاءِ ڪناري جيان ٻانهون کوليو بيٺو هو.
۽ هوءَ بي اختيار ڏانهس ڇڪجندي وئي.
* * *