ناول

جوڀن ٻہ ٽي ڏينھڙا

ڪتاب ”جوڀن ٻہ ٽي ڏينھڙا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ قومي ڪارڪن نواز خان زئور جو لکيل ناول آهي. اسحاق انصاري مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ نوازخان زئور، پنهنجي ناول کي تمام سهڻي نموني نڀايو آهي. ٻولي بہ تمام سهڻي يا ايئن چئجي تہ شاعراڻا ٿيل آهي . مختصر طور تي ايئن چئجي تہ هيءَ هڪ شاعر جو، شاعراڻي دل ۽ مزاج سان لکيل هڪڙو تمام سهڻو ناول آهي. “

Title Cover of book Jobhan Ba Ty Denhra

(18)

لڳ لاڳاپا، ياريون دوستيون ۽ محبتون به ڪنهن ٻوٽي وانگر ٿينديون آهن. اکڙيون اٽڪن ٿيون ته ڪنهن تعلق جو سلو ڦٽي ٿو. ڪيترائي سلا دورين جي لوءَ ۾ لوساٽجيو سڙيو ڀسم ٿيو وڃن. البت جيڪي تعلق اکڙين جي اٽڪاءَ کان اڳتي وڌي، ميل ميلاپ ۽ ڳالهه ٻولهه تائين پهچن ٿا، انهن جا سلا انگورجي پون ٿا. جيئن ٻوٽن لاءِ سار سنڀال، هوا ۽ پاڻي ضروري هجي ٿو، تيئن ڳالهيون ٻولهيون ۽ ميل ميلاپ تعلق جي سلي لاءِ اهڙو ئي ڪم ڏين ٿا. همير ۽ صبا جو تعلق به ڳالهين ٻولهين ۽ ميل جول جي ڪري اسري آيو هو. فون تي ڳالهين ٻولهين ۽ ٻئين ٽئين ڏينهن جي ملاقاتن کان وڌي هاڻي هو روزاني ملڻ لڳا هئا. اڪيلائيءَ جون ملاقاتون اها ويجهڙائپ پيدا ڪنديون آهن، جيڪا هجومن يا ٻين ماڻهن جي موجودگي ۾ نه ٿي اڀري سگهي. اڪيليون ملاقاتون ٻن دلين وچ ۾ محبت ڀريو نغمو آهن. ٻن وجودن جي گڏيل هيکلائپ جي هلڪي هلڪي موسيقي تي ٻه دليون هڪڙي ئي تال تي رقص ڪنديون رهنديون آهن- ۽ جڏهن ٻه دليون گڏجي رقص ڪنديون آهن، تڏهن جسماني سنڌا سيڙها ريٽجي ويندا آهن ۽ ٻه وجود هڪٻئي ۾ سمائجي هڪ ٿي ويندا آهن. محبت ٻن وجودن جي هڪ ٿيڻ جو نالو آهي.
همير ۽ صبا پڻ محبت جي سڳي ۾ سلهاڙجي هڪ ٿي پيا هئا. هنن جي هڪٻئي کانسواءِ هڪ پل به ڪانه ٿي سري. هر ويل سندن دليون هڪٻئي لاءِ مانديون ٿي ٿيون. انهي ڪري هاڻي هو هر روز ملڻ لڳا هئا. هنن جون خلوتون توڙي جلوتون سندن ساٿ جي سرهاڻ سان واسيل هيون. هو جڏهن هڪٻئي جي هٿن ۾ هٿ ڏئي ۽ اکين ۾ اکيون وجهي هڪٻئي کي ڏسندا هئا ته سڄي سڌ ٻڌ ڀلجي ويندا هئا؛ کين ٻي دنيا جو ڪو به سماءَ ڪونه رهندو هو. هنن جي ڪائنات هنن کان شروع ٿي هنن تي ئي اچي ختم ٿيندي هئي.
هاڻي هنن جي دنيا ڪنول ۽ سانوڻ جي دنيا کان نه رڳو الڳ ٿلڳ هئي، پر گهڻي وٿيرڪي پڻ هئي. هنن ٻنهي جوڙن جي وچ ۾ هڪڙي خاموش دوري هئي. هو ويجھا به هئا، ته ڏور به هئا. ڄڻ ته هڪٻئي سان پُور وڇوٽ پئي هليا. ٻه الڳ دنيائون هيون، جن ۾ ساڳئي وقت ويجهڙائپ به هئي ته ڏوري به هئي، ساڳيائپ به هئي ته اُبتڻايون به هيون. هاڻي سندن وچ ۾ جمعاڻي چنڊاڻي ئي ملاقاتون ٿينديون هيون.
محبت سڀ کان وڏي مصروفيت آهي. اها ماڻهو جون ٻيون سڀ مصروفيتون کائي ويندي آهي. ٻن محبت ڪندڙن کي هڪٻئي کان ئي واندڪائي ڪانه ملندي آهي، سو هو ٻين لاءِ وقت ڪيئن ٿا ڪڍي سگهن. محبت ڪندڙن جا سڀ وقت فقط محبت لاءِ ئي هوندا آهن. هنن ٻنهي جوڙن سان پڻ گهڻي حد تائين ايئن ئي هو. همير ۽ صبا پنهنجي دنيا ۾ مست هئا. ڪنول ۽ سانوڻ وري پنهنجي جهان جي سرمستين ۾ هئا.
مَحبت جون ٻيڙيون زندگي جي سيِر ۾ روان دوان هيون. وقت پنهنجي اجھل رفتار سان ڊوڙي رهيو هو. وقت، جيڪو سدائين زندگي جي هٿ مان پنهنجو هٿ ڇڏائي ڀڄندو رهندو آهي. ماڻهو انهي وقت کي محبت جي ونگن سان ونگڻ چاهيندو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن اهو بي وڙو وقت محبت کي به مات ڏئي ڇڏيندو آهي.
* * *